خميس , نومبر 21 2024
sd

شاعري اسحاق سميجو

اسحاق سميجو

وائي

سورج مکيءَ جي

کيتن کي چئجي،

                    هاڻ ته ٺهن سج سان!

هو ٿو اچي، هيءُ ٿا

بيهن مُنهن ڦيري-

سورج مکيءَ جي

کيتن کي چئجي،

                 هاڻ ته ٺهن سج سان!

ناهه چڱي ناراضگي،

محبت جي ويلي-

سورج مکيءَ جي

کيتن کي چئجي،

                 هاڻ ته ٺهن سج سان!

جهيڙا جيئري جيءَ جا،

ڇڏجن نبيري-

سورج مکيءَ جي

کيتن کي چئجي،

                 هاڻ ته ٺهن سج سان!

گل کِڙيو جو ڪونڊيءَ ۾

تنهن کي ڪهڙي ڪلَ-

                               ته، ڌرتي ڇا ٿيندي آ!

بادل ڄاتو راز اهو

جڏهن ڪيَئين جل ٿلَ-

                         ته، ڌرتي ڇا ٿيندي آ!

ننڍڙو ٻج ٻڌائيندو

ڦوٽهڙي جا ڦلَ-

                    ته، ڌرتي ڇا ٿيندي آ!

غزل
ڌُنڌ گهٻرائجي، رستي تي هلي آئي آ،

عشق جي پنڌ اڳيان بند گلي آئي آ.

ٻار کيڏن ٿا پهاڙيءَ تي جُهڙن سان گڏجي،

ساوَڪون ڳهرَ ونڊن، مهلَ ڀلي آئي آ.

ٺوٺ لمحن ۾ سڪلَ ول ڪٿان گل آندا؟

سُڃ ۾ سارَ ٿي پاڻيءَ جي کلَي، آئي آ!

اک رُئڻ چاهي، مگر دل ته زبان ٿيڻ چاهي!

اڄ منهنجي ماءُ گهران رَڌجي پَلي آئي آ.

هاڻ هن عمر ۾ ڪالر لئه وٺان گل ڪهڙو!

ڌيءُ آئي، ته کِلي دل جي ڪَلي آئي آ.

مون مَٽيون کوڙ گهٽيون، شهر گهڻئي بدلايم،

ياد همزاد جيان مون سان رَلي آئي آ.

هاڻ ڄاتم ته وِڄون مون تي ائين ڇو ُالريون!

رات، برسات ۾ ڪا جيءَ جَلي آئي آ.

ٿورڙي هارَ جي ڪهاڻي هئي،

ٻي ته اخبار جي ڪهاڻي هئي.

چنڊ جي دوستي ۽ اوندهه سان،

ڇاته تڪرار جي ڪهاڻي هئي.

هر ٽنگيل اعتبار شاهد آ،

دوستي، دارَ جي ڪهاڻي هئي.

جنهن پڙهي، پاڻ کي وڍيل پاتئين،

عشق، تلوار جي ڪهاڻي هئي.

شاعريءَ جو ته صرف اوڇڻ هو،

هانوَ تي بارَ جي ڪهاڻي هئي.

ڏونگر جهڙا ڏينهن لڳن ٿا، رِڻ جهڙيون هي راتيون دوست!

اڪثر ياد اچن ٿيون تنهنجون اکڙيون سي مَڌ ماتيون دوست!

بعضي آءٌ ٻڏان، اُپڙان ٿو، بعضي لهرن منجهه لڙهان ٿو،

دل جي بستيءَ تي مستيءَ مان، بِرهه ڪيون برساتيون دوست!

خواب اکين ۾ پاليا ڪيئي، دل ۾ درد سنڀاليا ڪيئي،

ها پر هن کي ڇا ٿو گهرجي، ڳالهيون ڪنهن به نه ڄاتيون دوست!

تو کي ڇاهي، تون ته سگهين ٿو هر شيءَ چڪنا چُور ڪري،

مون ته اميدون ٻارن وانگر، آهن پاليون تاتيون دوست!

¤¤

هي قصا بار بار کڻجن ڇا،

زخم هن بي شمار، ڳڻجن ڇا!

درد پاڙون هنيون وجودن ۾،

کوٽجن ڪيئن سي، اکڙجن ڇا!

ويو وڇوڙو کڄي، ته ڪافي ٿيو،

ٻيا زماني جا بارَ کڻجن ڇا!

ميخ دل تي لڳي محبت جي،

ٻيا جواهرَ مٿس به جَڙجن ڇا!

ڏوهه جنهن جو به هو، ڇڄي وياسين،

هي بهانن جا گهاٽ گهڙجن ڇا!

چور محتاط ٿين ٿا نظرن جا،

ڪجهه به ڪن ئي نٿا، پڪڙجن ڇا!

هڪڙو دشمن شفاف ايڏو، جو-

ڏوهه هڻجن ته هن تي هڻجن ڇا!

¤¤

مِينهَن ڪيڏا به پَون، جِيءُ اهو ئي صحرا،

ٺوٺ ڌرتيون به رَڄن، هيءُ اهو ئي صحرا!

رسم مجنونءَ جي نڀائيندي ڦرياسين، اي دل!

رات سنسان، مٿان سيءُ، اهو ئي صحرا!

اڀ آگم لئه سڪن، نياڻَ سڪن پاڻيءَ لئه،

اُڃ ئي اُڃ اٿئي، پيءُ- اهو ئي صحرا!

¤¤