ڇنڇر , نومبر 23 2024
sd

ڪانون جي قوم ۽ امير علي ابڙو

آصف رضا موريو

اڄ سنڌي ادب جي روشن خيال اديب ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي اغوا ٿئي تيرنهن ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪو ٻه مهينا اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت وٽ “ گهٽين جا ٻار“ Street Children تي پي ايچ ڊي ڪرڻ کان پوءِ هاڻي جينيوا يونيورسٽي مان Marginalized Youth جي موضوع تي Post Doctorate ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو. هن کي سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ خيرپور ميرس کان واپسيءَ تي اغوا ڪيو ويو، سندس پرامن واپسي لاءِ سگهارن، متارن، وڏيرن، پيرن، سيدن، صوفين، وارثن ۽ دوستن طرفان منٿ ميڙ قافلا روز جو معمول آهن ، نياڻيون، سياڻيون، مائرون، ڀينرون به دعائن جا در کڙڪائي رهيون آهن.

ڪجهه وقت اڳ ڪنهن رسالي ۾ نثار ابڙو جي لکيل ڪهاڻي “ڪانون جي قوم” پڙهي هئي جنهن ۾ هڪ سرڻ ڪانون جو ٻچڙو سندن آکيري مان کڻڻ جي غلطي ڪري ويهي ٿي.  اونت پوڻ تي وارث ڪانءُ هيڪلو هئڻ جي باوجود ڪان ڪان ڪندي سرڻ جي پويان ڪاهي ٿو پئي پر سرڻ ان کي کنگهي ئي ڪانه ٿي ۽ هوائن جي رٿ تي سوار وڏي هوڏ سان ڪنهن ٿائنڪي جاءِ لاءِ محوِ پرواز آهي. هڪڙي ڪانوءَ جي درد ڀري دانهن تي ڪانون جا لشڪر ڪان ڪان ڪندا ساڻس گڏجن ٿا ۽ معاملو ڄاڻندي منظم طريقي سان دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا لامارا ڏئي سرڻ تي زبردست احتجاجي واويلا ڪري ان کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

پاڻ کان طاقتور سرڻ کي وائڙو ڏسي ڪانون جي ڪٺ کي وڌيڪ حوصلا مليا، احتجاجي الرون ڇڏي چالاڪي ۽ ڦڙتي سان سڌا حملا ڪرڻ شروع ڪيائون، ڪان ڪان جي ڪوڪٽن سان سرڻ جو هنياءُ ڇڏي رهيو هيو. سرڻ گهڻا ئي اوڀارا لنهنوارا لامارا  ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ چاهي پر لاحاصل…. هاڻي ته سرڻ جي گهمنڊ ٽٽڻ واري سهڪي ۽ سرٻاٽ کي ڪانون به محسوس ڪيو ۽ ويتر ويجها ٿي سرڻ جي سست حوصلن فائدو تي لڳاتار الراٽ ڪرڻ شروع ڪيا جن سان سرڻ ايتري ته بوکلائجي وئي ۽ پنهنجي جان جوکم ۾ ڏسي ڪانون جي ٻچڙي مان چنبو ڪڍي پنهنجي جند آجي ڪرائي وٺي ڀڳي.  اهڙي ريت ڪانون جي قوم آزادي جي بقا جي جنگ ۾ جوان مردي سان پنهنجي ٻيڙي ڪنڌي لاتي.

سنڌي قوم سان به ورهين کان معاشري جي ڪاري ڪوجهي ڳجهن ويل ٻاري ڏنو آهي پر افسوس آهي جو اسان ڪانون جي قوم جيان اڃان تائين متحد ڪونه ٿيا آهيون.  ڏوھ، ڦرون، ڌاڙا، چوريون، اغوائون، قومي، سماجي، ماحولياتي، جاگرافيائي ناجائزيون ۽ ناانصافيون چوٽ تي چڙهيل آهن پر اسان ڪانون جي قوم جيان متحد ٿي استحصالي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ انهن آڏو هٿ جوڙي، قرآن کڻي، چڱا مٺا سام وٺي، ڪنڌ جهڪائي ويچارڙا ٿي پنهنجي ٻچڙن جون جانيون، ونين جون عزتون، وڏڙن جا وقار، تهذيبي ورثا ۽ قومي جذبا بچائڻ جي چڪر ۾ مهذب پڻي کان به هيٺ ڪري پيا آهيون.  آخر ڪيسيتائين اسان قومي جاڳرتا جي روشني کي پٺي ڏئي ڪنهن معجزاتي انقلاب جو انتظار ڪندا رهنداسين ته ظالم پنهنجي ظلم تان پاڻ مرادو هٿ کڻي اسان کي جيئدان ڏيندو، پر جيڪڏهن ائين ٿيڻو به آهي ته آخرڪار ڪيسيتائين اسان پنهنجا ٻچا، ڀائر ۽ ڊاڪٽر امير ابڙو جهڙا روشنين جي ڏيئن جا ڏات ڌڻي ظلم جي راڪاس کي ڀينٽ ڏيندا رهنداسين.  بهتر نه ٿيندو ته هاڻي اسان سماج جي ڪارين قوتن خلاف ڪانون جي قوم جيترو ئي متحد ٿي بقا جي جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيون.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …