ڇنڇر , نومبر 23 2024
sd

لوڪ ادب تي هڪ نظر

لوڪ ادب جي وصف. اهميت ۽ تاريخ:

وڪي پيڊيا موجب لوڪ ادب (folklore)جي وضاحت هن طرح آهي:

” لوڪ ادب تاريخي قصن، راڳ رنگ، زباني تاريخ، پهاڪن، ڀوڳ چرچن، عام عقيدن، پرين جي ڪهاڻين، عام داستانن، ڊگهين ڪهاڻين ۽ انهن ريتن رسمن تي مشتمل آهي، جي نسل درنسل اظهارجيثقافت جو حصو بڻجي چڪيون آهن….. فوڪ لور لفظ سڀ کان پهرين  پراڻن ڪتابن جي شوقين هڪ انگريز  وليم ٿامس 1846 ع ۾ لکيل پنهنجي خط ۾ استعمال ڪيو.“

لوڪ ادب پنهنجي جوهر ۾ هڪ وسيع معنى ۽ مفهوم رکي ٿو، پر پوءِ به ڪجهه محققن ان جي وضاحت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هڪ ٻي عام وصف اها پڻ ملي ٿي ته:

” Folklore is the stories, saying, customs, beliefs, songs or tradition of people, handed to individual by individual orally or written.“

ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب،” لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جيڪوجڙتو ڪاريگرين ۽ سينگار کان پاڪ هجي.“

انسائيڪلوپيڊيا آف امريڪانا ۾ اها وصف هن طرح آهي.”  هي اهو علم اهي جو عام ماڻهن جي قديم مانتائن، ريتن، رسمن، ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو آهي.“

هن قسم جي ادب کي ”دهقاني ادب“ ڳوٺاڻن ماڻهن جو ادب يا اهو ادب جيڪو ماڻهن وٽان ماڻهن کي زباني يا لکت جي صورت ۾ ملي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته لوڪ ادب اهو علم و ادب آهي جيڪو ڪتابن مان نه پر عام ماڻهن وٽان ملي.

هونئن ته لوڪ ادب جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جن جي اهميت کان اکيون پوري به انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر انهن مان ڪجهه هتي بيان ڪجن ٿيون.

  1. هن ادب جو اسان جي سماجي زندگي سان گهرو تعلق هوندو آهي، هر قوم جي نجي ۽ اصل تاريخ، شعر ۽ لغت جو ڀنڊار هوندو آهي، ”لوڪ ادب هر قوم جي بقا جي تاريخ هوندو آهي.“
  2. لغت ٺاهڻ، معنى ڳولڻ، لفظن جون قديم صورتون ڳولڻ جو واحد ذريعو لوڪ ادب ئي آهي. ڳجهارت وسيلي واقعن، قصن، ڪهاڻين، داستانن، پوکن، پکين، جانورن، ڪپڙن، ماڳن، نالن، شهرن، هٿيارن، ڪکن ۽ ڪانن بابت هزارين لفظ زندهه رهجي وڃن ٿا. ڊاڪٽر سنديلي ان کي لغت جي اڻکٽ کاڻ ڪري سڏيو آهي.
  3. لوڪ ادب اسان جي ادبي خزاني ۽ ثقافت جو محافظ پڻ آهي. اسان جي سماجي حيثيت کي برقرار رکيو آهي. تاريخي واقعن کان خبردار رکيو آهي.

سنڌي لوڪ ادب جي تاليف ۽ ترتيب:

سنڌي لوڪ ادب صديون پراڻو آهي، ايترو جيتري سنڌي ٻولي. ايترو وسيع آهي جو ايترا عنوان دنيا جي ڪنهن به ٻئي لوڪ ادب ۾ نٿا ملن. ڊاڪٽر سنديلي مطابق،” لوڪ ادب اسان جي زندگيءَ جو مها ساگر آهي، جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايل آهي.“ سنڌي لوڪ ادب وتايئي فقير جي ٽوٽڪن، مورڙي ميربحر جي بهادري، دودي چنيسر جي تاريخي ويڙهه، مارئي جي پکن سان پيار، سسئي پنهون جي پريم ڪهاڻي ۽ ٻين انيڪ داستانن سان مالامال هيو پر ضرورت هئي انهن وکريل موتين کي سهيڙڻ جي، جيڪو سهرو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي سر تي کنيو ۽ 1955ع تي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي تجويز سنڌي ادبي بورڊ جي اڳيان رکي، جيڪا 1956ع ۾ پاس ڪئي وئي جنوري 1957ع کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽيمون ٺاهي وڃي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ جون ان سلسلي ۾ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. وڪ ادب جي سلسلي جا ڪجهه بنيادي موصوعن تي ڪتاب ڇپرايا ويا، جيڪي هن طرح آهن.

  1.  (مداحون ۽ مناجاتون
  2.  (مناقبا
  3. (معجزا
  4. (مولود
  5. (ٽيه اکريون
  6. (واقعاتي بيت
  7. (نڙ جا بيت
  8. (لوڪ گيت
  9.  (لوڪ ڪهاڻيون
  10.  (عشقيه داستان
  11. (مورڙو ۽ مانگر مڇ
  12.  (ليلان چنيسر
  13. (عمر مارئي
  14. مومل راڻو
  15.  (نوري ڄام تماچي
  16.  (سسئي پنهون
  17. (رسمون رواج۽ سوڻ ساٺ
  18.  (دودو چنيسر
  19.  (جنگنامو
  20. ڳجهارتون
  21.  (ڳيچ
  22.  (سهڻي ميهار
  23.  (ڏور
  24.  (هير رانجهو
  25. ) سنڌي سينگار شاعري

لوڪ ادب کي بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1.  لوڪ نثر 2. لوڪ شاعري

  1. لوڪ نثر: سنڌي لوڪ ادب ۾  عوامي شاعرن  ۽ ٻين لوڪ ادب جي صنفن سان گڏ عوامي قصن ۽ ڪهاڻين کي به تمام گهڻي اهميت حاصل آهي،  لوڪ ڪهاڻيون ته لوڪ ادب جي جان آهن، جن مان قوم جي پراڻن قصن، داستانن، آثارن، ريتن رسمن، وسوسن، وهمن ۽ نفسياتي لاڙن جي خبر پوي ٿي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي لوڪ داستان موجود آهن جن ۾ سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار، هير رانجهو، ليلان چنيسر ۽ ٻيا شامل آهن، باقي لوڪ ڪهاڻين ۾ بادشاهن، وزيرن، ديون، پرين، شهزادن، جنن ۽ ڏائڻن جون ڪهاڻيون دنيا جي ٻين لوڪ ڪهاڻين جيان ٿوري ڦيرگهير سان موجود آهن. سنڌي ڏند ڪٿائون، پرين جون ڪهاڻيون، روايتي نيم تاريخي قصا ۽ جانورن جون آکاڻيون ته بيحد مشهور آهن. سنڌي روايتن يا نيم تاريخي قصن ۾ عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار ۽ ٻيا مشهور آهن.
  2. سنڌي لوڪ شاعري: لوڪ شاعري هر دور جي زمان ۽ مڪان جو اثر وٺندي رهندي آهي، ان جا موضوع انقلابن ۽ تحريڪن جي ڪري بدلبا رهبا آهن. دنيا جي هر لوڪ ادب جيان سنڌي لوڪ شاعريءَ يا ادب جي شاعر يا موجد جي شخصيت عدم موجود آهي. سنڌي لوڪ شاعري ۾ ڪا به ٺاهه ٺوهه يا بناوت ناهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا مطابق، ” لوڪ شاعري جي هر صنف، ادبي ۽ لسانياتي نقطء نگاهه کان گهڻو ڌيان ڇڪائي ٿي. لوڪ ادب کي استادن ۽ ماهرن سموهي هڪ مستقل علم ۽ امر درجي ۽ منزل تي پهچائي ڇڏيو آهي.“

اهي چارڻ ۽ ڀٽ ۽ ڀان فقير ئي هيا جن سنڌي لوڪ شاعري ءَ کي زندهه رکيو، هتي لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

الف:لولي: سنڌ جو عام ۽ پيارو لوڪ گيت آهي جيڪو ٻين ٻولين ۾ پڻ لکيو وڃي ٿو، جن جا هيٺيان قسم آهن، 1. جيجل لولي  2. مجازي لولي   3. اسلامي لولي

”شل گهوٽ ٿئين، اڻ موٽ ٿئين

جيجــــل اها  آس، امڙ  اها  آس.“

 

ب: سهرا: سهرن کي ڳيچ يا لاڏو به چيو ويندو آهي. عام طور تي شادي، ونواهه، طوهر مڱڻي جي موقعي تي عورتون ڳائينديون آهن.سنڌي سهرا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

”اڄ راڻـــــل جي ته  شادي آهي،

خوشيءُ ۾ مينهن وسيو آهي.“

 

 ٻ: مورو: مجازي محبت وارو گيت، جنهن ۾ انتظاري ۽ بيقراري شامل هجي.  هي لوڪ گيت ڪوهستاني ايراضيءَ ۾ مشهور آهي.

”اي سنيهڙو مان ڏيانءِ، ليهڙي جهڙي ناهيــان

پيغام ته موڪليانءِ، پر موڪلڻ جي لائق ناهيان“

 

ڀ: جمالو: سنڌي جنهن وقت خوشيءَ ۾ ناچ نچندا آهن ته جمالو ڳائيندا آهن، جمالو نالو ڪيئن پيو؟  ان لاءِ هڪ راءِ اها به آهي ته جمالو هڪ سنڌي شخص هيو، ملڪ کان ٻاهر ويل هيو ۽ جڏهن واپس آيو ته خوشيءَ ۾ گيت ڳايا ويا. هڪ روايت آهي ته اهو واقعو ميرن جي دور جو آهي.

” منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو

جنهن جا پير پنج سير الا، هو جمالو

جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، هو جمالو

جيڪو لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو.“

 

ت: پرولي: هي هڪ ڳجهارتي فن ۽ هنر آهي مطلب اهو جملو جنهن ۾ ٺاهيندڙ ڪا ڳجهي معنى رکي هجي، جنهن جو ڪو لڪل مطلب به ضرور هجي. هيءَ سنڌي لوڪ ادب جي پراڻي شاخ آهي، ڪنهن شيءِ جو پتو لڳائڻ يا پرولڻ کي چئبو آهي. پروليءَ جا ڪجهه قسم هي آهن، 1. سادي يا رواجي پرولي  2. بيتي پرولي  3. سوال جواب واري پرولي  4. گرو چيلي جا بيت  5. دستاڳ     6. ڏِٺِ

مثال:

گهر گهر ۾ لال ڪنوار

اڇي اڇي ٻار، جتي جهرڪي نه جهار

 

ٿ: ڳجهارت: سنسڪرتي لفظ ڳيهه ۽ آرٿ مان ورتل آهي. جنهن جي معنى آهي تمام اونهي مطلب واري ڳالهه. هي پروليءَ جو هڪڙو ڳوڙهو نمونو آهي. سگهڙ عبدالغفور منگيءَ جي هڪ تاريخي ڳجهارت هيٺ ڏجي ٿي.

” ڏيڻي: ولايت جي شهر ۾،

نالي اڳواڻ سان الله جيءَ ۾،

مردن جي ڪئي.“

1_ولايت ترڪي 2_ شهر استنبول 3_نالو نبي بخش 4_ اڳواڻ پيش امام 5_ الله جي مسجد 6_ مردن جي ڪچهري.

ڀڃڻِي: ترڪيءَ جي شهراستنبول ۾ نبي بخش مسجد جي پيش امام سان ڪچهري ڪئي.

 

ٽ: هنر: هنر فارسيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي فن يا ڪاريگري. ڪاريگري تڏهن آهي جڏهن پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي جڏهن اصلوڪي حالت ۾ آهن ته اصل نالي سان سڏجن ٿا پر جڏهن ڪاريگر انهن مان ڪا ٻي شيءِ تخليق ڪري ٿو اهو هنر سڏجي ٿو، ائين شاعريءَ ۾ به آهي. هنر جا لوڪ ادب جي ماهرن 14 قسم بيان ڪيا آهن.

  1. سُرائتا_ سُرن مان کنيل بيت 2. بي سرا_ جيڪي ڪنهن به سر مان نه هجن. 3. ست سُري_ جنهن ۾ ست سر جيئن مومل راڻو، سهڻي ميهار وغيرهه آيل هجن. 4. ڏور_ هن جي معنى آهي وٽيل ڌاڳو کولڻ، هي به پروليءَ جو هڪ قسم آهي،  هن ۾ سگهڙ ڪانه ڪا ڏاهپ رکندا آهن. 5. ڏٺ_ هن ۾ لوڪ شاعر ڪا به ڏٺل شيءِ ڏسي ان کي لڪائي بيت ۾ ڏيندو آهي. 6. ڏهر_ ڏاهر مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي ڏس، پتو.  هيءَ صنف عروض تي پڻ چئي ويندي آهي. هن صنف ۾ نبي سڳوري جو شان، اولياءُ ڪرام جو شان ۽ پيران پير جو شان پڻ ڳايو ويندو آهي. 7. مولود_ عربيءَ جي ان لفظ جي معنى آهي، نئون ڄاول ٻار. آنحضرت صلعم جي ولادت تي چيو ويندو آهي. 8. ڪوڏڻآ_ گهرن ۾ وڏيون ننڍڙن ٻارن کي ڪڇ ۾ جهلي کيڏائينديون آهن ۽ انهن کي وندرائڻ  لاءِ جيڪي خوشي جا گيت چونديون آهن انهن کي ڪوڏڻا چئبو آهي. 9. ٻيلڻ_ ڪنن تي هٿ رکي الوميان چوڻ کي ٻيلڻ سڏجي ٿو. 10. جهيڙا يا مناظرا_ هيءَ سنڌي لوڪ شاعريءَ جي لافاني ۽ لاثاني صنف آهي سگهڙ هن ۾ حالتن کي جهيڙي يا مناظري جي شڪل ڏيئي شعر چوندا آهن، سنڌي ۾ دلي ۽ طالب ، سس ۽ نهن، ٽوپي ۽ پڳ  جهڙا لکيل مناظرا مشهور آهن. 11. مدح ۽ مناجات_ مدح عربي لفظ آهي، معنى تعريف ساراهه. نبين، اوليائن ۽ بزرگن جي تعريف ۾ چيل هوندا. مناجات، هن ۾ خدا کان التجا ڪري ڪا دعا گهري وڃي. 12. معجزا ۽ ڪرامتون_  معجزهه عربيءَ جو لفظ آهي معنى اٿس اهو ڪم جنهن جي ڏسڻ سان انسان هڪدم مڃي ۽ عاجز ٿي پوي.  ڪرامت جي معنى آهي تعجب خيز ڳالهه 13. ٽيهه اکري_  هن کي سه حرفي به چوندا آهن، اها عربي رسم الخط کي وڌائي ٺاهي وئي آهي. 14. سينگار_ثمرنگار مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي سونهن ، سجاوٽ ۽ ٺاهه ٺوهه.

       سنڌي سينگار شاعري

”سنڌي سينگار شاعري“ هندي ”سينگار رس“  عشقيه شاعري مان سنڌ ۾ قدم رکيو، هن قسم جي شاعري ۾ محبوب جي حسن و جمال جي دل کولي تعريف ڪئي  ويندي آهي. هيءَ صنف ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ مقبول ٿي پر ان کان اڳ به لکي ويندي هئي پر ان دور ۾ هن تي خاص طور تي تجربا ڪيا ويا. هن صنف جو سنڌ ۾ سرواڻ حضرت جلال کٽي آهي.

شروع کان ئي سينگار رس شاعري جو موضوع ”نايڪا ڀيد“ ۽ سينگاررهيو ۽ ٽيون موضوع وري ”پدمڻي“ عورت جي مخصوص ۽ معياري سونهن سوڀيا ۽ عادات اطوار جي خيالي نظريي جي صورت ۾ نروار ٿيا. نايڪ يا نائڪ جي معنى قافلي جو سردار ۽ نايڪا جو مطلب ان سردار جي زال. خاص شاعري واري اصطلاح ۾ نايڪا معنى سورمي يا هيروئن جي دل جو راز يا محبت جي مام.

عشقيه شاعري جي استاد شاعرن ان محبت جي مام کي اظهاري ان جو نالو نايڪا ڀيد رکيو. عورت جي ساٺ سينگار کي اڀارڻ لاءِ اٺاويهه زيور جوان عورت جي حسن کي چمڪائڻ لاءِ لاڀائتا قرار ڏنل آهن. محبوب جي جسماني حسن جو موضوع وسيع هيو، قد قامت، شڪل شبيهه، چهري جي رونق، رفتار ۽ گفتار، اکين جا اشارا، زلفن جا ونگ، ڏندن جي مرڪ جا موتي، چپ، نڪ ۽ پيشاني مطلب فطري حسن جي تعريف جو موضوع ئي ڪافي هيو ويتر ان ۾ سورنهن سينگار شامل ڪري هن جي ميدان کي اڃا ڀي ڪشادو ڪيو ويو. جن مان ڪافي اديبن مطابق اهي سورنهن سينگار هي آهن. 1. بدن جي صفائي ڪرڻ 2. ڏندڻ ڪرڻ 3. صاف ڪپڙا پهرڻ 4. ڪجل لڳائڻ 5. لاک وغيرهه سان هٿن پيرن تي لالائي لائڻ 6. وار سنوارڻ 7. سينڌ ۾ سندور لڳائڻ 8. ڀرن جي وچ ۾ ڳاڙهو تلڪ لڳائڻ 9. کاڏيءَ ۾ ترُ ٺاهڻ 10. ميندي لائڻ 11. خوشبو لڳائڻ 12. پان چٻاڙڻ 13. گلن جا هار پائڻ 14. ڏندن کي ڳاڙهيرو ڪرڻ 15. لبن کي لال ڪرڻ 16. زيور ڳچيءَ جا هار پائڻ

سينگار رس شاعري جو سنڌ ۾ پهچڻ: سگهڙن وسيلي سينگار شاعري  سنڌ پهتي. سينگار رس شاعري جا اهي عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻهارن ۽ ٻين سگهڙن سنڌ ۾ رائج ڪيا.  جيئن ته انهن ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻهارن  جو تعلَق  ٿرپارڪر سان هيو ۽ ”ڍول _مارو“ جي بيتن سان ان جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.

سگهڙ جي لفظي معنى ڄاڻيندڙ يا سليقيمند آهي، اهي ٻولي، شعر ۽ قصي بياني جا ماهر هوندا آهن، ڪچهرين جي جان آهن. محفلون ۽ مچ مچائي ڄاڻن. سگهڙ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي شعري حسن جو اعلى استعمال ڄاڻي ٿو.

ھي بہ ڏسو

ادبي صنفن بابت ليکڪن جا رايا

گل شير ٽڳڙ مختلف صنفن جون وصفون ادب جون وصفون علامه آءِ. آءِ. قاضي: اُهو …