مصور حسين
ھڪ شاھڪار ناول جنھن ۾ ڳالھين جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آباد آھي .
عباس ڪوريجي جو نالو سنڌي ادب ۾ نئون ڪونھي ،ھو ڪافي سالن کان ڪھاڻين ،تحقيق ۽ ٻئي افسانوي ادب سان سنڌي ادب جي سينڌ سنواريندو پيو اچي.
تازو سندس ناول وڻ شايع ٿيو آھي جيڪو آھي ته مختصر ۽ ناوليٽ جيترو ٿو لڳي پر ان ناول مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آھي ۽ ھي ناول مون ھڪ ڏينھن ۾ پڙھي پورو ڪيو . جي مان بلڪل سچ ٿو چوان ھيء ناول مون ھڪ ئي ڏينھن ۾ پڙھي پورو ڪيو.
ناول جو موضوع ۽ مرڪزي خيال ان جي عنوان مان ئي ظاھر آھي ، پر جيئن ته ناول ۾ موضوعن جي گوناگونيت ھوندي آھي اھڙي طرح ھن ناول ۾ به ڪيترائي موضوع آھن . عورت جي بيوفائي،زندگيء کان فرار،طبقاتي متڀيد ۽ پورھيت طبقي سان نفرت جو اظھار، ڪرپشن جي ڪاراڻ ۾ رنگجي ۽ زنگجي ويل سماج،رشتن جي ٻھروپيت ،محروميء جا احساس ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا ھن ناول جو حصو آھن .
ھن ناول ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن جيڪي ھڪٻئي کان ظاھري طور تي ته جدا ٿيون لڳن پر اندروني طور ھڪ وڻ جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن . جيڪو ھن ڪھاڻيءَ جو راوي پڻ آھي .
ليکڪ جو ڊڪشن ۽ ٻولي انتھائي سگھاري ۽ شاندار آھي . ايئن به ڪونھي ته ھن پنھنجي ناول ۾ مختلف سائڪالاجيڪل سئنڊروم ۾ ڦاٿل ڪردارن کي پيش ڪري نالو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر سچ ته ھن گھڻي ڀاڱي سماج جا عام رواجي ڪردار کنيا آھن انھن ڪردارن جون ڪھاڻيون دلچسپ آھن ته صرف ليکڪ جي پيشڪش، ڊڪشن ۽ نج نبار ٻولي جي ڪري .
ھن ناول ۾ ڪيتريون ئي ننڍڙيون ڪھاڻيون آھن ۽ ھر ڪھاڻيءَ جي ھڪ الڳ دنيا آھي. ھر ڪھاڻي ھجر جي ھلاڪت جيتري دکدائڪ ۽ يادگار آھي جنھن ۾ وطن کان وڇڙڻ جو ڏک به آھي ته اڪيلائي جي سئو سالن جيترو عذاب پڻ .رشتن جي ڀڃ ڊاھ ته وڻن جي واڍي سبب ماحوليات تي پوندڙ خراب اثر جا الڪا به آھن .
ھونئن ته ھن ناول ۾ ڏنل سڀ ڪھاڻيون دلچسپ ۽ سڀ ڪردار مڪمل ۽ شاندار آھن پر مون کي انھن سڀني ڪردارن مان اھا اڪيلي ڇوڪري وڌيڪ پسند آئي جيڪا پنھنجي رشتيدارن جي وڇ ۾ ويھي اھو سمجھي ٿي ته ھوء جانورن جي گھيري ۾ آھي . وڌيڪ ڪجھ جملا ليکڪ کان اڌارا وٺن ٿا.
ھوء پنھنجي پيء کي ھڪ اھڙو گڏھ تصور ڪندي ھئي جيڪو صرف بار ڍوئڻ لاء پيدا ٿيندو آھي جنھن جي پنھنجي زندگي بس خوراڪ کائڻ سمھڻ ۽ ڪم ڪرڻ ھوندي آھي .
معصوم ڇوڪري کي پنھنجو ھڪ مائٽ ھڪ وحشي ڪتي وانگر لڳندو آھي جيڪو ھنن وٽ اچڻ مھل ھن کي ايئن پيو گھوريندو آھي جيئن بکيو ڪتو مانيءَ کي.
معصوم ڇوڪري کي ھاڻي به ايئن لڳندو آھي ته ھوء گھر بدران ڪنھن جھنگ ۾ ڄائي آھي ۽ ھن جا سڀ رشتيدار فقط پاڙي ۾ رھندڙ ڪي الڳ الڳ قسم جا جانور آھن . ڪو ڀولڙو آھي ڪو ھاٿي آھي، ڪو ڪوئو آھي ،ڪائي ٻلي آھي .
ھوء پنھنجي ھڪڙي وڏي ڀاء کي سوئر سمجھندي آھي .
ھن ناول ۾ ان مڇيرڻ جي به دکدائڪ ڪھاڻي آھي جنھن جو ڪانڌ شاديء جي ڪجھ ڏينھن بعد درياء جي بک بڻجي ويندو آھي. ننڊ نالي ڪردار جي ڪھاڻي به دلچسپ آھي جيڪو پنھنجي محرومي ڏسي اوجاڳن جو عادي ٿي وڃي ٿو .
ناول جي پيشڪش صفا نئين ته ڪونھي پر عام رواجي ناولن کان نرالي آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڊڪشن ۽ ٻوليء پڻ ساراھ لائق آھي.