ڇنڇر , نومبر 23 2024
sd

گانڌيءَ جو پٽ

گانڌيءَ جو پٽُ

       ڳوٺ جي ٻن ڌرين جي معمولي ڏند چڪ جو فيصلو پاڙي واري ڳوٺ جي وزير رهندڙ زميندار وٽ ٿي رهيو هو. فيصلي ۾ ان ڳوٺ جا پريا مڙس، نيڪ مرد، ماستر ۽ ان زميندار جا هاري پڻ شريڪ هئا. ڌرين جون ڳالهيون ٻڌندي زميندار جي نظر ان شخص تي پئي، جنهن کي اڇي چيئرمين ڪاٽن جو وڳو پهريل هو، ڪڻڪ رنگو، هلڪي مشين لڳل ڏاڙهي، پيرن ۾ باٽا جو سنيڊل پيل هوس.، فخر ۽ آڪڙ مان ڪنڌ مٿي هوس. زميندار کي تيلي اچي وئي، هڪڙي ان ڳوٺ جي هاريءَ کي اچڻ جو اشارو ڪيائين.

“ هي آڪڙيل همراهه ڪير آهي؟”

“ اسان جي ڳوٺ جو ماستر آهي.”

“ هن ڪڪڙ جي پٽ کي اها به خبر ناهي ته منهنجي اوطاق تي ڪيئن ويهبو آهي؟”

“ سائينءَ جي سر بخت ڏي خير..! صفا ڪَلَ ٿڙيل اٿس، پاڻ کي ڪميوڻسٽ، الئه ته ڇا ڪري سمجهندو آهي، اسان جي به ٻارن جو دماغ خراب ڪري رکيو اٿئين، چوندو اٿن ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جر خلاف ٿي وڃو، اهي اوهان جو رت چوسي پنهنجو پيٽ ڀريندا آهن.”

زميندار ، هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي، هڪ نظر ان ماستر تي وڌي، هو اڳ جيان هاڻي ڀي ڪنڌ مٿي ڪيل ۽ آڪڙيل نظر آيس.

“ ڪڪڙ جي پٽ کي بود ته ڏسو!!”

“ ڀوتار، ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن کي جهليندو آهي ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي غلامي نه ڏين…… ۽ ها سائين، هو ٻارڙن کي کٽمٺڙا ڏئي اوهان جي شان ۾ گستاخي ڪرائيندو آهي.”

زميندار تپي باهه ٿي ويو، ڏمريل نظرن سان ماستر ڏي ڏٺائين، ماستر جو ڪنڌ بدستور اڀو هو پر هن ڀيري ماستر به اکيون ڦيري هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. هاريءَ پنهنجو وات زميندار جي ڪن جي ڀرسان آڻي ٻڌايس:

“ ٻيو ته ڀوتار وڏا! صفا ڪافر آهي، ڪنهن کي به نٿو مڃي، جيڪو چئبس ٻڌندو ئي ڪين، پر پٺ ماڻهو ماستر ٻوڙو چوندا اٿس. ماڻهن کي چوندو آهي ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريو، وحشي جاگيردارن ڏي نه وڃو، سائينءَ جي سر جو خير هجي، اڄ توهان جي اوطاق تي به ان ڪري آيو آهي جو اڳوڪي ڏند چڪ واري فيصلي جو اڪيلو گواهه آهي.”

هاريءَ اڃا به رازداريءَ سان ٻڌايس،“ ڪالهه اسڪول ۾ مون واري ڇوري کي چيو هيئين ته هو اوهان جا پول پڌرا ڪندو ته اوهان ڪراچيءَ جي ڊفينس واري بنگلي ۾ ڇا ڇا ڪندا آهيو!!”

زميندار باهه جي شعلي جيان ڀڙڪي اٿيو.

اڳيان ويٺل ٻئي ڌريون خاموش ٿي ويون، زميندار جون اکيون جنبش ۾ اچي ويون، ماستر ڏي اشارو ڪندي رڙ ڪيائين.

“ هي بيغيرت ڪير آهي؟ ۽ هتي ڇو آيو آهي!؟”

ان ڳوٺ جو هڪ چڱو مڙس اٿي بيٺو ۽ زميندار کي وراڻيائين: “ صاحب، هي اسان جي ڳوٺ جو غريب ماستر آهي.”

“ ٽڪي جو ماستر ۽ سئو جي سيٽَ اٿس!”، ماستر پنهنجو منهن زميندار طرف ورائيندي. “ اڙي اٿي هتان ڪڪڙ جا پٽ!”

ماستر ٻڌو اڻٻڌو ڪري ويٺو رهيو، باقي اها سڌ ضرور هئس ته وڏيري جو ڏمر مٿس ئي هو.

چڱي مڙس اڃا به ماستر جي وڪالت ڪندي وراڻيس، “ صاحب! هن غريب تي ايترو ڏمر ڇو!؟ هي ته صلح پسند ۽ امين آهي، ماڻهن کي جهيڙو نه ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو رهيو آهي، هن جي ڪري ئي ڳوٺ ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جو ماحول جڙيو آهي، هن جي ئي محنت آهي جو اوهان جي ڪراچي وڃڻ بعد پورن چئن سالن ۾ ڳوٺ تي پوليس نه چڙهي……”

اڃا چڱي مڙس ڳالهه پوري نه ڪئي هئي جو ڀوتار جي ڇاڙتن ماستر کي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ڪري ڇڏيو. ٻن لمحن ۾ ماستر کي ڍيري ڪري ڇڏيائون. پٽَ تي لت پت ماستر کي ڏسندي زميندار ڪراهت وچان ڀڻڪيو، “ ويو مري…………….. گانڌيءَ جو پُٽُ!!!”

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …