ڪوجهو عڪس آئينا ٽوڙڻ سان سندر ناهي ٿيندو! عباس ڪوريجو مان آسمان ۾ تڪي رهيو هوس ته آواز آيو،“ اڀرندي سج کي ڏٺو اٿئي!؟” اوڀر پاسي منهن ڦيريو، جتان سج اڀري رهيو هو. وري آواز آيو، “ڇا اهو لهندي ڏٺو اٿئي!؟” اولهندي پاسي نهاريم جتي سج پوئينءَ ڪَنيءَ پهتل هو. …