خميس , نومبر 21 2024
sd

ٻارن جو عالمي ڏينهن

يسرا عباسي

انسانن جي گرھ  تي فرشتا ٻارن جو روپ وٺي ايندا آھن ۽ دنيا جي رونقن ۾ اضافو ڪندا آھن. اھي ئي ننڍڙا ننڍڙا معصوم فرشتا عمر جا ڏاڪا چڙھي وڏا انسان بڻجندا آھن. جن مان ڪجھ دنياوي زندگي جي مصروفيتن ۾ تلخين جي ور چڙهي ويندا آهن ته ڪجھ ماڻھو زندگيءَ جي ھر ٿڌي  ڪوسي جي باوجود پنھنجي معصوميت ۽ سچائي زندھ رکندا آھن. جھڙي طرح آسمان جي خوبصورتي ان تي چمڪندڙ سج، چنڊ ۽ ستارن سان آهي.تيئن دنيا جي روشني ۽ خوبصورتي ان ۾ موجود ٻارن سان آھي.

ڪنهن به شادي شده جوڙي جي زندگيءَ جي سونھن انهن جا ٻار آهن، جيڪي سندن زندگيءَ کي ڪو مقصد ارپين ٿا، جيئڻ جو اتساهه ڏين ٿا سندن گهرن ۾ انڊلٺي رنگ ڀرين ٿا. سندن عمر جي گذري ويل ھر حصي جي ياد سندن اڳيان تازي ڪن ٿا، ايئن سندن ٻاروتڻ ھر پل سندن اولاد جي صورت ۾ والدين جي اکين اڳيان ڦرندو رھي  ٿو. نه فقط ايترو پر سندن اڱڻ تي موجود سندن اولاد جي موجودگي کين سندن والدين جي ھر ان تڪليف جو احساس به ڏياريندي رھي ٿي جيڪي ھنن پنھنجي جواني جا خوبصورت سال سندن تربيت ۽ پالنا جي نظر ڪندي محسوس ڪئي.

گذريل ڪجھ پيڙھين جي ٻارن کي ئي ان ڏينھن جي حوالي سان ڄاڻ ھوندي جيڪو ھنن جي نالي جي مناسبت سان عالمي سطح تي ھر سال ملھايو ٿو وڃي. انھن نسلن کي به شايد سندن ڏينھن جي حوالي سان معلومات يا ته انٽرنيٽ جي ذريعي ملي ھوندي يا وري اسڪولن م ملھايل ڏھاڙي جي سبب. پر اڄ به نه فقط پسمانده ۽ پٺتي پيل علائقن جا ٻار سندن ۽ ان ڏينھنَ جي اھميت کان ناواقف آھن پر انھن ۾ ڪيترا ئي ترقي يافته خطا پڻ شامل آھن.

ٻارڙن جي عالمي ڏينهنَ جي موقعي تي شايد اسان مان ڪيترا ئي تعليم يافته، باشعور ۽ سلجھيل انسان به ان ڏينهن جي مقصديت کان مڪمل طور تي اڻ واقف ئي ھجن پر ھن گذرندڙ دور ۾ ان موضوع کي انتھائي توجهه ۽ سنجيدگيءَ سان سمجھڻ جي ضرورت آھي ته اسين ٻارن جي زندگين ۾ ڪھڙي قسم جو ڪردار ادا ڪري رھيا آھيون ۽ کين ڪھڙن لاڙن جي طرف ڌڪي  رھيا آھيون. عملي زندگي جي هر هڪ موڙ تي انھن لاءِ ڪھڙا رجحان پيدا ڪري رھيا آھيون جيڪي اڳتي ھلي سندن لاءِ فائديمند ثابت ٿي به سگھندا يا نه، تربيت جي نالي تي خاص طور ھاڻوڪي نسلن م جيڪا عدم برداشت پيدا ڪئي پئي وڃي اھا کين معاشري جو ھڪ سٺو، زميندار ۽ باڪردار شھري بڻجڻ لاءِ ڪيتري قدر ڪارآمد آھي يا سکيا جي نالي تي جن ادارن ۾ ٻارن کي بھترين نشونما جي غرض سان موڪليو وڃي ٿو اھو ڪيتري قدر نتيجه ڪن آھي.

اڄ جي جنھن دنيا کي اسين ترقي يافته دنيا طور سڃاڻون ٿا ان ۾ اھا سمجھ ھجڻ به ايتري ضروري آھي ته صرف اسين ئي ترقي ۽ تيزيءَ جي ڊوڙ ۾ تڪڙيون وکون نه پيا کڻون پر اسانجي معاشري جو اھم ترين حصو اھي ٻار آھن جيڪي به ھن ڊوڙ ۾ اسان سان گڏ شامل آھن ۽ اسانجي ھر مثبت توڙي منفي عمل جو اثر سندن حياتين تي ننڍپڻ کان ئي حاوي ٿيندو ٿو رھي. پنهنجي سماج تي جي گھري نگاھ وجھي ڏسجي ته ان ڳالھ جو اندازو ٿي سگھندو ته زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ به اسين ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي ٻاروتڻ ۾ جيئندا آھيون، پنھنجي روزمرھ جي ڪمن ڪارين، ڳالھين، مصروفيتن ۽ گڏجاڻين ۾ ازخود اسان مان هر هڪ پنهنجي ننڍپڻ جو ڪو باب ضرور کوليندو آھي. ڪي واقعا ۽ حادثا اھڙا ته چٽيل ھوندا آھن جو انھن جو ورجاءُ اسين پنهنجي پاڻ سان به جاري رکندا آهيون.

گذريل وقتن ۾ جتي زندگيءَ جو انحصار گھڻو ڪري سادگي تي ھوندو ھو ۽ رشتن جي بنياد ۾ سچائي شامل ھوندي ھئي اتي وسيلن جي کوٽ ۽ اڻ ھوند، معاشي طور ڪمزور ھجڻ سان گڏوگڏ جياپي جي ٻين بنيادي سھولتن جي ميسر نه ھجڻ باوجود به ھڪ جوڙي بجاءِ ھڪ ڪٽنب گڏجي زندگي گذاريندو ھو ۽ اھو به  تڏھوڪي رواج  جو حصو ھو ته رت جي رشتن کانسواءِ نالي وارن رشتن جو به حد کان وڌيڪ احترام ڪيو ويندو ھو ۽ کين دلين سان گڏ گھرن ۾ به رھڻ لاءِ جاءِ فراھم ڪئي ويندي ھئي. اھڙن گڏيل خاندانن ۾ به جتي ڏاڏو ڏاڏي، ماءُ پيءُ، چاچا چاچيون ۽ سوٽ، ماسات، پڦاٽ گڏ ھوندا ھيا ۽ گھر ويڙھن جي سٽاءُ ۾ ٺھيل ھوندا ھئا تڏھن به وڏي ننڍي جي شناس ھوندي ھئي ۽ اھا ھڪ سٺي ڳالھ سمجھبي ھئي ته گھر جي ٻارن جي تربيت ۾ سڀني وڏن جو سايو، محبت ۽ ھٿ موجود آھي اھي ان دور جون سگھڙ سياڻيون ۽ سيبتيون عورتون ھيون جن جي فطرت ۾ صبر ۽ سھپ گھر ڪري ويٺل ھئي جيڪي سڄي ڪٽنب کي ملائي رکڻ کي پنھنجو شان ڀائينديون ۽ ڏاھي ڏنگائي تان چوڻ يا لاڏ ڪرڻ واري کي پنھنجو ۽ ٻار جو دشمن نه ڪوٺينديون پر پنهنجي پَر ۾ سندس ٻار جو اھڙو خيال رکڻ تي خوش پيون ٿينديون. ان جي ابتڙ موجوده سماج جي رواجن مطابق پرائيويسي جي نالي تي ھر جوڙو شادي جي شروعات کان ئي انفرادي ۽ نويڪلي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏي ٿو جنھن ۾ کيس ڪنھنجو به عمل دخل ھرگز پسند ناھي ۽ اڪثر ڪري اھا نوعيت ايتري شديد ٿي ڏسجي جو پنھنجي ذاتي خواھشن ۽ مصروفيتن ۾ رڌل والدين وٽ سندن اولاد جي تربيت لاءِ به نه وقت موجود آھي نه ئي ڪي اخلاقي قدر ۽ معيار جوڙيل آھن جو اڄ جو ٻار اڳ جي ٻارن جي بنسبت وڌ کان وڌ اھميت، پيار، لاڏ، ۽ ھر آسائش ملڻ جي باوجود به گھڻو چڙچڙو ۽ جذباتي آھي ۽ سھپ نالي جي ته کيس سڃاڻ ئي ناھي. ٻار کي ڪنهن مشين جيان اسڪول، ٽيوشن، مدرسي جھڙن ڪيترن ئي ادارن ۾ باقاعدگي سان موڪليندي سندس ذھانت جو پيراميٽر ماپيندڙ مائٽ اھو سمجھڻ ۾ پٺتي رھجي ٿو وڃي ته اصل زمينداري ٻار جي تربيت آھي جيڪا سندس تي عائد ٿئي ٿي نه ڪنھن ٻئي تي، ٻارن کي پنهنجا جائز شوق پورا نه ڪرڻ ڏيڻ، ننڍپڻ کان ئي سندن پسند يا مرضي جو احترام نه ڪرڻ، سندن رائي يا ڳالھ کي اھميت نه ڏيڻ يا ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏڻ، کين راند روند ۽ جسماني ڪثرت جا موقعا فراھم نه ڪرڻ، سندن creativity کي بيڪار يا فضول سمجھي کين ان کان دور رکڻ، ڪنھن ھڪ شيء کي بي جا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بظاھر اھي سڀ ننڍيون ننڍيون ڳالھيون آھن جن جي مسلسل نظرانداز ڪرڻ سان ٻار جي اندر جيڪا فرسٽيشن پيدا ٿئي ٿي اھا وقت بوقت چڙچڙي پن ۽ ان جي جذباتي يا اٻھري ھجڻ جي روپ ۾ سامھون اچي ٿي پر ان ڳالھ کي به نظرانداز ڪيو ٿو وڃي.

جيستائين ٻار جي مينٽل ھيلٿ جو سوال آھي ته کين سکيا ڏيندڙ شايد ان تصور کان ئي محروم آھن ته ٻار جي اندر به عزتِ نفس جھڙو ڪو جذبو آھي جيڪو کيس ساراھڻ تي خوش ۽ بي جا لفظن، تنقيد ۽ جملن تي مجروح پڻ ٿئي ٿو. ننڍي لاءِ کان وٺي مختلف جملن کي مسلسل ٻڌڻ سان ھڪ اھڙو احساسِ محرومي جنم وٺي ٿو جيڪو عمر جي ھر ڏاڪي چڙھڻ سان وڏو ٿيندو وڃي ٿو. ٻار جي بنيادي تربيت ۾ جتي ماءُ پيءُ جو ڪردار انتھائي اھم آھي اتي سندس استاد به اوتري اھميت رکن ٿا خاص ڪر اھا ابتدائي تعليم جنهن جي ٽيچر ڪنھن رول ماڊل طور سندس ذھن م سانڍيل رھندي آھي، اتي ٿيل بي جا تنقيد به سندس دماغ ۾ گھر ڪري ويھندي آھي ۽ اڪثر ٻار صرف پنهنجي قد بت جي ڪارڻ به ان طنز جو شڪار ٿي ويندا آهن جيڪا ان وقت ظاھري طور ڪو مزاح ھوندي آھي پر ان جو وجود به ڪنهن حساس ٻار وٽ پروان چڙھندو رھندو آھي.

ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته ٻار کي بگاڙي کيس بگڙيل جو ٽائٽل ڏيڻ کان اڳ اسين ڪجهه لمحا پنهنجي سوچ، روين ۽ انهن طريقن جو جائزو وٺون سان جن سان اسين آسمان جھڙي اجري ٻار جي تربيت ڪري سندس مٿان دَزَ چاڙھيندا ويندا آھيون شايد موبائيل جي دنيا مان به مفيد ۽ مثبت شين جو استعمال ڪندي اسين پنهنجي مستقبل جي جرڪندڙ ستارن لاءِ پاڻ کي آدرش طور سندن رھنما بنايون ته جيئن اڄ جو ٻار ڪنهن مقصد ۾ مايوسي ماڻڻ سان جيڪو انتهائي قدم کڻي ٿو ان کان ھو پري رھي. سنجيدگيءَ سان اھو سوچڻ جي ضرورت پڻ  آھي ته والدين کي پنھنجي ٻارن جي زنگين م پنھنجي ڪردار وسيلي سندن زندگي سنوارڻ گھرجي.

                          

ھي بہ ڏسو

خوابن جا چور هميشه دل جي دري ٽپي ايندا آهن!

خوابن جا چور هميشه دل جي دري ٽپي ايندا آهن! عباس ڪوريجو مان اهو سزاءِ …