خميس , نومبر 21 2024
sd
Book on Fire

28 ڊسمبر جا شهيد ڪتاب

” اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازا پڙهي ڇڏيا آهن . . . .

. . . . اي وقت جا موذي!

اسان کي ڀٽائيءَ جي بيتن سان

غسل ڪرائجان .“

مسيح مگسيءَ جي آزاد نظم جو مٿيو ٽڪرو 28 جنوريءَ تي قمبر ۾ سڙندڙ ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريريءَ جا ڪتاب بار بار دهرائي رهيا هئا .

ڪتب خانو – شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻا لڪ ، جوان ۽ پوڙها ڪتابن جون آهون ۽ اوڇنگارون ٻڌي رهيا هئا .

ڪجهه ڪتاب مونن ۾ منهن هڻي ، چپ چاپ قربان ٿيڻ لاءِ راضي هئا ۽ ڪجهه احتجاج ڪندي واڪا ۽ واويلا ڪري رهيا هئا.

درسي ڪتابن دانهيو ، ” اڙي ڏسندڙوءَ ! اسان اوهان جي مستقبل لاءِ روشني آهيون اسان کي بچايو، نه جلايو.“

تاريخ جي ڪتابن ڪٻٽن اندران رڙ ڪندي چيو “ اڙي بي قدرئو! اسان کي بچايو، اسان اوهان جي ٻولي، قوم ۽ ثقافت کي زنده رکيو آهي . اسان اوهان کي ٻڌايو ته اصل ڇا هيو ۽ نقل ڇا آهي ، اسان اوهان جي ٻولي کي امرتا ڏني ، اسان راجا ڏاهر کي شهيد قرار ڏنو ، اسان سيد جي سچ کي جيئندان ڏنو. اسان کي بچايو .“

ادب جي ڪتابن با ادب ٿي ڇيو ، ” اسان اوهان جي قوم جا ترجمان آهيون ، اوهان جي اندر اڇل۽ جذبن کي معني ڏني آهي ، اوهان جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي . اوهان کي دنيا جي ٻين قومن سان ملايو آهي ، اوهان کي هڪ عظيم قوم قرار ڏنو آهي ۽ اوهان ئي اسان کي جلائي رهيا آهيو.“

مخصوص امتحاني ڪتابن ڀڙڪو کائي ڪڇيو ،“ وقت جي آمر حاڪمن اوهان کي  نااهل هجڻ جو تعنو ڏنو ۽ اسان اوهان کي اها واٽ ڏسي جو اوهان مقابلاتي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن کڻي انهن کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ٻڌايو ته توهان نااهل ناهيو، توهان لاءِ واٽون بند ڪيل هيون. اسان اوهان لاءِ اُهي واٽون کوليون، تنهن ڪري اسان کي نه جلايو.“

معلوماتي ڪتابن ۽ اخبارن هم آواز ٿي چيو، ”اسان اوهان کي هر وقت ۽ هر ويل باخبر رکيو، دنيا جي هر خبر کي اوهان جي ٻوليءَ ۾ پڙهايو، سڀني ماهرن کي اوهان اڳيان رکيو، اوهان کي پنهنجي پرائي جي پرک ڏني پر افسوس جو اوهان شير شاهه جي شڪري (باز) وانگر پنهنجون ئي ”ڪڪڙيون“ ماريو ٿا.“

مذهبي ڪتابن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”افسوس هي آدم جو اولاد، هر دور ۾ غلطيون ڪندو ٿو اچي ، ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا قيس ٿو ڪري ، صليب تي ٽنگي ٿو ، باهه ۾ اڇلي ٿو ، سوليءَ تي چاڙهي ٿو، گهاڻي ۾ پيڙهي ٿو ته به سمجهي نه ٿو ۽  هر دور ۾ جلائي ٿو هر شي، جن کي پوڄي ٿو ، تن کي جلائي ٿو ۽ وري پوڄي ٿو.“

ناياب ڪتابن ڏوراپيو . ” سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين هنڌن تي اسان کي جلايو ويوآهي، اسان ڳوليا نه ٿا لڀون پر اوهان کي ڇا؟ اوهان ته مذهبي ڪتابن کي به نظر آتش ڪري ڇڏيو آهي.“

سڀني ڪتابن واري واري سان واويلا وڻڪار ڪئي پر شاهه جو رسالو چپ چاپ مونن ۾ هڻي، قرباني لاءِ تيار هو، سڀ ڪتاب حيران هئا ته آخر اهي ڪتاب خاموش ڇو آهن؟.

آخر ڀٽائيءَ جا بيت ڪهڙي مصداق خاموش آهن پر ڪنهن به ڪتاب کي ايتري همت ڪا نه ٿي جو انهن کان پڇي. ايتري ۾ ڀٽائي جي رسالي مان هڪ سٽ چمڪي پئي،

”هو چوني ، تون م چئو، واتان ورائي.“

سڀني ڪتابن بيڪ آواز ٿي  پڇيو ته ايترو صبر ڇا لاءِ !؟ ايتري ۾ هڪڙو بيت چمڪي اٿيو، جنهن جي چمڪ باهه جي شعلن کان به تيز هئي.

”کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تنئوس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي.“

سڀئي ڪتاب وائڙن وانگر هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا ۽ راز جي ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ هڪڙوئي خيال سڀني جي دل ۾ ڪَرُ کڻي اٿيو ۽ اتحاد بڻجي ويو سڀني ڪتابن گڏجي ڪٻٽن کي الوداع چيو ۽ آڙاهه ۾ پاڻ اڇلايو. ڪتب خانو-شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻالڪ، جوان ۽ پوڙها بيٺي بيٺي ڪتابن جو آلاپيل ڪورس سر گرم ٻڌي رهيا هئا.

”اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازه پڙهي ڇڏيا آهن….

…..اي وقت جا موذي!

اسن کي ڀٽائي جي بيتن سان

غسل ڪرائجانءِ.“

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …