دادان ثقلين لاشاري
سگريٽ جي دونهين جي آلاڻ ٿي محسوس ٿئي، شايد ڳوڙهن ان کي گھمائي ڇڏيو آهي، يا سگريٽ خود روئي ٿو ۽ دونهون سندس ڳوڙها آهن!! آواز آهن چوڌاري پر ڪوبه آواز سمجھ ۾ نٿو اچي ، شايد دٻا ٿا کڙڪن!! ها جڏهن انسانن جي اندر مان اهو ناهي نڪرندو جيڪي هو چوڻ چاهيندا آهن، پوءِ اهي آواز ناهن هوندا صرف دٻا هوندا آهن، ڇمڪڻا هوندا آهن ۽ انهن ڇمڪڻن تي اسان جون خواهشون ڊوڙنديون آهن!! ڊوري ڊوري آخرڪار ڪِري پونديون آهن!!! منزل تي پهچڻ کان اڳ۾ ئي مونکي آواز ڇو نٿا اچن سمجھ ۾!!؟؟
ڇا هڪ ڪمري ۾ رهي، رهي مان ٻڌڻ جي حس وڃائي ويٺو آهيان!!؟؟
”نه نه ائين ناهي“!
”ها…! مان مري چڪو آهيان، هن سان ئي ته منهنجي ذات هئي، اهوءَ ناهي ته مرده آهيان. زنده لاش پوءِ ڀلا مردن کي به ڪجھ ٻڌڻ سمجھڻ ۾ ايندو آهي ڇا؟؟
”نه مان زنده آهيان“ دنيا مري چڪي آهي، جو کيس خوابن جا سڏڪا ٻڌجن ئي نه ٿا……..!
”ٿيلن ۾ پيل ڪتاب روئن ٿا!! ڀلا ڇونه روئن، هن کانپوءِ کين وساري جو ڇڏيو آهي!!
”سگريٽ…….! سگريٽ ڏاڍا خوش آهن، هر وقت جو چپن تي هوندا آهن!!
”هو ڪتاب ڇو ٿو روئي؟؟ ڇا ٿو چوي؟؟ مون کي آواز ڇو نه ٿا سمجھ ۾ اچن!؟؟ مون آخري آواز ڪڏهن ٻڌو هيو!! سمجھيو هيو!! ذهن تي زور………… ها ياد اچي ويو!! آخري آواز هُن جو ئي ته هيو. هوءَ، هوءَ جيڪا هوءَ نه هئي ”مان“ هيم! سنڌوجل هئي.
”تون منهنجي دنيا کي بي رنگ ڪري ويندينءَ!؟؟ اڙي تون مونکي ائين ڇڏي ويندينءَ؟؟ تون ته چوندو آهين ته منهنجي اک ۾ ڳوڙهو توکي پنهنجي دل جي دنيا ۾ ايٽم بم لڳندو آهي، پوءِ پوءِ هي هيترا ڳوڙها…….؟ (سڏڪا………پويان ڪوئل جو آواز هوءَ به سڏڪن ۾ هن جيان)
”ها! تنهنجي اک ۾ ڳوڙهو منهنجي دل جي دنيا ۾ ائٽم بم هوندو آهي!! پر مون وٽ هاڻي دل جي رهي ئي ناهي!! (هاڻي تون چوندينءَ ته دل جي دنيا رهي ئص ناهي ته پوءِ مان توکي ڪٿ رهائيندس!؟ اڙي تون ”تون“ آهين ئي نه ”مان“ آهيان) مان اهو انسان ٿي ويو آهيان جنهن جي ڪلهن تي خواهشن ۽ اميدن جا بار رکي پوءِ پير وڍي چيو ويندو آهي اڳتي وڌ ۽ اهو ڪجھ حاصل ڪر جنهن سان دنيا خوش رهي سگھي!!!
”۽ منهنجون خواهشون؟؟؟ اهي ڪير کڻندو پنهنجي ڪلهن تي !!؟؟ ”تنهنجون خواهشون پوتر آهن تو جيان، مپونکي دنيا جي رسمن جي گندگي پليت بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ مان پليت تنهنجي پوتر خواهشن کي ڪيئن ٿو کڻي سگھان!!؟؟
”اوئي! ( تون جڏهن به غصي ۾ هوندي هئينءَ ته ائين ڳالهائيندي هئينءَ) تون پاڪ آن پوتر آن، منهنجي خواهشن کان به وڌ! مقدس جگھن کان به وڌ! مونسان ڊيگھ نه ڪر (سدڪو الائي آسمان جو هيو الائي هن جو، آسمان جو نه هوندو ته تماشائي آ صرف ڏسندو آهي ۽ خاموش…)
مان، مان وڏي ڏنگي آهيان ۽ مان زواري ڳالهه مڃرائيندي آهيان ۽ منهنجون خواهشون توکي پوريون ڪرڻيون آهن توکي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻيون آهن)
(ڪاش تون مونکان اهو ضد مڃائي سگھين ها!)
”ٻڌ“؟؟
”چئو“
”تون دعائون گھرندو آهين نه؟؟؟ تون ته سڀني کان وڌيڪ دعائون گھرندو آهين! مٿي ۾ سور پوڻ کان بخار تائين تون دوا ناهين وٺيندو دعا گھرندو آهين“؟؟
”ها……پوءِ؟؟“
”مون کي هن کان گھريو ٿي!!؟؟؟“
(آسمان نه رنو ڇو نه رنو…..؟؟)
”هو نه ٿو ٻڌي ڙي…….!!!
”ڇو نه ٿو ٻڌي!!؟؟ هو ته تنهنجي هر ڳالهه ٻڌندو آ نه!!؟؟“
”هو رسمن آڏو ناهي ايندو!!!“
”ٻڌ“
؟چئو“
”خبر ٿي ته مونکي مهنديءَ جو رنگ ڪيڏو وڻندو آ!! تون اها ضرور هڻجان ۽ پوءِ هٿن کي مونڏانهن ڪجان، مان سمجھندم…مان سمجھندم (سڏڪن جي ڇوري ڳالهين جي ماس کي ڪوري وئي) مان سمجھندم ته منهنجي ڪا ته دعا هن ٻڌي (جيڪي تو لاءِ گھريون انهن مان)
”اهو ائين ڇو ٿو ڪري ڙي!!؟؟ ڏاڍو آ تڏهن!!؟؟“
”ته اسان بي ويس آهيون، اسان نه مان بي وس آهيان، جو ٻين جي خواهشن جا باري ٻين جي ڪلهن تان نٿو لاهي سگھان!!………خاموشي“
”شعر ٻڌاءِ نه ڙي!؟
”ڇو ٻڌايائين نه ٻڌائيندي مانءِ!“
”مزدورن کي دڙڪا ناهن ڏيبا ڙي!!“
”مڙدن کي مڙدا ته دڙڪا ڏيندا آهن نه!!“ (هن اري ڪنهن جو سدڪو هيو خبر ڪانه هئي)
”ڪنهنجو جو ٻڌايانءِ؟“
”بابا ڀٽائيءَ جو….“
”روئجانءِ نه……(ڪجھ ڪِرڻ جو آواز آيو هيو، شايد هن جو ڳوڙهو ڪِريو هيو ڌرتيءَ تي يا شايد ڌرتي جو سڏڪو هيو، ڌرتي ئي ته آهي، جيڪا اسان لاءِ روئندي آهي لڇندي آهي….۽ هو آسمان…..!؟
”هاڻي ٻڌاءِ نه!!
ڪڏهن ڪڏهن هنئينڙا! نٿو وڻي مون،
توجي سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون،
ڪڏهن ڪڏهن تون اڻ ڏٺا آرا ڪرين!!
”وڻيئي“
”ها“
”ڏس چيو هئو مانءِ ته روئجانءِ نه، روئڻا! چڱو ڀلا ٻڌ“
”جي“
”مان بابا ڀٽائي کي به دانهن ڏني هئي مانءِ (ڍُنڍڪر)
”ڇا چيو بابا؟؟
”هو به روئي پيو، خبر ٿي نه بابا محبت ڪندڙ وارن لاءِ ڪيڏو روئندو آهي چيائين، ”جيڪي گاءَ پنهنجي ئي رت مان لڳن تن جو ته ڪو دارون ئي ڪونهي“ باب ڏاڍو اداس هيو صدين جي پيڙ ڄڻ ته سندس منهن مبارڪ تي هڻي چوڻ لڳو
”منهنجي پڇڻ سان ئين ڇو ٿو ٿئي؟ کين ڄمڻ سان ئي ڪفن ٿو پاريو وڃي؟ ۽ پوءِ انهن کي چيو ٿو وڃي ته ادس ڇو رهندا آهيو؟؟ ڀلا جنهن شخص کي ڄمڻ سان ئي ڪفن وڍايو وڃي (هي اهو ڪفن ناهي جيڪي جوڌا پائيندا آهن، ۽ هر وقت ديش لاءِ سر سٽڻ لاءِ تيار هوندا آهن، هي ته رسمن جو ڪفن آهي جيڪو منهنجي ٻچن کي ڄمڻ سان ئي اوڍايو ٿو وڃي) اهي ڪيئن نه اداس ٿيندا؟؟ منهنجي سنڌ جي ٻچڙن سان وڏو ويل انهن جا والدين ئي ڪن ٿا، مون چيو هو نه.
”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُنهان“
پر منهنجي ٻچي آڪاش انصاري ان جو بلڪل به صحيح جواب ڏنو هو.
”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، تون سيڪيندي سُهنين،
پوء تن کي ڪندين ڪئين، جي پنهنجي هنيان پٺ ۾“
اهي ڌڪ جيڪي پنهنجن هنيان پٺ ۾ انه کي ته ڏسي به ناهي سگھبو، پوءِ انهن جو دارون ڪئين ٿئي؟؟
”بابا توهان هاڻي تنبورو به ناهيو وڄائيندا ڇو بابا؟؟
ڌيءَ! توهان ٻچن جا سور ڏسندو آهيان ته هٿ دعا ۾ هوندا آهن، پوءِ اتان ڪڏهن واندو ئي نه ٿو ٿيان ته تنبورو ڪئين وڄايان؟؟“
”بابا پوءِ اسان ڇو نه ٿا ملي سگھون! ڇا ڇا هو تنهجي به نه ٿو ٻڌي!؟؟
”ڌيءَ تون طعنو ٿي هڻين؟“
”نه بابا (آواز ڳورو) مان دانهن ٿي ڏيان (ڳوڙها)
”…………….ڌيءَ هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو…….!!“
(ڍنڍڪرون، الائي ڪنهنجون هيون، هن جون؟ منهنجون يا بابا جون؟؟
”بابا به چيو ته هو ته رسمن جو آڏو ناهي ايندو!!
پوءِ ڙي پنهنجو ڇا ٿيندو؟؟؟ ڇا منهنجي هٿن تي مهندي نه لڳندي، خبر ٿئي نه ته مونکي مهنديءَ جو رنگ وڻندو آهي!!؟؟
”مان………..مان ڇا ڪيان ڙي، چئو نه هن کي ته هو ته تنهنجي ٻڌندو آهي نه!!!؟؟؟“
……….خاموشي
”ڀلا ٻڌاءِ“
”جيءُ“
”سچل کي دانهن ڏئي“
”ها“
”ڇا چئين؟؟“
”توهان جو بابا جي دڳ جو ڍڪ لاٿو ان مان ڇا ورهايو؟؟
ڇا اسان لاءِ ڪجھ خوشيون بچايو؟؟ اسان ڪاڏي وڃون؟؟ اسان لاءِ هن کي چئو نه!! توهان ته هن کي نچي سڃائيندا آهيو، مڃايونس نه……!!!
”منهنجي گھڻين منٿن ۽ سڏڪن کانپوءِ ڳالهايائين“ مان ”هاڻي نچندو ناهيان، نه ئي راڳ ڳائيندو آهيان“.
”ڇو سائين“
”هن رسمن منهنجي گھنگھرن کان ڇمڪارکسي ڇڏي آهي، مان نچندو هيم ته انهن مان نوحا ايندا هيا، معصوم دلين جي ٽٽڻ جا، ان رسي جا سڏڪا ايندا هئا جنهن سان هڪ معصوم پاڻ کي ٽنگيو هيو، ان روڊ جا پڙاڏ، رت جي بوءِ سان ڀريل، جنهن تي هڪ معصوم پاڻ کي گاڏيءَ آڏو اڇلايو هيو“!!
”سائين توهان هن کي اسان لاءِ نه چوندؤ؟؟؟
”هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو!!!!
(هن واري سڏڪو نه هيو، شايد ان ڪري جو سچل هاڻِ خاموش رهندو آهي تڏهن)
”……..اڙي! پوءِ منهنجا هٿ خالي هوندا، (سڏڪا) بي رنگ هوندا، انهن تي مهندي نه لڳندي؟؟؟
……………..خاموشي……….نه سڏڪا هيا!!
”ٻڌ“
”چئو“
”ڇوڪرا بولڊ ٿيندا آهن، اهي ناهن روئندا! ماڻهو ماڻهو ڇا چوندا ڙي (سڏڪو)
”تون…….تون، ڇو ٿي روئين؟؟
”مان ته ڇوڪري آهيان“
”پوءِ تون ۽ مان ته ”هڪ“ آهيون نه!! روئندم روئندم ڇا ڪندينءَ.
”پوءِ تون هن کا پاڻ چيو؟؟
”ڇڏ ان ڳالهه کي“
”نه نه ٻڌاءِ! (سڏڪو)
”اڙي دادا گيري آ ڇا…! نه ٻڌايئنديمانءِ چيم نه ڇڏ هن ڳالهه کي!!
”نه ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ!
”ڏاڍو ڪنو آ ڙي!!
”ڀلو به نه ڪيئي نه!!! هاڻي ٻڌاءِ!
”هو………..هو خاموش هيو…….ڪجھ به نه ڳالهايائين!!! ڇو ته، ڇوت….هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو!!!“
هوا ۾ ماتم پئجي ويو، سج مان رت وهڻ لڳو، زمين سنڍ ٿي وئي آسمان…….آسامن خاموش!! بس هڪڙو ئي آواز! ”هو رسمن آڏو ناهي ايندو“
سعيد احمد چانڊيو
ڊگھو ۽ گھرو ساهه کڻڻ سوچي ٿو
”ڪيڏي ته بي پرواهه ٿي پئي آهي ٻه مهينا ۽ اڙهن ڏينهن ٿي ويا آهن جو رابطو ئي نه ٿي ڪري. نه ڪال، نه مس ڪال، نه ئي ڪو ايس ايم اس (sms) موڪلي ٿي، خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙي حال ۾ آهي؟ نه ئي ڪو منهنجو حال پڇي ٿي!“
”جانو ائين نه سمجھانءِ ته اسان هن شهر کان وڃي رهيا آهيون ته پنهنجو پيار به ختم ٿي ويندو، انشاءالله فون تي رابطو رهندو“.
هن جا چيل آخري جملا ياد ڪري چڙ مان ڀڻڪي ٿو.
”هون رابطو رهندو!!! سڀ بڪواس ”فريب“ چڙ مان وڌيڪ ڀڻڪي ٿو“ جڏهن ٿو ڪال ڪيانس ته…سندس پيءُ جو کهڙو آواز ٿو ڪن تي پوي.
”هلو ڪهڙا حال اٿئي ميان اڄ ڪيئن ياد ڪيئي“
”هر وقت اهو ئي جملو…چوانس ته ياد توکي نه پر تنهنجي ڌيءُ کي ڪيو آهي، جيڪا مونکي بي سبب وساري چڪي آهي!“
ساڄي هٿ سان وارن کي سنواري سوچي ٿو.
”ضرور ڪنهن ٻئي جي ڪڍ لڳي هوندي، لڳي به ڇو نه؟ ٽن سالن جي وڏي عرصي ۾ ڀري به نه سگھيو مانس، سچي پيار جي فلسفي ۾ ڦاسي ڪجھ نه ڪيم اهو ڪتابن جو ئي چڪر هيو
”محبوب کي بري نگاهه سان نه ڏسجي“
”محبت جسم سان، نه پر روح سان ٿيندي آهي!“
الائي ڇا ٿا لکن ڪتابن ۾ سچي محبت جو منجھائيندڙ فلسفو نه پڙهان هان ته….؟؟؟
”۽ جي هي جملو اڳ ۾ پڙهان هان ته….؟؟؟
(Love is uncompleted with out sex) ڏاڍو دير سان پڙهيو هيو اِهو جملو چپن ۾ ڀڻڪي اکيو پوئتي تصور ۾ محبوبا جو وجود آڻي ٿو
قدآور ڀريل بت، نرگسي اکيون، رسيلا چپ، موتين جھيڙا ڏند، واسينگن جھڙا ڪارا وار ۽ انهن جو چيلهه تي لڙڪڻ، پڪل صوف جھڙا ڳل، سنهڙي چيلهه ۽ پشم جھڙا پير“
کيس هن طرفان ڪيل مختلف کينچلون ياد پون ٿيون، هٿ پڪڙي دل جي ڌڙڪن محسوس ڪرائڻ، هٿ کي جھولي ۾ رکي هوريان هوريان سهلائڻ ۽ دٻائڻ، اهو سڀ ڪجھ ڇا هو؟ ويٺي ويٺي اچانڪ ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ ۽ ڊگھا ڊگھا ساهه کڻڻ؟؟؟
”اف! هڪ ڀيرو به نه ڇا ڪيم؟ ڇا سوچيندي هوندي ته نڀاڳي ۾ ڪو حال نه هو شايد…..!!!؟“
محبوبا جي تصوير کڻي هڪ چمي جا نشان، سندس چپن تي ڇڏي تصوير واپس رکي ٿو ۽ خط کڻي پڙهڻ لڳي ٿو.
”جانو جيئڻ مرڻ توسان گڏ“ اهو جملو چوندي ئي چڙمان خط ڀرسان رکي ٿو. ”گڏ جيئڻ مرڻ ته ٺهيو خالي فون به نه ٿي ڪري!“ موبائل کڻي هن جي پيءُ جو نمبر ملائي ٿو پر ڪال وڃڻ کان اڳ۾ ئي ڪٽي ڇڏي ٿو.
”اهو ئي کهورو آواز ايندو ۽ ساڳيو ئي سوال ”ميان ڪهڙا حال اٿئي؟ اڄ ڪيئن ياد ڪيو اٿئي؟“
ڪتاب کڻي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪجھ ٺيڪ پڙهي نه ٿو سگھي، ڪتاب واپس رکي، رموٽ کڻي اهو به کيس واپس رکي ٿو ڇڏي.
”کڏ ۾ هڻيس ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ساڳيو محبت جو موضوع ۽ بڪواس هوندو!!“
اچانڪ موبائل ۾ مسيج جي گھنٽي وڄيس ٿي، موبائل کڻي ڏسي ٿو ته اسڪرين تي لکيل هو(1 message received) ايس ايم ايس کولي پڙهي ٿو ۽ پڙهندي واڇون ٽڙي پونس ٿيون ۽ دل ۾ ڌڙڪن تيز ٿي وڃينس ٿو.
”پيارا مان ڄاڻان ٿي ته تون ناراض ٿيو هوندين ڪال ڪري ته توسان ڪجھ ضروري ڳالهايائڻو آهي، مون وٽ بيلنس بلڪل به ڪونهي نه ته مان ئي ڪال ڪريان ها“
هُن جا وار وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، بت ۾ خوشي ۽ خدشن کان ڏڪڻي پئجي وڃينس ٿي سوچي ٿو. خبر ناهي ته الائي ڇا هوندي؟“
تڪڙ ۾ نمبر “ok”ڪري ٿو ته تاڪ لڳي ٿا وڃنس جو اهو ٻڌي ٿو،
”اس کال کے لیئے آپ کا بیلنس ناکافی ہے، پلیز ریچارج“
خار مان سوچي ٿو! ”سورنه روپيا ته هئا ڪاڏي ويا؟؟؟
ياد پويس ٿو، ”امان ادي سان ڳالهايو هو“.
واچ ۾ ٽائيم ڏسي ٿو ۽ ڀڻڪي ٿو
”ٽائيم به وڏو ٿي ويو آهي، هن وقت ته ڪو دڪان به کليل نه هوندو، نه ڪو واقف ڪار دوست جاڳيل هوندو!!؟؟ ذهن تي هڪ دوست جو نالو تري اچيس ٿو، جيڪو هڪ ٻي بجي تائين جاڳي پنهنجي محبوب سان “Night package” ڳالهائيندو آهي، هر وقت سندس موبائل ۾ ڪافي بيلنس به هوندو آهي، تڪڙ ۾ بيلنس چيڪ ڪري ٿو ۽ خوشي مان ڀڻڪي ٿو.
”ٻن ايس ايم ايس جيترو آهي، يار هڪڙي ضروري ڪال ڪرڻي آهي، مهرباني ڪري 20 روپيه شئير ڪر پليز جلدي اوڪي“
ايس ايم اس دوست ڏانهن Send ڪري بي چيني مان سوچي ٿو.
”اڄ هن محل تائين جاڳيل هوندو به الائي نه؟ خدا ڪري جاڳيل هجي مسين مسين ته نڀاڳي ياد ڪيو آهي.“
موبائل جي مسيج رنگ لڳي ٿي تڪڙ ۾ موبائل کڻي مسيج پڙهڻ لڳي ٿو، ۽ سندس دل ٻڌڻ لڳي ٿي.
”پيارا افسوس آ اتفاق سان اڄ مون وٽ بيلنس موجوس ناهي صرف هڪڙي ايس ايم اس جو هيو، هجي ها ته ضرور شيئر ڪريان ها.
ايس ايم اس پڙهي جان ۾ باهه لڳي وڃينس ٿي موبائل رکي ٻئي هٿ وارن ۾ وجھي چڙمان ڀڻڪي ٿو.
”امان کي به ادي سان ڳالهائڻو هو“
خار مان موبائل کڻي ان دوست جو ڪانٽيڪٽ نمبر ايدٽ ڪري حرامي لکي سيو ڪري ٿو ۽ پوءِ کيس گارين ڀريل ميسج لکي ٿو.
”اڙي، حرامي، ڀڙوا، لوسي تنهنجي ته محبوبا جي…….“
Sms دوست ڏانهن موڪليو، ميسج ڊليور ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ سيڪنڊن ۾ رنگ وڄڻ لڳي اچرج ۽ غصي جي ڪيفيت سمان اسڪرين کي ڏسندو رهي ٿو، جتي لکيل هو.
ڪالنگ…………
حرامي…..
رنگ وڄندي رهي…….
تخليق ئي تخليقار کي زنده رکندي آهي
ذولفقار گاڏهي
منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب ”موکي مٽ اپٽيا“ اسان ڏهن شاعرن جو گڏيل مجموعو آهي. جاني اسحاق ملاح انهن ڏهن شاعرن ۾ شامل آهي. هن مجوموعي ۾ جاني جا ڪل، چويهه غزل آهن، ۽ غزل تي اسحاق سميجي راءِ ڪجھ هن طرح سامهون آئي آهي، ”غزل جي بدقسمتي اها آهي، ته ان جي موضوعن، قصن، ڪردارن، ترڪيبن، شبيهن ۽ استعمارن کي ناگ جي ليڪي وانگر هر شاعر ايترو ته ڪٽيو آهي. جو ڪڏهن ڪڏهن ته ان مان تازگي ۽ جرت جي توقع فضول لڳندي آهي.“
ڪنهن حد تائين اسحاق سميجي جي اها راءِ صحيح به آهي ۽ ڪنهن حد تائين ان کي رد به ڪري سگھجي ٿو
اسحاق سميجو شايد اها راءِ، اخبارن، رسلان ۾ شايد ٽوڪ جي حساب سان ڇپجندڙ شاعريءَ کي ڏسي ڏني هجي، ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ اهي شاعر گھڻي ڀاڱي سکڙاٽ هوندا آهن، سکڻ واري مرحلي مان گذري رهيا هوندا آهن ۽ اڳتي هلي انهن مان جن کي نڪرڻو هوندو آهي اهي نڪري ايندا آهن ۽ جن کر نڪرڻو ناهي هوندو، اهي رهجي ويندا آهن. اسحاق پاڻ پنهنجي غزل لاءِ به اها راءِ رکندو آهي؟
تنهنڪري ڪنهن حد تائين اها راءِ رد ڪري سگھجي ٿي، ته نه سٺيون شيون لکجن پيون ڇپجن پيون اهي پنهنجي جاءِ وٺن پيون، ۽ مان به پائي رهيون آهن. هن ڪتاب جي شاعرن کي ئي ڏسو، گلزار، مئڪش، شبير، مارو، ابل، جاني، معصوم، مولابخش آزاد ۽ مشتاق سڀ اوهان کي هڪٻئي کان مختلف ۽ جدا نظر ايندا، توهان ٻاهر ڇو ٿا وڃو، پنهنجي جوءِ ۾ ڏسو عبدالحميد آس، لياقت علي لياقت ڇا انهن به نانگ واري ليڪي کي ڪٽيو آهي؟ جواب آ ته نه! ان ڪري سٺي شاعري به ٿئي پئي ۽ سٺي شيءِ هميشه ۾ ٿورائي ۾ هوندي آهي، ۽ اسان کي ان ئي ٿورائي ڏي ڏسڻو آهي. ۽ انهن ٿورڙن شاعرن مان اڄ اسان جنهن شاعر کي پرک کي ڪسوٽيءَ جي پرک کي پرکينداسين، اهو آهي جاني اسحاق ملاح.
۽ مونکي هن ڪتاب ۾ آيل شاعرن جي شاعريءَ تي راءِ ڏيڻ جو اختيار آهي به الاءِ نه! ڇو جو مان ان ڪتاب جو مرڪب آهيان، ۽ مون وٽ ٻيو ذريعو به ڪونهي، تنهنڪري انهي ڪتاب جو سهارو وٺان ٿو.
هن ڪتاب جي 164 تي هڪ غزل آهي جنهن جا مان سواءِ مطلع جي هڙئي شعر ٽڪ ڪيا آهن پر هاڻ مان هڙئي شعر ته ڪونه ٿو کڻان تڏهن به ٽي شعر اوهانکي ضرور پڙهائيندس.
هو ته ساجن ئي ٻئي جو آ ونجي ويو،
جنه لئه آئي هؤَ سکائون کڻي
بي ڪَنيون ڪائنائتون جڏهن ٿيون تڏهن
هُو مٽيءَ ۾ هليو ويو صرائون کڻي.
تو ته تارن جي گھر ڪئي آ اسحاق کان
تو لئه آيو اجھو ڪهڪشائون کڻي.
هي ته غزل سان ڀرپور هڪ ئي غزل جا ٽي شعر آهن، پهرين شعر جو احساس سڀني کان مختلف سڀني کان نرالو آهي، ان ڏک کي صرف محسوس ڪري سگھجي ٿو. انهن ٻن سٽن ۾ پوري ڪهاڻيءَ جو مواد شامل آهي. اوهان مان به ڪو انهن ٻن سٽن کي سامهون رکي هڪ مڪمل ۽ ڀرپور ڪهاڻي لکي سگھي ٿو. پر پوءِ به هي ٻه سٽون اُن ڪهاڻي تي بهاري هونديون.
عورت جي درد کي ايڏي شدت سان محسوس ڪرڻ، سو به اهڙي نموني پهريون ڀيرو جاني اسحاق وٽ ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي.
ٻئي نمبر شعر ۾ جاني هڪ ترڪيب استعمال ڪئي آهي. ”بي ڪنيون ڪائناتون“ ٻي ڪنا گھڙا، ٿالهيون، چاڏيون ديڳڙا ته هڪ عام ڳالهه ٿي هاپر بي ڪنيون ڪائناتون، هڪ ٽيئن اڻ شهي ترڪيب آهي. اسان هن کي استعاري به ڏسون
ٿا ۽ اهو استعارو نامرادين، بي مروتن،بي ابصافين ۽ بي وفائن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ ان کان پوءِ جيڪا ڳالهه آهي، اها چٽي آهي ۽ ان ۾ جيڪو درد آهي، اهو ڪنهنجي به هانءَ ۾ هٿ وجھي سگھي ٿو. جڏهن ته آخري شعر ۾ هڪ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ جي حامي ڀري وئي آهي، ۽ اها هام هڪ عام ماڻهو نه هڪ عاشق محبوب سان هنئين آهي. ۽ عاشق اڻ ٿيڻي کي ٿيڻيءَ جو مٺاهس رکندا آهن.
منهنجو رستو دريءَ مان نهاري ٿي
عشق مونکي رڳئي ته ٿيو ناهي
ساڳئي خيال جھڙو هڪ ٻيو خيال
هن گھٽيءَ جي موڙ کان مرڪي ڏٺو
مان هوائن ۾ سڪو پيو ٿو اڏان.
جيڪڏهن شاعري ڪنهن به انسان جو قلبي وارداتن جو مظهر آهي، ته مٿيان شعر ان جو خوبصورت نمونو آهي.
۽ ها واقعي شعر انسان جي قلبي وارداتن مان ئي جنم وٺندا آهن. ۽ شعر، هن جو به سڌو واسطو فرد جي سچن احساسن ۽ جذبنسان آهي، يعني قلبي واردات ئي ان جو سبب آهي.
منهنجو ٺاهيل ٿو منهنجون ئي ڪچايون ڪري
مان جوڙيو اهو آئينو آهي.
هن شعر ۾ وزن جي هلڪي سَهَو آهي، پر هن هوندي به شعر خوبصورت آهي. ۽ اها خوبصورتي ئي هن اڀياس جي ڪم آئي آهي.
شڪايت جو هي لهجو جيڏو ترش آهي اوڏو پاور فل به آهي. ۽ اها ترشي طاقت ۾ ان ڪري بدلي آهي، جو ان ۾ اها تڪليف جيڪا شاعر کي پهتي آهي، ان جو کهرو آهي برملا اظهار آهي.
توکي چاهي اڪ جو کير کي لاٿم ڄڻ نڙيءَ تان،
چند گھڙين لئه آ.ين مون وٽ دغا تي پير رکي.
اڪ يا ٿوهر جو کير نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ استعارو آهي. زهر جي ڍڪ ڀرڻ جو ۽ زهر جو ڍڪ ڀرڻ خود محاورو آهي. محاورو يا ستعارو ٻئي اڌورا ورتل هوندا آهن، مقصد ڪجھ ٻنهي جو ٻيو هوندو آهي۽ اڳتي هلي اهي ئي پهاڪن ۽ چوڻين جي جاءِ ولاريندا آهن.
هاڻي اوهان مان جيڪڏهن ڪو اڪ جو کير نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ جي سگھ رکي ٿو، اهو ئي ان تڪليف کي صحيح نموني سان محسوس ڪري سگھندو. جيڪا شعر ۾ اظهاري وئي آهي.