عبدالحفيظ قريشي
ڀٽ جا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
ڪڏانهڪر پئي سوچيم،
تو کي خطڙو لکان،
ڳوڙهن سان ڳوهي،
رت جي قلم سان،
سُورن جو سنهيو،
هڪ ڏکڙو لکان،
سنڌين جي دردن جا درمان ڀٽائي!
چنڊ جي جهروڪي مان جهاتي پائي،
سورن ۾ ساڙيءَ سنڌ کي ڏٺو تو،
عالم جي سڪار ۽ سُک جا تمنائي،
ڀٽ جا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
هيڪر مارل جي ٿرکي ڏسجانءَ،
بکايل ٿرياڻي جي ڇاتيءَ جي ٿڃ جا،
پوپٽ پُٽن جو پينگهو ٽٽي ويو،
اڃياري ناريءَ جي نيڻن جي جر جيان،
جن جي سرن ۽ ساٺيڪن جو،
ڪڏهوڻڪو پاڻي سڪي ويو،
ڦڙيءَ ڦڙيءَ لاءِ ترسن مارو،
نيڻن مان جل برسن_مارو،
روز مرن ۽ سڏڪن مارو،
ڀٽائي ڏٺو تو ڀالوا جي ڀٽَ تي،
مارئي جا ڇيلا اڃُ ۾ مري ويا،
۽ بک جي رڃُ ۾، مارن تي ويلن جا ويلا ٽري ويا.
هي ڪنهن جا آهن، سڏڪا؟ ٻڌين پيو ڀٽائي!
ڪنهن مهل کير ڌارن سُهائين مان ليا پائي،
وطن ڏانهن وجهائي، مارل رني ٿي،
ڳوڙهن سان آيل جي چُني ڀني ٿي،
ڀٽائي ٻڌاءِ تون!
ملير جي مارل جا، ڳوڙها تون اگهيا،
سنڌين جي جيجل کي آٿت ڏني ڪا،
ياد ٿئي ڀٽائي!
پٽيهل جي سڪڻ تي تو ڪيڏو رنو هو،
۽ ڍوري جي ويران ڪنڌي تيءَ، تون ڪي بيت چيا ها،
ڀٽ جا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
انهن سرهي سيمن کي ڏٺو تو،
جتي پنهوارين جا ٿي ليلا ڪڏڪيا،
انهن سيمن تي اڄ بکن جا سڏڪا،
ٻڌين پيو ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
هي وک وک تي ڏسين پيو ڀٽائي،
مچن تي بيٺل وڏي واڙي ۾،
اڇي ڳاڙهي گاين ڪنڌ لاڙي، ڪئين ساهه ڏنو آ،
۽ ڀاڳياڻيءَ جو چولو وري ڀنو آ،
اڄ ساٺيڪن تي نه __ ڪوس گوسي،کيليا،
ٿم مان نڪتل، زنجير ڇانيل مرُئن جان،
ڪاري ڏڪر سارا کيت آهن ڀيليا،
ڀٽ جا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
وهائو تاري مان نهاري، ٿوروچيتاري،
هيڪر پنهنجي ٿر کي ته ڏسجانءِ!
اونهي ڏهر ۾، وڏي پپر تي،
ڪئين ڪوڪي پيو مور اڃايل،
پنهنجي وڃايل ڊيل جي ورهه ۾،
پوءِ پرهه ۾ ڏٺو تو ڀٽائي!
چوڙيليءَ جي، ناڙي ول جيان،
سڪل ٻانهن مان، ڪئين چوڙا ڪريا،
پوءِ به نه وريا بادل، ڀٽائي!
جن ٿي ڀريا، ڪُن سرسر جا،
۽ هر گهر جا، حال ٿيا هيڻا،
ڀٽ جا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
چنڊ جي سهائي مان جهاتي تون پاءِ،
ملير جي ماروئن کي ڏٺو تو،
۽ هيڻن جو ڪو حال ٻڌوڪو،
پروڪي سال به سارنگ نه سٽاڻا ڪيا هئا،
هن سال به سانوڻ نه ڪي ڀال ڀلايا،
راهه مٽي ويا سارا بادل،
سُرمئي اڇا، ڪارا بادل،
منهن مٽي ويا، ائين سڀ رهبر
رنگ مٽين جيئڻ ڄڻ سانڊا،
هي خالي ڀانڊا، گُنديون خالي،
ڪوئي نه حالي، تون سواءِ ڀٽائي!
تنهنجا هي مارو، نارو چِتاري آهن نڪتا،
جن ونهين ويڙهيچن ۾، سدائين سُڪر جا ڳيچ هئا ڳاتا،
هي ڍوڍي جي ڳولا ۾ٿيا آهن پانڌي،
ڪارونجهر جا سالار سپاهي! منهنجا ڀٽائي!
اڄ مارئي جي ٿر کي، ڪِاريهر جي ڪَر جان،
ڏڪر ڪکي ويو،
سنڌين جا سرواڻ سپاهي! منهنجا ڀٽائي!
جنت جي جهروڪي مان جهاتيون پاءِ،
ڪنين ٻڌو ۽ نيڻين ڏٺو تو،
تنهنجي مارل جا هيءَ مارو ماڻهو،
تنهنجي ساڳئي يڪتاري تي،
سُر ڏُڪُر ڪئين پيا ڳائين،
تو به اچي تن سان ڳاءُ،
اُوچي سر ۾ ڳائي ٻڌاءِ،
اُڀ سڄي ۾ آهه وڃي ڪا،
عرش واري کي سَمڪَ پوي ڪا،
جيئن عمر ڪوٽ ۾، لرزو ٿئي ڪو،
جئين ڪي برسن بادل ڀٽائي!
جن لاءِ ترسن، هي مارو ماڻهو،
ٻيو ڇا ٻڌايان ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
تنهنجي مارن جيان، اڄ سنڌ به باندي بڻي آ،
روز قيد ۽ بند جون ڳالهيون پيون ٻڌجن،
۽ ڪالاباغ ٺهڻ جون خبرون پيون سُڻجن،
سڄيءَ سنڌ کي هيلوڪي ٿر جان،
روز ڪاري ڏڪر جون خبرون،
ڊيڄارا ڏين ٿيون،
انهيءَ مهل ڀٽائي دل ڪنبي ٿي،
۽ من ڏاڍو ٿو تڙپي،
انهيءَ مهل تون ڏاڍو ياد اچين ٿو،
۽ ساريءَ سنڌ جون ديدون،
تنهنجي راهه تڪين ٿيون،
ملير جا مالڪ! منهنجا ڀٽائي!
اسين ٿر واسي ۽ اسين سنڌ واسي،
وڃون ته ڪيڏانهن وڃون ڀلا،
اسان هيڻا ماڻهو،
ڪريون ته ڀلا ڪريون ڇا!
هرپل اسان جو رت سڙي ٿو.
ڳاڙهو ڳوڙهو سرخ گلابن جيهو،
هر ڏينهن اسان جو خون وهي ٿو.
منهنجا ڀٽائي! سنڌ جا او سائين!
ڪڇون ٿا ته دين کي خطرو ٿئي ٿو،
ڦٿڪي رڙون ٿا ته ملڪ سڄي کي،
خطرو لاحق ٿي وڃي ٿو.
سارا ڏک کولي، توکي ٻڌائيان ڀٽائي!
اسان لاءِ مدد جا سڀ دربند آهن،
پنهنجي پراون جا سڀ گهر بند آهن،
اسان لاءِ رڳو بَنَد ۽ بَنَد آهن،
هتي پناهه گير، پرڏيهي پرمار آهن،
اڇا ڪارا هاٿي بي شمار آهن،
هتي افغانين ۽ بهارين جون بهارون ئي آهن،
۽ مظلوم سنڌين جون، رڳو پڪارون ئي آهن،
منهنجا ڀٽائي سنڌ جا او سائين!
خط جي پڄاڻي ڪندي آءُ اهيو به ٻڌايان،
ته اسيمبلي جي سيشن ۾ ڏڪاريل ٿرين تي ڪنهن ڪين ڪڇيو،
۽ سنڌ جي ڏکن تي ڪو، ڪونه لڇيو،
۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ روز راتاهن تي،
سڀ ماٺڪا ئي رهيا،
ويندي رائونڊ جي اجتماع ۾
ڏڪاريل ٿري دعائن ۾ به نه ياد آيا،
اهيو ڏسي مون خطڙو لکيو آ
سورن جو سنهيو هيءَ ڏکڙو لکيو آ.
منهنجا ڀٽائي……!