خميس , نومبر 21 2024
sd

عورت ۽ سياست

فريال اختر بروهي

اسان جي ملڪ ۾ هزارين لکين قابل ۽ اهل عورتون عوامي نمائندگي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پيشه وارانه مهارت استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان جي باوجود اسان جي ملڪ توڙي پوري دنيا ۾ سياسي قيادت ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي.

        عورت سياست ۾ هڪ نئون تناظر متعارف ڪرائي سگهي ٿي ۽ ان جي سياست ۾ با معنى شموليت متحرڪ جمهوريت هڪ لازمي جزو آهي جمهوريت جو دارو مدار انهن ڳالهين تي آهي ته عوام جا نمائندا قانون ساز ادارا موجود هجن جيڪي حڪومت ۽ قانون کي تحفظ ڏيڻ واري آزاد عدليه ۽ انهن سياسي پارٽين جي نگراني ڪن جيڪي روشن خيال هجن ۽ احتساب جي لاءِ تيار هجن اهي قانون ساز ادارا عوام جي طرفان پنهنجو حق راءِ استعمال ڪرڻ کان پوءِ وجود ۾ ايندا هجن ۽ عوام پنهنجي نمائندن جو انتخاب پاڻ ڪري سگهي.

        اڪثر اوقات مردانه حاوي قيادت کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو وڃي ته پارٽي جي اندر عورتن جي شموليت جا موقعا وڌائڻ جي ضرورت آهي. انهن کي قائل ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو اهو آهي ته انهن کي بهترين انداز ۾ سمجهايو وڃي ته هي ڳالهه انهن جي فائدي ۾ آهي. مثلاً اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽي جا قوانين منظور ڪرائڻ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ

سياسي پارٽين ۾ عورتن جو حصو

1.عورتن کي پارٽي جي قيادت ۾ شامل ڪرڻ اسان توهان جي پهچ عورت ووٽرن تائين آساني سان وڌائي ويندي ڪامياب هجڻ جي لاءِ پارٽي وٽ عورتون بحيثيت رڪن ۽ اميدوار شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي هجڻ گهرجي.

2.هڪ اهڙو پارٽي پليٽ فارم يا منشور ۾ عورتن جي مسئلن تي اهم توجهه ڏني ويندي هجي، ان جي مدد سان پارٽي آساني سان عورتن جي حمايت ڪري سگهي ٿي. ۽ عورتن جي ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.

3.عورتون اميدوار يا پارٽي جي ترجمان جي حيثيت سان ميڊيا جي لاءِ مردن کان زياده دلچسپي جو باعث هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته عام طور تي اهڙن عهدن تي فائز نه هونديون آهن.

4.اهڙي پارٽي جيڪا 50 فيصد ووٽرن (عورتن) کي نظرانداز ڪري اها نقصان ۾ پئي ٿي.

5.عورتون مهم جي هر پهلو منتظم جي حيثيت سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون.

6.اگر ڪنهن عورت ڪنهن پارٽي پليٽ فارم يا منشور کي ٺاهڻ ۾ حصو ورتو ته عورتون ان جي پرجوش حمايت ڪنديون.

7.اگر ڪائي عورت ڪنهن پارٽي جي باري ۾ پرجوش آهي نه امڪان آهي ته هوءَ گهرجي ٻين ڀاتين تي به ان پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اثر انداز ٿئي.

8.ڇاڪاڻ ته مقامي حڪومت 33 فيصد ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 17 فيصد سيٽون عورتن لاءِ مخصوص آهن. ان لاءِ سياسي پارٽين جي لاءِ ضروري آهي ته اهي عورتن کي شامل ڪن انتخابيس اميدوار ٿيڻ لاءِ ان کي تربيت ڏين.

9.پارٽي ۾ اعلى عهدن تي عورتن جي هجڻ سان عورتون ٻين عورتن کي به پارٽي طرف راغب ڪنديون.

10.عورتون ۽ مرد ٻئي گڏجي ڪم ڪرڻ سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون. ۽ پارٽي کي گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو.

عورتن جي سياست ۾ حصي وٺڻ سان خاندان تي اثر

توهان ان ڳالهه کي ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته توهان جي سياست ۾ شامل ٿيڻ سان توهان جي خانگي زندگي بلڪل متاثر ٿيندي. جڏهن توهان جي سياست ۾ شامل ٿيڻ سان اوهان جون ذاتي زندگي به ان رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿي. توهان تبديل ٿي وڃو ٿا. بلڪل ان جا اثر اوهان جي خاندان تي به پون ٿا بهتر سياست ڪرڻ سان اوهان جي خاندان کي به سٺي موٽ ملي ٿي. توهان ان هر تبديلي لئه تيار رهو. جڏهن اوهان پنهنجي تنظيم جي قيادت ڪرڻ جو اظهار ڪيوٿا ته اوهان منظر عام تي اچي وڃو ٿا. يا ڪنهن عهدي لاءِ اميدوار ٿيندا آهيو. توهان جو خاندان به سياست ۾ شامل ٿي ويندو آهي. خاندان جي هر فرد سان فرداً فرداً ڳالهايو ۽ سڀني سان گڏجي به. حقيقت پسندي سان ڪم وٺو اوهان جي خاندان ۾به ان سان تبديلي ايندي.

ڪنهن اهڙي عورت سان ڳالهايو جيڪا پارٽي ۾ مقامي، صوبائي يا قومي سطح تي پارٽي جي عهديدار رهي هجي ۽ ان جي سياسي زندگي جو جائزو وٺو. اگر توهان جا ٻار ته انهن کي پارٽي جي ٻين ليڊرن سان پنهنجي ٻارن جي ڳالهه ٻولهه ڪرايو ته انهن جي زندگي ۾ ڪيئن تبديلي آئي. ان ڳالهه جو يقين رکو ته اهي ئي تبديليون توهان جي زندگي ۾ به اينديون ۽ اهي سڀ تبديليون هاڪاري ئي نه هونديون آهن. پنهنجي خاندان جي هر فرد کي اهو فيصلو ڪرڻ ڏيو ته اهو سياست ۾ ڪيتري حد تائين شامل ٿي سگهي ٿو.

جيئن ئي اوهان ڪنهن عهدي تي فائز ٿيو ٿا يا پارٽي جا اڳواڻ ٿيو ٿا ته اچانڪ توهان جي زندگي جا سڀ پهلو عوام جي ملڪيت بڻجي وڃن ٿا. اوهان پنهنجي زندگي ائين گذاريو ٿا ته توهان جو هر پهلو صبح جي اخبارن ۾تفصيل سان شايع ٿيندو آهي. ان لاءِ توهان کي توهان جي ٻارن ۽ اولاد کي منصوبه بندي سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جيسيتائين ممڪن هجي توهان جو مڙس توهان جي سياسي سرگرمين ۾ اوهان جي معاونت ڪري. اگر توهان جو گهروارو توهان سان تعاون ڪندي نظر نه ٿو اچي ته ماڻهو توهان جي گهر واري جي حمايت جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا اگر توهان ماءُ آهيو ته ان ڳالهه جو به خيال رکوته ماڻهو اوهان جي سٺي ماءُ يا خراب ماءُ هجڻ تي به نظر رکندا. ان ڳالهه جو اظهار عوام توڙي اوهان جا پنهنجا دوست به ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پري نظر آيا ته ڳالهيون هلنديون آهن ته سياست ۾ اچڻ سان اوهان ٻارن کي نظر انداز ڪري رهيا آهيو يا اگر ٻار اوهان سان هر وقت گڏ هوندا ته اوهان جي لاءِ چيو ويندو ته اوهان ٻار کي ڪيش ڪري رهيا آهن وغيره وغيره پر انهن سڀني الزامن يا ڳالهين کي بهادري سان منهن ڏيڻ گهرجي.

سياست ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ انهن ڳالهين جو تمام گهڻو خيال ۽ احتياط ڪرڻ گهرجي، هر پهلو کي ڏسي سمجهي، پرکڻ کان پوءِ پنهنجي خاندان سان صلاح ڪيو. ڪوشش ڪيو ته جيئن سياست ۾ شامل ٿيڻ جي اوهان جو خاندان اوهان جي مڪمل حمايت ڪري.

        پاڪستان ۾ اسان وٽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جهڙي عورت استاد جي حيثيت ۾ آهي. جنهن جا مضبوط ارادا سندس لازوال قرباني مان ظاهر آهن. هوءِ جا هميشه عورتن کي اڳتي آڻڻ جي لئه ڪوشه رهندي هئي. خاص ڪري سياست ۾. سندس زندگي اسان جي لاءِ مڪمل مثال آهي. سندس خواهش هئي ته نوجوانَ خاص ڪري عورتون سياست ۾ بهرو وٺن ۽ مظلوم توڙي هن پيڙهيل عوام جو آواز بڻجن. هو عظيم عورت جا سچائي ۽ مظلومن جي حقن خاطر مرد جي ٺاهيل بي درد سماج ۾ قرباني ڏئي وئي پر مرد جي ٺاهيل ظالم سماج ۾ جهڪي نه.

        مونکي آڪٽوبر 2007ع جي نئين ديري ۾ ساڻس گذاريل اها رات اڄ به ياد آهي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته مان سندس تنظيم جي ميمبر آهيان. ته خوشيءَ سان مونسان ملندي چيو هئائين ته ”پارٽي جوائن کرني کا شکريه“. ان مان ظاهر آهي ته هو پارٽي ۾ عورتن جي شموليت سان ڪيترو خوش ٿيندي هئي.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …