(چونڊ 15 بيت: عباس ڪوريجو)
- اِن در سندي مڱڻي، اڳي ائين نه هير
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي.
- هنيو ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ
کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سَڳر ٿوڪ
- پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
- پاڻيهاري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
- مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ
جي پڌ وڌئي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ
- جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا
ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه
- تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سکُ
سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک
- وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئان موران، پکئان
با الله سندو سڄڻين، هو هلاچو هُلُ
- جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري
- ور سا سچي ويڙهه، جتي سڄڻ هيڪڙو
سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙهئين
- ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنهن نه نيا پاڻ سين
سڪڻ سپرين کي، لاڳاپا سين لوڪ
- نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون
ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون
- پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير
جو لکڻ منجهه ماڙهوئين، سو ڪلکڻ ۾ کير
- پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن
دانهون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻين
- سڏ نه سلامي ٿئا، وهيءَ نه وريا جي
هاڻي تنين کي، ناهي ماڳ ملير ۾