گل شير ٽڳڙ
مختلف صنفن جون وصفون
ادب جون وصفون
- علامه آءِ. آءِ. قاضي: اُهو علم يا اُها تحرير جيڪا ادب، لطافت، زيب ۽ زينت عمل ڏانهن اشارو ڪري، ان جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، ان کي ادب چئبو آهي.
- الهداد ٻوهيو: ادب انهيءَ اظهار جو نالو آهي، جيڪو هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي پيداوار آهي.
- افلاطون: ادب آهي ئي اُهو، جنهن ۾ خلق ۽ اخلاق توڙي سچائي ۽ صداقت جي نشوونما ٿئي.
- ميٿيو آرنلڊ: ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي.
- هڊسن: ادب ٻوليءَ جي ذريعي زندگيءَ جو اظهار آهي.
- هيگل: ادب قومن جي ڪمال ۽ زوال جو آئينو آهي.
- لينن: ادب هڪ آئينو آهي، جيڪو آئينو چٽو عڪس نه پَسائي سو آئينو نه چئبو.
سماج بابت وصفون
- نامعلوم: ماڻهن جو اهڙو گروهه جيڪو تاريخ، عقيدي، زبان، زندگيءَ جي طور طريقن ۾ نه صرف گهرو واسطو رکندو هجي، پر اُهو گروهه جنهن جا ماڻهو هڪ محدود زمين جي خطي ۾ هڪ قانون ۽ هڪ آئين جي تحت رهندا هجن ۽ زندگي بسر ڪندا هجن، اهڙي گروهه کي سماج چيو ويندو آهي.
- ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو: سماج انسان جي ماحول جي پيداوار آهي، ان جو واسطو اجتماعي زندگيءَ سان آهي.
- غلام مرتضيٰ شاڪر: سماج هڪ اهڙو انساني گروهه آهي، جنهن ۾ هو ڪافي عرصي کان گڏجي رهن ٿا، ايستائين جو هو منظم ٿي وڃن ٿا.
- ايف.ايڇ. گڊنگ: معاشرو يا سماج هڪ جهڙا خيال رکندڙ فردن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو هم خيال هجڻ ڪري مفادن لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا.
نثر
- غلام علي الانا: جڏهن دماغ جي خيالات جو اثر ٻين تائين پهچي ٿو ته اهڙي اثر کي نثر چئبو آهي.
- نامعلوم: نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، رواني، بياني قوت، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ٻيون انيڪ خوبيون هونديون آهن.
مضمون
- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: مضمون نويسي اهڙي لياقت ۽ قابليت کي چئبو آهي، جيڪا صرف و نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي. مضمون جنهن به مطلب لاءِ لکيل هجي، ان جو هر پهلو نظر ۾ رکجي. لفظ اهڙا ته سٺا ۽ مٺا هجن، جيڪي ڪنن کي سُريلا ۽ سٺا لڳن، جيڪي زبان تي تڪڙا اچن، بد آواز ۽ ڳرا آواز نه هجن، ان کي ئي مضمون چئبو آهي.
- جان لوبن: مضمون نثر جي اُها صنف آهي، جنهن ۾ شخصي تاريخي يا سماجي نقطه ادا کان روشني وڌي وڃي ٿي.
- جانسن: مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالات سان ڀرپور هڪ ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان نڪري ٿي.
- سر اينڊ منڊگاس: مضمون عام طرح هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوءَ تي آساني ۽ سرسري انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي.
جيون ڪهاڻي
- مرزا قليچ بيگ: جيون ڪهاڻي يا آتم ڪهاڻي ڪنهن قوم جي تاريخ، ان جي بادشاهن، مهندارن جي سوانح عمرين جو مجموعو آهي.
- ليئون ايڊل: جيون ڪهاڻيءَ کي تاريخ جي هڪ شاخ سمجهڻ گهرجي. جيئن ته ان جو دارومدار واقعن جي تسلسل ۽ لکيل مواد توڙي زباني مواد جي وضاحت تي آهي، جيڪو تحقيق، يادگيرين جي بنياد تي قائم ڪيو وڃي، ان کي تخليقي ادب جي شاخ به سمجهي سگهجي ٿو.
- انسائيڪلو پيڊيا آف بريٽنڪا: هي هڪ غير افسانوي ادب جو قسم آهي. عام طرح سان هن ۾ آتم ڪهاڻي به اچي وڃي ٿي، جنهن جو موضوع هن جي پنهنجي تاريخ جو بيان هوندو آهي.
شاعري
- شيخ اياز: شاعري اطمينان ڀريل خاموشيءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي.
- پرڏيهي اديب: شاعري موزون عبارت کي چئبو آهي.
- نامعلوم: شاعري خوشي يا راحت پهچائيندڙ اُهو فن آهي، جيڪو جذبات جو تصوراتي بيان ڪري ٿو ۽ اندر جي احساسات کي موزون زبان ذريعي پڌرو ڪري ٿو.
- ڊارون: شعر ۽ شاعري انساني جذبن کي زندهه رکي ٿي، نه ته ان کان سواءِ جذبن جي مرده ٿي وڃڻ جو خطرو آهي.
ڪردار نگاري
- رابنسن: ڪردار نگاري معنيٰ ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي اهڙي انداز ۾ ڪم ڏيکاريل هجي، جو هو ڪتابن جي بيجان پنن مان ٻاهر نڪري هڪ شخصيت جيان اسان جي سامهون بيهن.
افسانو/ ڪهاڻي
- ايڊگر ايلن پو: افسانو اها مختصر ڪهاڻي آهي، جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهي سگهجي.
- منشي پريمچند: افسانو زندگيءَ جي ڪنهن هڪ پهلو ۽ جذبي کي ظاهر ڪري ٿو.
- مولانا غلام محمد گرامي: انسان ۽ ان جي زندگي هڪ افسانو آهي، ڪو طويل ته ڪو مختصر.
- امر جليل: ڪهاڻي اظهار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گهڙين مان هڪ گهڙي انيڪ آزمائشن ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري ٿي سا فني طرح Short Story يعني ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي.
ٻوليءَ بابت وصفون
- نامعلوم: ٻولي خودبخود اختيار ڪيل اهڃاڻن جي نظام ذريعي خيالن، جذبن ۽ خواهشن کي ٻين تائين پهچائڻ جو خالص انساني ۽ غير جبلي طريقو آهي.
- محمد ابراهيم جويو: ٻولي آواز، دانهن ۽ دانهن جو جواب آهي. ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون زندگيءَ جي وڏ وٿ آهن ۽ ان لاءِ وڏو آٿت آهي، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهي.
- الهداد ٻوهيو: اسان جي ٻولي اسان جي گڏيل من (Collective mind) جي ڪهاڻي آهي. اُها ڪهاڻي اسان ماڻهن جي اسان جي سماجي ادارن ۽ اسان جي گڏيل ڪلچرل ڪارڪردگيءَ جي هڪ تاريخ آهي.
- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ٻولي تهذيب يا سڀيتا جو آئينو آهي يا اڃا به ائين چئجي ته ٻوليءَ ۾ انساني سڀيتا جي آتم ڪهاڻي سمايل آهي.
لسانيات
- غلام علي الانا: علم لسان انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهڙو علم آهي جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتين، صرفين، فڪرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب يعني صرفي، صوتي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ عملن بابت مواد مهيا ڪري ٿو. مطلب ته ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جا دنيا جي مختلف ٻولين صوتي، صرفي ۽ نحوي سرشتي ۽ نظام جي مطالعي کي علم لسان چئبو آهي.
- انسائيڪلو پيڊيا آف برٽينڪا: ٻوليءَ جي سرشتي وار مطالعي کي لسانيات چئبو آهي، جنهن ۾ ان جي مزاج، جوڙجڪ جي ايڪن ۽ ڪنهن به اهڙي نظام ۾ ترميم جي ڇنڊڇاڻ اچي وڃي ٿي.
صوتيات
- صوتيات ڳالهائڻ جي آوازن جو سائنسي مطالعو آهي. هي علم آواز ڪيئن اُچاريا، منتقل ۽ موصول ڪيا وڃن ٿا جو مطالعو آهي.
صرفيات
- صرفيات لفظن جي جوڙجڪ جو علم آهي. هيءَ لسانيات جي اُها شاخ آهي، جيڪا لفظن کي صرفين ۾ ورهائي ٿي. هن کي لفظن جو گرامر سمجهي سگهجي ٿو، جيئن نحويات جملي جو گرامر آهي.
- علم صرف اهو علم آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن ۾ انهن جي جزن جي جوڙجڪ، سٽاءَ ۽ بيهڪ جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي وياڪرڻي مواد ۾ جيڪي خودمختيار يا آزاد صورتون يا پرورس صورتون هونديون آهن، انهن جي استعمال جي خبر پوندي آهي. هن علم جي اڀياس جي دائري ۾ فقط لفظ اچن ٿا.
نحويات
- انسائيڪلو پيڊيا آف برٽينڪا: علم نحويات لفظن جي جملي ۾ تنظيم، جملي جي حصن يا جُزن ۽ فقرن، جملي جي بناوت ۽ سندن جوڙجڪ جي جزن جي لاڳاپي جو علم آهي. نحويات جملي جو گرامر آهي.
مددي ڪتاب
- ادب زندگي ۽سماج “مرتب“انور فگار هڪڙو.مهراڻ اڪيڊمي
- سنڌي نثر جي تاريخ “ڊاڪٽر غلام علي الانا
- سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“پروين موسيٰ ميمڻ“ روشني 2015
- سهڻي امر جليل نمبر
- سنڌي ڪهاڻي جي اوسر “جڳديش لڇاڻي“
- علم لسان ۽ سنڌي زبان“علي نواز جتوئي“انسٽيٽيوٽ آف سنڌيولاجي
- سنڌي صوتيات“ڊاڪٽر غلام علي الانا“سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2009
- سنڌي ٻولي جو اڀياس“ڊاڪٽر غلام علي الانا “انسٽيٽيوٽ آف سنڌيولاجي ٻيو ڇاپو 2005.
- انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينڪا.