فلسفو
نويد سنديلو
يوناني خوبصورت چوڻي آهي ته “ زندگي قدرت عطا ڪيل سوکڙي آهي پر خوبصورت زندگي گذارڻ وري ڏاهپ جو انعام آهي.” انسان فطرت جي سڌريل مٿاهين ۽ صفتي صورت آهي. فطرت انسان جي روپ ۾ شعوري حالت ۾ آهي تنهن ڪري چئجي ٿو، ته انسان سمورين شين جو پئمانو آهي.اهو انهن جي تڪ تور ڪري ٿو ۽ انهن بابت غور ويچار ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اسان بي ڌڙڪ ٿي چئي سگهون ٿا، ته هن ڪائنات ۾ خوبصورت ۽ سُهڻي شيءَ انسان آهي. انسان ڪُل جو جزو آهي جيڪو ڪُل ڪائنات جي وحدت سان جُڙيل آهي . ساڳيءَ طرح سمورين جُهومندڙ ٽاريءَ مان ٽٽي پٽ پوي ٿو، ته سموري ڪائنات ان جي کوٽ محسوس ڪري ٿي. ان ڏس ۾، هر شيءَ پنهنجي وجود ۾ هڪڙي ڪائنات آهي ۽ ان جي وجود / هستيءَ سان اها ڪائنات جُڙي ٿي پر جڏهن ان جو انت اچي ٿو، ( ٻي صورت اختيار ٿئي ٿي) ته اها ڪائنات ڊهي وڃي ٿي . ڏور آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارو مونکي وڻي ٿو، اها ڇڪ ۽ تانگهه منهنجي اندر جي محسوسات ۽ ڪيفيتن کي بدلائي ٿي . اهو ايئن ڇو آهي ان لاءِ سوين سوال ۽ سوچون ذهن جي تختيءَ تي ٺهن ۽ ڊهن ٿيون ۽ ويچار پنهنجيءَ ذات ۾ آگهيءَ جي واٽ ڊوڙڻ لڳن ٿا. هڪ ٻار جي مُرڪ ۾ بي پناهه معصوميت هوندي آهي. هڪ عورت جي درد ۾ پوري ڪائنات جو درد سمايل هوندو آهي. ڇا ڪاڻ ته ٻنهي جو عمل تخليقي طرح ساڳيو آهي. انسان ايتروئي قديم آهي جيتري هيءَ ڪائنات اها انسان جي سوچ آهي جا هن کي پاڻ جهڙن ٻين جانورن کان جدا ڪري ٿي. جيڪڏهن هو شعوري طور ترقي يا اوسر نو ڪري ها، ته هو بن مانس ۽ اسان اڄ هن سڌريل ۽ ترقي ماڻيل صورت ۾ نه هجون ها، جيئن اڄ آهيون. اها شعور جي اک آهي جيڪا هر چيز ۾ تميز ڪري ٿي. اهو شعور جو سفر بن مانسي کان انسان تائين جو سفر آهي. وڏين شين کان ويندي تمام باريڪ ۽ نفيس شين بابت ڄاڻڻ تائين ان سوچ جي سفر ڪيترائي مرحلا ۽ مشڪلاتون طئي ڪيون آهن. انسان اڳ آسمان، تارن، سج، چنڊ ديوتائين، جبلن، ندين، آبشارن ۽ چراگاهن بابت سوچيندو هو ۽ اهو تارن کان ايندي تمام باريڪ جيو حيات ( جيڪي ظاهري طور اک سان نٿا ڏسي سگهجن، تائين جو طويل سفر، يعني from macro to micro جو سفر آهي! غارن ۾ رهندي انسان جو انهن قديم ديوارن تي تصويرون اُڪرڻ کان وٺي، اوزار ٺاهڻ ، شڪار ڪرڻ، باهه ايجاد ڪرڻ، هر هلائي زمين کيڙڻ ، هارپو ڪرڻ، جانورن پالڻ، دريائن جي ڪنڌين ڀر شهر، اڏڻ، ۽ شاندار تهذييون اُسرڻ، سرن تي يادگيريون ۽ خيال لکڻ، پنا ۽ پرسيون ، ريڊيون، جهاز، راڪيٽ ، ڪمپيوٽر، موبائل، تيار ڪرڻ تائين انساني سوچ سلهاڙيل رهي آهي. اهو انسان ذات جو گڏيل ورثو Collective Ligancy آهي. اهو مائيڪل اينجلو جي ڇيڻيءَ جو ڇهاءُ آهي جيڪو بيجان ۽ ان گهڙيل پٿر مان بت تراشي، ان کي معنيٰ بخشي ٿو. فطرت، فنڪار جي روپ ۾ سجاڳ ۽ سُرت آهي. هڪ فلسفي، راتيون جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو ته هن زندگيءَ جو اصل ڪارڻ ڇا آهي. ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گهرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي ۽ ان جو انت ڇا ٿيندو. ڇا اسين سڀ هڪ صورت جا مظهر آهيون. ڇا ان صورت جون اڪيچار صورتون يا روپ آهيون؟ هي آواز اڳ آهن يا اهي هڪ خال مان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻي تي ڀانت ڀانت لهرو جدا آهن پر پاڻي ته هڪ ئي پسجي ٿو.
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو ( ڀٽائي )
تخليق جا آبشار وهائيندو رهي. فضا جو چيري اُڏامندڙ جهاز به انسان جو ئي ڪمال آهي، ته ريڊيو، ٽيليويزن ، موبائيل توڻي جو ڪمپيوٽر انٽرنيٽ، جن جي وسيلي اسان پل پل ۾ پوري دنيا سان رابطي ۾ آهيون، ان جوئي جادو يا ڪرشمو آهي. جنهن ماڻهوءَ بجلي ايجاد ڪري اهڙا اڻ ڳڻيا سوال هر سوچيندڙ جيو لاءِ لاڀائتا ۽ معنيٰ خيز آهن. اهو انسان جو تمام اعليٰ ۽ سُڌريل پاسو آهي ته هو سوچ، ۽ گيان مان ، انسانذات کي روشني عطا ڪئي، ۽ جيڪو شايد پاڻ به ان جو سک ماڻي نه سگهيو هوندو، سچ سچ ته پروميٿن جو حقيقي روپ ئي هو.پروميٿن جيڪو يوناني ديومالائي mythologicalباغي ڪردار آهي ۽ جنهن جي سورميائي ڪردار کي رومانوي انگريز باغي شاعر شيلي هنن لفظن ۾ Prometheus unbound (پروميٿئن اجهل ) سڏيو هو. پروميٿئن ديوتائن سان بغاوت ڪندي، انهن وٽان باهه ( روشني ) چورائي انسان کي عطا ڪئي. اها باهه ( ڏاهپ جي روشني) هن لاءِ سزا بڻجي پئي هئي ڇاڪاڻ، ته نيڪ عمل ڪري، هن تي سندس ديوتا ڏمرجي پيا هئا. پروميٿئن اسان جو هيرو آهي جيڪو ديوتائن خلاف ٿي، انسان سان پيار جو پڪو ثبوت پيش ڪندي، اهڙو ته انوکو ۽ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو. جو ان جهڙو مثال دنيا جي ديومالائي قصن ڪهاڻين ۾ ورلي ملندو. هو انسان جو سچو پچو، هڏ ڏوکي ۽ دوست هو. هن جي اهڙي عمل تي ديوتا.ن طرفان قيد و بند ڪاٽڻا ۽ ڀوڳنائون سهڻيون پيون! علم ۽ ڏاهپ کانسواءِ انسان اڻپور آهي. دنيا ۾ سموري ترقي پڻ علم فلسفي ۽ شعور جي آڌار تي ٿي آهي. جنهن کان منهن موڙڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي مترادف آهي. تاريخ پڙهندي، اسان جي اڳيان اڻ ڳڻيون حقيقتون پنهنجي پرتوو پسائن ٿيون جن جي ڄاڻ کانسواءِ اسان پنهنجي موجودهه حياتي جي حقيقت تائين نٿا پهچي سگهون. تنهنڪري، اهو ضروري آهي، ته اسان پنهنجي ماضيءَ کي نه وساريون ۽ انسان ذات جي ڌرتيءَ تي گذاريل ان سموري حياتيءَ جو ڇيد ڪريون ته هينئر اسان ڪهڙي گس تي هلي رهيا آهيون . ڏاهي ويلبو اپموسن ( آمريڪي شاعر ۽ فطرت پسند ليکڪ، جنهن انسان جي اندر الاهي رهنمائي جو ڪردار ڏٺو هو ) جي لفظن ۾ ، ته let a man then know this worth, what is under his feet. (انسان کي ايترو ته ڄاڻڻ گهرجي ته هو ڪهڙي راهه تي رمي رهيو آهي.) تاريخ ٻڌائي ٿي ته اٽڪل چار هزار سال ق م ۾ لکت جو فن ايجاد ٿيو ۽ ٿورو پوءِ، وري ميسپوٽيميا ۾ ائين ٿيو. هر ملڪ ۾ لکت جي شروعات شين جي تصويرن جوڙن سان ٿي. اهي تصويرون تڪڙو عقيدي جو حصو بڻجي ويون. ( ان قسم جي لکتن جا نمونا تازو سنڌ جي کير ٿر پهاڙن جي غارن جي ڀتين تي اڪريل نموني پڻ مليا آهن.) اهڙي طرح لفظن کي ideograms تي اظهاريو ويو جئين اڃا اهي چين ملڪ ۾ موجود آهن. هزارين سال گذرندي هي انگن جو سرشتو ترقي ماڻي الفابيٽ (ورن مالها-الف بي) جي لکت بڻجي ويو. مصر ۽ ميسپوٽيميا جي شروعاتي تهذيبن جي اسرڻ جو ڪارڻ نيل ندي، دجلا ۽ فرات Tigris Euphrates دريائين جي ڪري هو. جيئن سنڌو ماٿري تهذيب جي اسرڻ جو ڪارڻ جنهن جو وڏو مثال موهن جو دڙو آهي. سنڌو درياهه جي ڪري هو.جنهن زراعت جي ڪم کي سولو ۽ لاڀائتو بڻايو. انگي حسابن ۽ جاميٽري جو علم مصرين ۽ بابلين وٽ موجود هو. مصر ۾ خدائي بادشاهه جي حاڪميت هئي. جنهن جي تسلط هيٺ سموريون طاقتون هيون. سموري زمين هن جي قبضي ۾ هئي. اهڙي طرح يونان ۾ پڻ ڏاهپ ۽ تهذيب تمام وڏي ترقي ۽ عروج ماڻيو. ڇاڪاڻ ته يوناني تمام ذهين ۽ مهذب ماڻهو هئا. اتي وڏا ذهين ۽ ڏاها، مدبر ۽ فلسفي پئدا ٿيا جن جي فڪر جي روشني روءِ زمين کي روشن ڪيو ۽ ايندڙ تصورن ۽ فڪرن لاءِ نوان گس گهڙيا. سچ پچ ته انهن هر دقيانوسي، فرسوده، مدي خارج ۽ مقل رواجي جي عقيدن جو دڄون اڏائي ڇڏيون. انهن ڏاهن ۾ ٿيلس، ائنگزگورس، هيراڪليٽس، پئٿا گورس، ڊيمو ڪريٽس، پارمينڊس، ايمپڊاڪلس، زينو، استاد سقراط، افلاطون، ارسطو وغيره شامل آهن. جيڪي پنهنجي دؤر کان گهڻو اڳ سوچيندا هئا. اهي راتين جون راتيون حسن، اخلاق، نيڪي، پيار، خدا، ڪائنات، وجود، موت، حياتي، بدي بابت بحث مباحثا ڪندا هئا. جن جي بحثن ۽ کوجنائن مان علم اخلاقيات، علم هئيت، جاميٽري، علم موسيقي، منطق، علم طبيعيات، طب، سائنس، انگي حساب، شاعري، سياسيات، سماجيات، نفسيات ۽ جدليات جهڙن علمن جنم ورتو. اهو فلسفي جو وڻ وڌي ويجهي، مضبوط شاخن سان ڏاهپ جا گل نڇاور ڪندو جڳ ۾ سڳنڌ ڦهلائيندو رهي ٿو جنهن جي هڪ ڊگهي ۽ خوبصورت تاريخ آهي. ان تاريخ جو ادارڪ ۽ ڄاڻ هئڻ هر باشعور ذهن ۽ باعلم سان پيار ڪندڙ انسان جو فطري فرض ۽ حق آهي. جنهن علم انسان کي پاڻ جهڙن ٻين جانورن کان اجرا حيثيت ڏني آهي ۽ هن ۾ آگاهي جو عنصر پيدا ڪيو آهي.ان علم جو ڏيئو روشن رکڻ اسان تي لازمي ٿئي ٿو. هي سوچ جو سفر ۽ علم جو پنڌ پرانهون ناهي اسان جي ماضي جي محنت جو لاڀ آهي. جيڪو هلڻو آهي. کٽڻُو نه آهي. ان مان ٻيون نيون روشنيون ڦٽڻيون آهن. هي فڪر ۽ فلسفي جي آديسين جو ماڳ آهي جي جيءُ ۾ جوت ٻاري سوچ ۽ تخيل جي پرواز سان زبان ۽ مڪان کي پائن ٿا ۽ آخر ڪائنات جو انت لهن ٿا. ”جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪي چارو چنڊ جو، نه ڪي سج سرو،
اتي آديسين جو، لڳو دنگ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾.
شاهه سائين
ڏاهپ حيرت، شڪ، تجسس مان ڦٽي ٿي.
انسان ڪل جو جزو آهي، جيئن قطرو سمنڊ جو حصو آهي انهيءِ طرح هر ماڻهو پنهنجي حياتي گهارڻ لاءِ آزاد اجهل ڪلي آهي.
اسان مان هر هڪ ماڻهو پوءِ اهو شاگرد هجي، استاد، ڪلارڪ هجي يا فقير، ٻار هجي يا ٻڍوُ، عورت هجي يا بينڪر، شهري هجي يا حڪمران موسيقار هجي يا مصور حقيقت ۾ فلسفي ڏاهو آهي. انسان هئڻ جي ناتي هنکي اعليٰ، سڌريل ذهن تنتي سرشتو آهي. جنهن سان هو اوس سوچي ٿو ۽ اها سوچ ئي آهي جيڪا فلسفي لاءِ اصل گس گهڙي ٿي. عام فهم ۾ بندي جي ڏاهپ هن جي بنيادي عقيدا ۽ اعتقاد آهن، انهيءِ خيال کان هر ماڻهو وٽ ڪونه ڪو فلسفو آهي توڻي جو هو ان کي محسوس نٿو ڪري، سڀني ماڻهن وٽ ظاهري شين، انسان زندگيءِ جي معنيٰ، فطرت، نيڪي ۽ بدي، موت ، خدا، سهي غلط، بهادري ۽ ڀاڙيائپ، حسن ۽ ڪوجهائپ سان لاڳاپيل ڪي خيال آهن. بلڪل اهي خيال انيڪ طريقن سان حاصل ڪجن ٿا. خاص طور جڏهن اسان پنهنجي زندگيءِ جي شروعاتي ڏاڪي ۾ هوندا آهيون. تڏهن شعور جي مختلف مرحلن سان مسلسل رڌل رهندي اهي خيال ۽ رويا پنهنجي ڪنٽب، دوستن، مختلف ماڻهن ۽ سماج مان حاصل ڪندا آهيون. اهي رويا شايد اسان تائين رسم و رواج ذريعي پهچن ٿا. جهڙي طرح مٿي بيان ٿيل آهي ته اهي گهر، اسڪول، مندر مسجد، ڪليسا ۾ موجود آهن. جيڪي وري ميڊيا وسيلي، يعني موويز، ريڊيو، ٽي وي، ڪمپيوٽر، موبائيل انٽرنيٽ، ڪتابن، رسالن، اخبارن مان اثر وٺن ٿا. شايد اهي اسان جي سوچ جو ئي حصو آهن يا وري وڏي پئماني تي اهي اعتقاد ۽ جذباتي لڳاءُ جو ئي نتيجو آهي. هر ماڻهو پوءِ اهو علمي سرگرمي، سياسي جدوجهد يا انقلابي تحريڪ کان ڪيترو به پري ڇو نه هجي ان کي اها ڳڻتي ضرور آهي ته ايندڙ دنيا ۾ ڪهڙي روپ ۾ هوندي ۽ انسان ڪهڙين ڪهڙين شين کي منهن ڏيڻو پوندو. ايندڙ زماني ۾ دنيا ۾ جنگين جي باهه ڀڙڪيل هوندي يا امن ۽ شانتي واري هڪ سانتيڪي زندگي ميسر هوندي؟ هي ڌرتيءِ جو گولو ڪئين هوندو؟ ان تي گاهه، گلن ٻوٽن، وڻن ٽڻن، انسانن جيتن جيڻن، جانورن، پوپٽن ۽ پکين لاءِ جاءِ هوندي يا سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي سمورن ساهوارن جي تباهي ۽ فناين جو ڪارڻ بڻجندي؟ ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن صدين ۾ ڌرتيءِ تي ايترو ته فتنو فساد ۽ تباهي مچائي آهي جو ان جو مثال هزارين سالن جي انساني تاريخ ۾ نٿو ملي.اهو سوال وري وري اسان جي اڳيان بيهي ٿو ته نيٺ بربريت، ظلم، سماجي ناانصافي اڻ برابري، جهالت، اره زورائي ۽ نفرت دنيا مان ڌڪجي ويندي يا اها ائين ئي رهندي جهڙي اها هينئر موجود آهي. اهي سوال روءِ زمين جي سمورن انسانن لاءِ ساڳيا آهن. جن جي سوال جي سهي جوابن ڏيڻ لاءِ انهن جي درست ڳولا ڪري سگهڻ لاءِ ڏاهپ، فلسفي جو علم درڪار آهي. ڏاهپ انسان ۾ فڪر جي روشني ۽ سوچ جي سرهاڻ پئدا ڪري ٿي. اها انساني معاشرتي حياتيءَ لاءِ حل ڳولي ٿي، ته درست دڳ ڪهڙو آهي. حياتيءَ جا سمورا مسئلا ۽ مونجهارا ڪهڙيءَ طرح سلجهايا وڃن.
ڏاهپ ڇا آهي؟
ڏاهپ سان اسان جي سٻنڌ جي طويل تاريخ آهي. لفظ فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو سنگم/ميلاپ آهي. فلو philos =(loving) معنيٰ پيار، لڳاءُ، حب ۽ صوفيا Sophia= wisdom معنيٰ ڏاهپ، عقل، علم ۽ دانش، معنيٰ ٿي “The love of knowledge and wisdom” يعني علم ۽ ڏاهپ سان پيار ڪرڻ. هندي ۾ ان کي درسنا يا درشن (Seeing) چئبو آهي.يعني سچ کي ڏسڻ. ڏاهي ارسطو جي نظر ۾ ته سچ ڪئين ٿو ڏسجي “The function of an eye is to see. It has not fully realized its form and actually unless it is seeing.” (اک جو ڪم ڏسڻ آهي. اها ايستائين پوري ريت ان جو روپ ۽ حقيقت نه ٿي پسي، جيستائين اها ڏسڻ جو عمل ناهي.) وڌيڪ اهو ته فلسفي جي معنيٰ آهي علم، سچائي ۽ وجود جي بنيادي نوعيت جو اڀياس ڪرڻ. هڪ يوناني رياضيدان ۽ صوفي سوچ جي صاحب، ڏاهي پيٿاگورس سان اها ڳالهه منسوب ڪئي وڃي ٿي ته فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريون ڀيرو هن پاڻ کي فلسفي چورايو. هن چيو ته ” ڪو به ماڻهو پنهنجي قابليت کي پائي ڏاهپ کي پهچڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. پر هڪ عقلمند انسان کي اهو سونهي ٿو ته هو ڏاهپ پسند يا دانش دوست هجي.“ جڳ مشهور ڏاهي اي.جي آئر جي نظر ۾ ”فلسفي هجڻ معنيٰ غير اهم ڳڻتين کان مٿانهون ٿي، جيڪي عام ماڻهن کي پريشان ڪن ٿيون، شين کي خاموشي سان سمجهڻ جي اهل ٿيڻ، ماڻهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي روح جي پاتال تائين پهچڻ.“
فطرت پرست ٿاروءَ جي نظر ۾ فلسفي هجڻ معنيٰ ”نڪي رڳو ڪي خيال هجڻ آهي، نه ئي ڇڙو فلسفي جو شوقين هئڻ بلڪ ڏاهپ سان ايترو ته پيار هجي جو اها ان جي حڪم مطابق، هڪ سادي، آزاد، سخاوت ڀري ۽ سچائي واري حياتي خود گذارجي.“ ڪو به ماڻهو ڇڙو ڪنهن به واحد فلسفياڻي نظام جي نڪتل نتيجن جو نظرياتي طور مطالعو ڪري سوچي سکي نٿو سگهي. اهو تمام ضروري آهي، ته انساني سوچ جي مجرد صورت ۾ ڪيل ارتقائي تاريخ کي پوري طرح سان مطالعو ڪيو وڃي. انهيءِ ڪري اسين بي ڌڙڪ ٿي چئي سگهون ٿا ۽ اهو تي پورو لهي ٿو ته فلسفو نظرياتي سوچ جي صلاحيت جي آبياري ڪري ٿو. جئين هڪ سنگتراش اڻ گهڙيل پٿر کي ڇيڻيءَ جي ڇهاءَ سان گهڙي گهٽي، سوڌي ، سنواري اهڙو سهڻُو ۽ مجسم بڻائي ڪا صورت نکاري نروار ڪري ٿي يا هڪ هار ي کيت کيڙي ان ۾ سندر سلا ۽ ان اپائي ٿو. جيئن ته آرٽ اسانکي حسن کي سمجهڻ سيکاري ٿو. فلسفو منطقي طريقن سان سوچڻ سيکاري ٿو. اهو اسانکي سيکاري ٿو ته شين کي الڳ ڪري نه ڏٺو وڃي پر انهن کي دنيا جو اٽوٽ حصو سمجهي اڻ ڳڻين تبديل ٿيندڙ رشتن ۽ لاڳاپن ۾ ڏٺو وڃي. سائنس اسان کي علم عطا ڪري ٿي پر فقط فلسفو ئي اسانکي ڏاهپ ميسر ڪري ٿو. فلسفو شين کي ڳنڍي ٿو. سائنس انهن ٽڪرن يا حصن ۾ ورهائي بيان ڪري ٿي.
ڏاهپ کي ڪئين پهچجي؟
ڏاهپ کي پهچڻ جو سهي گس اهو آهي ته ڪي ڏاهپ ڀريا ۽ فلسفيانه سوال ڪيا وڃن.جهڙوڪ دنيا ڪيئن ٺهي؟ ڪائنات nature ڇا آهي؟ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڇا ان جي پٺيان ڪوئي لڪل ارادو يا معنيٰ آهي؟ دنيا ۽ انسان جي اهميت ڪيتري آهي؟ ڇا موت کانپوءِ ٻي حياتي آهي؟ وغيره اسان اهڙن سوالن جا جواب ڪئين ڏئي سگهون ٿا؟ وڌيڪ اهم ته اسانکي زندگي تي هڪڙو ڏاهو انسان رهندو هو جنهن جو ايمان هو ته ڏاهپ جي روشني ماڻهو جي حيرت مان ڦٽي ٿي. اسان سمجهون ٿا ۽ اهو پڻ ڪافي حد تائين درست خيال آهي ته ڏاهپ / فلسفو پوري طرح سان سوچڻ جو هڪ نئون گس آهي. جيڪو حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 600 سؤ سال اڳ يونان ۾ هو ان وقت تائين ماڻهن پنهنجن سمورن سوالن جا جواب مختلف مذهبن ۾ پئي ڳوليا هئا.
ڇا فلسفو ڪا سائنس آهي؟
فلسفو تمام قديم سائنسن مان هڪ آهي اها سمورن علمن جي جي ماءُ آهي. جتان هزارين سال اڳ ٻيا علم ڦٽي نڪتا هئا. اهو اسان جي آس پاس جي دنيا جو مطالعو ڪري ٿو. مخصوص سائنس ڦهليل دنيا جي هڪڙي ڪنهن خاص حصي يا ٽڪري جي رشتن ۽ لاڳاپن جو مطالعو ڪري ٿو. جڏهن ته فلسفي جي مکي خاصيت آهي ته اهو هميشه ڦهليل دنيا جي ماهيت ۽ حالت کي ڪليءَ طور کولي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. فلسفو فطرت، ماڻهو ۽ دنيا ۾ هن جي حيثيت جي باري ۾ خيالن، تصورن ۽ جاچ رکڻ جو هڪ باضابطه نظام آهي. اهو ئي سبب آهي جو فلسفو دنيا کي ڏسڻ جو نانءُ آهي. دنيا جي بابت نقطه نظر رکڻ آهي قانونن، نظرين ۽ اعتقاد جي پورڻتا هجڻ جيڪا ماڻهو جي حقيقت ۽ پاڻ سان رويي رکڻ کي طئي ڪري ٿي. فلسفي جا مکي ٻه پهلو آهن وڏي پئماني تي ڪائنات کي ڏسڻ ۽ ٻئي طرف انسان جي حياتي ۽ ان جي هلت چلت جي جاچنا رکڻ، فلسفو حيرت شڪ ته تجسس مان ڦٽي پوي ٿو. اهو ڪائنات ۽ زندگي ڏانهن رويي رکڻ جو انوکو نانءُ آهي. فلسفو ٻوليءَ منطقي ڇنڊڇاڻ لفظن ۽ خيالن جي چٽائي جو نانءُ پڻ آهي. اهو عقلي دليل سوچ جو سفر آهي جيڪو توجهه سان پوري سوچ جو تنقيدي طريقو پڻ آهي. اهو ڪيترن ئي مونجهارن ۽ مسئلن کي حل ڪري ٿو. اهو دنيا ۽ زندگي جئين جو تيئن قبولي ٿو. يعني فطرت معاشري ۽ ماڻهو جي باري ۾ نظريو اهو ئي ڪجهه آهي جيڪو ڏاهپ کي دنيا بابت غير سائنسي ۽ مذهبي نقطه نظر رکڻ کان الڳ ڪجي ٿو. جن جو بنياد خالص حقيقت جي ابتڙ مافوق الفطرت ۾ عقيدي ۽ حقيقت متعلق اهي شڪليون ڏئي ٿو. جيڪي خيالن ۽ جذبن تي ٻڌل آهن. جڳ مشهور داناءُ ڪارل مارڪس چوي ٿو ته “philosophy speaks differently of religion and philosophical objects then you have speak without having studied them, it speaks after study, you appeal to the emotions, it appeals to reason, you curse it teaches, provides nothing but truth.”
معنيٰ ”فلسفو مذهب ۽ فلسفياڻين شين متعلق، جيڪي توهان وٽ موجود آهن، مختلف انداز ۾ ڳالهائي ٿو. توهان جذبن تي ڀاڙيو ٿا پر اهو عقل جي آڌار شين کي پرکي ٿو. توهان ڦٽڪاريو ٿا. اهو سيکاري ٿو، سچ کان سواءِ ڪو به وچن نٿو ڏئي.“
جرمن ڏاهي ۽ عقل جي ابي فريڊرڪ هيگل جو چوڻ آهي تهis real. “Real is rational and rational
حقيقت پسند عقل پسند آهي ۽ عقل پسند حقيقت پسند هوندو آهي.
ارسطو چوندو هو ته Dear is Plato but dearer is truth: (افلاطون پيارو آهي پر ان کان وڌيڪ مونکي اهو سچ وڌيڪ پيارو آهي.“
تاريخي طور فلسفي جو سائنسي ترقي ۾ فلسفياڻي هجڻ ڪري سماج جي روحاني زندگيءَ جا سمورا رخُ بدلجي ويا. اها انساني تهذيب جي باک ڦٽي ويلي قديم هندوستان، چين ۽ مصر ۾ اڀري، پر ان ڪلاسيڪل روپ پهريون ڀيرو قديم هندوستان ۾ ورتو. انسان پنهنجي زندگين جا طويل سال امرتا لاءِ زندگي جي جوهر کي ڳولڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيا. انهن فطرت جي اسرارن کي ڳولڻ ۽ لڪل شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي؛ اهڙي طرح انهن جي کوجنا هنن کي جادوگرن جي نالي سان عام ماڻهن تائين مشهور ڪيو.
آڳاٽو يوناني فڪر
يوناني ڪير هئا؟
” رڻ جا چيل زندگيءَ انسان لاءِ رهڻ جوڳي ڪانهي.“ اولهندي دانشوري جي ڪارنامي جي شروعات هئي ۽ اهي يوناني هئا جن اهڙي کوجنا ڪئي.اهو ڪنهن نئين زندگي گهارڻ جو اٽل فيصلو هو. فيصلو جيڪو يونان جي ڀونوچ سمنڊ ڀر مشرقي ۽ مغربي وستين جو حصو هو. ان وقت جا غير يوناني رسمي ۽ روايتي طرز واري حياتي گهارڻ تي راضي هئا. يونانين شڪ رکيو، سوال ڪيا ۽ عقلي دليل چاهيا. تنهنڪري ٻاهرين توڻي اندرين دنيا ڏانهن هنن سفر جاري رکيو. ڪنهن شاعر جي نظر ۾ هو هن ريت هئا.
ساحلن کان ڏور، ڪنبدڙ ماڻهن جي انبوهه کان پري،
جن جا سڙهه سنوان ڪڏهن به آنڌي اجاڙي نه سگهي،
يوناني تهذيب تي پڻي لوڪ (فونيشين) تهذيب جو گهڻو اثر رهيو آهي. انهن پڻي لوڪن کان اوڌارو وٺندي الفابيٽ (صورتخطي/رسم الخط) کي تبديل ڪندي ٻوليءَ کي لاجواب بڻايو. حرف صحيح Consonantsسان گڏوگڏ حرف علت Vowels جو واڌارو ڪندي ان ۾ تمام اهم جدت پيدا ڪئي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انهي لکت جي سولي ۽ آسان طريقي جي حاصلات يوناني تهذيب کي تمام تڪڙو اڀاريو. اٽڪل 700 َق م اڳ۾ يوناني ڏند ڪٿائون شاعر هومر ۽ هئيڊن لکيون جيڪي هيل تائين دؤر جا ٻه اهم شاعر هئا. انهيءَ تمام وڏا خيال آندا ۽ مڪمل طور تي نئون ماحول جوڙي وڌو. هاڻي ماڻهو ديو مالائي قصن ۽ ڪهاڻين کي فقط انسان جي خيالن ۽ سوچن جي پيدوار ڄاتو ٿي، اهي انساني محدود سوچن جو سبب آهن باقي انهن جي ڪائي مادي حقيقت ڪانهي. هزارين سال اونداهون هو پر هومر جي انهيءَ اچانڪ ايندڙ روشنيءَ جي جهلڪ سان ۽ ان جي پٺيان ايندڙ ڪلاسيڪي دؤر جيڪري، جيڪو انهيءَ اونداهين دؤر جي وچ۾ ڪنهن لکن آڳ جيان ٻري پيو.ڪنهن معجزي وانگر يورپ ۾ تهذيب ۽ آرٽ پهرين ورکا ڪئي . يورپ جي شاعرن هومر يوناني فن مان ڦٽي پيو. هومر جو نانءُ شاعري جي کيتر ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو، جيڪو پڻ آيو نه هو. سندس شاعري جي جوت جي جيءُ کي جاڳايو ۽ يونان ۾ نئين اخلاق جا بنياد رکيا. يوناني اهي پهريان فلسفي /ڏاها هئا جن کي اڄ اسين فطري فلسفي سڏيون ٿا. جيڪي مادي پڻ سڏجن ٿا. يونان جي انهن پهرين فلسفين جو مقصد فطري ڪارونهوار جي سبب کي ، مافوق الفطرت جي ابتڙ ، مادي فطري ٺهرايو. شروعاتي يوناني ڏاها، فطري فلسفي انهي ڪري سڏجن ٿا. جو هنن جو مکي ڪم فطرت ۽ ان جي ڪاروهنوار سان ئي سلهاڙيل هو. انهن پنهنجي اکين سان ڏٺو پئي ته فطري پوري تسلسل سان تفسير ۽ تبديلي جي عمل ۾ هئي، پر اهڙي تبديلي ڪئين پئي ٿي اهو سوال سندن ڪئيي جواب کڻي آيو ٿي. سڀني شروعاتي ڏاهن اهو عقيدو ورهايو، انهي سموري تبديلي جو ڪو بنيادي جوهر ضرور هوندو. اهي انهي خيال تي ڪئين پهتا هوندا اهو چوڻ تمام اوکو آهي.ممڪن آهي اهو سوال هوريان هوريان وڌيو هوندو ۽ ان جي ترقي واري صورت ماڻي هوندو. اهڙي طرح انهي سموري تبديلي جو ڪارڻ ضرور فطرت ۾ ئي هوندو. اهڙي طرح انهي سموري حقيقت جي هجڻ لاءِ ٺوس مادي جوهر کي چٽو ڪرڻ لاءِ مختلف دليلن reasons ذريعي ڪوشش ڪئي. هن فڪر جي نظر مادي natural World
تي هئي ۽ مشين جي آخري ۽ مٽجندڙ بناوت جي بابت سوال هئا.
يوناني ديومالائي قصا ڪهاڻيون
ٿور “Thor” ديوتا سندس هٿوڙي وارو قصو عيسائيت کان اڳ ناروي ۾ آيو، جتي ماڻهن جو ايمان هو ته ٿور ديوتا رٿ بان Chariot ۾ ويهي، جيڪو ٻين ٻڪرين ڇڪيو، آسمان جو سير ڪيو. جڏهن هن هٿوڙو لوڏيو ته گاج ۽ کنوڻ پيدا ٿي. لفظ Thunder نارويجن ۾ Thordon معنيٰ ٿور ديوتا جي گجگوڙ.
سوڊاني ٻوليءَ ۾ ٿنڊر (گاج) لاءِ aska لفظ آهي.، اصل as-aka جنهن جي معنيٰ آهي gods gurney (آسمان ۾ ديوتا جو سفر).
جڏهن آسمنا ۾ گاج ۽ کنوڻ ٿيندي آهي ته مينهن وسندو آهي . جيڪو وڪنگ جي هارين لاءِ لازمي هو. تنهنڪري ٿور جي ”ذرخيزي جو ديوتا“ طور پوڄا پاٽ ڪئي ويندي هئي. اهڙي ريت مينهن جي ديوتائيوضاحت ائين ٿي ته پنهنجو هٿوڙو لوڏي رهيو آهي ۽ جڏهن مينهن ويو ٿي ته ٻج ڦٽي آيو ۽ کيتن ۾ سلو بڻجي جهوميو ٿي. اهو سمجهيو ويو ته کيتن ۾ ٻوٽا ڪئين ڦٽن ٿا ۽ فصل ڏين ٿا. پر اهو واضع طور مينهن سان منسلڪ ڪيو ويو ۽ جڏهن ته هر ماڻهوءَ جو ويساهه هو ته مينهن جو واسطو ”ٿور ديوتا“ سان ئي هو. اهو نارس ملڪ جي ديوتائن مان هڪ اهم ديوتا god هو.
مشرقي ديوتائن جي پڻ ڀونوچ جي سمورن ملڪن ۾ پوڄا ڪئي ويندي هئي. نيون مذهبي اڏاوتون ، جيڪي ديوتائن ۽ ڪيترن ئي قديم قومن جي عقيدن تي هيون اسري پيون. قديم يونان جا فلسفي ارتقا جا قئل نه هئا. سندن خيال ۾ هن مادي دنيا جون شيون ازلي ۽ ابدي مثالن Ideas جا عڪس يا پاڇا هيون. هو چوندا هئا ته مثال Ideas تبديل نٿا ٿين. انهي ءَ ڪري انهن جي عڪسن ۾ ارتقا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پر سقراط جي دؤر کان اڳ هڪڙي فلسفي انڪسيمينڊر جي فڪرن ۾ البته ارتقا جو ڪجه تصور ملي ٿو.