ڪجهه به نه
ٻه ڀيڻون.
’اچُ ته راند ڪيون، گُڏي گِڏيءَ جي.‘
’نه، مان نه ڪندسِ!‘
معصوميت مان.
’ادِي! ڇو؟‘
’تون ان گُڏي جي شاديءَ جو ضد ڪندين آهين،
جنهن کي ڪجهه به نه آهي!‘
هن فون ڇو رکي ڇڏي؟
ڳوٺان ٿڪو ٽُٽو آيم …. منجهند جي ماني کائي سمهي پيس ….
تقريبن ڇهين وڳي منهنجي ننڍڙي ڌيءُ، جنهن تي بابا جو پيار ــــ ڀريو نانءُ ڊوڊي آهي …. بابا واري ڊڪشنريءَ مطابق.
ڊيڊي: پيءُ
ڊوڊي: ماءُ
ڊوڊيءَ ننڊ مان اٿاريندي چيو:’بابا فون.‘
اکين کي مهٽيندي مهٽيندي ….. جڏهن ٽن ڪمرن کي لتاڙي چوٿين ڪمري ۾ پهچندي …. ننڍي ڀاءُ کان پڇيم:’ڪنهن جي فون آهي؟‘
چيائين:’خبر ناهي!‘
چيومانس:’توکي ڪِينءَ خبر پئي ته منهنجي فون آهي؟‘
چيائين:’رسيور کنيم ته پڇيائون” قاسماڻي“ آهي!؟‘
پنهنجي گهر ۾ آنءُ ئي قاسماڻي آهيان ….. ٻيا سڀ جو سڀ چانڊيا آهن.
انتظار ۾ رکيل رسيور کڻندي پڇيم:’ڪير؟‘
ورندي آئي:’ضمير آهيان.‘
چيم:’حڪم ڪريو؟‘
چيائين: ’تون ننڊ آهين يا جاڳين ٿو؟‘
مون جواب ڏيڻ پئي چاهيو پر هُن فون رکي ڇڏي.
عشق انڌو ٿيندو آهي!
درَ کلڻ سان بنئسريءَ جهڙو سريلڙو آواز ڪيو
۽ هوءَ ڪافيءَ جا ٻه ٺولها کڻي آئي.
هڪڙو ٺولهو منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکي، پاڻ سامنهن ويٺي.
اٿاهه ماٺار کان پوءِ.
+ ڪافي وٺو.
ــ جي.
+ توکي …. منهنجو رقص وڻي ٿو؟
ـــ اي موهن دڙي جي نرتڪي،
مان اکيون گهر رکي ايندو آهيان.
ڳري ويل نڪ.
ڪارج؟
رڙيون.
ساهه نپوڙيندڙ احساس.
لڙڪ.
تلخ ڪلامي.
گهر جي ننڍڙيءَ ڪائنات ۾ ٻن حياتن جي.
’تون منهنجي ساهيڙيءَ سان …..‘
’ڪڏهن!؟‘
’نٽائڻ ڇڏي ڏي …..
مردن کي پِٽَ هوندي آهي؛ مائٽياڻيءَ، پاڙي واريءَ ۽ سفر ۾ ڪا عورت ….‘
چپ.
’زوري ڪرڻ ڪيڏي سولي لڳندي اٿوَ، من پسند عياشي ڪندي، انڌا ٿي پوندا آهيو.
جنسي دهشتگردي ڪرڻ کان پوءِ آئيني ۾ مُنهن ڏسندا آهيو ته ڪيڏو نه بيداغ هوندو اٿوَ …… حَسين، نوجوان ته تنهنجي ڀيڻ به آهي!؟‘
’چپ نه ٿي ڪرين …..‘
هُو اُٿيو.
ٽيبل تان ٽشو پيپر کڻي، منهن اگهندي محسوس ڪيائين ته ٽشو پيپر سان گڏ نڪ به ڳري ويو آهي.
چيگم.
اسٽيشن روڊ ورتيون شهر ڏانهن پيا اچون ته منهنجي دوست پڇيو:’مئگزين ۾ لفظ هيو وِجائنا … ان جي معنيٰ ڇا آهي؟‘
’اهو هڪ اعليٰ قسم جو چيگم آهي.‘
منهنجو دوست رفيق کٽمٺڙن، ٽافين ۽ چيگمن جو دشمن آهي؛ مان سمجهان ٿو ته هُو اسلام آباد تائين چيگم وٺڻ ويندو هوندو.
رفيق حيرت مان پڇيو؛’نئون چيگم آهي؟‘
’نه، اهو پراڻو چيگم آهي.‘
’مون ڪڏهن به نه کاڌو آهي.‘
’خبر اٿئي! هُن جي کائڻ سان ڇا ٿيندو آهي!؟‘
عبرت کائيندي پڇيائين:’ڇا ٿيندو آهي؟‘
’کائڻ وارو صفا ڪارو ٿي ويندو آهي.‘
’اهو چيگم مان نه کائيندس.‘
’ڇو؟‘
’مان اهو چيگم نه کائيندس؛ رڳو ڪپڙا ميرا ٿيندا آهن ته به بابا مون کي ماريندو آهي!‘
گاريون ۽ سڏ
محسوسات.
خوف ئي خوف.
انسان پيدائش کان وحشي آهي، هُن جو نظريو چوي ٿو؛ هن دنيا جا ماڻهو ماريا وڃن ٿا؛ مئو ڪير به نه آهي!؟
ماري: انسان ــــ خدا.
موت. داخلي ۽ خارجي ٿيندو آهي ….
ديوارن جا پاڇا لڏن ٿا، آسمان اکيون بند ڪري ٿو، ڌرتي رنگ وڃائي ويهي ٿي!
درديلو آواز: ’گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ڳاڙها گل …. ڪارن ڪپڙن ۾ ويڙهيل!‘
گاريون سماجي قانون کي!
ماڻهو ڪيڏو مجبور آ، ڌن لاءِ ناچ ڪري ٿو ننگي تن …!
درديلو آواز:’توهان چاهيندا آهيو ته در کڙڪائڻ تي هوءَ در کولي؛ دوست جي ڀيڻ ….
رومانس ته ڪيو آهي! پر مرشدن به گهٽ نه ڪيو آهي مريدياڻين سان ….. رشتا ناتا به ڪجهه ٿيندا آهن، تقدس به ٿيندو آهي ……. اُت غيرت ڪراس ٿي وڃي ٿي؟؟‘
عڪس: ماڻهوءَ جي من کي ننگو ڪري بيهاريندا آهن، ڪي ڪي انگ اوڍر ۾ به ڏسي وٺبا آهن.
شڪار، اکين جي سامهون ايندڙ ماڻهو!
مٿين پنبڻين هيٺين سان ڀاڪر پاتو ۽ ذهن ويران ٿي ويو.
درديلو آواز:’عورت جا احساس، تڙپ، ڦٿڪ، ڪيڪون ۽ رڙيون ….. مرد حساس هوندي به بي رحم، ٻارن لاءِ برابري نه اٿس ….ڌيءُ جُئا ۾ هارائي ڇڏي يا سٺ سال جي پوڙهي کي وڪڻي ڏي، سندس مرضي …. پرواهه نه ….
پُٽ کي ته وارث سمجهي ٿو، پُٽ کي بخشش به ڪري ٿو.
زندگيءَ ۾ مٺاڻ،ڪڙاڻ!!
پٽ کي ٻي عورت سان ڏسي ڇڏي ڏي ٿو ۽ ڌيءُ کي نه ……‘
ڏنل آخري چمي!
هڪ ڇوڪري آهي.
ان جو نالو نه ٿو کڻان ….
جنهن ڏينهن هُن جي جمال جي وضاحت ٿي، سمجهو تنهن ڏينهن کان حُسن مري ويندو ….
حُسن جو نالو ئي نه ٿو وٺان ….
هيءَ ڇوري الائي ڪهڙي مٽيءَ جي آهي،
بلور اکين واري ….
گوري رنگ جي.
هُن جي کُندڪ شاهين جو پڪو ڪارتوس.
هي جيڪي نه دادلا ڪالمسٽ، اديب، شاعر آهن،
ڪيڏا نه پيارا ۽ سهڻا آهن ….
پنهنجي حلقي ۾ پاڻ کي شهباز ٿا سمجهن.
مان ويل چيئر تي آهيان پوءِ به منهنجي آڏو ڪجهه به ناهن،
ڇو ته شهباز مادي آهي.
مان ليکڪ آهيان.
مون ئي اينءَ محسوس ڪيو آهي، اهڙو احساس ٻئي ڪنهن به ليکڪ جي شعور، لاشعور جي گودڙيءَ مان ليئو نه پاتو آهي ….
تخليق.
تخليق ته هڪ وقت مذڪر به آهي ته مونث به ….
الائي ڇو خوف ٿو ٿئي ….
ته منهنجو موت غير فطري ٿيندو.
مران نه مران ….
جيڪي اڌ ۾ رهيل تخليقون آهن، اُهي مڪمل ٿينديون؟
مون کي خبر آهي ته
منهنجي جسم جي سڀني سيلز cells هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي آهي.
سڀاڻي کان هُو بک هڙتال تي ويهندا.
عورت سائنس آھي.
سينيما واري اندرين گھٽيءَ سان ھلندي مون پنھنجي ادبي استاد کان پڇيو:
’مذھب ۽ سائنس ۾ تضاد ڇو آھي؟‘
ھن پھرين سَٽ ۾ گار سان نبات ملائيندي چيو: ’سائنس جو نالو ’ڄاڻ ‘ آھي؛ معنيٰ عقل ۽ مذھب معنيٰ عقيدو؛ مذھب به پنھنجي دؤر جي سائنس آھي ـــــــ جتي عقل ڪَٽ يا ونڊ نه ٿو ڪري سگھي، سمجھو ته ان ڪنڊ ۾ مذھب رھي ٿو ـــــ تون ٻڌاءِ تضاد آھي؟‘
مان چپ.
اھو جملي جو پڇاڙڪو حصو ٻڌڻ سان منھنجي عقل مان رھندو سھندو سمجھه وارو حصو چلان ولان ٿي ويو.
وري پڇيومانس: ’شاعري ڇا آھي؟‘
کلندي چوڻ لڳو: ’مالڪ جڏھن مليو ته مان تنھنجي لاءِ ڏات وٺي ايندس.‘
’ڇا مان ڏات کان محروم آھيان؟‘
’تون ڏات جي معاملي ۾ لاولد آھين.‘
لب مھراڻ تان چانھه پي اٿياسين ــــ ڳچ پنڌ کان پوءِ مون وري پڇيومانس:
’عورت ڇا آھي؟‘
’عقل جا انڌا ـــــ عورت ته خالق جو ڪُليات آھي ۽ مرد ڪليات جو بيڪ ٽائيٽل ـــــ مرد ۽ عورت ٻه الڳ الڳ جنسون آھن ــــــــ اينءَ سمجھه ته عورت سائنس آھي ۽ مرد مذھب.
جسم دنيا ۾ ھلندڙ سڪو.
ٽريننگ ڪاليج.
ڪلاس.
منھنجي گروپ جي ھڪ حسينا!
ڪرسي کڻي ڀرسان اچي ويٺي.
ڪجھه وقت کان پوءِ.
پاڻ ڏانھن ڌيان ڏيارڻ لاءِ.
ھٿ اھڙيءَ طرح منھنجي گوڏي تي رکيائين.
سِئادريون ــــ
پڇيومانس: شادي شدھه؟
نه .
ڪنواري آھين؟
نه .
ڪنوارپ رھي ڪونھي؟
ھر دؤر ۾ ـــ
پوريءَ دنيا منجھه
بھتر منافعي وارو وھنوار سيڪس جسم آھي؟
چميءَ جي تاريخ
طلاق ــــ
ھھڙي مڙس کان طلاق وٺڻ گھرجي ـــــــ ٺٺ کي ڇا ڪبو ـــــــــ وقت ڏي ئي ڪو نه ٿو ـــــ رڳو فون تي ٻه ٽھڪڙا ڏئي، نوڪر کي موڪلي منجھند جي ماني ٿو گھرائي.
شام جو اچي ئي نه ــــ
رات جو ماني کائي سمھي ٿو پئي.
صبح سان ڪپڙا پائي ھليو ٿو وڃي.
پيسا ٿو ميڙي ـــ پيسن کي ڇا ڪبو ـــ ڪھڙي ڪم جا ــــ باھه ڏجي …. ماڻھوءَ کي ماڻھپي مان ڪڍي ڇڏيو ٿسِ.
مايا ماڻھوءَ جي وٿ ناھي!
پڌري ـــــ
( پڌري پراڻي رسم آھي/ ڪجھه ماڻھو کير پيئڻ چونِ )
ھُن جي ڏنل وقت کان ٻه ڏينھن اڳ فون ڪري چيائينس: اڄ اچي وڃ، توکي ڪجھه چوڻو آھي.
ھو آيو.
چيائينس : منھنجو پٽ انٽر پڙھي ٿو!
ھُو : ڪو مسئلو ٿيو آھي ڇا؟
چيائينس : نه.
ھُو : باقي؟
چيائينس: ڪٿي منھنجي پٽ ۽ ڌيءُ کي اھا جُوڻ نه پئجي وڃي ته تون منھنجو چاھيندڙ آھين!، تنھن ڪري مان اڄ اھا ڳالھه توسان پڌري ڪرڻ ٿي چاھيان …. ته ھاڻ نه ملندو ڪر ۽ فون به ….!
ھُو : مون ته توکي به محسوس ڪرڻ نه ڏنو آھي.
چيائينس: ٻار وڏا ٿي ويا آھن ــــــــ ھُنن کي ڪوئي …. چوي …. مان ته ماءُ آھيان ـــــ پليز ….!
ھُو: سترھن سالن ۾ صرف چار ڀيرا ملاقات ٿي آھي ۽ ھڪ ڀيرو فون ڪئي اٿم ـــــــ وڌيڪ تنھنجي مرضي.
چيائينس: پليز، اڄ کان …..
چمي ـــــــــ
اڪيلي گھر ۾ ـــــــــ روئي پئي ــــــــ ڳر واري مائي.
ھُن جي ياد واري ڪرسيءَ کي ٻي پاسي اڇلايائين.
پوءِ به ھُن جي ياد …. ڪيل گفتگو.
پنھنجو پاڻ سان ڳالھائي ٿي.
ٻڌائينس ڇو نٿي؟
ھُن جا مون تي احسان آھن.
ڇا ٻڌايان ــــــــــــ نه ٿو وسري.
مان ئي وڏي عذاب ۾ آھيان.
نه چوانس ھا!
مون کان وڏي غلطي ٿي آھي.
ھن جا وڏا وڙ .
وڏي ٿانو وارو آھي.
بس وڏي غلطي ٿي آھي.
روئڻھارڪي ٿيندي:
مون کي پتو ئي نه ھو ــــــــ ڏاڍو وڻندو ھو ــــ
ھُن ھڪ ڀيري مون کان چمي ورتي ….
ان چميءَ کان پوءِ محسوس ٿيو ته مان ھاڻ وڏي ٿي وئي آھيان.
چمي ترياق ھئي ــــ
جنھن مون کي عورت ھجڻ جو احساس ڏياريو.
ــــ اھو ڏينھن نه ٿو وسري.
اھا چمي نه ٿي وسري.
اڇا بادل ـــــــــــ مٽيءَ جا گل
’ڪلهه به نه !؟‘
بک ۾ ساڻو …. ٿڪل پيرن سان هلي پيو.
اکيون ڳولها ۾ !!
پيٽ تنور وانگر ڍوَ کان خالي.
’اڄ به نه !!‘
ٿاٻڙيو؛
بچي ويو.
’هاڻي مري ويندس!
’ڇا موت انتقام آهي؟
’۽ سڀاڻو ….. سڀاڻو نه هوندو ….!‘
ڦاٽل ڪپڙا ….. پير اگهاڙا رڙهندو وڃي پيو.
ننگي ڌرتيءَ تي.
اڇن بادلن جي ڏاڙهي،
ڦاڪ ڦاڪ چپ.
ڏار ڏار زبان.
سخت لفظن جي الٽي پيو ڪري!
هٿن ۾ مٽيءَ جا گل …..
هڻي پيو ….
ته عينڪ اکين تان لهي ويس.
سائنس جي سيني تي بندوق جو فائر
’نانا جاني!‘
’جيءُ‘
’نانا! اڄ سائينءَ ڪلاس ۾ ڳالهه پئي ڪئي ته ڌرتي ڦري ٿي.‘
’پٽ! نَونِ گرهن مان هڪ گرهه ڌرتي آهي، ٻي ڳالهه ته ڌرتي گول آهي ۽ مسلسل ڦري ٿي.‘
’نانا جاني! سڄي ڌرتي ڦري ٿي؟‘
’ها‘
’نانا! جي ڌرتي ڦري ٿي ته اسان جو گهر ڪراچي ڪڏهن پهچندو؟‘
ڏهٽي ناني جي ڇاتيءَ تي معصوميت واري بندوق جو فائر ڪيو ۽ نانو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو.
مٽيءَ جي جنڊ ۾ جوانيءَ جون پگهارون
ٻالڪي.
نيرن اکين واري سُويتا.
پسند!
پيش جي ٽٻڻي.
گڏيون،
مٽيءَ جو جنڊ.
سويتا: امان انڪل آنٽيءَ کي ڇو ٿو دڙڪا ڏي؟
ماءُ کلندي چيس؛ هوم ورڪ پڪو نه اٿس!
ماءُ وِري ڏيندي جُونءَ سان گڏ گهر جي ڳالهه کي ماريندي پڇيس ٿي؛ ٻڌو اٿم مس فهميده جي بدلي ٿي آهي؟
اَمي! فهميده مس ناهي!
ڇو؟
شادي جو ڪئي اٿس.
باقي ڇا آهي؟
آپا.
فون جي بيل
رسيور جي چپن تي چپ.
سويتا آهي؟
جي آهي.
ڏسيوسِ.
مڙس رسيور مٿان هٿ رکي چيس: تنهنجي فون آهي.
سويتا: هلو ڪير؟
طاهره.
اڙي ڪينءَ آن؟
خوش آهيان.
سويتا جي منهن مان مرڪ اٿلي پئي.
سويتا؟
جي.
طاهره مرڪندي چيس: اڙي پيسا نه موڪليا ٿئي!؟
ٻڌ، هن پگهار تي ڏيندي مانءِ.
جوانيءَ جي پگهارن مان ته نه ڏنئه.
پليز هاڻ ڏيندي مانءِ.
( پنهنجو پاڻ )
جواني اٻهرو ڳيرو داڻو داڻو ڪري چڳي ويو، قرض کڻي به ٻار پالياسون پر جڏهن خوشبوءِ ڏيڻ لڳا ته …… ڀاڪرن ۾ ڀرجي ويا.
قاسماڻي جون ڪھاڻيون
نواڻ سان ڀريل آھن.