خميس , نومبر 21 2024
sd

”ڇو وِھ کائي نه مرين؟“

سيما ممتاز عباسي

          رات جا ٽي ٿيا ھئا، آءٌ اگھور ننڊ ۾ پلنگ تي ستل ھُيس ته مون ڏٺو ته منھنجو مڙس نُور دروازي تي بيٺو مون کي دل لڀائيندڙ آواز ۾ سڏ ڪري رھيو ھو. ھن کي فوت ٿئي ٽي سال ٿي ويا ھئا ۽ آءٌ ڇِرڪ ڀري ننڊ مان اُٿي ويھي رھيس. اکيون ڦاڙي دروازي ڏانھن نھارڻ لڳيس، دروازي جو پردو ھوا ۾ جھولي رھيو ھو. مون امان کي سڏ ڪيو، جيڪا پاسي واري ڪمري ۾ سُتل ھئي. منھنجو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ بيھوش ٿيڻ واري ھيس، ته امان ڊوڙي آئي ۽ اچي مون کي ڀاڪرن ۾ وڌائين.

          ”امان زينو ڇا ٿيو؟“ مون پنھنجون پورجندڙ اکيون کولي کيس چتائي ڏٺو ۽ جھيڻي آواز ۾ چيومانس، ”امان ھُو وري آيو ھو.“

          ”خدا کيس پھچي، حياتيءَ ۾ ته منھنجي ڌيءُ کي ڪو سُک ڪونه ڏنائين پر مرڻ کانپوءِ به ان جو سُک ڦٽائي ڏنو اٿس. مٺڙي تون سمھي رھ منھنجي گود ۾، ڏسان ته اھو ھاڻ ڪيئن ٿو اچي.“ 

          پوءِ آءٌ امان جي گود ۾ سمھي رھيس.

          جڏھن کان وٺي منھنجي نئين رشتي جي ڳالھ پڪي ٿي، تڏھن کان وٺي نُور منھنجي خوابن ۾ اچڻ شروع ڪيو ھو ۽ مون کي ڊيڄارڻ لڳو ھو. پڌريءَ واري رات جڏھن ھن کي گذاري پوڻا ٽي سال کن ٿي ويا ھئا، ھو پھريون دفعو آڌي رات جو منھنجي سري کان اچي بيٺو ۽ مون کي چوٽيءَ کان جھلي اٿاريائين ۽ چيائين ”زينو! ھي تو ڇا ڪيو؟ تون جوان آھين، حَسين آھين. ٻي شادي ڪرين ته ڀلي ڪر پر ڪنھن سنڌ جي وجود جي ويريءَ سان ته نه ڪر، توکي خبر آھي ته مون سڄي عُمر انھيءَ جدوجھد ۾ گذاريو جيڪا جيجل سنڌڙي ۽ ان جي مٺڙن ماڻھن لاءِ ھئي. اھو شخص جنھن سان تون شادي ٿي ڪرين، اھو ڪيتري دولت ۽ رُتبي جو مالڪ ئي سھي پر نيٺ ته ڌاريون آھي، پنھنجي ديس ۽ ديس واسين جو دشمن آھي. ڌريان ئي ڌاريون آھي، تو ڪيئن ھن کي پنھنجو مِٽ ڪيو آھي؟ ڇا تنھنجي ڪُک مان جيڪي ٻار ڄمندا اُھي پنھنجي مُلڪ ۽ ماڻھن سان ڀلائي ڪندا؟ ڪڏھن نانگن مان ڀلائيءَ جي اميد ڪري سگھجي ٿي…..؟“ مون ڪنڌ ڌوڻيندي ۽ پنھنجي وارن جي چوٽيءَ کي ڇڏائيندي کيس رڙ ڪري چيو، ”آءٌ ھن سان محبت ڪريان ٿي، تون ڪير ٿيندو آھين مون کي روڪڻ وارو….“ ائين چئي بيھوش ٿي ويس.

          پوءِ ھو چوٿين يا پنجين رات ائين اچي پيو مونکي ڊيڄاريندو ھو.

          نُور منھنجو سوٽ ھو. ايم- اي پاس ڪئي ھئائين ۽ ڪاليج ۾ ليڪچرار ھو. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ويندي اُن ڏينھن تائين جڏھن ھو گذاري ويو، ڏينھن رات ھن جي سِر ۾ سنڌ جو سوداءُ سمايل ھوندو ھو. ”سنڌ مظلوم آھي، سنڌي مظلوم آھن.“ ھر ويل اھائي وائي ھوندي ھيس. لکندو به ھو، شاعري به ڪندو ھو پر سڀ کان وڌيڪ صبح شام تحريڪن، جلسن، جلوسن، تقريرن، بيانن، پروگرامن ۾ لڳل ھوندو ھو. اسان جي شاديءَ کانپوءِ فقط ڪي چند ڏينھن ھن مون سان محبت جا گذاريا، پر پوءِ وري ساڳي طرح مٿس سنڌ جي محبت سوار ٿي ويئي. ھو مونکي ڪنھن به اختيار ۾ نه آڻيندو ھو. صبح جو اٿندو ھو ته رات جو ھڪ وڳي گھر ايندو ھو، ماني کاڌي نه کاڌي جھڙي سمھي پوندو ھو، وري ٻئي ڏينھن ساڳي ڪار، ھن جو پگھار سندس ئي انھن سرگرمين تي خرچ ٿيندو ھو. گھر ۾ ٽڪو به ڪونه ڏيندو ھو. مون کي چئن سالن جي شاديءَ کانپوءِ واري عرصي ۾ ھڪڙو لٽو به نه وٺي ڏنو ھئائين. پر مونکي ان ڳالھ جي پرواھ به ڪونه ھئي، ڇاڪاڻ ته منھنجو مرحوم پيءُ منھنجي لاءِ تمام گھڻي ملڪيت ڇڏي ويو ھو. پنھنجو سٺو گھر ھيوسين، ڪافي زمين ھئيسين جنھن مان ساليانو سٺي آمدني ٿيندي ھئي. بابي صاحب ھڪڙو بنگلو به ڪراچيءَ ۾ ٺھرايو ھو جتي ڪڏھن ڪڏھن وڃي رھندا ھئاسين. سال کن ٿيو ته پاڻ گذاري ويو ھو ۽ انھيءَ ڪري سڄي ملڪيت جي وارث آءٌ وڃي ٿي ھيس، ڇاڪاڻ ته امان ۽ بابي کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪونه ھو. آءٌ ئي اڪيلي سندن ڌيءُ ھُيس. جيڪڏھن نُور چاھي ھا ته ان ملڪيت کي گھڻو ڪجھ وڌائي سگھي ھا ڇاڪاڻ جو آءٌ سندس زال ھيس ۽ منھنجي ملڪيت ته سندس ملڪيت ھئي. پر ھو ائين ڪري به ڇو ٿو؟ ھن کي ته ھڪ جُنون ھو. ھن کي سنڌ جي خدمت ڪرڻي ھئي، اٿئي ويٺي سنڌ … سنڌ …. سنڌ ٻڌي آءٌ ته ڪَڪ ٿي پوندي ھيس. چوندي ھئيسانس، ”ھل مونکي ھلي کيل ڏيکاري اچ، گھمائي ڦيرائي اچ، ھل ته ڪراچيءَ ۾ ڪجھ وقت ھلي رھون ۽ سير سفر جو ڪو لطف وٺون، پر ھن جي لاءِ سڀ ڪجھ پنھنجي تحريڪي زندگي ھئي. آخر ٿيو به ائين. اسانجي شھر جي ڀر واري ڳوٺ ۾ مقامي ھارين ۽ غير مقامي آبادگارن جي وچ ۾ ڪو جھڳڙو ھلندڙ ھو. ھو ھارين جي ھميشہ پٺڀرائي ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن جڏھن ھو انھي سلسلي ۾ شام جو ان ڳوٺ ڏي ويو ته صبح جو سندس لاش ڪئنال مان نڪتو. معلوم ٿيو ته رات جو ھو دير سان واپس اچي رھيو ھو ۽ جيئن ئي ھو واٽ تي ڪئنال جي ڪَپ تي ھٿ منھن ڌوئڻ لڳو ته پير ترڪي ويس ۽ ان ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي ويو. ھو اڻ تارو ھو اھا مون کي ته خبر ھئي پر انھي حادثي پويان ڪا سازش ھئي، ان ڳالھ جي ڪا خبر نه پئي. ھن جي مرڻ کانپوءِ آءٌ ڇھ مھينا کن ته رئندي رھيس. ڪھڙو به ھو آخر ته منھنجو مڙس ھو، منھنجو سرتاج ھو، منھنجو رت جگر سوٽ ھو. ڇھن مھينن کانپوءِ آھستي آھستي وقت اُھو غم ميٽائيندو ويو. آءٌ امان سان گڏجي ٻه نوڪر وٺي اچي ڪراچي ۾ رھيس. اتي منھنجو غم ۾ وڃايل حُسن به وري نکرڻ لڳو ۽ جوانيءَ جي البيلائي وري موٽي آئي. اتي منھنجو ھڪ نوجوان سان عشق ٿي ويو. جيڪو به مون تي ديوانه وارپنھنجي دل لُٽائي ويٺو. اسانجو اھو عشق جو قصو ٻن سالن تائين ھلندو رھيو ۽ نيٺ فيصلو ڪيوسين ته شادي ڪنداسين. ھو به دولتمند مائٽن جو پُٽ ھو ته آءٌ به ھڪ پئسي واري ۽ خانداني ڇوڪري ھيس. پورو جوڙ ھو، رڳو تفاوت اھو ھو ته آءٌ سنڌ جي مِٽيءَ جي پيدائش ھيس ۽ ھو ٻي مِٽيءَ جي. پر آءٌ ته پاڻ پنھنجي مِٽيءَ کان باغي ٿي چڪي ھيس. چار سال نُور سان گذاريندي، اٿئي ويٺي سنڌ جو نالو ٻڌندي، منھنجو ذھن ھاڻي بغاوت ڪرڻ لڳو ھو. منھنجو لاشعور ڄڻ ته مونکي اُڀاري رھيو ھو ته آءٌ پنھنجو جسم اڇلائي ڌارين جي ٻانھن ۾ وجھان، اھڙي طرح انتقام وٺان! نُور کان به، ته سنڌ کان به!    

          ٻي ڌر رشتي جي ڳالھ ٻولھ شروع ڪئي. منھنجي مائٽن پھرين ٿوري ناراضگي ڏيکاري پر آءٌ ھڪ خودسَر ڇوڪري ھيس ۽ پوءِ جڏھن ان ڳالھ تان نه لٿيس ته ھو خاموش ٿي ويا. اھڙي طرح اسان جي ڪراچي واري بنگلي تي اھا پڌرائي واري رسم ادا ٿي ۽ شادي سال کن اندر ٿيڻي ھئي.

          اھو ھو ھيستائين منھنجو داستان، پر ھن کانپوءِ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن نُور جو روح مونکي دھشت زدہ ڪندو رھيو. پنجين ستين رات ھو مونکي ننڊ مان جاڳائي دانھون ڪرائي ويندو ھو. ڪڏھن ھو مون وٽ ھڪ قداور ۽ سگھاري ماڻھوءَ جو روپ وٺي ايندو ھو، ھن جي ھٿن ۾ بندوق ھوندي ھئي، ھن جو بدن سڄو رتورت ٿيل ھوندو ھو. چوندو ھو، ” آءٌ ھوشو آھيان، مون سنڌ لاءِ سِر ڏنو، او! ھڪ سنڌي ماءُ ڇا تو پنھنجي ڪُک مان ڪو ٻيو ھوشو پيدا ڪيو؟ “ ڪڏھن ھو مون وٽ ھڪ اھڙي نوجوان جو روپ وٺي ايندو ھو جيڪو ڦاسيءَ جي تختي تي بيٺو ھوندو ھو ۽ ڦاسيءَ جي رسي ھُن جي ڳچيءَ ڏي وڌائيندا ھُئا ته ھُو چوندو ھو، ”آءٌ ھيمون ڪالاڻي آھيان، آءٌ سنڌڙيءَ جو سپوت آھيان، مونکي اوھان ڀلي ڦاھي چاڙھيو پر ياد ڪري ڇڏيو، سنڌي مائرون لکين ھيمون ڪالاڻي ڄڻينديون، جيڪي اوھان کي ڦاھي ڏيندا.“ ۽ اھو ڦاھي تي بيٺل نوجوان مون ڏي گھوري نھاريندو ھو ۽ آءٌ رڙيون ڪري اُٿي پوندي ھيس. ڪڏھن منھنجو مرھيائتو مڙس نُور مون وٽ ڏاڙھيءَ سان ھڪ سھڻي شڪل وارو درويش ٿي ايندو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ھڪ ڪتاب ھوندو ھو ۽ ھو اُن مان پيو پڙھندو ھو: 

”ھي مُنھن ڏيئي ٻَن، تون ڇو وِھه کائي نه مرين؟

تان جي ملير ڄائيون، توسين سَڱ نه ڪن،

تون ڪيئن منجھان تن، پاڻ ڪوٺائينءَ مارئي؟“

مون کي رئاڙي، اوڇنگارون ڏياري کَٽ تان اٿاري ڇڏيندو ھو. پنھنجي حياتيءَ ۾ نُور مونکي سنڌ جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو. ھوشو، ھيمون ۽ ٻين گھڻن سنڌي سورمن جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو. ھو اھو به چوندو ھو ته ڀٽائي سنڌ ۾ وري جاڳندو ۽ وري سنڌ جو سبق ڏيندو. آءٌ حيران ھوندي ھيس ته ڇا اھو ڪتاب وارو درويش ڀٽائي ھو؟ پوءِ رسالو کولي ان جا اھي ٻول ڳوليندي ھيس ته ساڳيا ئي ھوندا ھئا!

          جيئن شادي ويجھي ايندي وئي تيئن منھنجو راتين جو سُک ڦِٽندو ويو. اڌ اڌ رات تائين ويٺي جاڳندي ھيس، سُمھندي ھيس ته نُور وري ڪنھن نه ڪنھن رُوپ ۾ اچي ننڊ مان اٿاريندو ھو. پوءِ منھنجا ڏينھن ويران ٿي ويا، راتيون سرسام ٿي ويون. آءٌ اڌ پاڳل ٿي ويس. ھڪ رات جيئن ڊپ ۾ جاڳي جاڳي اک لڳي ويم تيئن مون ڏٺو، ھزارين لکين سنڌي مَرد ۽ عورتون مون کي چوڌاري ويڙھي ويا آھن، ھنن جي چھرن تي ھيبتون آھن، ھو مون کي چوندا پيا اچن، ” تون سنڌي پُٽ پيدا ڪندينءَ، تون سنڌي ڌيئرون پيدا ڪندينءَ جيڪي جيجل سنڌڙيءَ جي لڄ رکندا ۽ ان کي پنھنجو ڪندا. ڇا تون ائين ڪندينءَ يا ڪونه ڪندينءَ؟ ٻڌاءِ ٻڌاءِ جلدي ٻڌاءِ؟ “ ھنن جا لکين ھٿ چوڌاري منھنجي ڳچيءَ ڏي وڌڻ لڳا ۽ سندن ڪروڙين سڏ ۽ پڙاڏا منھنجن ڪَنن ۾ گونجي اُٿيا ….. آءٌ دانھون ڪري اٿي ويٺيس.

          ” آءٌ ائين ڪنديس ….. آءٌ ائين ڪنديس آءٌ پنھنجي ڪُک مان سنڌي پُٽ ۽ ڌيون پيدا ڪنديس…. آءٌ پنھنجي گود ۾ سنڌي پُٽ ۽ ڌيون پالينديس، جيڪي منھنجي جيجل سنڌڙيءَ جي لڄ رکندا، ان کي پنھنجو ڪندا ….. ھا …… ھا ….. آءٌ ھن ڌرتيءَ جي ڌڃاڻي آھيان. ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي، ھي ديس منھنجو آھي، آءٌ ان جي ٿينديس ۽ ان کي پنھنجو ڪنديس …..•

……                   ……                     ……

          ٻئي ڏينھن آءٌ ڪراچي ڇڏي پنھنجي شھر ھلي آيس. مون امان کي چيو ته، ” ھاڻي ڪراچيءَ واري ڳالھ کي ختم ڪري ڇڏ. “ ڪجھ ڏينھن کان پوءِ مون پنھنجن ئي مائٽن مان ھڪ سوٽ سان شادي ڪئي. ھو تمام غريب ھو، ٿوري تعليم وٺڻ کانپوءِ ھن جو پيءُ گذاري ويو ھو، تنھن ڪري غربت ڪري اڳتي پڙھي نه سگھيو ھو. ماءُ ۽ ڀيڻ گڏ ھيس، گھر جو پيٽ پالڻ لاءِ مزوري ڪندو ھو…

          شاديءَ رات جڏھن آءٌ ڪنواريتو جوڙو ڍڪي پنھنجي سرتاج جي قدمن ۾ پنھنجو سِر رکڻ لاءِ ڪنڌ جھڪايو پلنگ تي ويٺي ھيس ته اوچتو ڪمري جي در کلڻ جو آواز ٿيو. مون پنھنجي مٿي تان لڙڪيل کنھبي گنديءَ مان ليئو پائي ڏٺو…. ڏسڻ سان حيران ٿي ويس، اُتي نُور بيٺو ھو، سندس چھري تي ھڪ عظيم مُرڪ ھئي، سندس ھڪڙي ھٿ ۾ گُلن جو ھار ھو، ٻي ھٿ جي مُٺ بند ھئي جنھن ۾ ڪا شئي ھئي، ھو آيو ۽ اچي منھنجي ڳچيءَ ۾ اھو ھار وڌائين ۽ اھا مُٺ کولي منھنجي ڳاڙھي چولي جي دامن ۾ ڇنڊيائين. مون ھيٺ ڏٺو، ان ۾ مٽي پيئي ھئي، پوءِ ھن سِر جھڪائي چيو، ” اي سنڌ ديش جي ڌرتي توتي پنھنجو سيس نوايان.“ مون ڪنڌ مٿي ڪري ھن ڏي ڏٺو پر ھو غائب ٿي چڪو ھو.

          مون در ڏي نھاريو….. پردو ساڳي طرح جھولي  رھيو ھو!

( ماھوار ملير ڊائجسٽ آڪٽوبر 1972ع حيدرآباد )

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …