خميس , نومبر 21 2024
sd

ڊميون

رسول ميمڻ

(ڪراچي ۾ دھشت گردي ۽ ڀتاخوري وارن ڏينهن ۾ ھڪ مزدور جو الميو)

ڊميون ماڻهو کان خوبصورت هيون، دوڪان جي دروازي وٽ ساڄي پاسي بيٺل ڊميون جن کي ڪپڙا پارائي قطار ۾ بيهاريو ويو هيو. ڊميون دروازي کان شروع ٿي دوڪان جي آخر تائين ڄڻ اکيون واٽ ۾ وڇائي گراهڪن جي انتظار ۾ هونديون هيون. بازار مان لنگهيندڙ ماڻهو ڊمين کي پاتل ڪپڙن جي بيهڪ ڏسي ڄڻ دوڪان ۾ ڇڪجي ايندا هيا. دخل تي ويٺل سيلزمين انهن کي ويهڻ جي صلاح ڪندا هيا ۽ گراهڪ ڊمين کي ڏسي پسند جي ڪپڙن جي چونڊ ڪندا هيا. سيلز مين انهن کي ڪپڙا ڏيکاري اگهه ٻڌائيندا هيا ته گراهڪن جا هوش اڏامي ويندا هيا.
“ايڏا مهانگا!” اهي چوندا هيا.
“ٻاهران جو ڪپڙو آهي، سلائي هتي ٿيل آهي.” سيلزمين وري ڳالهه چوريندي. اڳتي چوندو هيو “توهان به ٻڌايو گهڻا ڏيندءُ؟”
گراهڪ منجهي پوندو هيو.
“پنج سئو روپيا” اهو سوچي ڪجهه دير کان پوءِ چوندو هيو.
“چڱو ڇهه سئو ڏيو… کڻو”
“نه پنج سئو پورا”
“چڱو ٺيڪ آهي، ڏيو”
گراهڪ پئسا ڏئي، مرڪندو ڊمين کي ڏسندو دوڪان تان هيٺ لهي هليو ويندو هيو. ڪاروبار ۾ ڊمين جو وڏو ڪردار هيو.
منظور به ان دوڪان جو سيلزمين هيو. ساڍا پنج فوٽ قد ۽ ڀريل جسم، سندس اداس ويڪرو منهن، سنهين مڇن ڪري مرڪندڙ لڳندو هيو، گهٽ ڳالهائيندو هيو. شهر ۾ نئون آيو هيو. بي اي پاس ڪئي هيائين. ڳوٺ ۾ نوڪريءَ لاءِ گهڻو ڊوڙيو، هڪ ايجنٽ کي پئسا به ڏنائين، اهو کائي ويو. وڏيري کان وٺي ايم پي اي ۽ ايم اين اي سان مليو. درخواستون ڏنائين، ڪجهه نه ٿيو. ذهين نوجوان هيو، کيس ملڪ جي حالتن جي سٺي ڄاڻ هئي، اخبار شوق سان پڙهندو هيو، سياسي گفتگو ڌيان سان ٻڌندو هيو. بيروزگار هوندي به مايوس نه هيو، کيس پڪ هئي ته هڪ ڏينهن سرڪاري نوڪري ضرور ملندي، جيسين ڪا سٺي نوڪري ملي هن سوچيو شهر وڃي ڪوشش ڪري، ماڻهن سان ملي ۽ ڪو روزگار حاصل ڪري، اهو سوچي هو شهر آيو، کيس ٻي ڪا نوڪري ته نه ملي پر هو هڪ بوهريءَ جي دوڪان تي ملازم ٿي ويو. روز ٻارهن ڪلاڪ محنت ڪندو هيو ۽ بوهري مهيني ۾ اٺ هزار پگهار ڏيندو هيو. جنهن ۾ منجهند جي ماني به شامل هئي.
منظور کي دوڪان ۾ بيٺل ڊميون ڏاڍيون وڻنديون هيون، هر ڊميءَ جو پنهنجو شان هيو. انهن جا ٻاهر نڪتل سينا ۽ ٻانهن جا ڏورا، خوبصورت ڪنڌ، ڪٽيل سهڻا وار ۽ گورا چمڪندڙ منهن، ڊمين جي جسم تي ڪپڙا پاتل هوندا هيا. ڪنهن کي شيرواني، ڪنهن کي قميص شلوار، ڪنهن کي واسڪوٽي، ڪنهن کي ڪوٽ ۽ ٽاءِ، ڪنهن کي سِلم ٽي شرٽ ۽ ڪنهن کي جناح ڪيپ پاتل هوندي هئي.
واندڪائيِءَ ۾ منظور هر ڊميءَ ڏانهن غور سان ڏسندو هيو، هو محسوس ڪندو هيو، ڪاروبار ڊميون هلائي رهيون آهن، جيڪڏهن ڊميون نه هجن ته ماڻهو متاثر نه ٿين. ڊميون آهن ته ڪاروبار آهي. دوڪان ۾ رونق آهي. ڪڏهن هن کي لڳندو هيو، ڊميون ساهه کڻن ٿيون ۽ چپ چورين ٿيون، بوهري سيٺ انهن جو خدمتگذار آهي، روز انهن جي صفائي ڪرائي کين نوان ڪپڙا پارائي ٿو ۽ ڪاروبار هلي ٿو.
شهر جون حالتون خراب ته هيون پر ايڏيون نه، جيڏيون اوچتو ٿي ويون، روز ٻارنهن کان ويهه ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو ٿيڻ لڳا، دوڪانن تي ڀتي جون پرچيون اچڻ لڳيون، هر پرچيءَ ۾ گولي ويڙهيل هوندي هئي ۽ هڪ پيغام ته “ڀتو ڏيو يا گولي کائو” ٻه ڏينهن اڳ ساڳي بازار جو هڪ سيٺ گوليءَ جو کاڄ ٿي ويو، ان ڀتو نه ڏنو ۽ کيس دوڪان تي اچي گوليون هڻي ويا. بازار ۾ خوف ڇانيل هيو. ماڻهن گهرن کان نڪرن ڇڏي ڏنو هيو. ڪاروبار ويهجي ويو. لکين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو. بوهري سيٺ دوڪان جي ڪائونٽر تي هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺل هوندو هيو ۽ منظور ٻين سيلزمين سان گڏ دخل تي ويهي سامهون بيٺل ڊمين جي مرڪندڙ چهرن کي ڏسندو هيو. حالتون ڪهڙيون به هجن ڊميون مرڪنديون هيون، انهن جا چهرا چمڪندا هيا.
بازار ۾ جتي ڪروڙين روپين جو ڪاروبار هلندو هيو، اتي هزارن جو به نه هيو، بوهري سيٺ جا خرچ وڌي ويا. ان جي سنهڙي جسم جي شيرواني ڍلي ٿي وئي، کيس ان ڏينهن ڪرنگهي ۾ سور جي سٽ اڀري جنهن ڏينهن پرچي آئي ۽ ان ۾ گولي ويڙهيل هئي. پورا ٻه لک گهريا ويا هيا، نه ته گولي.
بازار وارن فيصلو ڪيو ته اهي ڀتو نه ڏيندا، ڇو جو کين ڀتي جيتري اپت نه آهي، انهن هڙتال جو سڏ ڏنو، پر ٿيو ڪجهه به نه، ڪو چڱو مڙس يا حڪومت جو نمائندو انهن سان ملڻ نه آيو.
دهشتگردن کين ڌمڪي ڏني “جيڪڏهن انهن وڌيڪ گوڙ ڪيو ته دوڪانن کي باهه ڏني ويندي.”
نيٺ ٿيو به ائين، هڪ ڏينهن دهشت گرد بازار ۾ داخل ٿيا، اهي پنجن موٽرسائيڪلن تي ڏهه ڄڻا هيا. لهڻ شرط فائرنگ ڪري بازار ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن کي زخمي ڪري وڌو، جيڪي ڦتڪڻ لڳا. انهن ڪيميڪل ڪڍي هڪ دوڪان ۾ اڇلايو، دوڪان کي باهه وڪوڙي وئي. ماڻهن دوڪان بند ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. ڀاڄ پئي، شٽر هيٺ ڪرڻ جا آواز گولين جي آوازن سان ملي هڪ ٿي ويا. بوهري سيٺ به تڪڙ ۾ دوڪان بند ڪرايو. سڀ سيلزمين ٻاهر نڪتا، شٽر هيٺ ٿي ويو پر منظور اندر رهجي ويو. منطور دڪان اندر اسٽور ۾ وڳن جي لسٽ ٺاهي رهيو هيو، جيسين هو ٻاهر نڪري کيس تالو هڻي هليا ويا. اهو ڪنهن کي ياد نه آيو. هر ڪنهن کي پنهنجي سِر جي لڳي، اڳتي هلي سنڀاليائون ته منظور نه هيو پر واپس ورڻ جي انهن ۾ همت نه هئي. دهشتگرد ڏينهن ڏٺي دوڪان ساڙي رهيا هيا. انهن وٽ جديد اصلحو هيو، ڪنهن کي انهن سامهون وڄڻ جي جرئت نه هئي. دوڪان سڙندا رهيا ۽ منظور بند دوڪان ۾ ڊمين سامهون ويهي پنهنجي سڙڻ جو انتظار ڪندو رهيو. منظور محسوس ڪيو، هن جي هٿ ۾ سرڪاري نوڪريءَ بجاءِ رحم جي درخواست آهي ۽ هو ڊمين سامهون حياتيءَ جي خيرات گهري ٿو. ڊميون جن کي شيروانيون پاتل هيون. واسڪوٽيون پاتل هيون، قميصون ۽ شلوارون پاتل هيون. فل سوٽ، ٽائيون ۽ ٽوپيون پاتل هيون. بازار کي باهه وڪوڙيندي وئي. دوڪان سڙندا ويا ۽ منظور محسوس ڪيو، دونهون بند شٽر هيٺان اچي دوڪان ۾ ڦهلجي ويو آهي. دوڪان سڙڻ وارو هيو ۽ دوڪان ۾ بيٺل ڊمين ۾ ساهه پئجي ويو. منظور انهن مان هڪ ڊميءَ وٽ آيو ۽ دانهن ڏنائين.
“اي شيرواني پائي بيٺل ڊگهي قد وارا مون کي بچاءِ”
سڀ ڊميون کِلڻ لڳيون ۽ انهن جا ٽهڪ ڦهليل دونهي ۾ ائين گونجڻ لڳا جيئن ڪنهن فحش لطيفو ٻڌايو هجي، ڄڻ سڀ ڊميون جيئريون ٿي پيون هيون. هڪ ڊميءَ ڳالهايو.
“سڀ ٺيڪ آهي… امن آهي… آشتي آهي.”
ٻي ڊميءَ چيو.
“ڪجهه نه آهي، اجايو گوڙ آهي، واويلا آهي.”
منظور سوچيو شايد ڊميون سچ چئي رهيون آهن پر محسوس ڪيو دونهي سان گڏ باهه جون چڻگون به اندر اچي رهيون آهن. هن واسڪوٽي پاتل ڊميءَ کي پڪاريو.
“ڀائي رحم ڪر، منهنجي حياتي بخش.”
ڊميون وري کِلڻ لڳيون ۽ انهن جا ٽهڪ چڻگن جيان دوڪان ۾ ڦهلجي ويا.
“ڪجهه نه آهي… اجايو وهم نه ڪر… وهاڻي کي ٺيڪ ڏئي سمهي پئو.”
منظور خوف کان ڏڪندو اهڙي ڊميءَ وٽ آيو جنهن کي شلوار قميص پاتل هئي.
“مرشد ڪرم ڪر، نه ته مان مسڪين مفت ۾ مري ويندس.”
هن جي ڳالهه تي ڊميون وري کِليون ۽ انهن جا ٽهڪ دونهي ۾ کنگهندڙ منظور جي کنگهه سان ملي هڪ ٿي ويا.
“مان هر مسڪين سان گڏ آهيان، پريشان نه ٿيءُ، اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.”
هڪ ڊميءَ ڳالهه پوري ڪئي ته ٻي ڳالهايو “اسان پنهنجيون ذميواريون سمجهون ٿا.”
منظور وڌندڙ باهه ڏسي بي چين ٿي ويو ۽ پاڻيءَ بنا مڇي جيان ڦتڪڻ لڳو.
“ڪيئن پريشان نه ٿيان، باهه وڪوڙي وئي آهي ۽ توهان چئو ٿا ته ماٺ ڪري ويهان.”
پوءِ هو اڳتي وڌي ڪوٽ ۽ ٽاءِ پائي بيٺل ڊميءَ وٽ آيو ۽ ان کي عرض ڪيائين “وڏا صاحب تون فرياد ٻڌ، باهه مان ٻاهر ڪڍ.”
وڏي صاحب سڀ کان وڏا ٽهڪ ڏنا.
“مان وٽ اهڙين ڳالهين لاءِ وقت نه آهي، ڇو جو ٻيا گهڻا مسئلا آهن، تون درخواست سِلم شرٽ واري کي ڏي ۽ هليو وڃ.”
منظور باهه ۾ ڀڄندو سِلم شرٽ واري وٽ آيو ۽ چيائين
“اي رحمدل ڪامورا منهنجي فرياد تي غور ڪر”
ان کان اڳ جو ڪاموري جي ڊمي ٽهڪ ڏئي، ڀرسان بيٺل ڊمي جنهن جي شڪل گهرو وزير جي چهري سان ملندڙ هئي ان چيو “ڇو پريشان ٿيو آهين، امن امان جي صورتحال ايڏي خراب ته نه آهي جيتري گذريل حڪومت ۾ هئي.”
باهه وڌندي وئي ۽ هر شيءِ سڙندي وئي. بوهري سيٺ جو ڪائونٽر سڙي ويو. ڪپڙا سڙهڻ لڳا ۽ دخل چوڌاري باهه ڀڙڪڻ لڳي. منظور حياتيءَ مان مايوس ٿي ويو. هو باهه سان ڀريل دوڪان ۾ ڊوڙون پائڻ لڳو. ڊميون سڙنديون رهيون ۽ ٽهڪ ڏينديون رهيون. سڙي خاڪ ٿي وڃڻ کان اڳ منظور سوچيو، هن جو موت هڪ انسان جو موت هوندو، ڇو جو انسان، انسان آهي ۽ ڊميون، ڊميون آهن.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …