اڱارو , جنوري 28 2025
sd

گُمان

ڪهاڻيڪار: ليوگي پيرانڊيلو:                                                                        سنڌيڪار: عبيدسنڌي

 اٽلي ڄائو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار ليوگي پيرانڊيلو 28 جون 1867ع ڌاري ڪوسلي ۾ ڄائو  1891ع ۾  فلسفي ۾ پي ايڇ  ڊي ڪرڻ کانپوء تعليم واري شعبي سان سلهاڙجي ويو. پروفيسر ليوگي جي اندر ۾ هڪ ليکڪ موجود هو جنهن هن کي ادب ڏانهن مائل ڪيو.۽ اهڙي طرح  هو ڊرامانگار ۽ ڪهاڻيڪار طور تي ادب ۾ متعارف ٿيو. اڳتي هلي هن شاعري ۽ تنقيد ۾ پڻ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. هن کي نه صرف اٽلي ۾ ڊرامي جي صنف کي نئون جياپو بخشيندڙ ڊرامانگار جي حيثيت ملي پر عالمي سطح تي پڻ هن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو ويو. هن فن ۽ موضوع جي حوالي سان ڊرامي جي صنف ۾ ڪيئي تجربا ڪيا. هن جو ڊرامو “ڇهه ڪردار ليکڪ جي تلاش ۾“ تمام گهڻو مشهور ٿيو.جنهن تي فحاشي جا الزام واريا ويا، پر سندس ان ڊرامي کي عالمي ڊرامن ۾ ڪلاسيڪي ڊرامي جي حيثيت حاصل آهي. هن جي خوبي اها آهي ته هي پنهنجي تحريرن ۾ انساني نفسيات کي فلسفي رنگ ۾ رنڱي بيان ڪري ٿو ۽ سماجي حقيقتن کي بي خوف ٿي بيباڪ انداز ۾ پيش ڪري ٿو. پروفيسر ليوگي برانڊيلو جي ادبي خدمتن خصوصي طور تي ڊرامانگاري جي عيوض کيس 1934ع ۾ ادب جو نوبل انعام عطا ڪيو ويو. ان اعزاز حاصل ڪرڻ کان ٻہ سال پوء 10نومبر 1936ع ڌاري هو خالق حقيقي سان وڃي مليو.

 سڀني ماڻهن هال ۾ وڃي کانئس پڇيو ته ميت دفنائڻ لاءِ کڻي وڃڻ کان پهرين ڇا هو پنهنجي شريڪ حيات جو آخري ديدار ڪندو؟ هو آرام ڪرسي ۾ سمهيو پيو هو. تمام گهڻي اوندھ آھي وقت گهڻو ٿيو آهي ؟انهي غمگيني ۾ ٻڏل لهجي سان پڇيو. صبح جا نو ٿي رهيا هئا پر ڪڪر سج جي روشني پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل هئا. جنازي جو وقت ڏھ بجي مقرر ڪيو ويو هو، هو نماڻين اکين سان سڀني کي گهوريندو رهيو، ڀرسان بيٺل ڪنهن به انسان جي تصور ۾ به نه هو ته رات هو گهري ننڊ ۾ ستل رهيو هوندو. ننڊ ۾ گذريل ڪجھ ڏينهن جي صدمي هن جو ذهن ساڪن ڪري ڇڏيو هو، هن جي من چاهيو ته اکين تي هٿ رکي رشيدارن کان منهن لڪائي جيڪي هلڪي روشني ۾  ڪرسي جي چوڌاري بيٺا هئا، دير تائين سمهڻ جي ڪري هُن پنهنجي جسم کي سيهي جيئان وزني محسوس ڪيو . هن پنهنجي پيرن تي اٿي بيهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندس اها ڪوشش ناڪام وئي. هن جي زبان مان اوچتو وڏي رڙ سان هڪ لفظ نڪتو.

 “هميشه!”

 هن جو انداز ۽ لهجو اهڙو هو ڄڻ هو ٻيهر منهن تي چادر اوڍي سمهي پئي هن جي ڪرسي کي گهيري بيٺل هر هڪ ماڻھو سواليءَ  نگاهن سان هن طرف ڏسي رهيو هو.

هميشه ڇا ؟؟!

هو کين اهو چوڻ چاهي پيو ته ڏينهن جو به اتي هر دم اوندھ ئي هوندي آهي پر پوء هن کي ائين چوڻ بي معنيٰ لڳو. اهو هن جي جيون ساٿي جي موت جو ٻيو ڏينهن هو. تدفين جو ڏينهن آهي هلڪي روشني ۽ گهري ننڊ؛ ان حقيقت سان گڏ ته هال ۾ ان جي شريڪ حيات جي ميت رکيل هئي، هن کي هميشھ ياد رهندي. هال جون دريون اڃا تائين بند هيون، رات انهن کي به نه کوليو ويو هو. وڏين ميڻ بتين مان سڄي رات ميڻ ٽمندو رهيو هو، ان ميڻ جي حرارت جو اثر اڃان تائين ڪمري ۾ موجود هو، بافتي(ڪفن) ۾ ويڙهيل سندس گهر واري جو لاش هاڻي فوم واري تابوت ۾ رکيو ويو هو.

بس !گهڻو ٿي چڪو. مان هن جو منهن ڏسي چڪو آهيان، هن ٿوري دير سوچيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون. مسلسل روئڻ جيڪري هن جون اکيون سڙن پيون.

گهڻو ٿيو!

المناڪ انتقال بعد هن جي ذهن  ۽ سندس زندگي ۾ پيدا ٿيل خال جو احساس ته رهجي ويو هو، پر درد جي شدت ساڳي نه رهي هيس بس! هاڻ هن تابوت کي بند ئي ڪري ڇڏين ۽ زندگي جي سامان کي کڻي هلن، سندس شريڪ حيات جو لاش ته اڃا تائين هال ۾ ئي رکيل هو، پر اهو خيال اهو تصور سندس من ۾ مانڌاڻ مچائي رهيو هو.  هو اوچتو اٿي بيٺو ۽ وچڙندڙ وکون کڻندي ميت طرف هلڻ لڳو ته ماڻهن هن کي ٻانهن کان سهارو ڏنو، هي ڏکايل هو، ماڻھو هن کي لاش وٽ وٺي ويا. هن ڏکايل اکين سان لاش کي ڏٺو  ۽ نالو وٺي ڏکويل لهجي ۾  هن ان کي سڏ ڪيو، صرف اُهو ئي هن کي ان نالي سان سڏيندو هو، سندن گڏ گذريل زندگي جا سمورا رنگ ان ئي نالي سان لاڳاپيل هئا. هن غمگين نظرن سان آسپاس بيٺل ماڻھن طرف ڏٺو جيڪي هن جي مئل زال جو منهن ڏسي رهيا هئا. انهن کي هن مائي جي باري ۾ ڪهڙي خبر؟ اهي اندازو به نه  پئي لڳائي سگهيا ته هن کان خدا اڄ ڪهڙي شئي کسي ورتي هئي.

هُو رڙيون ڪرڻ چاهي پيو. سندس پٽ هن جا اهڙا تاثر محسوس ڪري هن کي تابوت کان هٽائڻ لاءِ اڳتي وڌيو  پُٽ جو مقصد پروڙِي هن جي وجود تي جهڙوڪ بجلي ڪري پئي هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ هو ماڻهن جي ميڙ ۾ بي لباس ٿي ويو هجي.  هن کي پنهنجي جذبن توڙي رات جو ڪيل ننڊ تي به شرمندگي محسوس ٿيڻ لڳي.

بس هاڻ وڌيڪ دير نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو جيڪي دوست جنازي سان گڏ هلڻ چاهين ٿا، انهن کي وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوي. “بابا هاڻي بس ڪيو، هوش ڪيو!” پٽ جي انهيءَ آواز تي ، ڏک کان شڪست کاڌل همدردي جي لائق ان انسان خائف نظرن سان پنهنجي پٽ ڏي ڏٺو ۽  پوءِ پنهنجي ڪرسي ڏانهن هليو ويو.

“ها!! هوش ئي بهتر آهي، اندر ۾ اٻرندڙ ڏک تي رڙيون ڪرڻ، روئڻ بيڪار آهي”

ان مڙس  جي صدمي کي لفطن جي پوشاڪ پارائڻ سؤلو ڪم نه هو، جنهن جي محبت جيئري هجي ۽ سندس جيون ساٿي مري وڃي.

هن جي اذيت جو اُن پٽ کي محسوس ٿيندڙ ڏک سان ڪهڙو مقابلو، جنهن لاءِ زندگيءَ جي انهيءَ دؤر ۾ والدين جو موت  فطري آهي.

 هن جي شادي طئه ٿيل هئي ٽن مهينن جي سوڳ کان پوءِ  هو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارو هو. ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ هن کي اهو جواز به ملي ويو ته  هاڻي  گهر جي ڪم ڪار جي لاءِ انهن کي عورت جي ضرورت آهي!

سائين! سائين! ٻئي ڪمري مان ڪنهن سڏ ڪيو!

ان احساس کان پوءِ  هو وڌيڪ ڏکارو ٿي پيو ته هاڻي هن بدران پٽ کي سندن خانداني نالي سان سڏيو  پيو وڃي هاڻي ان جو پٽ ئي ان نالي جو وڌيڪ حقدار هو .

اهو  ياد ڪري هن کي ندامت محسوس ٿيڻ لڳي ته هن سڀني جي سامهون پنهنجي گهرواري جي پيار وارو نالو پڪاري ان نالي جي بيحرمتي ڪئي، ناداني ڪئي هئي. هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ سڄي رات ننڊ ڪرڻ جي ڪري ڄڻ سندس عقل تي تالو لڳي ويو هجي.

                جيئڻ ۾ هاڻي کيس دلچسپي جو  فقط هڪ ئي عنصر باقي رهيو هو، اُهو اهو  ته، سندس گھر ۾ هاڻي ڪهڙا نوان طور طريقا لاڳو ڪيا ويندا. سندس ذهن ۾ اها اڻ تُڻ هئي ته، کيس سمهڻ لاءِ ڪٿي جاءِ ڏني ويندي،  سندس ڪمري مان وڏو پلنگ ته پهرين ئي هٽايو ويو هو، جنهن مان اها مراد هئي ته هاڻ کيس ننڍو پلنگ ڏنو ويندو؛ وڏي پلنگ تي هاڻي سندس پُٽ کي پنهنجي گھر واري سان سمهڻو هو، هُو پاڻ ننڍي پلنگ تي سمهي ها جتي سواءِ تڌي هوا جي کيس ڪجهه هٿ نه اچي ها.

                دير تائين ويهڻ سان سندس جسم ڄڻ ته بي جان ٿي پيو هو. جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪري ها ته هوا ۾ اڏامندڙ ڪنهن پکيءَ جي پَر وانگر هلڪو ٿي وڇڙندي زمين تي ڪري پوي ها!

هن جي زندگي بي مقصد، بي معنيٰ ٿي چڪي هئي!

هن جي وجود ۽ سندس ڪرسي ۾ شايد ئي ڪو فرق باقي بچيو هجي!

 ڪرسي وري به پنهنجي چئن ٽنگن تي بيٺل هئي پر هن کي ته اها به خبر نه هئي ته سندس پير ۽ ٽنگون ڪٿي آهن، ۽ هُو پنهنجي هٿن جو ڇا ڪري؟ هاڻي هن کي پنهنجي زندگيءَ جو الڪو ته پري جي ڳالهه ،  پر  هن کي ته ٻين جي زندگي سان ڪو خاص واسطو به رهيو هو؛  پر پوءِ  به  کيس جيئڻو  ته هو. نئين انداز سان، کيس رهيل اهڙي زندگي گذارڻي  جنهن جو ڌنڌلو خاڪو  به سندس ذهن ۾ نه هو. پهرين ته اهڙي زندگيءَ متعلق هن ڪڏهن سوچڻ به پسند نه ڪيو هو، پر هاڻي هن کي سوچڻو هو.

ڇاڪاڻ جو هاڻي هن جي دنيا بدلجي چڪي هئي ۽ هُو  عجيب بيوسي جو شڪار بڻجي چڪو هو. هُو پوڙهو ته نه  هو  پر کيس جوان به نه چئي پيا سگھون.

هو سندس پٽ لاءِ ٻالڪ بڻجي چڪو هو، سڀ ان حقيقت کان آگاهه آهن ته جوان پٽن جي نظر ۾ سندن پيءَ ٻار جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن ، جن کي فقط پالڻو هوندو آهي. امنگن ۽ آرزوئن سان ڀريل ذهنن وارا نوجوان پٽ ڪاميابين سان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ويندا آهن ۽  پيءُ  وري  واندا ويهي ان خدمت جي اوڳاڙي ڪندا آهن، جيڪا انهن سندن اولاد جي ٻالڪ پڻي ۾ ڪيئي هئي!.

پر اڪيلو بستر!

پر هُنن ان کي ته اهو ننڍو ڪمرو به نه ڏنو  هو  جنهن ۾ سندس پٽ آرامي ٿيندو  هو.  هن جي پٽ جو خيال هو ته سندس والد لاءِ انهيءَ ڪمري بدران اڱڻ جي پاسي وارو ڪمرو ئي بهتر رهندو. ان ڪمري کي پراڻي فرنيچر سان سجايو ويو هو ته ڪنهن کي ائين محسوس نه ٿئي ته هن کان پهريان انهيءَ ڪمري ۾ نوڪر رهندو هو.

                پٽ جي شادي ٿي، شادي کان پوءِ سامهون وارن سمورن ڪمرن کي نت نئين فرنيچر سان سجايو ويو،  فراسيون وڇايون ويون، گذري ويل وقت جي ڪابه نشاني ياد رکڻ لاءِ باقي نه ڇڏي وئي.

هو نوجوان جوڙي جي زندگي کان الڳ ٿلڳ ننڍي اونداهين ڪمري تائين محدود ٿي چڪو هو. پراڻي فرنيچر سان سجايل انهيءَ کولي نما ڪمري ۾ اڇلائڻ تي حيرت انگيز طور تي هن کي ڪنهن قسم جو رنج يا بي عزتي محسوس نه ٿيندي هئي. هو گهر جي نئين انتظام مان خوش هو ۽ هن کي پٽ جي ڪاميابين جا احوال ٻڌي خوشي ٿيندي هئي!

                هن جي دلي اطمينان جي اها حد هئي ته سندس زندگي سان لاڳاپيل اميد جي روشني، گذري ويل يادن کي ميٽڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. لاشعوري طور تي هن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته هن جي اڳيان هڪ روشن دروازو ظاهر ٿيو آهي، جنهن کي هو جنهن پَل چاهي کولي ڇڏي. هاڻي جڏهن هن جي ڪنهن کي  به پرواهه نه رهي هئي ته انهيءَ ڳالهه هن لاءِ ويتر آساني پيدا ڪئي.  هو پنهنجو پاڻ کي بي فڪر،  هوا کان به هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو هو. هن جي اکين جي چمڪ هر جذبي کي روشني بخشڻ لڳي هن لاءِ حيرت جا دروازا کلندا ويا جهڙوڪ هُو  وري سچ پچ ته ٻار بڻجي چڪو هو. ٻارن وانگر کليل اکين سان هو اهڙي دنيا جو مشاهدو  ڪري رهيو هو جيڪا هن لاءِ بالڪل نئين هئي.

هن کي بلوغت واري زندگي جا آداب وسري چڪا هئا،  نوجوان ڇوڪرا هن جي ذهن ۾ ڪراڙپ جو احساس جاڳائيندا هئا،  تنهن ڪري هو پنهنجو پاڻ کي انهن جي صحبت کان  پري رکندو هو. هاڻي هن ٻارن جي پارڪ وڃڻ شروع ڪيو هو،  هو اتي ڇٻر تي کيڏندڙ ٻارن جي ميڙ ۾ وڃي ويهندو هو. وڻن جي پويان وهندڙ واهين جي آواز ۾ پنن جا هلڪا آواز گم ٿي پئي ويا، اهو ماحول هن  لاءِ سحر انگيز هو،  هن کي ان ماحول ۾ تمام گهڻو سڪون حاصل ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ٻارن روايتي رانديون وساري بوٽ ۽ جوراب لاهي ڇڏيا. انهن کي نرم ڇٻر تي پيرن اگهاڙي هلندي مزو پيو اچي. هن به انهن ٻارن کي ڏسي ريس ۾ هڪ جوتو لاٿو، ٻيو به  لاهي پيو ته اوچتو هڪ نوجوان ڇوڪري هن پنهنجي سامهون ڏٺي. ڪاوڙيل چهري واري ڇوڪري ڪَرڙي نگاهه سان ان پوڙهي ڏانهن ڏسي رڙ ڪئي…

 بي شرم!

ڇوڪري جي لباس جو سامهون وارو حصو ڪنڊن واري  ٽاري ۾ ڦاٿل هو، جنهنڪري هُو  نيم عريان ٿي چُڪي هئي، هُن دامن ڇڪي ٽنگن وٽ آندو. حيرت ۽ عجب ڀريل نظرن سان ڇٻر تي ويٺل ڪُراڙو ان کي ڏسي رهيو هو ۽ ڇوڪري جي بدگماني ڏسي هو  بي جان بڻجي چڪو هو. ان بدگمان ڇوڪريءَ  کي ڪهڙي خبر ته اهو ڪُراڙو صرف ٻارن  جي راند مان لطف وٺي رهيو هو. هُو  هڪدم جهڪيو ۽  پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي اگھاڙن  پيرن تي رکي ڇڏيائين.

ان ڇوڪري کي اندازو به نه هو ته گمان جو شڪار ٿي هن ڪيتري اٻهرائي ڪئي هئي؟ ڇا ڪراڙپ انسانن  کي ٻارن جيان خوش رهڻ جو حق حاصل نه ٿو رهي؟ ڇا ڪراڙپ ۾ انسان رڳو برائي ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو آهي؟ جيڪڏهن هُو چاهي ها ته ٻار بڻجڻ بجاءِ مرد جو روپ اختيار ڪري وٺي ها،  ڇاڪاڻ جو جوان جذبا ته اڃان به هن جي وجود ۾ زندهه هئا. گمان جو شڪار، ڪم ظرف ڇوڪرِيءَ ان ڪُراڙي  جي معصوميت جي  گستاخي ڪئي هئي.

 رنج ۽ شرمندگي واري احساس ۾ هو  ڇٻر تي اونڌي منهن سمهي رهيو هو . جيڪڏهن هو ائين چاهي ها ته هن جي پٽ ته پهرين ئي ان حقيقت جو اظهار ڪيو هو ته هن جون به ڪجهه خواهشون ٿي سگهن ٿيون … ۽ اهڙين ضرورتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ هن وٽ دولت جي ڪمي نه هئي.

ڪاوڙ مان ڏڪندي هُو اٿيو ۽ شرمسار ٿيندي جُوتا پاتا. هن جو رت تيزي سان گردش ڪرڻ لڳو… ها مون کي معلوم آهي ته انهن ڪمن لاءِ ڪيڏاهن وڃبو آهي… ها مان  خوب ڄاڻان ٿو. گهر پهچي هو ڪمري ۾ وکريل سامان مان رستو ٺاهيندو پلنگ تي وڃي ڪريو ۽ ديوار طرف مُنهن ڪري ڇڏيائين.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …