نور الحق نور
وڏي بس اچي آفيس جي اڳيان بيٺي. ڪراڙو بينچ تان اُٿي بانس جي لٺ کٻي هٿ ۾ڪري ٿيلهو سڄي ڪلهي سان لڙڪائي اچي بس تي چڙهيو. ڪنڊيڪٽر کيس ٽڪيٽ ڏسي نمبر تي ويهاريس. لٺ پيرن ۾ ۽ ٿيلهو ڪڇ ۾ رکي ڪنڌ سيٽ سان آهلي سڪون سان ويهي رهيو. بس اسٽارٽ ٿي ته هن جي ڀرسان هڪ نوجوان اچي ويهي رهيو. نيٺ بس شهر کي الوداع چئي روڊ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ڀرسان ويٺل نوجوان کائنس پڇيو:
’چاچا! اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘
ڪراڙي هُن جي چهري کي غور سان ڏسندي چيو،
’پٽ! لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهيان.‘
’چاچا! اوهان لاڙڪاڻي ۾ رهندا آهيو؟‘
’ها پٽ! لاڙڪاڻي ۾ رهندو آهيان، هتي منهنجي پٽ کي نوڪري آهي، گورنمينٽ طرفان مليل بنگلي ۾ رهندو آهي. ان سان مليو هاڻي واپس ٿو وڃان ۽ ٻيو پٽ لاڙڪاڻي ۾ چنگچي هلائيندو آهي.‘ ڪراڙو جواب ڏئي خاموش ٿي ويو.
’چاچا! اوهان پيريءَ ۾ اڪيلا سفر ٿا ڪريو، اوهان جو پٽ اوهان سان نه آيو؟‘
’پٽ! هو پنهنجي ڊيوٽيءَ سان آهي. اهو ڪيئن اچي ها …. هونئن به مون کي ڇا آهي؟ بس هلي شهر ۾ لاهيندي، پوءِ رڪشا ۾ چڙهي وڃي گهر لهندس. ڀلا پٽ تون ڪٿي لهندين؟‘ ڪراڙي جواب ڏئي وري سوال ڪيس.
’چاچا!مان سيوهڻ ۾ لهندس.‘ نوجوان مختصر جواب ڏنو.
’ها پٽ! سيوهڻ عظيم بزرگ جي ڌرتي آهي. پٽ! اتي منهنجي لاءِ به دعا گهرجانءِ.‘
’ها ها! … چاچا! اکين سان …‘
’پٽ! مون کي اوجاڳو آهي، ننڊ ٿي اچي، سو مان سمهي ٿو پوان.‘ ائين چئي ڪراڙو سيٽ سان ڪنڌ لڙڪائي سمهي پيو.
بس هلندي نيٺ سيوهڻ پهتي. لهڻ وارا مسافر لهڻ لڳا. اُهو نوجوان به لٿو.
’اڙي نديم! اڄ هتي تون اسان جي جوءِ ۾ …. ڇا ڪو مرغو يا مرغي ڦاسائي اٿئه!؟‘ بس کان لهندي ئي هيٺ بيٺل نوجوان ساڻس حجائتو ڳالهايو.
’ها دلدار! هن ئي بس ۾ هڪ وڏو شڪار آهي پر مان نه ڪري سگهيس …!‘
’يار نديم! تون شڪار نه ڪري سگهين ته مون کي ئي ٻڌاءِ، مان پنهنجي قسمت آزمايان.‘
’توکي ٻڌائيندس پر هڪ شرط تي …‘
’ڪهڙو شرط؟‘
’شرط ته تون مون کي ٻه هزار ڏيندين.‘
’اڙي! بس اها ڳالهه …. ها مان توکي ٻه هزار ضرور ڏيندس، پر ٻڌاءِ ته شڪار گهڻي جو آهي.‘
’اڌ لک جو شڪار آهي.‘
’اڌ لک جو، توکي يقين آهي؟‘
’ها يار!پاڻ واري يار راشوءَ پوري پڪ ڏيئي مون کي بس تي چاڙهيو. هزار روپيه ورتو هيائين. هڪ ڌڪ سان مون هن کي هزار ڏيئي ڇڏيو. پر افسوس جو مان شڪار ڪري نه سگهيس.‘
’اڙي! تون فڪر نه ڪر، مان ضرور شڪار ڪندس، ٻڌاءِ ته ڪهڙي سيٽ تي ويٺو آهي؟‘
’هي وٺ لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ … شڪار به لاڙڪاڻي جو آهي. ان لاءِ مون به لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ ڪٽرائي هئي. هاڻي تون وڃي پنهنجو ڀاڳ آزماءِ.‘
دلدار چوڦير نظرون ڊوڙائي ٻه هزار نديم کي ڏيئي ٽڪيٽ ورتي.
’ٻڌ، قميص جا سمورا کيسا تلاش ڪيا اٿمانس، پر انهن ۾ سواءِ پنن جي ٻيو ڪجهه به نه مليو. ۽ ها شڪار صفا اگهور ننڊ ۾ اٿئي … هاڻي پنهنجي مڙسي کٽرائيندئي.‘
’نديم! تون پرواهه نه ڪر، مان ضرور ڪامياب ٿيندس.‘
ائين چئي دلدار بس ۾ چڙهي اچي ڪراڙي سان ويٺو. ڪراڙو صفا اگهور ننڊ ۾ ڄڻ هفتي کان نه ستو هجي. ڪي مسافر لٿا ۽ ڪي چڙهيا. وري بس اسٽارٽ ٿي سيوهڻ کي الوداع چئي روڊ تي پنهنجي مخصوص اسپيڊ سان ڊوڙڻ لڳي. بس جي مخمل کان وڌ نرم سيٽن ۽ جهولي کان به وڌ لوڏن جي ڪري هر هڪ مسافر سيٽ سان ڪنڌ لڙڪائي ننڊ جا مزا وٺڻ لڳو. بس هلندي اچي دادوءَ جي اسٽاپ تي بيٺي. ڪي مسافر لهڻ لڳا. دلدار به هيٺ لٿو.
’اڙي دلدار! تون اڄ هتي اسان جي جوءِ ۾ … ڇو ڀلا ڏاڍائي آهي ڇا!؟‘بس کان لهندي هڪ ٻئي همراهه دلدار کي چيو.
’اڙي ڀائرن سان وري ڏاڍائي ڪئين ٿيندي؟ ٿورو پرڀرو هل ته ڳالهه ٻڌايانءِ.‘ دلدار ان کي بس جي پويان وٺي ويو.
’يار شمن! اڄ پنجاهه هزار جو شڪار ڦاسايو آهي …‘
’ڇا ….!؟‘ شمن کان دانهن نڪري وئي.
’ها يار! هن ئي بس ۾ 50 هزارن جو شڪار آهي پر افسوس جو مان نه ڪري سگهيس.‘
’توکي ڪنهن ٻڌايو آهي؟‘
’اڙي! مون کي پاڻ واري يار نديم ٻڌايو آهي، اهو به شڪار ڪري نه سگهيو.‘
’توکي پڪ آهي ته هن وٽ 50 هزار آهن؟‘
’ها يار! سئو سيڪڙو يقين آهي.‘
’هاڻي تنهنجي حد ختم …. اڳتي منهنجي حد آهي. هاڻي جلدي ڪر، مون کي پار پتا ٻڌاءِ ته پاسو وٺانس.‘
’ائين ڪئين ٻڌائيندو مانءِ؟ اهو شڪار مون ٻن هزارن ۾ خريد ڪيو آهي. تون اڍائي هزار ڏيندين ته پوءِ ….‘
’ٺيڪ آهي، هي وٺ اڍائي هزار ….‘ شمن هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي اڍائي هزار کڻي دلدار کي ڏنا.
’هاڻي ته جلدي پار پتا ٻڌاءِ …‘
’هي ٽڪيٽ وٺ لاڙڪاڻي جي ….. ۽ شڪار به لاڙڪاڻي جو اٿئي. مان ڪوٽ، اندرين صدري ۽ قميص جا مڪمل کيسا جاچيا اٿمانس، انهن ۾ سواءِ خالي پنن ۽ شناختي ڪارڊ جي ٻيو ڪجهه به ڪين مليو.‘
’دلدار! ڏسجانءِ مان اهو شڪار ضرور ڪندس.‘
’يار! مڙسي کٽرائيندئي، باقي ڪم ڏکيو اٿئي.‘
’ٺيڪ آ يار! مان بس ۾ چڙهان ٿو.‘ شمن دلدار کان موڪلائي بس تي چڙهي اچي ساڳي سيٽ تي ويٺو. ڪراڙو اڳ جيان اگهور ننڊ ۾ … ڪي مسافر اچي چڙهيا. ڊرائيور بس اسٽارٽ ڪري اڳتي هلڻ لڳو. بس دادو شهر کي الوداع چئي روڊ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. اڪثر مسافر ننڊ جا مزا وٺڻ لڳا. نيٺ بس هلندي اچي خيرپور ناٿن شاهه ۾ اسٽاپ ڪيو. ڪجهه مسافر لهڻ لڳا. شمن به هيٺ لهي بريانيءَ واريءَ ريڙهيءَ تان پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئڻ لڳو.
’اڙي! ڪڏهن کان ايڏو دادگير ٿيو آهين؟ جو ٻين جي حدن ۾ شڪار ڪرڻ ٿو اچين؟‘ شمن کي ڏسي سامهون بيٺل همراهه چيو.
’اڙي يار نويد! بس ڪر، اندر ئي سڙي ويو آهي!‘
’وري ڇا ٿيو؟‘
’اڙي بس ۾ 50 هزارن جو شڪار ويٺو آهي، ان شڪار کي مون اڍائي هزارن ۾خريد ڪيو پر افسوس جو مان شڪار نه ڪري سگهيس.‘
’اڙي پاڻ ته سدائين چوندو وتندو آهين ته مان دادوءَ جو آهيان، دادوءَ ۾ جادو آهي،تئين منهنجي آڱرين ۾ به جادو آهي، پوءِ اڄ ڪئين بازي هارائي وئينءَ؟‘
’بس نويد ڳالهه نه پڇ …!‘
’پٽڙا! هاڻي تنهنجي حد ختم … منهنجي حد شروع. هاڻي مان پاڻ ئي شڪار سان ٻه پاڻيون ڪندس. تون رڳو پار پتا ٻڌاءِ …‘
’ائين ڪئين ٻڌائيندو مانءِ؟ شڪار مون اڍائي هزارن ۾ خريد ڪيو آهي، جي تون ٽي هزار ڏيندين ته پوءِ ٻڌائيندو مانءِ.‘
’ڇا …. ٽي هزار ….؟!‘
’ها بابڙا! 50 هزارن جو شڪار آهي.‘
’پر توکي يقين آهي ته شڪار 50 هزارن جو آهي.‘
’ها ها … پورو پورو يقين آهي.‘
’ٺيڪ آهي يار ….‘ ائين چئي چئوگرد نظر ڦيرائي ٽي هزار کيس ڪڍي ڏنا.
’هاڻي ته جلدي پار پتا ٻڌاءَ.‘
’هان، هي وٺ لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ …. ۽ شڪار به لاڙڪاڻي جو آهي. اڙي بابڙا! قميص، اندرين صدري ۽ ڪوٽ جا مڪمل کيسا …. پٽڪو ۽ شلوار جا ور مڪمل تلاشيا اٿم. پر سواءِ خالي پنن ۽ شناختي ڪارڊ جي ٻيو ڪجهه به نه مليو.‘
’اڙي تون وات ڳاڙهو ڇورو آهين، هاڻي ڏس منهنجا ڪرشما ….‘ ائين چئي نويد بس تي چڙهي اچي ساڳي ئي سيٽ تي ويٺو. ڪراڙو ائين ستو پيو هو، ڄڻ سالن جو اوجاڳيل هجي. ڪجهه نوان مسافر چڙهيا. ڊرائيور بس چالو ڪري آهستي آهستي خيرپور کي الوداع چيو.
ميهڙ جي اسٽاپ تي بس بيٺي اچي ته نويد بس کان لهي وڃي بس جي پويان نڪ صاف ڪيو ته پويان اچي ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکيس. نويد ڇرڪي پوئتان ڏٺو.
’ڪئين ساهه ڇڏائجي ويئي نه …ٻين جي جوءِ ۾ شڪار ڪندين ته ائين ئي ٿيندئي.‘
’اڙي يوسف! تون … منهنجو ته ساهه ڪڍي ڇڏيئي … مون سمجهيو ته ڪو سپاهي ٻپاهي آهي.‘
’اڙي نويد! اسان اوهان جي ترَ ۾ شڪار ڪرڻ ايندا آهيون جو تون اسان جو ترَ ۾ آيو آهين؟!‘
’اڙي! بس ته ڪر … جيرا ئي سڙي ويا آهن. 50 هزار جو شڪار بس ۾ آهي.ان کي مون ٽن هزارن ۾ خريد ڪيو آهي پر افسوس جو شڪار ڪري نه سگهيس.‘
’50 هزار جو …!؟‘ يوسف حيرت مان نويد کي ڏسڻ لڳو.
’ها يار!‘
’ٺيڪ آهي، هاڻي تنهنجي جوءِ ختم، منهنجي شروع. جلدي پار پتا ٻڌاءِ ته مان ٿو وڃي پنهنجي قسمت آزمايان.‘
’ائين وري ڪئين ٿيندو؟‘
’ڇو …. ڇو؟‘
’اڙي بابا! شڪار مون ٽن هزارن ۾ خريد ڪيو آهي، جي تون چار هزار ڏيندين ته پوءِ ٻڌائيندومانءِ.‘
’چار هزار …؟‘ يوسف حيرت ۾ پئجي ويو.
’ڇو …؟ 50 هزار جو شڪار آهي، توکي چئن هزارن ۾ ڪسُ آهي ڇا؟ توکي منظور ناهي ته مان پاڻ ٿو وڃان.شڪار هٿان نه وڃائبو.‘
نويد ٻه قدم پوئتي هٽيو ته يوسف هڪل ڪيس،’اڙي بيهه ته … ايڏو تڪڙو آهين ڇا؟ ٻڌاءِ ته شڪار پڪ 50 هزارن جو آهي؟‘
’ها .. ها، سورنهن آنا يقين آهي.‘
’پوءِ ٺيڪ آهي،ڏيانءِ ٿو چار هزار، مون به صبح سان هڪ سيٺ کي ٻرو ڏنو آهي.‘ يوسف چوڦير نظرون ڊوڙائي پيسا نويد کي ڏنا.
’ٻيلي! هاڻي ته ڪجهه ٻڌاءِ.‘
’ها، هي وٺ ٽڪيٽ لاڙڪاڻي جي اٿئي ۽ شڪار به لاڙڪاڻي جو اٿئي. مون مڪمل تلاشي ورتي اٿمانس پر ڪجهه به نه مليو آهي. هاڻي کٽي،تنهنجو ڀاڳُ، باقي شڪار ڄڻ ڪلهه کان ستل آهي.‘
’اڙي! تون ڇڏ منهنجي ڀاڳن کي.تو اسان جي ڪارڪردگي نه ڏٺي آهي، هاڻي ڏسجانءِ.‘
يوسف موڪلائي بس تي چڙهي اچي ساڳي سيٽ تي ويٺو، جنهن جي ڀرسان واري سيٽ تي ڪراڙو ساڳي سُوپي ۾ هيو. ڊرائيور مَٽيو ته بس اسٽارٽ ڪري هوريان هوريان ميهڙ شهر کان نڪري هلي. هر هڪ مسافر پنهنجي خوابن جي واديءَ جو سير ڪرڻ ۾ مگن هيو ته بس هلندي اچي وڳڻ جي چوڪ تي بيٺي. يوسف لهي پڪوڙا وٺڻ لڳو.
’اڙي واهه جو ميهڙ وارا سڌريا آهيو، جو پرائي ويڙهي ۾ شڪار ڪرڻ هليا ٿا اچو!‘ يوسف کي ڏسي پريان هڪ همراهه هُن ڏانهن وڌندي چيو.
‘يار فريد! بس ته ڪر …. اصل پوڙهي ماري ڇڏيو آهي.‘
’ڇو ڇو؟ ڪنهن سپاهي هٿان سيکت ملي اٿئي ڇا؟‘
’اڙي! سپاهي ڇا سيکت ڏيندو؟ اُهي ته هونئن به پنهنجا ماڻهو آهن!‘
’پوءِ پريشان ڇو آهين؟‘
’اڙي! هن بس ۾ 50 هزارن جو شڪار آهي پر مون کان ڪو نه پيو ٿيئي.‘
’50 هزار جو شڪار ….. اڙي! هيءُ پنهنجو علائقو آهي، هاڻي شڪار ڪرڻ جو حق منهنجو آهي، تون پار پتا ٻڌاءِ ته مان خالي ڪري ٿو اچانس …‘
’ائين ڪئين ٿيندو؟ شڪار مون چئن هزارن ۾ خريديو آهي، جي پنج ڏيندين ته پوءِ پارَ پتا ملندئي.‘
’ڇا … پنج هزار روپيه …!؟‘
’ها .. ها وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي!‘
’توکي يقين آهي ته مال ايترو ئي آهي؟‘
’هائو، پورو ڀروسو آهي.‘
’ٺيڪ آهي ڏيانءِ ٿو پنج هزار …. مون به صبح سان هڪ وياجيءَ جي کيسي کي تپُ ڏنو آهي.‘ فريد نظرون ڦيري پنج هزار يوسف حوالي ڪيا.
’شڪار جي آخري منزل … تنهنجو شهر لاڙڪاڻو … مون قميص کان ٿيلهي تائين سڀني جي تلاشي ورتي اٿمانس، پر مليو ڪجهه به نه …. صفا ستل اٿئه … وڌيڪ تنهنجو نصيب …‘
’اڙي! تون آزاد آهين، اسان جو ڪم ڏسندو وڃجانءِ … 50 هزار ڏيکاري دنگ ڪري ڇڏيندوسانءِ.‘
بس تقريبن خالي ٿي چڪي هئي، فريد بس ۾ چڙهي ساڳي سيٽ تي ڪراڙي جي ڀرسان اچي ويٺو. جيڪو اڳ جيان اگهور ننڊ ۾ ستل هيو. بس وڳڻ جي ننڍڙي شهر کي الوداع چئي لاڙڪاڻي ڏانهن وڌڻ لڳي. نيٺ بس لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چوڪ تي بيٺي ته ڪراڙي به ڊگهي اوٻاسي ڏيندي آرس ڀڃي فريد کان پڇا ڪئي.
’پٽ!لاڙڪاڻو اچي ويو ڇا….!؟‘
’ها .. ها چاچا! لاڙڪاڻو اچي ويو آهي.‘
ڪراڙو اٿي ٿيلهو ڪلهي ۾ لٽڪائي، سڄي هٿ سان پيرن ۾ پيل بانس جي لٺ کڻي سڄي بغل ۾ ڏيئي بس کان هيٺ لٿو. فريد به هن جي پويان لٿو.
’چاچا! … هڪڙو منٽ …؟‘ ڪراڙو، فريد جو سڏ ٻڌي بيهي رهيو. فريد سندس ڀرسان اچي چيو،
’چاچا! اوهان پنجن هزارن ۾ گروي ٿيل آهيو. بشني حيدرآباد کان اوهان جي پويان آهن، بشنين اوهان جي مڪمل تلاشي ورتي، پر پائي به نه ملين …. وڳڻ شهر ۾ مون اوهان کي پنجن هزارن ۾ خريد ڪيو. مون به اوهان جي جسم جي تلاشي ورتي پر ڪجهه به هٿ نه آيو. مون پيسن جي پچر ڇڏي، آخر ۾ مون تي هڪ احسان ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ته اوهان اهي پيسا ڪٿي لڪايا آهن؟ سامهون پوليس به بيٺي آهي ۽ مان پاڻ به قسم ٿو کڻان ته اوهان کان پيسا نه ڦريندس … بس رڳو خبر پوي ….‘
ڪراڙي کلي ڏنو. هُن بانس جي لٺ مٿان سائيڪل جي پينڊل جي ٻُجي هٽائي،لٺ اندران ويڙهيل سيڙهيل وڏا نوٽ ڏيکاريا. ۽ چيو،
’هاڻ شڪل گم ڪر نه ته ڪيانءِ نه پوليس حوالي …‘ ائين چئي ڪراڙو رڪشا ڏانهن وڌي ويو.
’واهه! اسان به استاد آهيون پر ڪراڙو ته اسان جو به استاد نڪتو …‘ فريد چپن ۾ ڀڻڪي ٻئي شڪار جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ويو.