غزل
سعيد سومرو
فضول، بور، بي چسي، ذليل زندگي هئي،
مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي.
بزار دردَ جي وڌي ته ياد ئي رهيو نه هي،
گراهڪ ٿي ڪڏهن خوشي دڪان تي چڙهي هئي.
هي ڪيـرَ موڙَ موڙَ تي، ڏياٽـڙيون جلائي وئي،
اڳي ته عشق جي ائين، نه آجيان ڏٺي هئي.
اٻوجهه دل ڀڃي سگهي، نه ڳالهه هوءَ ڳجهارتي،
نه ڄاڻ مامَ جي ٽُـٽي، سکين ڪٿي رکي هئي؟!
هتي ته روز روح ۾ نئين لهي ٿي ڪامنا،
رشي! تو ڪائنات ڪئن، صفا ٿُڏي ڇڏي هئي؟
بسنت جي ڀني هوا! ٿِــي جنهن سڳنڌ سان نچين،
ڪڏهن اسان جي ٻانهَن ۾، اها به ائين وسي هئي!
اداس ڪر نه شامَ جي، هي مرڪندڙَ پري ”سعيد“!
نه سوچ تنهن گهڙيءَ تي، ملي جا ماتمي هئي.
تاثرات (0)
اڃا ڪو تاثر ناهي.
لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو