انٽرويو پينل: هوش ڀٽي، عباس ڪوريجو، دودو ديشي
سڦلتا:- هڪ سٺي سفرنامي لکڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟
الطاف:- دراصل توهان ان بدران جي پڇو ته سٺي طرح جهاز هلائڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن ته ان جو جواب ته آئون يڪدم ڏئي سگهان ٿو ۽ سائنسي طريقي سان، جو ان لاءِ مون سالن جا سال تعليم، تربيت ۽ تجربو حاصل ڪيو آهي پر سفرنامو لکڻ لاءِ نه ته ڪو مون ان جي اصولن جو ڪِتاب پڙهيو آهي ۽ نه ڪنهن کان ٽريننگ ورتي آهي جو آئون سکيل اصول، طريقا يا ان بابت ڪي ٻيون ڳالهيون ٻڌائي سگهان. سمنڊ تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ لکڻ منهنجي مجبوري هو ۽ جيڪي ڪجهه ڳالهيون دل ۾ آيون ٿي سي لکندو ويس. مونکي اها ڪا خبر نه هئي ته پڙهندڙ ايڏو پسند ڪندا.
سڦلتا:- ته پوءِ توهان ههڙا ۽ هيترا سفرناما ڪيئن لکيا جي پسند ڪيا وڃن ٿا؟
الطاف:- دراصل منهنجي ستر کن سفرنامن مان آخري ڪجهه ڇڏي باقي جن کي توهان سفرناما سڏيو ٿا اهي مون سفرناما لکڻ جي نيت سان نه لکيا. لکڻ پڙهڻ جي عادت ننڍپڻ کان هيم. پوءِ جڏهن سامونڊي نوڪري شروع ڪيم ته وقت پاس ڪرڻ لاءِ پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيم جو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پاڻيءَ جو جهاز ڪيترائي ڏينهن لڳائي ٿو ۽ خاص ڪري منهنجي سامونڊي نوڪري وارن شروع جي ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري ڪراچي کان لنڊن 29 ڏينهن کن لڳي ويا ٿي. ڪولمبو (سريلنڪا) کان ڪيوبا يا ڪئناڊا پهچڻ ۾ 30 ڏينهن کن لڳي ويا ٿي جو سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. پوءِ ايڏو وڏو عرصو گذارڻ لاءِ آئون اهي ڳالهيون لکڻ لڳس جيڪي مونکي لڳو ٿي ته ٻين کي مزو ڏينديون، حيرت ۾ وجھنديون، خاص ڪري اسان جي سنڌين کي … جن ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي. انهن کي منهنجيون اهي ڳالهيون معلومات ڏينديون ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪنديون. اهڙيون ڳالهيون ڪالمن جي روپَ ۾ ان وقت جي عبرت اخبارَ ۾ اينديون هيون جن کي پبلشر گڏ ڪري ڪِتاب ڇپڻ لڳا. باقي ڪجهه ڪِتابَ خاص ڪري آخر وارا ”سفرناما لکڻ“ جو سوچي ٻاهر نڪتس ۽ انهن ڪِتابن ۾ سفر جو مڪمل احوال قلمبند ڪيم.
سڦلتا:- انهن ۾ توهان ڪهڙا معيار ۽ ماپا رکيا؟
الطاف:- انهن ۾ مون هڪ ته ان ملڪ جي ڄاڻ ڏيڻ جو سوچيو، مثال طور ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڄاڻ جو اوڏانهن اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو تمام گهڻو وڃڻ ٿي پيو آهي، ۽ ٻيو انهن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي هم وطنين جي زندگي بابت ته هو پرديس ۾ ڪيئن ٿا گذارين ۽ هنن کي ڪاميابي ڪيئن نصيب ٿي، وغيره.
سڦلتا:- ڇا سفرنامو 100 سيڪڙو حقيقتن تي مبني هجڻ لازمي آهي؟
الطاف:- سفرنامو نه تاريخ آهي ۽ نه ريسرچ ورڪ جيڪو ڪو عالم يا محقق لکي. سفرنامو مون جهڙي هڪ عام رول جي سفر جي ڪٿا آهي … اها ڀلي کڻي هڪ عالم، فوجي، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر جي هجي پر هو جڏهن سفر تي نڪري ٿو ته هو ڪو هر ڳالهه جي کوجنا ڪرڻ لاءِ نٿو نڪري پر هو سير تفريح لاءِ نڪري ٿو ۽ هو جيڪي ڪجهه اکين اڳيان ڏسي ٿو ان جو احوال لکي ٿو … پوءِ اها ڳالهه کڻي عام نه هجي پر پرديس ۾ آيل مسافر ان کي عام سمجهي ٿو. مدراس، ڪولمبو ۽ بنگلاديش بعد جڏهن آئون قاهري مصر جي ايئرپورٽ تي ڪلاڪ ٻن لاءِ ترسيس ته اتي ايئرپورٽ جي هاءِ ڪلاس دڪانن ۾ ميڪ اپ ۽ خوشبوءِ ۾ ٽٻ ڳورين ۽ صحتمند مصري ڇوڪرين کي ڏٺم ته مون هڪ مسافر جي حيثيت ۾ اتي جي احوال ۾ لکيو ته مصري ڇوڪريون دنيا جون حسين ترين ڇوڪريون آهن. پر پوءِ ويهارو کن ملڪن ۾ رهڻ بعد محسوس ڪيم ته اسپيني، يوناني ۽ اطالوي ڇوڪريون ته اڃان وڌيڪ سهڻيون آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته آئون حقيقتون ويٺو بيان ڪريان. سفرنامي ۾ مسافر جو پنهنجو مشاهدو ۽ پنهنجي سوچ جو ذڪر هوندو آهي ٻي ڳالهه ته سفرنامن ۾ ڪڏهن ڪڏهن شرمندگي کان بچڻ لاءِ پاڻ سان ٿيل جٺ يا پنهنجي بيوقوفي ٻين جي نالي به لڳائي وڃي ٿي يا ٻئي جو عشق يا روداد پنهنجي نالي به هڻڻي پوي ٿي جو ٻي ساٿي جي ڇو بيعزتي ٿئي.
سڦلتا:- توهان پنهنجي سفرنامي ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڏيڻ پسند ڪيو ٿا؟
الطاف:- منهنجي لاءِ زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن يا سال ۾ هڪ ٻه دفعو سفر نه پر سڄو سال سفر ۾ رهڻ ٿيو آهي. سفر جو هڪ هڪ ڏينهن ڪهاڻي ۽ قصو آهي پر آئون ڪوشش ڪري انهن ڳالهين، تجربن، مشاهدن جو ذڪر ڪرڻ پسند ڪريان ٿو جن مان اسانجا ماڻهو Educate ۽ Entertain ٿي سگهن.انهن مان هنن کي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
سڦلتا:- نئون سفري ڪِتاب ڇپرائڻ وقت مواد ڪهڙو ۽ ڪيئن چونڊيندا آهيو؟
الطاف:- ڪن ڪن ملڪن جو سفرنامو لکڻ وقت تمام گهڻو خبردار رهڻو ٿو پوي جيئن انهن سان لاڳاپو رکندڙ اسانجي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي دل آزادي نه ٿئي ڇو ته آئون اهو نه چاهيندو آهيان ته ڪنهن کي ڏکوئجي. ڪوشش ڪري ڪنهن جي خراب ڳالهه يا عيب کي ظاهر ڪرڻ بدران هن جون نيڪيون ظاهر ڪجن ۽ ٻين ۾ به اُتساهه پئدا ڪجي. ان ڪري انڊيا، ايران ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جا سفرناما لکڻ وقت وڌيڪَ خيال رکڻو پيو ٿي.
سڦلتا:- سفر دوران ڪنهن حسينا سان اکيون چار ٿيون؟ ڪا توهان تي فدا به ٿي هوندي؟
الطاف:- دراصل ولايت ۾ ڇوڪرين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا عام دوستي رکڻ ٻي ڳالهه آهي جو تعليم دوران يونيورسٽي ۾، يا نوڪري دوران جهازراني ۽ ان سان واسطو رکندڙ آفيسن ۾، مردن توڙي عورتن سان واسطو پوي ٿو. باقي اسان وٽ اهو هڪ خواب خيال (myth) آهي ته اسانجو پاڪستاني جيڪو ولايت ٿو وڃي ان تي ڇوڪريون فدا پيون ٿين ۽ ان myth کي ڪجهه اڙدو جي سفرنامن لکڻ وارن به هوا ڏني آهي. پر آئون بار بار لکي چڪو آهيان ته اهڙي ڪا ڪهاڻي ناهي. جواني جي ڏينهن ۾ جڏهن سئيدن جي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين ته اسان پاڪستانين کان ته ڇا ايراني، سعودي عرب ۽ ڪويت جي سهڻن جوانن ۽ پئسي وارن جهازران آفيسرن کان به يورپي عورتون پري پيون ڀڄنديون هيون. هڪ سفرنامي ۾ اهو به لکي چڪو آهيان ته سئيڊن ۾ بس مان ڪو اسانجو ايشيائي لهندو هو ته سندس خالي سيٽ تي وهڻ لاءِ، بيٺل پوڙهي مائي به ڪجهه دير ترسي پوءِ وهندي هئي … ڄڻ هو ڪو پٺيان جراثيم ڇڏي ويو هجي. سو اهڙي سيناريو ۾ مڪاني ڇوڪريون پنهنجا يورپي ڇوڪرا ڇڏي اسان پاڪستانين تي مرنديون!! سوچڻ جي ڳالهه آهي.
سڦلتا:- اوهان جي نظر ۾ سفرنامو سماج ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿو؟
الطاف:- سفرنامي ۾ مسافر مختلف ملڪن جي مختلف دورن جو احوال ٿو لکي. هو ٻين ملڪن ۽ ماحولن جي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي حالت سان ڀيٽ ڪري ٿو. جنهن مان پڙهندڙ سبق سکي سگهن ٿا ۽ اها ڄاڻَ به حاصل ڪري سگهن ٿا ته ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقي لاءِ ڇا ڇا ضروري آهي. مثال طور 1968ع جي ڏينهن ۾ جڏهن آئون پهريون دفعو سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ ويس ته اهي اسان کان غريب هئا … ائگريڪلچر توڙي ٽيڪنالاجي ۾ … ويندي ڪوريا به هڪ پٺتي پيل ملڪ هو. اڄ اهي ملڪ تعليم، محنت ۽ قانون تي هلي يورپ جهڙا سکيا ستابا ٿي ويا آهن ۽ اسان پٺتي رهجي ويا آهيون. هنن جي ترقيءَ جون ڳالهيون اپنائي اسان به انهن جهڙا بلڪه انهن کان به اڳڀرا ٿي سگهون ٿا.
سڦلتا:- سنڌي سفرنامو ڪيترو پڙهيو وڃي ٿو؟
الطاف:- سائين توهان سفرنامي جي ڳالهه ٿا ڪريو اسان وٽ … خاص ڪري سنڌي ماڻهو ڪجهه به نٿا پڙهن۔ هڪ ڪروڙ جي آباديءَ ۾ هڪ هزار ڪِتاب به نٿا هلن. ڪورس جي ڪِتابن به دلچسپي سان مڪمل نٿا پڙهيا وڃن. ٻارن حوالي ڪمپيوٽر، ٽي وي ۽ ٽيبليٽ ڪيا وڃن ٿا. مائٽن کي چئه کڻي ته وراڻيندا ”ماڊرن دور آهي. I.T جو دور آهي…..‘ هاڻ سائين ڏيو منهن! جپان، ملائيشيا توڙي انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ته اڄ به ٻار توڙي نوجوان ڪِتاب پيا پڙهن. ۽ ڪمپيوٽر تي به اسان جو نوجوان ڪو پروگرامنگ يا هنر نٿو سکي … رڳو فيس بوڪ کوليو ويٺو آهي، بي ضرورتو Chat پيو ڪري يا واحيات ويب سائيٽ کوليو ويٺو آهي. اهو ئي ته سبب آهي جو ولايت ۾ اسانجي پاڪستانين جي فرمن ۽ آفيسن ۾ به انڊين ۽ بنگلاديشين کي رکيو وڃي ٿو جو هو علم توڙي IT ۾ اسانجي ماڻهن کان تيز آهن … بلڪ آئون ته اهو چوندس ته بين الاقوامي اخلاق ۾ به هو اسان کان وڌيڪ آهن.
سڦلتا:- سفرنامو لکڻ سولو آهي يا ناول؟
الطاف:- ناول يا افسانو توهان آرام سان سوچي لکي سگهو ٿا پر سفرنامو لکڻ واري کي کپي ته هو سفر دوران Points ته لکندو وڃي پر موٽڻ تي يڪدم لکڻ شروع ڪري ڏئي جو ان معاملي ۾ جيتري دير ڪندو هن جو يادگيرو گهٽبو ويندو. جهاز تي هجڻ ڪري مونکي اهو فائدو هوندو هو ته جهاز هفتو ٻه بندرگاهه جي گوڙ گهمسان ۾ رهڻ بعد ٻي بندرگاهه ڏي روانو ٿيڻ وقت مونکي سمنڊ تي لکڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن سڪون جا ملي ويندا هئا.
سڦلتا:- هڪ سفرنامو لکڻ لاءِ توهان کي گهڻا ڏينهن لڳن ٿا؟
الطاف:- هر سفرنامي جي نوعيت مطابق وقت لڳي ٿو. ”سنگاپور ويندي ويندي“ ڪِتاب هڪ ڏينهن جو سفرنامو آهي پر ان ۾ ڪيتريون ئي Flash Back ۾ ڳالهيون لکيون اٿم ۽ اهي ڳالهيون هلڪيون ڦلڪيون هجڻ ڪري مهيني کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪري ورتم. ساڳي وقت ”ايران ڏي اڏام“ ڪِتاب مڪمل ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو پاڻ کي ڇهه مهينا کن گهر ۾ قيد ڪري رکيو هو جو ان جي هڪ هڪ چئپٽر لکڻ لاءِ مونکي ڪيترائي مضمون ۽ ڪِتاب پڙهڻا پيا ٿي. واسطيدار ماڻهن کان فون تي معلومات حاصل ڪرڻي پئي ٿي ۽ ڪيڏانهن نڪرڻ يا دوستن سان ملڻ ڇڏي ڏنم جيئن سمورو وقت منهنجو ڌيان ان سفرنامي تي ئي هجي. اهڙي طرح انڊيا جي سفرنامن … خاص ڪري ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”هلي ڏسجي هندستان“ تي به مونکي ڪافي پڙهڻو پيو ۽ ڪنهن به غلطيءَ کان بچڻ لاءِ انڊيا ۾ مليل مختلف ماڻهن کان بار بار معلومات وٺڻي پئي ٿي جو سفر دوران ڪيترن ماڻهن جون ڳالهيون چڱي طرح نوٽ نٿيون ٿين ۽ هنن کان وري پڇڻيون پون ٿيون.
سڦلتا:- تنهنجي معنيٰ ته سفرنامي لکڻ لاءِ ان جي support جا ڪِتاب پڙهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ به ضروري آهي؟
الطاف:- ڳالهه اها آهي ته نه رڳو سفرنامو پر ڪو مضمون، ناول يا ڪهاڻي لکڻ واري لاءِ به مطالعو ضروري آهي. بنا مطالعي جي هڪ ليکڪ سٺي شيءِ پيش ڪري نٿو سگهي. ان ڪري اهي نوجوان جن کي لکڻ جو شوق آهي انهن کي کپي ته ڪِتاب پڙهن …. گهڻي کان گهڻا. خاص ڪري سفرنامي لکڻ واري کي ته کپي ته جنهن جنهن ملڪ ۽ شهر ڏي وڃي ان جي تاريخ جاگرافي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ اڳواٽ حاصل ڪري نڪري. آئون بمبئي جڏهن ويو هوس ته بمبئي شهر جي مختلف ريل گاڏين ۽ ريلوي اسٽيشنن جي نالن کان وٺي بمبئي جي اهم ڏسڻ جهڙين جاين بابت ڄاڻ دماغ ۾ رکي نڪتو هوس. اڳواٽ جي ڄاڻ بنا ڪنهن به نئين شهر ۾ ماڻهو وائڙو ئي محسوس ڪري ٿو. ۽ هو ڇا ڏسي سگهندو ڇا لکي سگهندو؟
سڦلتا:- اوهان ٻاهرين ادب جا ترجما به ڪيا آهن. هڪ سٺي ترجمي ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ کپن؟
الطاف:- مطالعي جي مون ۾ ننڍي هوندي کان عادت رهي آهي. ننڍو هوس ته منهنجا والدين ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ لاءِ چوندا رهيا ٿي … اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگي ۾ انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس ۽ ڪاليج جو ان وقت جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل) عالم جان محسود اسان کي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. جهازن تي ڊگهن سفرن ڪري سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ اسان وٽ تن ڏينهن ۾ فقط هڪ ئي وندر ”ڪِتاب پڙهڻ“ هوندو هو. ۽ مونکي جيڪي ڪجهه ملندو هو پڙهندو رهندو هوس. آفريڪا هجي يا آمريڪا، جپان ڪوريا هجي يا ناروي سئيڊن … بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ سان پهريون ڪم آئون انگريزي ڪِتاب يا رسالا هٿ ڪرڻ جو ڪندو هوس. جيئن سمنڊ تي وقت سٺو گذري. پوءِ ڪي شيون جيڪي مونکي تمام گهڻيون پسند آيون ۽ دل چيو ته اهي ڪهاڻيون منهنجا سنڌي پڙهندڙ پڻ پڙهن، ته اُهي ترجمو ڪيم ٿي.
سڦلتا:- توهان هڪ ناول به ترجمو ڪيو آهي؟
الطاف:- اڄ ڏينهن تائين ڪجهه اهڙا ناول آهن خاص ڪري جپاني ليکڪن جا جيڪي ترجمو ڪرڻ تي دل چوي ٿي پر وقت نه پيو ملي . بهرحال سمنڊ تي رهڻ دوران هڪ آمريڪن ”جان بال“ جو ناول ترجمو ڪيو هوم جيڪو جپان بابت آهي. ان ترجمي جو ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ جي نالي سان ٻه ٽي ايڊيشن نڪري چڪيون آهن. هينئر تازو ”نئون نياپو“ پبليڪيشن وارن به ڇپيو آهي. هن ليکڪ سان منهنجي بالٽيمور (آمريڪا) ۾ ملاقات به ٿي هئي ۽ سندس ناول لاءِ هن مونکي لکت ۾ (خط ذريعي) ترجمو ڪرڻ لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. اهڙي طرح منهنجي ملاقات 70-1969ع ڌاري نيويارڪ ۾ سئم ليونسن ۾ ايريڪا جونگ سان به ٿي ۽ انهن جو به هڪ هڪ ڪِتاب ترجمو ڪرڻ جي خواهش اٿم پر خبر ناهي ڪڏهن لکڻ وهان … پر هنن جي ڪِتابن جا ڪجهه حصا ترجمو ڪري چڪو آهيان جيڪي ”خدا ڏي خط“ ڪِتاب ۾ اچي چڪا آهن.
سڦلتا: “ٽوڪيو جي گيشا گرل” ناول ۾ توهان کي ڪهڙي ڳالهه متاثر ڪيو؟
الطاف: هڪ بهترين رومانوي ناول سان گڏ هن ۾ جپان جي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تمام گهڻي ڄاڻ ڏني وئي آهي جنهن کي مختلف هنڌن تي مون (مترجم جي حيثيت سان) سنڌي پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ explain ڪيو آهي. اسانجي يا دنيا جي ٻين ملڪن …. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن لاءِ جيڪي جپان پڙهڻ، نوڪري ڪرڻ يا گهمڻ لاءِ وڃن ٿا، انهن لاءِ هي ناول ايترو ئي اهم آهي جيترو ڪنهن جو جپان بابت لکيل سفرنامو.
سڦلتا:- ڇا اديب کي ڪا به هڪ ادبي صنف لکڻ کپي يا هڪ کان وڌيڪَ جيئن ڪهاڻي، ناول، سفرنامو، تنقيد، ترجمو وغيره.
الطاف:- منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه هر اديب جي همت، ڏانءَ ۽ ڏات تي depend ڪري ٿي. پر اهو ضروري ناهي ته ڪنهن هڪ فيلڊ جو اديب ٻيءَ ۾ به لکي سگهي. جيئن مونکي منهنجا ڪيترائي پڙهندڙ ۽ ٽي وي چئنلن جا مالڪ ڊرامو لکڻ لاءِ مون تي زور ڀريندا آهن پر آئون پنهنجو پاڻ کي ان جو اهل ته نٿو سمجھان بلڪه مونکي انهن ليکڪن کي پڏو ٿو سمجهان جيڪي هڪ ئي وقت ناول ۽ ڊراما به لکن ٿا ته شاعري به ڪن ٿا. منهنجي لاءِ ته ڊرامو لکڻ يا شاعري ڪرڻ بيحد ڏکيو آهي. وڏي تخليق creative mind وارا ئي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا….. منهنجي خيال ۾!
سڦلتا:- اڄ جي شاگردن کي ڪهڙيون صلاحون ڏيڻ چاهيندائو؟
الطاف:- آئون اهو ئي چوندس ته هو پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ ٿين فقط ڊگري جي پني تي نه ڀاڙين ۽ ڪو به انجنيئر، ڊاڪٽر يا سائنسدان ٿيڻ ٿو چاهي ته هو فقط B.E. ايم بي بي ايس يا B.Sc. جو نه سوچي. هو ان سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جو سوچي سو به اعليٰ مارڪن ۽ پوزيشن سان … جيئن اڳتي هلي کيس Ph.D ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي يا پنهنجي خرچ تي پڙهي….باقي ٺلها B.E ۽ MBBS ته ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ جپان ۾ به سوين بيروزگار ويٺا آهن. پر انهن ملڪن ۽ يورپ جي ملڪن جا شاگرد ڪو نه ڪو هنر به سکن ٿا ۽ گهڻا ان کي پنهنجو ڪئريئر بڻائي سُکي زندگي گذارين ٿا. پر اسان وٽ ڪنهن نوجوان کي کڻي صلاح ڏي ته درزڪو، واڍڪو، آٽو مڪينڪ يا اليڪٽرڪ جو ڪم سِک ته هن کي ڄڻ گار ٿي لڳي.
سڦلتا:- نوجوان ليکڪن جي لکڻين مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
الطاف:- آدم شماري جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اسان وٽ تمام گهٽ لکن ٿا…. ظاهر آهي تعليم جو تناسب ئي گهٽ آهي پر جيڪي لِکن ٿا انهن مان گهڻائي سٺو لکڻ ۽ سٺو سوچڻ وارن جي آهي. اسان جي ههڙي ناساز ماحول هوندي به اسان جي شهرن توڙي ڳوٺن جا نوجوان ادب ۽ شعر و شاعري سان نينهن لڳائيندا اچن. ڇوڪرن سان گڏ ڪيتريون ئي ڇوڪريون به سٺو لکي رهيون آهن. بلڪه سنڌ جي مختلف ڪاليجن، ٽي وي اسٽيشنن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ڇوڪريون اسانجي ڇوڪرن کان وڌيڪَ سڄاڻ ۽ ذهين لڳن ٿيون.
سڦلتا:- سڦلتا جي پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
الطاف:- پڙهندڙن جي مهرباني. توهان سڦلتا يا ڪو ٻيو رسالو وٺو ٿا ته پاڻ پڙهي ٻين کي به پڙهڻ لاءِ ڏيو جيئن ٻين کي به پڙهڻ جو شوق ۽ عادت ٿئي.