خميس , نومبر 21 2024
sd

ڌرتي ۽ دلين جو شاعر

ڌرتي ۽ دلين جو شاعر

ابراهيم منشي

سليم چنا

ابراهيم منشي سنڌ جو اهو عوامي ۽ انقلابي شاعر آهي. جنهن پنهنجي شروعاتي شاعري عام ماڻهن جي محفلن، سياسي، سماجي ۽ انقلابي شعور رکندڙ ساڃاهه وند سنڌين جي مچايل مجلسن، اوطاقن ايوبي آمريت، ون يونٽ جي هلچل، مارشل لا جي خاتمي ۽ جمهوريت جي هلايل تحريڪن دوران سياسي جلسن ۽ جلوسن ۾ پنهنجي پرجوش آواز ۽ ٺيٺ عوامي لهجي ۾ ڪيل بهادرانه ۽ پرعزم قسم سان ڪئي، سندس شاعري ۾ نه فقط نج سنڌي ٻولي لهجو ۽ ٻهراڙي جو ماحول آهي. پر هو سنڌ جي تاريخ جو موجوده حالتن جو ذڪر هڪ ڏاهي، مفڪر ۽ رهبر طور ڪري ٿو، ابراهيم منشي کي شروع کان وٺي ئي پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ درد دل ۾ هو. هن سماج کي هڪ نئون عزم ۽ ولولو ڏيڻ لاءِ، سياسي، جلسن، جلوسن ۾ نه فقط ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، پر پنهنجي سجاڳ ذهن جوش ڏياريندڙ ۽ سحر طاري ڪندڙ آواز سان سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي شاعري ٻڌائي، کين حب الوطني، قومپرستي ۽ انسان دوستي جو عظيم سبق ڏنو.

ان لاءِ ابراهيم منشي سنڌ جي هر مڪتب فڪر جي سياستدان توڙي سماج سڌارڪ سان گڏجي ويو، هو هر عوام دوست ۽ سنڌ دوست جو دوست بنجي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو رهيو، شهرن ۽ ٻهراڙين جي جلسن، جلوسن ۾ سندس موجودگي ماڻهن ۾ جوش ۽ جولان وڌائيندي هئي، سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد يا سڄي سنڌ جا شاگرد ابراهيم منشي جو نالو ٻڌي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويندا هئا. اڄ به ابراهيم منشي جي شاعري، توڙي آواز ۾ اهو ئي دم آهي جو سڄي سنڌ جي عوام کي پاڻ ڏانهن موڙي سگهي ٿو، سنڌ توڙي وفاق جي سياست ڪندڙ سياستدانن وزيرن ۽ مشيرن سان گڏ هليو ته فقط جمهوريت جي آمد ۽ آمريت جي خاتمي لاءِ ان کانپوءِ هو اهو ئي کاهوڙي ۽ جاکوڙي بنجي سنڌ جي آزادي، آجپي ۽ شاندار مستقبل جي لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڏنل سياسي واٽ کي وٺيو هلندو رهيو ۽ اڄ سوڌو هلي رهيو آهي، ابراهيم منشي جو اهو آدرش نه جيل ڀڃي سگهيا نه ئي ڪائي ملڪيت يا ٻي ڪا لالچ، سندس جذبن کي ماٺ ڪرائي سگهي، هو ڪالهه سانگيئڙن، ماروئڙن، جهانگئيڙن، ڏوٿيئڙن جي لاءِ گيت ڳائي رهيو هو ۽ اڄ به سندس آلاپ اهو ئي آهي، وطن ۽ وطن جي ويڙهيچن سان محبت هن جو ايمان آهي، ۽ هي انهي ايمان تي اڄ سوڌو قائم بيٺو آهي، ابراهيم منشي جنهن اسان کي شاعري جا ٽي املهه ڪتاب ڏنا آهن ۽ اڃا به کوڙ ساري شاعري هو سر جي رهيو آهي، سنڌ جي سورن جي ڳالهه هو اڄ به ڪري رهيو آهي، غدارن کي اڄ به غدار سڏي رهيو آهي، سندس پهرين شاعري جي ڇپيل ڪتاب “گوندر ويندا گذري” ٻئي ڇپيل ڪتاب “ڌرتي دين ڌرم” ۽ ٽئين ڇپيل ڪتاب “ڌونئري ڏينهن ڌاڙا” ۾ هن اهوئي آواز وڏي بيباڪي سان آلاپيو آهي.

جنهن ۾ انقلاب آزادي، امن ۽ انسانيت جي واٽ آهي.

ابراهيم منشي جنهن جي گهڻي ڀاڱي شاعري ماڻهن روبرو يا ڪيسٽن وسيلي ٻڌي آهي، سو فقط پنج درجا سنڌي پڙهيل آهي، پر پوءِ به سندس ذاتي مطالعي ۽ سنڌ جي عالمن، اڪابرن، سياستدانن سان علمي ادبي، سياسي، سماجي ۽ نظرياتي ڪچهرين جي ڪري سندس شاعري ۾ اعليٰ درجي جي قومي، فڪري ۽ عوامي ڳالهه ڪيل آهي. ابراهيم منشي جنهن شاعري ۾ لطيف کي ورائي ورائي پڙهيو آهي، جيڪو شاهه لطيف جي عوامي ڪردار جو ڄاڻو آهي، سوسنڌ جي ماڻهن جي ۽ ڌرتي جي ڳالهه ڪرڻ وقت ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي کي به سامهون رکي ٿو، ابراهيم منشي جيڪو اخبارن جي ٻولي پڙهي ڏک ٿو ڪري ته ٻيلي ٻولي کي نه بگاڙيو، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي جي انهي دعويٰ کي به سٺو نه ٿو سمجهي، ته آئون اياز کان وڏو شاعر آهيان، يا جيئن کيس تاجل بيوس جا هي لفظ ڏکيا ٿا لڳن ته جنهن ۾ هو چئي ٿو ته اياز ڪجهه ڪونهي آئون وڏو شاعر آهيان. شيخ اياز وري چوي ٿو ته ساهمي جي هڪ پڙي ۾ منهنجي شاعري ۽ ٻئي ۾ لطيف سائين جي شاعري وجهنداسين ته ساهمي جي ڳني ٽٽي پوندي. اتي ابراهيم منشي اها ڳالهه ڪري ٿوچڱو اچو شيخ اياز لطيف جهڙي هڪ سٽ لکي ڏي، “ڪهڙي منجهه حساب هئڻ، منهنجو هوت ري”.

ابراهيم منشي رسول بخش پليجو جو حوالو ڏيئي ٿو پنهنجي ڪتاب ڌونئري ڏينهن ڌاڙا ۾ لکي ٿو ته رسول بخش پليجو چوي ٿو ته پاڪستان ۾ فقط ڏاهو آئون آهيان وڏي کان وڏو سياستدان آئون آهيان. وڏي کان وڏو وڪيل آئون آهيان، منشي لکي ٿو ته خير انهن ماڻهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته:

ڄاڻي ته به نه ڄاڻ اي در اٻوجهن جو

جنين ڀانيو پاڻ ڪري توائي تن کي.

(شاهه)

ابراهيم منشي پنهنجي شاعري لاءِ ڪابه دعويٰ نٿو ڪري پر هو ته چئي ٿو ته منهنجي سادي سودي شاعري سنڌ ڌرتي سان ور ور تي واڳيل آهي. ڪچن، پڪن اکرن جملن ۾ سنڌ ڌرتي لاءِ هاءِ گهوڙا، اميد، مايوسي، قوم جي بي حسي انهن کي جاڳائڻ، ٻڌائڻ، بس ۾، گس ۾ ، محفل ۾،  ڪچهري ۾، فنڪشن ۾ فقير ٿي در در تي سين هڻون پيا، ڀٽ آهيون ڀان آهيون ڳاهون اهي ڳايون پيا.

سنڌي ماڻهو جاڳو اليڪٽران ۽ نيوٽران  جي دور ۾ داخل ٿيو پيا. پنهنجي ڌرتي بچايو، تعليم پرايو، غلامي جون زنجيرون ٽوڙيو، نه ته هميشه هميشه شناخت وڃائي بي گهر فقير ٿي ويندوءَ.

هي ان ابراهيم منشي عوامي ۽ انقلابي شاعر جا ويچار آهن، جيڪو پنهنجي باغي شاعري ڪري جڏهن ٺٽي جي جيل ۾ هو ته سندس ڇهن سالن جو پٽ گذاري ويو.

ابراهيم منشي اهو به اعتراف ڪري ٿو ته جمهوريت جي لاءِ هڪ وڳي (لباس) ۾ 17، 16 ڏينهن ڀٽن وارو ڪردار ادا ڪري طبقاتي شعر جلسن جلوسن ۾ پڙهي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هئم، مگر ان وقت مون آڏو انقلاب ۾ خوشي جو اڻ ڏٺو هڪ تصور هو، جيڪو پوءِ ڀڄي ڀور ٿي پيو، جنهن مان غريب هاري ۽ پورهيت کي ڪجهه به نه مليو. سنڌ کي ڪجهه نه مليو. ملڪ ٽٽي ٻه اڌ ٿي ويو، پنجاب جي سڄي ملڪ تي حاڪميت هلڻ لڳي ۽ ان کانپوءِ هن هر دلعزيز عوامي ۽ انقلابي شاعر سنڌ وطن ڏانهن پنهنجي شاعري جو  مرڪز هميشه هميشه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو جنهن تي اڄ سوڌو قائم آهي.

هاڻي اچو ته سندس ٽئين ڪتاب ڌونئري ڏينهن ڌاڙا تي هڪ نظر وجهون، “ٽڪي ٽڪر وڪيا تو وانگين جَا واڙا ڌونئري ڏينهن ڌاڙا لڳا لوءِ مان.” ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي ساڍا ٽي ڏهاڪا پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سندس شاعري ۽ آواز سان گڏ شخصيت جو اهو انمول ڪردار به شامل آهي، جيڪو نه جهڪيو آهي نه وڪاميو آهي، نه ئي هن پنهنجي ڏات ڏانءُ ۽ ڏاهپ کي حڪمرانن يا سندن نمائندن آڏو پيش ڪري ان جو ڪو انعام اڪرام لالچ يا ڪو ذاتي ڪم ڪار ورتو آهي، هن ته رڳو شاعري جون باهيون ڀڙڪائي بغاوت جي علم کي اوچو ۽ سرخرو رکيو آهي. “اي هاريو اي ساٿيو اي سنڌ واسيو، اٿو ڪو خوني انقلاب آڻيو،” وفاق سنڌ سان شروع کان وٺي جيڪي به ڏاڍايون ڪيون آهن. منشي انهن تي ڏمريو آهي، هو وفاق لاءِ لکي ٿو ته:

“واڳون وات وفاق ڪيئن ڳهي پيو قوم کي،

ساري چٽي سنڌ تي خنزيرن خوراڪ،

ٿا ٿونبا ڏيئي ٿاڪ، ڪڏهن لهندي قوم هي.”

ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

ويهون وڏيرن جون وريون وفاقي

اهو گهاڻو اٺ ۽ اهوئي چاڪي

بچيو جو باقي، سو پڻ وات وفاق ۾.

سنڌي قوم کي مخاطب ٿيندي منشي چوي ٿو ته:

“ڪيسين ڪاڙهن ڪڙهندين ٿي ڪبابي شيخ، ماڻهو ويا مريخ، تون اتي پيو اوجهرين؟”

جاڳو او جاڳو اڃان ڏيو اکين کي

سنڌوءَ مليو سور جو ڌونئري ڏينهن ڌاڳو

سورن جو ساڳو، وڌندو اچي ويڙهه ۾.

ابراهيم منشي سنڌ ديس وارن کي سکين ڏينهن ڏسڻ جو تمنائي رهيو آهي ۽ دعاگو آهي ته “ڏاڍا آيا ڏينهن، ڏکيا پنهنجي ڏيهه تي والي وار وطن تي ميڙاڪي جا مينهن، وري جيئن جو تيئن اباڻا آجا ڏسان.” منشي ديس جي سورهيه سپوتن لاءِ لکي ٿو ته “سورهيه سپوت سنڌ جا دودا دريا خان، سوين ساماڻا اٿئي جيجل پٽ، جوان، ٻاٻاڻي ٻولي مٿان ڪروڙين قربان، گهوٽن جو گهمسان ڪائنر ڏٺو ڪين آ.”

اهڙي ريت جيجل ماءُ لاءِ سندس بيتن مان هڪ بيت هيءُ آهي ته:

جيجل ڏني جنهن ۾ لاڏ منهنجا لولي، ڪير وساري سگهندو، سا ٻاٻاڻي ٻولي،

ٻاونجاهه ٻولن سان، ڄڻ چٽيل ڪا چولي

لڳي جي گولي ته به وسري ڪين وجود مان!

هو سنڌ جي آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد لاءِ ڪيترائي شعر لکي کيس ڀيٽا طور پيش ڪري ٿو.

ويٺا رت روئن سنڌ ۽ سيد پاڻ ۾

لکڻ ليکو ناهي ڪو، گاڏا گوندرن،

رهايو وٺن، ٻئي قيدي قول جا

ابراهيم منشي سنڌ جون حالتون فلسطين سان ڀيٽي لکي ٿو ته:

سنڌ ۽ فلسطين اکر ٻيئي هيڪڙو،

هت يهودي پڌرا هت منهن مسلمين

دل ۾ ٻنهي دين هڪڙو آهي هوبهو،

ابراهيم منشي جڏهن جماليت جي شاعري ڪري ٿو تڏهن پنهنجو انداز ٻين کان نرالو رکي ٿو ۽ اسين سڀ سندس قومي شاعري جيان جمالياتي شاعري جي سحر ۾ گم ٿي وڃون ٿا.

ڪولهڻ جي عنوان سان ڪيل هن جي شاعري ۾ ساقي گيري جو انداز ته ڏسو:

ٺرو ٺاهي پياريو ڪولهڻ ٿي ڪلال

جاڳي پيو جيءُ ۾ جيئرو جل جلال،

حرام ۽ حلال، ٻئي ٻڏي ويا ٻوڏ ۾.

ڪولهڻ هٿان قطرو، مليئي ته مالا مال

هي وڃائي حال، اڳين کان اڳي ڪري.

اهڙي ريت منشي موکي کي به خوب ڳايو آهي.

موکي مُک محراب تان، پردا ڪيا پري،

خوشبو ائين کلي پئي، جيئن عنبر اوج ڪري

جيئن جيئن رات ٺري، تيئن تيئن تڪون تاڪ ۾،

رت رتن جوت جيئن موکي ٿي مهڪي

ساهه سلهاڙيئين ساهه سان سينو ٿو سهڪي

ٻيڻو ٿو ٻهڪي، چهرو مُوکي چنڊ جيان.

سر مارئي ۾ منشي سنڌ جي ان مارئي سان مخاطب آهي، جنهن کي سندس پوئلڳن مارئي جو لقب ڏنو آهي پر اها اصلي مارئي جهڙو ڪردار اڃان ادا نه ڪري سگهي آهي.

“سسئي، سهڻي، مارئي سڀ ڪنهن پنهنجو ورت، ڪم نه آيو قوم کي ڀريو ڀرت، رستا رتورت، ڪونڌر ڪٺا ڪيترا”.

سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان رسائيندڙ منصوبو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارو هو جنهن جي لاءِ شروع کان وٺي ئي سڄي سنڌ سر تري تي رکي پنهنجو تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، تنهن لاءِ منشي جي من جيڪا اٿل کاڌي اهي سا هئين آهي ته:

هي ڪيٽيون ڪيٽ ڪتيون، چيٽ مليا ميٽ ٿي ويندا،

هي سانگين ساهه وهندڙ واهه، رڳو ريت ٿي ويندا،

هي ڪالاباغ ڊيم ڏئي داغ، ڪاري قيام نه ڪر.

حسن مجازي ئي جڏهن سج لٿي منشي جي نظر پئي ٿي ته بي اختيار چئي وجهي ٿو.

مون سمجهيو سج لٿو، هڻي گلن جي ڳاڙهاڻ،

مونا ليزا مورتي، ٿئي ڦڪي، پنهنجو پاڻ

تنين ساڻ رهاڻ، محبت ماڻي ماڻهپو.

منشي محبتي ملاقاتين هير جهڙين هوائن ۽ مڌمست موسمن ۾ رابيل جي رتن جو خوبصورت شاعر به آهي:

هي هير هي هوا، رابيلن جي رت،

ڀيرا ٿين بت، ته لهي دز دلين تان.

ابراهيم منشي سنڌ جي قديم قومن خانه بدوش قبيلن ۽ جهنگ جهر ۾ رلندڙ جوڳين، سامين، جي زندگي ۾ به نهايت نينهن سان نهاريو آهي ۽ انهن جي منظر ڪشي هن طرح ڪئي اٿائين:

سوچي ويٺي سج لٿي، ريٻارڻ رن زال،

هئي هئي هينئڙي حال ڪنهن سان اورڻ اوريان

نه جوڳي نه وڳ، نه مڙهيو نه ماڳ،

روئڻ ڏيئي روڳ، جوڳي جدا ٿي ويا،

مٽون ڦوڪي، مُرلي جا ساميءَ سڻائي،

اڃان اهائي، تاري آهي تن ۾،

منشي کي ته عشق ۾ هئين به چوڻو پيو:

اسان عشق تنهنجي ۾ اڙجي وياسين

جيئن چانور ٿا ڇڙجن تئين ڇڙجي وياسين.

جڏهن تنهنجي دنيا اندر پير پاتم،

ٻين ٻن جهانن کان تڙجي وياسين.

ڏسو سونهن ڪيڏو ٿي ستائي ۽ درد ڪيڏو ٿو رلائي

منشي رڳو باغي يا اپر اڌي شاعر ناهي پر هو وڏو حسن پرست شاعر به آهي سندس ٽيڙو آهي:

اڃان ليمي جي وڍ ڇاتي،

ڇوري کان وٺي ڇلڙو

ايڏي ته نه ٿي آتي

منشي جيڪو شاعري جي انقلابي ۽ آدرشي رستي ڏانهن ويندي ويندي به قلب جي ڪوڪ ٻڌي بيهي ٿو رهي ۽ پرينءَ کي چئي ٿو:

ڪنڍي ۾ دل ڪري قابو، ڇڪين ٿو ڏور ڇاجي لئه،

ويئي ڦاسي، پيئي ڦٿڪي پوءِ هيڏو زور ڇاجي لئه.

منشي وٽ پنهنجي پرين جي وصف به ٻين کان نرالي آهي:

هڪ اک منڇر ٻي اک ڪينجهر، وچ ۾ نڪ نيلوفر آ

نور نراڙ مان ائين ٿو چمڪي، جيئن وڄ ورا ڪو ٿر بر آ

ها اڄ ابراهيم منشي اسان وٽ ائين ئي موجود آهي جيئن پاڻ هڪ گيت ۾ چيو اٿائين “هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي.

اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي.”

2002-10-19

3-52Pm

ستر جي سڄي ڏهاڪي ۾ ابراهيم منشي جي شاعري ڪڪر ڪارونڀار بنجي سڄي سنڌ تي وسي هئي، منشي جا ٻول سنڌين جي دلين جو آواز هئا:

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا،

گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي

وانگيئڙن جي واڙي ۾،

يا سندس هي جهونگار:

مان غدار آهيان مان غدار آهيان

چيم سچ سوريءَ سزا وار آهيان

يا سندس صدين جي صدابنيل هي وائي:

راڻا ڏيئي رت ٿورو لاهيو ٿڃ جو

يا وري ڌرتي دين ڌرم:

ابراهيم منشي جڏهن پنهنجي آواز ۾ ڳائيندو هو ته:

نه هونديون حويليون نه هوندا هي ٿاڻا

مان هوندس نه هوندس سوپاڻان نه ڄاڻان!

تاريخ 75/1/30 تي ابراهيم منشي سان مدد علي سنڌي سندس آشرم ۾ هڪ اهڙي ته يادگار شام ملهائي هئي، جنهن ۾ سنڌ جا چونڊ اديب، سياستدان ۽ دانشور موجود هئا، جنهن ۾ مير مجلس مير برادران مان مير علي احمد ٽالپر ۽ خاص طور تي ميرپور بٺورو مان ڪهي آيل اديب عبدالفتاح عبد ۽ غلام حسين رنگريز به شامل هئا ته منهنجو ذاتي ۽ قوم پرست نوجوان دوست امداد الله صديقي به شامل هو. ابراهيم منشي ان ڏينهن اهڙي ته جوش ۾ شاعري ٻڌائي هئي، جو ويٺل جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا مرڪزي اڳواڻ، اديب دوست ۽ قومپرست نوجوان ته ڇا پر پوڙهن جي ٻانهن جا وار به اُڀا ٿي ويا هئا، منشي کي هميشه ٻڌندڙن ان مهل  ٻڌايو هو ته اڄ ابراهيم منشي جنهن جوش ۾ اچي شاعري ٻڌائي آهي اهڙي حالت اسان سندس پهرئين ڪڏهن ڪونه ڏٺي هئي! خوش قسمتي سان ان يادگار محفل جي مچائڻ ۾ مان مدد علي سنڌي سان ساٿ ۾ گڏوگڏ هيس. محفل جي پڄاڻي کانپوءِ مدد علي سنڌيءَ پاران سڀني مهمانن لاءِ دعوت طعام هئي، جيڪا ماني سڀني گڏجي کاڌي هئي.

ستر جي ڏهاڪي ۾ ابراهيم منشي جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته محترم رسول بخش پليجو وٽ گاڏي کاتي واري آفيس ۾، سائين نياز همايوني وٽ منظور چيمبرس ۾، کوکر محلي ۾ طارق اشرف وٽ ۽ الهندي ڪچي ۾ مدد علي سنڌي جي آشرم ۾ ضرور حاضري ڀريندو هو.

ابراهيم منشي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾به شرڪت ڪندوهو، تڏهن مدد علي سنڌي مون تي اها ڊيوٽي رکندو هو ته ابراهيم منشي کي جتي به شهر ۾ ڏسان ته کيس پهرئين آشرم ۾ وٺي اچان، ڇو ته آشرم ۾ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا سڀئي ناميارا اديب، دانشور، سياستدان ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻيا قومپرست اڳواڻ اڪثر موجود رهندا هئا، روپوشي واري حالت ۾ به شاگرد اڳواڻ ويس مٽائي گيٽ اپ چينج ڪري اتي پهچي ويندا هئا، ۽ پوءِ مون کان فرمائش ٿيندي هئي ته ابراهيم منشي کي ڳولي اچ، پوءِ مان بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن، قاضي عبدالقيوم روڊ، منظور چيمبرس، پليجي صاحب جي آفيس، سهڻي پريس، شهر جي روڊ رستن کان وٺي انهن حجامن وٽ به وڃي نڪرندو هئس.

جتي ابراهيم منشي اچي تڙ ڪندو هو، تيل سرمو هڻندو هو، شيو ڪرائيندو هو، هڪ ڀيري مدد علي سنڌي تمام گهڻن شاگرد سياستدانن جي سامهون مون کي چيئلنج ڪندي چيو ته اڄ ابراهيم منشي پليجي صاحب وٽ ايندو پر ان کان پهرين ڪيئن به ڪري تون ان کي اسان وٽ وٺي اچ، مون به ڇڪيو پنڌ کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيس، همراهه ڪونه لڌو، پليجي صاحب وٽ انتظار جاري هو ۽ ابراهيم منشي شهر ۾ لڀي ئي ڪونه پيو. نه هوٽل تي نه رستي تي نه نياز همايوني وٽ نه طارق اشرف وٽ نه اسٽيشن نه بس اسٽاپ ۽ نه ئي حجام جي دڪان تي نظر آيو.

ها پر حجام جي دڪان تي پنهنجي واري جي انتظار ۾ ويٺلن جي پاسي ۾ هڪ اجرڪ پيئي هئي اها اجرڪ شيو ڪرائيندڙن مان به ڪنهن هڪ جي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ان حجام جي دڪان تي اڪثر ٻهراڙي جا ماڻهو ئي ايندا هئا، پر منهنجي ڇهين حس چيو ته اها اجرڪ ابراهيم منشي جي آهي ۽ آئون دڪان جي ٻاهران بيهي انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوري دير کانپوءِ دڪان اندر موجود حمام مان ابراهيم منشي وهنجي نڪتو ۽ مون وڃي کيس اهڙيون ته ڳالهيون ٻڌايون جو فقط ڏهن يارنهن قدمن تي پليجي صاحب جي آفيس هئي، پر مان کيس ٻي گهٽي مان ڦيرائي، ٻانهن کان قابو جهلي اچي آشرم تي پهچايو، منشي ويچارو سڄي واٽ ادا سليم، پليجي صاحب ۾ ٻه منٽ تمام ضروري ڪم آهي، پهرئين اتي هل پر ان وقت منشي جي ٻانهن مان مون هٿ ئي ڪونه ڪڍيو ۽ کيس ٻڌڻ بدران رڳو آشرم تي هڪ تمام ضروري گڏجاڻي آهي، جيئي سنڌ جي سڄي شاگرد ليڊر شپ موجود آهي، رڳو تنهنجو انتظار آهي، اهي ڳالهيون ٻڌائي کيس آشرم آندو هئم، مدد علي سنڌي ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن وارن ان ڏينهن مون کي تمام گهڻي شاباس ڏيئي مبارڪ باد ڏني هئي، هڪ ڀيري ابراهيم منشي جي قومي گيت ٻڌڻ جي لاءِ اسان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي منظور چيمبرس جي مرڪزي اردو بورڊ واري آفيس بدران قاضي عبدالقيوم روڊ تي هڪ پراڻي جاءِ ۾ ڪئي هئي، اُها جاءِ ان بلڊنگ جي سامهون هئي جتان ڪنهن وقت بادل رسالو نڪرندو هو، اها پراڻي جاءِ هڪ محفوظ جڳهه هوندي هئي ۽ ان ڏينهن به ابراهيم منشي جو شاعري ٻڌائڻ وارو انداز ۽ شاعري پنهنجي عروج تي هئي، جنهن کي ٻڌي اسان اديبن جا جوش ۾ وار اڀا ٿي ويا هئا، دعا آهي ته شل اڄ به ابراهيم منشي جو اهو جوش ولولو ٻڌي ۽ ڏسي سگهون.

اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪوچ ۾ ٽنڊي محمد خان کان ابراهيم منشي چڙهيو منهنجي ڀرسان سيٽ خالي هئي. مون کيس سلام ڪري ڀرسان ويهاريو، خوش خير عافيت کانپوءِ کيس چيم اڄ ڀلا انٽرويو ٿي وڃي، ڪجهه ڪوچ ۾ ڪجهه حيدرآباد هلي ڪنهن هوٽل ۾ ٿا ويهون، منشي راضي ٿيو ته مون کانئس پهريون سوال هي پڇيو، ڇا موجوده حالتن ۾ سنڌين کي صوفي ازم ۽ تصوف واري واٽ وٺي هلڻ گهرجي؟

وراڻيائين ته هن وقت سنڌين کي صوفين نه پر انقلابين جي ضرورت آهي، گوريلن جي ضرورت آهي. ڪنهن چي گويرا جي ضرورت آهي. سنڌ کي باغي ذهن کپن، ويڙهاڪ کپن، هوشيار ۽ قابل ماڻهو کپن، جنگي جوڌا کپن، ها انهن کي سائنس ۽ سياست جي پوري ريت ڄاڻ هجي، ۽ ان کانپوءِ ابراهيم منشي سگريٽ دکايو، مون به سگريٽ دکايو، وڌيڪ سوال مون ڪونه ڪيو نه ئي منشي پڇيو ته ٻيو ڪو سوال؟ ائين اسان رڳو ڪچهري ڪندا اچي حيدرآباد ۾ لٿاسون.

هڪ ڀيري مدد علي سنڌي جي آشرم ۾ علي بابا اتي ويٺلن کي اچي ٻڌايو ته يار منشي جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ سنڌي قوم مان مايوس ٿي ويو آهي، هن مون سان اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهن منهنجي جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ منهنجي ۽ منهنجي گهر جي سار ئي نه لڌي، هلو ته منشي وٽ هلون. ڪٿي منشي ماٺ ڪري ويهي نه رهي. تنهن تي مدد علي سنڌي چيس ته: جيئن علي بابا موئن جو دڙو ۽ سنڌ کي وساري نٿو سگهي. تيئن ابراهيم منشي سائين جي ايم سيد کي ۽ سنڌ کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، اهي عارضي ڳالهيون آهن، منشي مهان مڙس آهي ۽ مهان ٿي رهندو. 2000-10-19-To -2000 -10 -18 صداقت پيپر مِل سائيٽ حيدرآباد.

قلم تازو- ابراهيم منشي 1934-1-1 تي جنم وٺي 03-7-31 تي وفات ڪئي، سندس شاعري جو پهريون ڪتاب پيغام مظلوم 1970ع ۾ ٻيو مجموعو وگهه جا وريام 1971ع ۾ ٽيون، چوٿون، پنجون 1995ع گوندر ويندا گذري ڌرتي دين ڌرم ۾ ڌونئري ڏينهن ڌاڙا ڇهون اکر اکر اک ۾ ڇپيو آهي.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …