ناول جو
مختصر
تعارف
(ع- ر – ڪ)
عباس جيترو کلڻو , ملڻو ۽ ٻھڪڻو آھي
اوترو ئي سندس اندر اجرو صاف ۽ شفاف به آھي, پاڻ کي
ڪو وڏ گھراڻو ناھي سمجھندو , کيس رڳ رڳ ۾ نوڙت نھٺائي ۽ نياز مندي جھڙين خوبين سان ٽمٽار آھي , پنھنجي
ادبي سٿ جو ھڪ جوڳي سرواڻ ۽ صوفي منش ماڻھو آھي
دبئي ۾ رھندي به دوستن جي ساٿ کي وسارڻ ته پري جي ڳالھ آھي دوستي نڀائڻ جي دور انديش ذھنيت سرايت ڪيل اٿس ,
جي ڳڻپ ۽ ڪٿ ڪريون ته ھي جوان سنڌي ادب ۾ شامل اھو قلمڪار آھي جنھن چار پنج ناياب ڪتاب
لکي پاڻ مڃايو آھي,
چنڊ پيرن ھيٺ
پنھنجي ڌرتي
جديد ڪھاڻي, فن ۽ موضوع
ادب ۽ انتھا پسندي
مٿيان ٻه ڪتاب ڪھاڻين تي مبني آھن, ۽ھيٺيان ٻه ڪتاب ھڪ تحقيق تي ۽ ٻيو مضمونن تي لکيل
اٿس, ويجھڙ ۾ پنجون ڪتاب ” وڻ ” ناول لکيو اٿائين ,
ھي ناول احساس ۽ ڇھاءّ ۾ گھرو ۽ سڀاويڪ آھي,
ھن ناول ۾ نوّ پارٽيشنس آھن , جن کي عنوان طور
مختلف نالا ۽ موضوع ڏنا ويا آھن ,
پٿر , سون , ڌپ , ننڊ , جانور , آکيرو , درياھ ,مايا ۽ وڻ ,
ناول کي پڙھندي لحذي لحذي من جي ڪيفيت
حساس واري ٿي وڃي ٿي , ان قسم جي ڪيفيت مون ڪيترن سٺن ناولن کي پڙھندي محسوس ڪئي آھي ,
مثلن :
خليل جبران جو لکيل ناول ڀڳل کنڀڙاٽيون
امر جليل جو لکيل ناول نيٺ گونگي ڳالھايو
طارق عالم ابڙي جو لکيل ناول رھجي ويل منظر
جميلا ھاشمي جو لکيل ناول عشق جو آواز
مطلب اڪيچار اھڙا ناول نظرن مان گذريا
آھن جو ورائي ورائي پڙھڻ ۾ جيڪو ادبي سڪون۽ لطف
ملي ٿو اھو عباس جي ھن ناول ۾ به ملي ٿو ,
ڪڙي ڪڙي ۾ سمايل سڀئي موضوع ناول جي يڪسانيت کي برقرار رکيو آھي ,
ماڻھو حياتيءّ ۾ ڪڏھن سختيون ڏسي ٿو, ڪڏھن سک ,شانتيون ۽ خوشيون ماڻي ٿو , خوشيون ۽ سرھايون
يڪسر ساٿ ڏين ٿيون ته ڪن لاء ڏکن جو سلسلو ھلندڙ
ھوندو آھي, ايئن ئي ماڻھوءّ جي حياتي ڪنھن نه ڪنھن
رستي تي ھلندي رھي ٿي, ڪڏھن ڪڏھن ماڻھوءّ کي اھڙا
لمحا ,صدما ۽ دشواريون پيش اينديون آھن جو حياتي گذارڻ لاء دل تي پٿر رکي ڪري جيئڻ چاھيندو آھي,
عنوان پٿر ۾ ھڪ اھڙو ڪردار آھي جو ھڪڙو دوست
ٻئي دوست وٽ ڪافي وقت کان پوء ملڻ اچي ٿو ۽ ھڪ
اھڙي پٿر جي تلاش ۾ نڪتل آھي جنھن سان ھو پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪرڻ گھري ٿو ,
جھالت , زيادتي ۽ ڇڙواڳي جڏھن انا پرست ماڻھوءّ تي
حاوي ٿي وڃي ٿي ته صفا آپي کان ٻاھر نڪري وڃي ٿو,
عنوان سون ۾ غريب مسڪين موچيءّ سان ھڪ آسودي طبقي جي ڏاڍائي ۽ ارھ زورائي ڏيکاري وئي آھي ايتري تائين جو تعصب ۾ اچي ڪري غريب جو انت به آڻين ٿا,
ھن جو ڏوھ صرف اھو ته صرافا بازار مان پنھنجو دڪان ڇڏي ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃي دڪان کولي,,,
موچيءّ جو دڪان سونارن کي ان ڪري نه پيو
وڻي ته دڪان تي ميرن ڪپڙن سان ھيڪاندا ڪوجھا ۽
گدلي قسم جا ماڻھو اچي وڃي رھيا آھن , جنھن ڪري صاف سٿري ۽ چمڪندڙ صرافا بازار ۾ موچيءّ جو دڪان
کين داغ مثل لڳي پيو , تنھنڪري گمنامي طرح سان کيس
قبر ڀيڙو ڪرائي ڇڏيائون,,,,
عنوان ڌپ ۾ رشوت خوري
ٺڳي ,دولاپ, ۽ ڪيترن ٻين ناجائز ڪمن ڪارين ڪري ٺيڪيدار جي جسم ۾ ھڪڙي خراب قسم جي حوس ۽
بدبوء ٿي پئي ٿي, پاڻ محسوس نه ٿو ڪري کيس گھر
واري آگاھ ٿي ڪري ته گھر ۾ خراب بدبوء ٿي آھي ,
آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو ته آفيس ملازم بدبو ھجڻ جو
انڪشاف ڪري ٿو, شھر جي سپر مارڪيٽ ۾ خريداري
لاء وڃي ٿو ته کيس بدبو ٿيڻ جي نشاندھي ملي ٿي ,
پريشاني محسوس ڪندي ھو مھانگي قسم جا پرفيوم
لڳائي ٿو , پر پوء به ھن مان بدبوء وڃڻ جو سوال ئي
پيدا نه ٿو ٿئي ,اھا ڪا پگھر جي بدبوء نه ھئي کيس عملي ڪردارن جي بدبوء ھئي جيڪا سدائين ھن ۾ رھڻ واري ھئي,
ٻار لاء ماء جي ممتا کاڌي پيتي ۾ اٿي ويٺي۾
ھڪ سٺي نموني جي پرورش ڪار گر ھوندي آھي ٻار جي
پر گھور ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ڪارين ۾ ماءّ تمام ويجھڙي
۽ ٻاجھاري نظر به رکندي آھي , پر جيڪڏھن ٻار ان رشتي
۾ ماء جي ان ڇانوّ کان محروم ٿي وڃي ٿو ته يقينن
اھو ٻار وڏي ٿيڻ تائين ڀٽڪيل۽ رليل واري زندگي گذاري
رھيو ھوندو آھي , وڏو ڊنل ۽ ھيسيل به ھوندو آھي ,
عنوان جانور ۾ اھڙي قسم جي ھڪ يتيم ڇوڪريءّ جو
ذڪر آندل آھي , ڪيترن ماڻھن جي نظرن ۾ وحشي حوس
جو رانديڪو ٿئي ٿي, جنھنڪري سامھون ايندڙ ھر ماڻھو
ان کي جانور محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ,
ماڻھو ھجي يا ڪوئي به ساھوارو
جاندار سڄي ڏينھن جي اوجاڳي کي دور ڪرڻ جي لاء
ننڊ ڪرڻ ضروري ھوندي آھي , ننڊ جسم جي صحتمندي
کي برقرار رکڻ جو ھڪڙو فطري مرحلو رھي آھي , عنوان
ننڊ ۾ ھڪ ڇوڪري جون اکيون پيدائشي طرح ايتريون سنھيون ۽ چنجھيون ھجن ٿيون جو ڄڻ ننڊ ۾ آھي ,
ان ڪري ٻيو نالو ھجڻ باوجود ننڍي ھوندي کان ننڊ نالو
پڪو ٿي وڃي ٿو , ان ڇوڪري جو ھڪ خوبصورت ڇوڪريءّ سان ملاقات ٿئي ٿي , ۽ کانئس ايترو متاثر
ٿئي ٿو جو کيس شادي ڪرڻ جي آفر ڏئي ٿو , ڇوڪري
کيس جسماني بناوٽ تي مزاحيه طنز ۽چٿرون ڪري ٿي
ھوءّ ته ڇا پر ڪا به ڇوڪري کيس شاديءّ لاء راضي نه
ٿيندي , ڇوڪرو ڏاڍو ڏکارو ٿئي ٿو ۽ اڪيلائي پسند ٿي
اوجاڳن ۾ گذاري ٿو ,
عنوان آکيري ۾ ھڪ ڳيرڙيءّ جي
ٻچن کان جدائي ٿي وڃي ٿي, جدايون پکين جون ھجن يا ماڻھن جون صدمي جو اثر سڀني ساھ وارن لاء ساڳيو ھڪجھڙو ھوندو آھي ,
عنوان درياھ ۾ درياھ جي بادشاھن ميربحرن جو
ذڪر ڪيل آھي , ھڪ غريب مير بحر جو ھڪ اٻالڙي مھاڻي
مائيءّ سان نڪاح ٿئي ٿو , ھڪٻئي سان بي حساب چاھت
رکن ٿا , ھڪ ڏينھن ان ميربحر کي خيال ٿيو ته درياھ جي
ڪنھن وڏي پيٽ ۾ وڃي ڪا وڏي مڇي پڪڙي جنھن کي کپائي ونيءّ لاء ڪو سونو ڇلو وٺي ڏئي , پر ھن کي ڇا خبر
ته ھو وڏي مڇي آڻيندو يا پاڻ درياھ جو کاڄ بڻجي ويندو ,
ويو ته ھميشه لاء ھليو ويو ,,,,
ھيٺ ناول نگار جون جيئن جو تيئن سٽون اوھان سان
شيئر ڪريان ٿو:
” صبح جو سج اڀرندي ئي ان ويچاري اٻالڙي مھاڻيءّ جي حالت ڏسڻ وٽان ھئي , پوري رات سندس ور
جو اوسيئڙو پئي ڪيو , بار بار ڪناري ڏي واجھايو پئي ,
درياھ جي دن ڏي نھاريو پئي , الائي ڪيئن سندس رات گذري ھئي , انھن مھاڻن کيس ٻڌايو ته ھنن ھن جي ور وارو خالي ھوڙھو وچ سير ۾ ترندي ڏٺو ھئن ,
اٻالڙي مھاڻيءّ ڪنھن تي ڪوبه اعتبار نه ڪيو ھو ,
ان ڳالھ کي ڪيترا مھينا گذري ويا آھن , اھا اٻالڙي مھاڻي
اڃا به اھا اميد رکيون ويٺي آھي ته سندس مينديءّ جو
مھندار موٽي ايندو , ھوءّ ھر رات درياھ بادشاھ کي ميارون
ڏيندي آھي , کيس منٿون ڪندي آھي کيس ليلائيندي چوندي آھي ته ھن کي پنھنجو ور واپس ڪري ڏي ,”
عنوان مايا ۾ ھڪ امير ترين شخص
عمر جي آخري وقت ۾ اسپتال جي بستري تي ساھ جي
سڳي جي ٽٽڻ جو اوسيئڙو ڪري رھيو آھي , ڪڏھن ھوش۾ اچي ٿو ڪڏھن بي ھوشيءّ ۾ ھليو وڃي ٿو ,
دولت جا پوڄاري وصيعت جي انتظار ۾ چو ڌاري بيٺل
آھن , اھي ڪي ويجھا عزيز يا ڪي رشتيدار نه ھئا , بلڪه
گڏ گذاريندڙ ڪجھ فرد ھئا , پر ھن پنھنجي سموري ملڪيت
ھڪ چيئرٽي کي ڏئي ڇڏي ھئي جيڪا فلاح ۽ بھتريءّ لاء
ڪم ڪندڙ چيئرٽي آھي ,,,,,,
مجموعي طرح ناول ۾ انسانن , جانورن , پکين
وڻن ۾ زندھ ھجڻ واريون خوبيون خصالتون يا ڪھاڻيون
ٿين ٿيون , انھن سان اذيتون ڏک ڏولاوا يا جيڪي ڪلور
۽ ڪيس ٿين ٿا ,انھن غريب نادار ۽ ڏتڙيل طبقي سان نا جائزيون , زيادتيون ڇڙواڳيون انياءّ ڏاڍ ۽ ڏمر جھڙين مصيبتن کي عالم آشڪار ڪيو آھي , علامتي انداز ۾ ناول
کي ھڪ انوکو ڪردار ڏنو ويو آھي ۽ منجھس ڪيئي لڪل
درد ۽ پيغام سلھاڙيا ويا آھن ,
ناول جي آخري حصي۾ وسيع ۽وشالتا
احساسن جي ھڪ پالوٽ ۽ اپٽار ڪيل آھي , لفظن جا موتي
گفتا ۽ معنا خيز دلربائي انداز ۾ ھڪ ڊٿل دلين جو ڄڻ ھڪ
راڪاسيل منظر چٽيو ويو آھي , ناول نگار جي ناول ۾ ھيءّ
ھڪ پھرين ڪامياب وک آھي, ۽ ھي ناول ھڪ وڏي انفراديت رکي ٿو, عباس جو ھي ناوليٽ مختصر ئي سھي
ليڪن سٺن ناولن جي قطار ۾ ڳڻيو ويندڙ ھڪ سٺو ناول ثابت ٿيندو ,