سومرا دور حڪومت
سوال ۽ جواب
سوال 1: سومرن جي دور جا مشهور روماني واقعا ڪهڙا آهن؟
جواب: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، ليلان چنيسر، سهڻي ميهار، سيف الملوڪ، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، مورڙو ۽ مڇ.
سوال 2: ٻيا ڪهڙا نيم عشقيه داستان آهن جيڪي مشهور نه ٿي سگهيا؟
جواب:مل محمود ۽ مهر نگار، ڏمڻ سونارو، خدا دوست ۽ محمود غزنوي.
سوال3: سومرن جي دور جا رزميه داستان ڪهڙا آهن؟
جواب: سومرن ۽ گجرن جون لڙايون، دودي چنيسر جي جنگ، ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ
سوال4: اهي قصا ۽ واقعا ڪنهن مشهور ڪيا؟
جواب: اهي واقعا ۽ قصا سنڌ جي ڀٽ، ڀانن ۽ چارڻن ذريعي مشهور ٿيا.
سوال5: انهن قصن ۽ واقعن کي ڪيئن مشهور ڪيو ويو؟
جواب: اهي قصا واتين وايڻي ٻڌايا ويندا هئا کين اثرائتو بنائڻ لاءِ وچ وچ ۾ بيت به آندا ويندا هئا، اهو رواج اڃان تائين هلندو پيو اچي.
سوال6: انهن بيتن کي ڇا چئبو آهي؟
جواب: انهن بيتن کي “ڳاهه” چئبو آهي.
سوال7: ڳاهه ڇا آهي؟
جواب: ڳاهه هڪ قسم جا واقعاتي ۽ بياني بيت آهن، جيڪي “ڳائڻ“ مان “ڳاءِ” ٿيو آهي ۽ پوءِ بدلجي “ڳاهه” ٿي ويو آهي.
سوال8: ڳاهه جو فني سٽاءَ ڪيئن آهي؟
جواب: سٽاءَ جي لحاظ کان ڳاهه ۾ منظوم مصرعون آهن، جن مان اڪثر دوهڙي جي شڪل ۾ آهن. ڪن ڳاهن ۾ ٻن مصرعن کانپوءِ وراڻي طور هڪ ننڍڙي تُڪَ به پويان بيهاريل آهي.
سوال9: مشهور ڀٽ، ڀانن ۽ چارڻن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: سمنگ چارڻ
سوال10: ڪهڙا 10 مشهور سخي سردار ٿي گذريا آهن؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، وڪيو ڏاتار، جکرو اوڍاڻو، اوٺو جکراڻي، سپڙ چوٽاڻي، هڻند ٿڌاڻي
سوال11: گنان ڇا آهي؟
جواب: گنان اسماعيلي فرقي جي تبليغ جو ذريعو آهي، جنهن ۾ مذهبي، تعليم، اخلاقي سکيا ۽ دنيا کان بي ثابتي بيان ڪيل آهي.
سوال12:گنان جا مشهور شاعر ڪهڙا آهن؟
جواب: سيد نور دين، پير شمس سبزواري، پي شهاب الدين، پير صدر دين.
سوال 13: گنان جو فني سٽاءَ ڪهڙو آهي؟
جواب: سيد نور دين ۽ پير شمس سبزواري جي ڪلام جي ساخت دوهي جي سٽاءَ واري آهي، ليڪن گنان جي سٽاءَ مختلف نوعيت جي آهي، گنان مسلسل نظم آهن جن ۾ هر بند دوهي جي سٽاءَ جهڙو آهي، شروع ۾ وراڻي ٿئي ٿي، جيڪا هر بند کان پوءِ دهرائجي ٿي.
سوال: 14 گنان ڪهڙي ٻولي ۾ رچيا ويا؟
جواب: سنڌي، گجراتي ۽ هندي ٻولي کي ملائي گنان چيا ويا.
سوال 15: گنان ڪنهن جي بدليل صورت آهي؟
جواب: گنان “گيان” جي بدليل صورت آهي.
سوال 16: ڳيچ ڇا آهي؟
جواب: ڳيچ عورتون شادي ۽ خوشي جي موقعي تي ڳائينديون آهن، ڳيچ کي سهرو به چئبو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مخصوص ريتن رسمن، ذهي لاڙن ۽ مزاج ۽ فطرت جو عڪس نظر ايندو آهي.
سوال17: ڳيچ ڪهڙي لفظ مان نڪتل آهي؟
جواب: ڳيچ يا ڳيا، ڳيچ لفظ به ڳاءِ مان نڪتل آهي ساڳي لفظ کي ڳاج، ڳاڄ، ڳاچ ۽ ڳيچ به ڪوٺيو وڃي ٿو.
سوال 18: ڳيچ جو فني سٽاءَ ڪهڙو آهي؟
جواب: ڳيچ جو ڪو به فني سٽاءَ ناهي، ڪڏهن ان ۾ ڪٿي ڪٿي قافيو هوندو آهي ته ڪڏهن نه.
سوال19:مائي مرکان شيخڻ ڪير هئي؟
جواب: مائي مرکان شيخڻ ڳيچ جي مشهور شاعره آهي سندس وفات (1300ع) آهي.
سوال 20: سومرن جي دور ۾ بيت جو سٽاءَ ۽ ٻولي ڪهڙي هئي؟
جواب: سومرن جي دور ۾ فني لحاظ کان گهڻي قدر بيت يا ڳاهه، هندي ڇند وديا جي صنف “دوها ڇند” موجب ملن ٿا. دوها ڇند ۾ هر بيت ۾ ٻه سٽون ٿين ٿيون ۽ قافيو هر مصرح جي پويان اچي ٿو. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به ملن ٿا جن بيتن ۾ ٻه سٽون ٿين ۽ قافيو ٻنهي سٽن جي وچ تي اچي، ڪي بيت دوها سورٺا ميل وارا آهن اهڙن بيتن جي ٻن سٽن مان هڪ دوها ڇند جي ته ٻي سورٺا ڇند جي آهي.
سوال 21: سومرن جي دور ۾ بيت جو فني سٽاءَ ۽ بناوت ڪهڙي هئي؟
جواب: سومرن جي دور ۾ بيت ٽن سٽن تائين پهچي چڪو هو جنهن ۾ هڪ سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سورٺا ڇند واري آهي، اها ڳالهه اڳتي هلي سنڌي بيت جي مستقل فني روايت بڻجي وئي.