ڇنڇر , نومبر 23 2024
sd

پيار پرزا پرزا ٿي ويو

ڀائو در محمد ٻرڙو

پيارا امر !

اڄ اوچتو عيسى جي ماءُ ملي وئي.

چڱو وقت دل کولي حال احوال ۽ ڪچهريون ڪيائين، ٻيا سمورا باردانا ته مٽجي ويا هئس ، پر جي نه مٽيو هئس ته سندس مٺڙو آواز ۽ سرور ڏيندڙ نشيليون اکڙيون ، جن کي ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو ٻئي جهان قربان ڪري سگهي ٿو.

جيڪو ٽائيم گڏ هئي، اهو وقت اندر جي دنيا جا گل ڦولاريل هئا ۽ سرمستيءَ ۾ هئس. توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيم، هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، تنهنجي پڦي پئي لڳي.

 مون به ڀوڳن ۾ ، الائي غلطي ۾ کيس آنٽي چيو ، پوءِ ته ابا صفا کل ۾ ٻٽجي وئي.

چيائين: ’سڀ ڪجهه وڃايو ٿي، پر اڃان تائين ٽهڪ ، ڀوڳ ۽ چرچا ساڳيا ٿي!‘

 مون چيو: ’اهو به خوش نصيبن جي حصي ۾ ايندا آهن، ڪي ماڻهو سڀ ڪجهه پسند جو حاصل ڪندي به کل خوشي ۽ ٽهڪ وڃائي ويهندا آهن، بقايا زندگيءَ ۾ ٿڌا شوڪارا ۽ ڳوڙها ملندا اٿن…!‘

چيائين: ’سنجيده ڀوڳن ۾ تون اسان جي مائٽ  امر جو به وڏو ٿو لڳين!‘ مون پڪائي ڪندي کائنس پڇيو ته ’امر کي سڃاڻين ڇا؟‘

چيائين: ’ڇو ڪو نه ، سڄو ڏينهن اسان جي پاڙي ۽ گهر  ۾ اچي اميءَ جي چمچاگيري ڪندي ادب جا ڇيڻا ٿـڦيندو هيو ۽ اجايو سجايو ٻوليءَ جو ٻوڙ هاريندو هيو. سندس شڪل فقير جي ڪستي جهڙي هئي، مئو  ڳالهائيندو مميءَ سان هيو ۽ وري ڏسندو  مون ڏانهن هيو.

اويل سويل اسان کي گهر ۾ ٻوڙ کان وٺي ٻهاري تائين ڪم اچي ويندو هو. جڏهن به ڳالهائيندو هيو سندس ٻولي اڪثر زناني ڄڻ ڪنهن ساهيڙيءَ سان ٿي ڳالهايائين.

سندس منهن هر وقت فقير جهڙو ، جنهن مٿان رحم کائي ، قياس ڪري مڙئي ثواب  خاطر خيرات ۾ ڳالهائيندي هئي مانس ، هن کي خوش فهمي ٿي پئي ته  مان ڪا ساڻس پيار ڪريان ٿي، کيس ڪهڙي خبر ته رحم ۽ پيار ۾ فرق آ؟

هن کي گهـرَ جي ڪم ڪار لاءِ ’آيا‘ ڪري  رکي سگهجي پـيو،  هاڻي چون ٿا ته حيدر آباد  جي ڪنهن سُــرِ پُــرِ اخبار ۾ گاسليٽي ليک لکي، دل پـشوري پـيو ڪري. ڪڏهن ڪـٿي جي توکي ملي وڃي ته کيس پيار ڪرڻ ۽ قياس ڪرڻ ۾ فرق سمجهائي ڇڏجانس!‘

مون چيومانس: اهو ته هو امر لاءِ نياپو ، جيڪو آهي ئي سڄو ڏينهن رحم جوڳو ڪردار. سندس پيارين اکڙين ۾ گهوريندي پڇيو مانس:’مون لاءِ تنهنجو ڇا خيال آ؟‘

چيائين: ’توسان پيار ڪري سگهجي ٿو ، توسان قرب ڪچهريون ڪري سگهجن ٿيون، تنهنجو محبوب سڏائي فخر محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر توسان شادي نه پئي ڪري سگهجي، ڇو ته تون اصولن ۽ نظرين جو پابند ۽ قيدي آهين. ان وقت سوچيو هئم ته توسان شادي کان پوءِ توکان وڌيڪ تو وارن اخلاقي ۽ اصولي نظرين جي پڃري ۾ سوگهي ٿي قيدي بڻجي ويندس، تو وارن سچائي جي سمورن سبقن جو حقيقي رستو مڪمل بک ۽ ڏک ڏانهن ئي دنگ ٿيڻو آهي.

 تنهنجو ڳالهائڻ، تنهنجون قرب ڪچهريون ، سڪ محبت ۽ عشق سڀ سٺا پر بک مارڻ واري ايمانداري مون کان مٿي ٿي وئي.

اڄ ڪلهه چڱا ڀلا مشهور ڏاها ۽ ايمانداري جا سبق ڏيندڙ چون ٿا ”هاڻي ايمانداري ، سچ ، وفاداري ۽ انسانيت صرف ميوزم ۾ رکڻ جهڙيون شيون آهن، نه ڪي عمل ڪرڻ جهڙيون. “

 اڪثر هتي ايماندار ، وفادار ۽ سچو سڏائڻ ماڻهن کي بيوقوف ڪرڻ ۽ مڙئي ڍونگ ڪري شو شو ۽ شوءُ ڪرڻ آهي.

ان وقت تنهنجي ويجهو اچڻ کانپوءِ مڪمل سمجهيو هئم ته ” زمين جنبد ، نه جنبد گل محمد “

توسان شادي ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجن ٿيندڙ پيارن ٻچن کي بک ته نه هو مارڻو .

مون چيو: ’پيار ۽ عشق ۾ بک ۽ ڏک کي ڏسبو آهي ڇا؟‘

چيائين:’پيار ۽ عشق ۾ بلڪل نه ڏسبو آ پر شادي ۾ ضرور ڏسبو آ.‘

چيائين: ’قسم آ تنهنجي خدا جو، اڄ به توسان ئي منهنجو حقيقي پيار آهي ، جيترو ڪالهه هيو. پر توسان شادي نه پئي ڪري سگهيس.‘

شادي بي اصولي، ڇڙواڳ، لالچي ۽ رشوت خور سان ڪرڻ گهرجي، جيئن گهر ۾ هر شئي، نوڪر چاڪر، گاڏيون ، بينڪ بيلنس سميت سڀ ڪجهه هجي ، مطلب تـريءَ تي بهشت هجي، هر ايندڙ ويندڙ واه واه ڪري چئي ته ڪو مير ماريو اٿئي ، پر هميشه حقيقي پيار ، سچي، اصولي ۽ وفادار ماڻهو سان تاحيات ڪرڻ گهرجي، جيئن پيار جو ۽ وفاداري جو بول بالا هجي. شادي امير سان ڪجي جيئن اولاد سميت سمورا سک ماڻي سگهجن.

 اڄ توکي اها پنهنجي دل جي ڳالهه سان گڏ، اڄ جي گهڻن خوبصورت عورتن جي حقيقي سوچ ۽ عمل جي ڳالهه ٿي ٻڌايانءِ .

مون خبر آ … تون ڪيترن سالن کان ان ڳالهه تي پريشان هئين ته مان توسان ايڏي محبت ڪندي ، ڌڻي بخش سان وڃي ڇو شادي ڪئي ؟‘

 اصل ۾ ڌڻي بخش سان نه پر سندس ڌن سان شادي ڪيم . 

سوچيم ته پيار توسان هوندو هوندو ۽ ڌن ڌڻي بخش جو هوندو.

پر تو منهنجي شاديءَ جو ٻڌي ساڳيو ايمانداري وارو اصولي ڳالهائڻ شروع ڪيو، منهنجي نياپن کانپوءِ به ڪاوڙيو رهين.

” چيئي ته نڪاح ٻڌي عورت کي ڏسڻ ۽ ان سان ملڻ گناه آهي.

تو کي ڪير سمجهائي ته هي ماحول ڪيئن آ؟ اڄ پيار بابت ماڻهن جا خيال ڪهڙا آهن .

” ڪتي ڪوريجن جي ، رهي راهوجين ، بهي باهوجين.“

   اڄ توکي ڏٺم ان کان سواءِ چارو نه سمجهيم، توکي زوري روڪي توسان ملي حال احوال اوريان، مجبورن توکي بيهاري ڳالهائـڻو پيو آهي .

توکي ڪير سمجهائي تنهنجي اصولن جي ڳالهه ، پاڻ کي ته فنا ڪري ڇڏيئي پر تو وارن عملن اصولن جي ڪري منهنجا خواب ۽ پيار پرزا پرزا ٿي ويو.

*

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …