ڇنڇر , نومبر 23 2024
sd

ڪوتا ڪتاب ”خاموش لفظن جو رقص“ جي ٽن ”سنڌ سنڌو ۽ سنڌي“ رنگن تي مختصر نهار

علي ضمير سنڌي

هِنَ وِشال سنسار جا سهسين رنگِ منظر ــ ڏيک ۽ مظهرَ، اتهاس، وقت ۽ تاريخ جي طاقتور تحريڪَ هئا تَبدلَ۽ تَـغَـيُـّرَ جا ويس پهريندا، ڪنهن رمتي جوڳيءَ جيان رمندا مارڳ مٽيندا پئي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو ائين جاري ساري آهي. ڪي فرد، گروهه ۽ قومون پنهنجي وجودي ـــ هستين کي وقت جي يا تاريخ جي اَٽلَ اَمَرُ کي اکين تي رکي مڃتا ڏينديون پئي رهيون آهن. فردن ــ گروهن ۽ قومن جي وجودي هستين جي احساسَ ، ادراڪ ۽ عمل جي سدا سُرهي سُرهاڻ، هر ايندڙ اڍ/نسل کي سداسُرها سُواس ارپيندي پئي رهي آهي ۽ ارپيندي رهڻي آهي. اکيون ۽ آڱريون، دماغ ۽ دليون ته خاموشيءَ جي خمارن ۾ کوئجي وڃڻيون آهن. مگر سندن سرت ۽ سعيا، سرگرميون ۽ سرجوشيون جيئريون جاڳنديون رهڻيون آهن. اکيون ۽ آڱريون، دماغ ۽ دليون زندگيءَ جي ڪتاب وسطي سهيڙ. سڳنڌ ۽ سرجڻتا جي ڪنهن سربستي سيوا ڪار سمان آهن. سنڌي ساهت ۾ اسان کي پنهنجي سنڌ ساڻيههَ جهڙي سپرين سهيوڳي سٿ جي جن ساهتڪارن، ساهت جي سُواسن سان نت نٺهائي سان پئي نوازيو آهي. تنهن سٿ مان ئي ڪوتاــ ڪلا جي ڪومل ڪَلَپِنائنِ جو ڌڻي ڪلاڪارُ سائين شبير لاکي جي تخليقي پرت ـــ وندي پورهئي جي شايد، هيءَ پهريٽي پاکر آهي جيڪا اسان کي اسان جي سنڌي ساهت کي ارپيل آهي. سائين شبير حسين شبير جيئن ته زندگي ۽ زندگيءَ جي حقيقتن ۽ سچاين جي امرتن سندي اوتُنِ جي اقراري ۽ اظهاري روايتن جو رکوالو ۽ امين ڪلاڪارُ آهي. هو جيون جي گهڻي ڀاڱي جواڻ جماڻ جذبن جو جدتن جي سچاين سان سرشار ٿيل سرجڻهار پيو ڀاسي. مون سندس تخليقي باغ جي رنگ رتول جذبن ۽ لفظن جي گلن ڦلن مان ”سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي“ جي سندرتا ۽ سڳنڌ جي چونڊ چونڊيندي ان مان ڀريل احساسن کي اکري اظهار ۾ اوهان کي ارپڻ جو ساهس ساريو آهي. سنڌ جي هر سُچيتَ، سڄاڻ ۽ حساسَ سرجَڻَهارَ جي سَرِجَڻِتا جي سڪي جو هڪ پاسو سرتي /سکي جي سڪ ۽ سندرتا ۽ ٻيو پاسو ڌرتي جي ماهيت، مڃتا ۽ مهانتا سان نت نکاريل ۽ مهڪايل هجي ٿو. مون هن نهايت مختصر مضمون ۾ سائين شبير حسين شبير لاکي جي رنگ رتول رچنائن تي ڪن اڻ مجبورين ۽ مصروفيتن سببان ڪجهه وڌيڪ مفصل ويچار ونڊڻ کان ڪنهن حد تائين ڪنارا ڪشي جو سهارو ورتو آهي. شاعري سڪ پريت جي سندر سپنن ۽ ساڀيائن، حساس جذبن ۽ امنگن جي خوشبو هجي ٿي. ڪوتاـــ ڪلا لطيف ڪيفيتن ۽ احساسن جي لفظن جي روپ ــ سروپ ۾ ڪنهن البيلي وينگس جي جو ڀن جي جرڪاءَ سان هجي ٿوــ شاعرجي محبتن سان مهڪيل من جي محبوبي احساسات جا سرچشما ڪنهن، سونهن ــ سراپا سرتيءَ جي سڪ ۽ سونهن جي سرگوشين ۽ ساروڻين سان سرشار هجن ٿا. ڪنهن سونهن ـــ سراپا سرتيءَ جي ذات ۽ صفا جي نسبتن جا ڪي نقش نگار ۽ نشان ۽ لاڳاپيل ڪي لاکيڻا لقاءَ به الفتي عظمتن جا اُهاءَ اُجامَرَ هجن ٿا. سچيت ۽ سڄاڻ شاعر پنهنجي تخليقي شهڪارن ۾ تشبيهون ۽ تمثيلون استعمال ڪندي انهن کي پنهنجي فڪري قدرت ۽ فني حڪمت سان ساهت ارپيندي آهي. اسان جي سائي سائين شبير حسين شبير لاکي به انهن روايتن جي رنگ کي پنهنجي تخليقي رنگ سان زندهه رکڻ جون روايتون روا رکيون آهن. سائين لاکي صاحب هڪ هنڌ سنڌ ـــ ساڻيهه جي سٻاجهي، سلڇڻي ۽ سڳنڌ ڀري تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي سيرت ــ صورت جي سڃاڻين جي سڌ ۽ سڄاڻ ڏيندي اسان کي پنهنجو اظهار هن رنگ ۾ ارپيو آهي. ”اي سنڌ ــــ تون اها گلاب جي صورت آهين جيڪا هر ڪنهن کي خوشبو ڏيندي آهي. ص: 99 پنهنجي جنم ڀومي سان محبت ۽ ان جي تاريخي لازوال ۽ لامثال عظمتن جا اعتراف ۽ اقرار اعليٰ آدرشي ادارڪ جي علامت هجن ٿا. سائين لاکي صاحب پڻ پنهنجي جنم ڀوميءَ سان ۽ ان جي مهانتائن سان پنهنجي محبت ڀري اظهار جي امرت ــ اوت اجهو هن هن طرح ڪئي آهي:ــ ”اي سنڌ! شڪر آ جو الله مون کي وري به تنهنجي سينيءَ سمايو آ“ ص 90 هيءَ پنهنجي جيجل سنڌ سان پنهنجي جيءَ ــ جند جي جوڙ ــ سجوڙ جي صدين جي سٻنڌ جي سپوتاڻي سچاين جي سنت آهي. جنهن کي سائين لاکي صاحب اختصار سان ورجايو ۽ اظهاريو آهي. هن مان جنم ڀومي سان حيات ــ مهات جي حوالي سان صوفياڻي هيڪاند جي هگٻساڻ پڻ پلئه پوي ٿي ـــ هڪ ٻي رچنا ۾ وري لاکي صاحب نهايت نرالي رنگ جي رچنا جو ارپيو آهي. جنهن ۾ سماجي رشتن ۽ ڪردارن جي روين ۽ راتاهن سندي ڪنهن زخمي روح جي رڙ کي، ذهن جي زباني هن ريت اظهاريو آحي. ”سنڌ جي اروڙ کي ته حجاج بن يوسف جي چوڻ تي اجاڙيئه پر دلين جي اروڙ کي ڪڏهن به ڪنهن جي به چوڻ تي نه اجاڙجانءِ“ ص: 97 آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ جهڙي دلربا ديس جي رياستي وجود جي راڄڌاني اروڙ جي امن، اوج، آجپي، ارتقا، سونهن، سوڀيا ۽ سلامتي کي وقت جي هاڻو حاڪم حجاج بن يوسف جي استحصالي ارادن ۽ اشارن ماتحت ته ڦريو لٽيو ويو، جيڪو عمل به مذمت جو مستحق ئي هجي ٿو. مگر لاکو صاحب ڪنهن ڪٺور ڪردار کي مخاطب ٿيندي ان آشا ۽ صدا جو علم سر بلند ڪندي اظهاري ٿو ته ڪٿي به ڪنهن به حضرت انسان جي هٿان جوڙيل ڪو ننگر/شهر ناس/برباد ڪرڻ جو ڪڌو ڪردار/عمل ڪنهن کان سرزد ٿي چڪو هجي ته ان پڄاڻان گهٽ ۾ گهٽ حضرت انسان کي يا سندس دل کي نه اجاڙجي ڇو ته حضرت انسان زندهه هجي ٿو ته ڪي نوان ننگر (اروڙ) آباد ڪري سگهي ٿوـــ ائين حضرت انسان ڪنهن نه ڪنهن شهر (اروڙ) تهذيب تمدن ثقافت ۽ تاريخ جي تخليق جو خالق هجي ٿو. تنهن ڪري هر خالق بهر حال تخليق کان مٿانهون ۽ مهانتا رکندڙ ئي هجي ٿوـــ * : اي سنڌ! تو کان وري پڇان ٿوــ تنهنجا ماڻهو اجرڪ جهڙا ڪڏهن ٿيندا؟ ص 103 *: اي سنڌ! شل تنهنجا ماڻهو اجرڪ ٿي پون ـــ جيئن تنهنجي سورن جي سيءَ جي واهر ٿي پوي!“ص 104 هن مٿي ڏنل تخليقن ۾ تخليقار ٻه ڌار ڌار پر ساڳيءَ طرز جون علامتي ڳالهيون ڪيون آهي ــ هڪ هنڌ سنڌ کان تاريخ کان هڪ پڇيو وڃي ٿو ته ” سنڌ تنهنجا ماڻهو تاريخ جي ستمگرين جي سنگين صورتحال کي بدلائڻ لاءِ/تبديل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن انقلابي رنگ ۾ رنگجي ۽ رچي اجرڪ جيان ريٽا ٿيندا“ مطلب ته سنڌ جا، سنڌي ــ سنڌ واسي، سامراجي ستمگرين جي سنگهرن ۽ سلهاڙن مان سوراج واسطي اجرڪ جهڙي سرخ سوچن سان ڪڏهن سينگارجي سنوارجي سرشار ٿيندا؟ هيءَ سوچ هاڻوڪي بدليل صورتحال ۾ ڇنڊڇاڻ جو ڪي قدر گوشو ۽ گنجائش به پنهنجي پاند ۾ رکي ٿي. مٿي ڏنل ٻي تخليق ۾ سائين لاکي صاحب هڪ انقلابي ۽ آدرشي آشا۽ تحفظ جي تمنا جو اظهاريو آهي. محترم لاکي صاحب جي ٽن طويل نظمن مان، جيڪي هن ڪتاب ”خاموش لفظن جي رقص“ ۾ آيل آهن، تن مان هڪ ”زندگي ــ لطيفي بيت“ جي عنوان سان آهي جنهن ۾ جو ڀَنَوَنت ــ جيون جي جذبن جون جواڻ جماڻ جوتون ۽ جرڪاءَ ارپيل هجڻ سان گڏ سنجيدگيءَ ڀريا سوال به ارپيل آهن ـــ باقي ٻيا به طويل نظم ” رت جي بدلي رت ڏنئي“ ۽ سين ــ سنڌ“ آيل آهن. جيڪي سندس هن ڪتاب ۾ آيل سنڌ جي ڪربلائن جي ڪربناڪ ڪيڏارڪي ڪٿائن جا ڪنهن لحاظ کان مختصرئي سهي پر ڪنهن نه ڪنهن رنگ جا ڪيڏارا ئي آهن. سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ ڳاڙهي ڳٽول ۽ رنگ رتول گلابن جا اضافا آهن ـــ *” يزيد! ڇا ڪربلا کان پوءِ به تنهنجو پيٽ نه ڀريو جو سنڌ ۾ اچي ”لاجيءَ“ جا ڪن ڪٽيئه!؟ص 105“ سائين شبير حسين شبير لاکي جي حساس نهار جڏهن لاجيءَ نالي ٻارڙيءَ جو ڪومل ڪنن مان سونيون واليون وحشي ۽ خوني هٿن هٿان ڪٽي ڦرڻ ۽ ان پڄاڻان ٻارڙي جي لاجيءَ جي بيدردي سان قتل جي واقعي وارادات جي ڄاڻ تي پئي ٿي ته انسانيت جي احساسن سان سرشار سندس دل دماغ ۽ فڪر نظر جي ڌرتي لکي وڃي ان نتيجي ۾ ذهن ضمير ۾ ٻاٻرا ٽانڊا ٻري ٿا پون ۽ وحشي قاتل ۽ ڦورو کي تاريخ جي ڌڪاريل ٿوڪاريل ۽ ذليل ترين ڪردار يزيد پليد جي نالي سان سڏي ساڻس سڌو مخاطب ٿو ٿئي ۽ کيس يزيد سڏي لعنت ملامت جو منحوس مستحق ٿو بنائي. سنڌو درياهه، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي نانءَ ۽ نشانبريءَ جي ڏيهان ڏيهه تاريخي سڃاڻپ جو ماخذ ۽ صدين کان صداقت ڀريو ساکي پئي رهيو آهي. محترم لاکي صاحب ان جي نانءَ ــ نکار توڙي درد ۽ دانهن کي به پنهنجي تخليقن اندر سار سنڀار ۾ سدا سلامت رکيو آهي. جيتوڻيڪ سندس تخليقي اظهار ۽ اپٽار کي اختصار جو اجرو اجرڪ اوڍايل ئي آهي. پر پوءِ به ڀرپوريت جي ڀاڪرن ۽ ڀليڪارن جو ڀَلَ ڀَليرو ڀاڱو ڀاڳوندون کي پلئه پوي ٿو. لاکي صاحب سنڌوءَ جي هڪ هنڌ ٻين ون ون جي وٿن سان گڏ، ڇولين کي به پنهنجي پريتم لئه ڀيٽا طور ارپڻ واسطي قدرت کان طلبڻ جي تمنا ۽ تقاضا جي ويچار جا واس ارپيا اٿس ـــ اڳتي وري سنڌوءَ درياءَ کي جنتي جنسارن مان جڙيل/جوڙيل هجڻ واري مڃتا ڏانهن اشارو پڻ ڪيل اٿس. باقي ٻين ٻن جڳهن تي درياهه جي درد ۽ دانهن جا دکدائڪ منظر اظهاريا اٿس ـــ *” سنڌوءَ جا سور ۽ منهنجا پور هڪجهڙا آهن.“ ص 99 هي تخليقي جملو بظاهر حقيقتن جي اظهار سندي اختصار جو به اختصار آهي پر پاڻ ۾ انيڪ وسعتون ۽ وشالتائون پيو رکي ــ سنڌو جيڪا سنڌ جي سر زمين کي پنهنجي پاڻيءَ جي پوترتا سان، سندر سرسبزيون، شگفتا شادابيون ۽ کيتن کي خماريل خوشبويون ارپي ٿي ۽ سنڌ ڌرتي وري پنهنجي ڌيئن پٽن کي جهوپا جهوليون لوليون ڇوليون چاهتون، راحتون، ريتون ۽ روايتون ارپيندي پئي اچي ـــ سنڌو، سنڌ ۽ سنڌيءَ، جو سٻنڌ ۽ ڳانڍاپو ساهه پساهه يا گل ۽ خوشبو سمان آهي. تنهن ڪري اسان جو ساٿي سائين لاکو صاحب سنڌوءَ جا سور ۽ پنهنجا پور ۽ پيڙائون هڪ جهڙا ٿو سمجهي ۽ اهو سنڌوءَ سان ازلي ۽ اٽوٽ رشتو آهي جيڪو کيس قدرت ارپيو آهي. جنهن کي فناني السنڌوءَ جي صوفياڻي تشريح جو رنگ به چئي سگهجي ٿو. پنهنجي هڪ سڄاڻ ساٿي منير سان هيرُنِ هوائن ۽ حسناڪين جي ننگري ڄامشوري ڀرسان سنڌوءَ ڪنٺ تي المنظر مارڳ تي موجودگيءَ ٽاڻي سنڌوءَ جي سرمستي بدران سامراجي ستمگرن سنگهرن ۽ سازشن جي سببان سوڪهڙيءَ جو مشاهدو ڪندي سنڌوءَ جي ويرن ۽ وهڪرن جي وشالتائن کي وڪوڙجي سوڙهو ٿي وڃي ڪنهن واهجي در جي تي بيٺل ٿو ڏسي ته سندس حساس دل مان هڪ پر درد دانهن ۽ حسرت اڀري ٿي ــ جيڪا پنهنجي تاريخ جي/سمي جي سٽ کي سونپي ٿو/سلي ٿوــــ سنڌوءَ جو سڪڻ، حقيقت ۾ سنڌ جي سڙڻ سڪڻ جو سونچو سنيهو ۽ سڏ ــ پڙاڏو آهي جنهن جي جواب ۾ سنڌي جنتا کي ـــ جان جيئن تان جل،ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ تتيءَ ٿڌيءَ هل، ناهي ويل ويهڻ جي واري جاڳ جاکوڙ ۽ جيءَ جهجهوڙ جون جوتون اوتون، ڪانڍون ڪارون ارپڻ سان ان انياءَ ۽ انڌيرو روڌائل پٿل جا اوچيئڙا ۽ اُهاءَ پلئِه پَوِڻا آهن. سنڌو ۽ سنڌ آب ۽ گل، ڌر ۽ ڌارا جي سنگم يا جوڙ سجوڙ مان جنميل/سرجيل سرجڻتا ”سنڌين“ کي پڻ محترم لاکي صاحب پنهنجي سون سريکي سٽن ۾ ساري سمايو آهي. اسان جي اڄوڪيءَ اڄ جي اسريل اڍ، جڏهن سنڌ جون قديم قومي تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي روايتون ۽ هاڪاريون حڪايتون تاريخ ۾ پڙهندي يا پنهنجي پوڙهائپ کي پهتل پيڙهي جي سالڪن سڄاڻن ۽ سٻورنجن کان منهين مڙهين اوطاقت يا ٻين ماڳن جي ميڙاڪن ۾ بيان ٿيندي/ٻڌندي ــ سنڌ جي سٺين خوبين ۽ روايتن جي سٺاين ۽ ساراهن جا تاثر ۽ تصور پنهنجي دل دماغ ۾ محفوظ ڪري ۽ پوءِ وري جڏهن هلندڙ حالتن ۾ سماجي سرگرمين ۽ ڪاروهنوار جي صورتحال ۾ اڪثر”سنڌين“ کي پنهنجي قومي ڪردار جي آئيني ۾ (اهو ئي هاڻو ڪو نئون نسل) ڏسي ٿو ته ڪتابن ۾ پڙهيل ۽ توڙي وڏيرن کان ٻڌل ڳالهين ۽ ڳڻن ۾ ڏينهن رات جو فرق ٿو محسوس ڪري ۽ نتيجي ۾ سندس ذهن ۾ حيرت ۽ حسرت ڀريو سوال ٿو اڀري اچي جيڪو پنهنجي پوتر رشتي پيءُ کان معصومانا انداز سان پڇي ٿو ويهي ـــ اڄوڪيءَ اڍ کي کانئن اڳينءَ پيڙهيءَ کان اهو اوکو ۽ انوکو سوال پڇڻ جو قدرت يا تاريخ ڏنو آهي ۽ هو اهو پڇڻ جو حق رکندي پڇي سگهن ٿا ته اهي سٻاجها سلڇڻا ۽ سکيا سنڌي ڇو ڪيئن ڪڏهن ۽ ڪنهن جي هٿان لڏايا لٽايا لوڌايا ۽ تڙايا يا غائب ڪيا يا ڪرايا ويا آهن ۽ اها سکي، آباد، آزاد ، خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ ۽ سندس سٻاجها سلڇڻا سکيا سچار ۽ سالڪ هجڻ جي سڳڻي صفتن جا ڀنڊار سنڌي”اڄ“ اسان جي نظرن کان ڇو اوجهل آهن!؟ سنڌ جي، سنڌين جي قومي تاريخي تهذيبي ثقافتي اعليٰ قدرن جي امين”ڪردار“ جي عدم وجودگي غيرموجودگي ۽ گمشدگي جي فرياد اڄ جي اڍ جي آزاريل ادارڪ جي، وقت يا ايوان/عدالت ۾ گونجڻي آهي ۽ ان جي جس جوڳي ۽ تسلي بخش جي نڇناپڻ جاري رهڻي آهي. سائين شبير حسين شبير پنهنجي شعوري شڪتي ۽ تخليقي سگهه جي آبياري واسطي وڌيڪ ۽ بهتر اڀياس توڙي مهلائتي ۽ ملهائتي مطالعي جي بهتر لاڳيتي مشق جاري رکي ته اميد آهي ته اسان جي سنڌي سماج ۽ ساهت کي نوان وت ۽ واس ارپيندو رهندو. هن سمي جي سنگين ترين ستمگرين ۽ سازشن جي سنگهرن ۾ سلهاڙيل سنڌوــ سنڌ ۽ سنڌي جن جي ”ڪُلَ“ جو اسان جو ڪو نه ڪو جيتا مڙو جز آهيون، سي اسان کان هنن هاڻوڪين سنگين سماجي صورتحال ۽ ڪهڙي ڪردار ڪرڻ جي تقاضا پيا طلبين ۽ اسان جا سعيا ۽ سوچون، سرگرميون ۽ سرجوشيون ڪهڙيون، ڪيئن ۽ ڪٿي بيٺل آهن. انهن ۾ ڪهڙي ۽ ڪيتري مطابقت موجود آهي جنهن جا جواب تاريخ عام طور هر ڪنهن کان ۽ خاص طور هر تخليقار کان طلبڻ جو حق ۽ طاقت رکي ٿي. شال اسان سڀ پنهنجي سمي جي تاريخي سڏ ۽ سچاين کي سڻڻ سمجهڻ سڃاڻڻ ۽ سنوارڻ جي سرت سان سدائين سرشار رهڻ جي ساڄاهه کي پنهنجي جيون جو ۽ ذهن ضمير جو سرمايو سمجهون ـــ سکن واري سڌ ــ متان ڪا مون سين ڪري اندر جنين اڌـــ ڏونگر سي ڏورينديون (شاهه)

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …