خميس , نومبر 21 2024
sd

ادسين نسل جو مسيحا مگسي!

فياض چنڊ ڪليري

          مسيح مگسي جي شاعري جي تنقيدي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته هو هڪ سماج ڏانهن ذميوار ليکڪ جي حيثيت سان پنهنجي لکڻين ۾ غم جانان ۽ غم دوران کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿو. هن جي لهجي جي تلخي، روح جي ويڳاڻپ، فرد جي ذات جي اڪيلائي در حقيقت انهن توازن وڃايل سماج جي خلاف تخليقي بغاوت جو عڪس آهي. جنهن سماج ۾ ڪو به توازن انصاف، ايڪتا، احساس، پيار، وشواس، برابري، ايمانداري، هنسا، برداشت ۽ بردباري جهڙا لازوال قدر ماضيءَ جو وساريل ورق بڻجي ويا آهن. توڙي جو مسيح جي شاعري ۾ وزن بحر جا ڪافي جهول آهن، ڪٿي ڪٿي هن جي شديد تلخي تخليقيت کي پار ڪري، نعريبازيءَ تائين پهچي وڃي ٿي. پر نئين تبديلي جي  حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي راءِ ان روشني ۾ سولائي ۾ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ته ؛ سنڌي جي موجوده دور جي شاعري ۾ ماحول ۽ سنڌي زندگي جي جهلڪ گهڻي قدر نظر اچي ٿي. هن دور جي شاعرن جي تخيل ۽ موضوعن جي انتخاب ۾ تبديلي سان گڏوگڏ وسعت به آئي آهي. هنن ايراني شاعرن وارن لفظن ۽ زمين کي غير فطري ۽ غيروطني لفظ ۽ زمين سمجهي نهن جو استعمال ڇڏي ڏنو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته علم عروض ۽ عروضي ماپا ۽ بحراسان جي ٻولي جي مزاج ۽ سٽا توڙي بيهڪ لاءِ اوپرا آهن.

منهنجي ذاتي خيال آهي اها شاعري جنهن ۾ کوکلي نرگسيت، مصنوعي ۽ پوٽاپيائي تصور، رومانس جو روايتي ورجاءٌ قومي درد کان پالهو اظهار، مصنوعي لفظ جي ڀرماريا رڳو بحر وزن، جي روايتي تڪبندي هئن بدران صدين جو تهذيبي، ورثو قومي آجپو،  ماضي ۽ حال جي حالتن جو وجداني ادراڪ ۽ ڍونگ بڻيل سماجي قدرن خلاف تخليقي بغاوت هوندي آهي. ها شاعري هڪ پيڙهي کان ٻي پيڙهي ۽ هڪڙي دور کان ٻئي دور تائين، سفر ڪرڻ جو ساهس رکڻ هوندي آهي. سميع مگسي جي شاعري توڙي جو اڃان ڪافي ڪچاين فڪري جهولن ۽ شاعراڻي ورتاءٌ جي کوٽ جو شڪار آهي. پر جيڪا ڳالهه مسيع مگسي بابت آندي جي سگهاري جو ويساه ڏياري ٿي. سا سندس پنهنجو بنا ذاتي ٻولي زمين اظار جو انداز ۽ موضوع جي چونڊ آهي. هتي مون کي لکندي به افسوس ٿو ٿئي ته مسيع مگسي جي شاعري تي راءِ ڏيندڙ به رڳو روايتي انداز اپنايو آهي. مثال طور محترم غلام حسين رنگيزي جهڙي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو جا لفظ آهن ته.

” هن جي شاعري ڄڻ ڪا سانتيڪي نهر سرمندي نغما، آلا پيندي دشت وڪوه بنايا و بيابان سيراب ڪندي وڃي سندس لهجي جي نهٺائي ۽ مٺاس ڄڻ ته پره جي پهرين يا اڌ رات جي سانت ۽ بانسري تي ڪو پهاڙي گيت آلاپجي رهيو آهي “

مان سمجهان ٿو ته رنگريز صاحب لفظن جي ظاهري تپڙي باطني، معناعن مفهوم توڙي لاڳاپن جي ڀلي ڄاڻ رکندڙ آهي، پوءِ خبر ناهي ڇو هو به رڳو لفاظي جي چڪر ۾ ڦاسي پيو ، ڪتاب جو ” “ ڪنهن ليکڪ جي نقطا نظر ” “ ۽ ان جي فني فڪري باريڪن جو ڪاٿو  ڪندڙ هوندو آهي، ڇا سانتيڪيي نهر جو وري سرمدي نغمن سان ڪو پڃاءٌ ٿي سگهي ٿو، ۽ وري سرمدي نغمن ۾ لهجي جي نهٺائي جو به ڪوئي عمل دخل ٿيندو آهي، آءٌ پنهنجي سينيئر کي هٿ هٿ ٻڌي نماڻو عرض ٿو ڪيان ته قبلا هاڻ اهو روايتي ۽ گٺل پيٺل لفظن جي ورجاءَ وارو دور نه آهي. اڄوڪا پڙهيل ڪڙهيل نوجوان اوهان سينيئر کان ٻاراڻي سطح وارن حوالن بداران نين جهان جي دريافت جي اميد رکن ٿا. ساڳي ڪار پياري ايوب کوسو به ڪئي آهي، هو به شاعري، محبوبا جي چڳ جو نالو آهي. ۽ اهڙين ٻين ورجايل احسان ڻ ٿاٻڙجندي نظر اچي رهيو آهي. ساڳي وقت ايوب مسيع جي شاعري متعلق مجموعي، تنقيدي، تجريحي توڙي، انفرادي، صنفن جي آڌار شاعر جي تخليقي ڪوٽن، ٽوٽن جو ڇيد ڪرن بدران سنڌ جي روايتي مهاڳ باز ليکڪن جيان لکيو آهي. جيڪڏهن اسين نوجوان ۽ همعصر ليکڪ پنهنجي دور جي تخليقي سچاين جو ايمانداراڻو ۽ تز تجزيو نه ڪنداسين ته ڇا فرشتا هيٺ لهي اسان جي رهنمائي ڪندا؟ سو ليک ذريعي مان پنهنجي سمورن همعصر نوجوان ليکڪن کي گذارش ڪندو هلان ته اسان سڀني کي حال جي حالتن کي عالمي، علمي ۽ فڪري پسمنظر ۾ ڏسڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ گهرجي، هاڻي مسيع جي شاعري جو جائزو وٺو، مسيع جي سموري شاعري کي پيار پنهنجائپ ۽ محبت مان پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ان ۾ مسيع توڙي ٻين دوستن کي اختلاف رکڻ جو پورو حق آهي. ته مسيع بنيادي طور تي مون وانگر نظم جو شاعر آهي. ۽ نظم عالمي ” “ شاعراڻي صنف آهي. سڄي دنيا جي شاعري پڙهڻ سمجهڻ کانپوءِ اهو ئي ثابت ٿيو آهي ته در حقيقت ته دنيا جي وڏا شاعر نظم جا ئي شاعر آهن.اهو مان ان ڪري نه ٿو چوان جو مان پاڻ نظم جو شاعر آهيان، پر نظم انهي ڪري عالمي صنف آهي. ڇوته اها پنهنجي تخليقي وهڪري ” “ ۾ هڪ منظوم ڪهاڻي واقعو الميو ۽ سانحو سانڍيندڙ صنف آهي. پر مسع سان نظم جي معملي ۾ جيڪا شڪايت ڪرڻي آهي ، سان هي ته مسع نظم جهڙي باڪمال پراثرار صنف کي انتهائي سهل سپندي سان ورتائي ” “ ڪري ٿو. نتيجي ۾ سندس نظم انتهائي معني خيز درد ” “ هئڻ جي باوجود اڌورائپ جو احساس ڇڏي وڃن ٿا. مسيع کي شاهڪار ۽ خوبصورت نظ، لکڻ لاءِ هڪڙي هڪڙي نظم کي وري وري ڏسڻو ، جاچڻو، پرکڻو ۽ سمجهڻو پوندو هو. نظم تي دسترس رکڻ بدران پاڻ ان جي سحر ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. جيڪا تخليقي غلطي مون کان به ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ هو نظم کي گهربل مقام تي سهيڙڻ ” “ ڪرڻ کان رهجي وڃي ٿو. مان طويل نظم جو انڪاري قطعي ناهيان، پر اهو چوڻ جي ڪوشش پيو ڪيان ته نظم لکڻ دوران شاعر جي اک سنگتراش واري ۽ سوناري جهڙي هئڻ گهرجي. تڏهن ئي عورت جي جسماني اسران جهڙن کيپ ئي خمار ۾ ٻڏي وچڻ بدران ان جي کوجنا ” “ ڪري سگهندو. مسيع جو نظم اڃان تمام گهڻي محبت زيازت ۽ چاهت جو طلبگار آهي. ان کانسواءِ مسيع کي نظم جي پچ تي کيڏڻ وقت لفظن جي ڪائناتي معنى کي به ذميواري سان ڏسڻو پوندو. تڏهن ئي اهو اجائي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ وچڙڻ بدران سحرا ۽ بيابانن جا گهاٽاُ رستا ۽ راهون هوائن جي طرفن سان سڄاڻيندڙ سيلابن ۽ جوڳين جيان لفظن جي وشال تا کي سموعن سکي ويندو، پوءِ هن جو ڪو به نظم بي طرفو اڌرو يا لفظن جي ڀراءٌ ۾ ڀٽڪندڙ پياسي اڻڄاڻ مسافر جيان محسوس نه ٿيندو. تڏهن هن جي نظمن جي عنوانن ۾ ٿو هر جهڙي ڪڙاڻ بدران امرت جهڙا اهڄاڻ اڀرڻ لکندا.( ڇو ته شاعري ۽ نثر جي اظهار جون دنيائون بلڪل انگ هجن ٿيون) جيئن مسيع جي نظمن جا ڪجهه عنوان آهن. جيڪي ڪهاڻين جي عنوان طور ته اکيون ٻٽي قبولي سگهجن ٿا. پر شاعري جيڪا اک ڇنڀڻ ۽ خواب لهڻ جيان انتهائي نفيس نازڪ ۽ بيساخته هجي ٿي. انهي لاءِ لفظن جي اڻت ۽ اظهار به اهڙو ئي هئن ضروري آهي. مثال طور مديع جي نظمن جا سرا آهن. ڪل جڳاءٌ ٿاڦيل چهرا او وقت جا موذي.“ اسان جا سياستڪار محبت جو مٺو لولو مقصد موڙ تي ويٺل ڀڙوي جيان ٿي رهيو آ. اهڙا کهرا ۽ ڳرا ۽ غير تخليقي لفظن، نثر ۾ ته هلي سگهن ٿا، پر شاعري جي معسوم دنيا انهن کي ” “ نه ٿي ڪري سگهي. نه رڳو مديع جي نظمن جا عنوان ان قسم جا آهن. پر ساڳي وقت سندس شاعري اندر به ڪيترن جاين تي غير شاعراڻا لفظ ملن ٿا ، جيڪي سندس سٺي معياري ۽ تخليقي شاعري لاءِ بهتر ناهن. جيئن سندس لفظن م ڪتب آيل ڪجهه سٽون ؛

” هي وات کي تالا لڳڻ. ( تالا ته چپن کي ته لڳي سگهن ٿا )” عبادت گهرن جي ڪوٺن مٿان “ ”هي آئيندو هن جو اره جيان لٽيل”،” جا صدين جي سوراخ ۾ پيهي”،” ڍونڍ دليون ٿي ويون”،” هر وقت جي آذان ۾ ،لاش جي ڪا بوءِ ٿي!“.” گند گند جي کاري ۾“.” هڪ ڍونڍ تي ڪتي مثل“.” گولي سندي ڪڙڪاٽ ۾ قيد ڪارو ڪتو“،” اوٻر ڪڍن“، ان بيکاريءَ جيکونگهري جو ورجاءٌ آ“،” سٿڻ اڳٺ نه هئن برابر آهي.“

مسيع مگسي کي آئينده پنهنجي شاعري ۾ خاص طور تي نظم ڏانهن وڌيڪ ذميواري نفاست، ٻولي جي نج پٽر ۽ حسانڪي واري واهپي سان رجوع ڪرڻو پوندو. ڇو ته اڄوڪي دور ۾ جڏهن سطحي شاعرن جي لٻاڙ بازيءَ جي حوالي سان خد ڪفيل ٿي وئي آهي. ۽ سنڌيءَ جون اصلوڪيون، ڪلاسيڪل صنصون، بيت، وائي ۽ ڪافي منظر تان ڄن مٽجن لڳيون آهن. تڏهن مسيع مگسي جهڙي حساس ۽ خود دار شاعر تي اها تخليقي، توڙي قومي ذميواري بڻجي پوي ٿي ته هوءِ سنڌ ٻوليءَ جي اصلي لب و لهجي جي عنايت ۽ موسيقي جي موهه کي پنهنجي تخليقي وجدان جو حصو بڻائي. مسيع کي جديد سنڌي اردو توڙي همعصر انگريزي ادب جي ڳوڙهي مطالعي سان گڏوگڏ پنهنجي ٻولي جي باڪمال ۽ لازوال سنڌي ڪلاسڪ ادب خصوصيءَ شاعرري جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. هو جڏهن ڀٽائي، سچل، سامي، ڪشچند بيوس، نارائن شيام، مهري دڪگير، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي ۽ نياز همايوني جو  نئين اتساه سان مطالعو ڪندو ته مون کي ويساه آهي ته هو ڪيترن تخليقي مغالتن کان بچي ويبدو. سندس شاعري ۾ ٻوليءَ جيڪو ملتا ۽ نرملتا سان گڏوگڏ حال جو هوش بتال ڪندڙ حالتون تخليقي بغاوت سان سرشار ٿي پلٽجي پونديون. پوءِ هو نطم جهڙي پراسرار  صنف ۾ ڪٿي به ورجاءٌ ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيڻ بدران ، اظهار کي ندي ۽ آبشار جي فطري وهڪري جيان اپنائيندو ۽ آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته مسيع مگسي ۾ اهي سموريون صلاحيتون بلاشڪ موجود آهن، جيڪي هل ديريا شاعري سرجيندڙ ڪويءَ لاءِ اڻٽر هونديون آهن، مثال هوءَ شاعري کي عشق عبادت ۽ ايمان جيان محسوس ڪرڻ ۽ اظهار جي هنر کان آشنا ٿئي آمين.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …