جمعو , اپريل 4 2025
sd

ڪوجهو عڪس آئينا ٽوڙڻ سان سندر ناهي ٿيندو!

ڪوجهو عڪس آئينا ٽوڙڻ سان سندر ناهي ٿيندو!

 عباس ڪوريجو

  • مان آسمان ۾ تڪي رهيو هوس ته آواز آيو،“ اڀرندي سج کي ڏٺو اٿئي!؟” اوڀر پاسي منهن ڦيريو، جتان سج اڀري رهيو هو. وري آواز آيو، “ڇا اهو لهندي ڏٺو اٿئي!؟” اولهندي پاسي نهاريم جتي سج پوئينءَ ڪَنيءَ پهتل هو. پوءِ آواز آيو، “ ڇا مون کي ڏٺو اٿئي!؟” چئني پاسي نهار وڌم هو نظر نه آيو، اندر مان آواز آيو،“ تو مون ڏانهن ته نهاريو ئي ناهي!”
  • ظلم بدبوءِ جيان گهٽين ۾ ڦهليل آهي، پر ڪو به اٽڪڻ جو اگربتيون نٿو ٻاري.
  • اڻ تڻ، هڻ کڻ بلا آهي، ڪو ڏنگجي ويندو آهي، ڪو بچي ويندو آهي.
  • انا ڦوڪڻي جيان مٿي ضرور کڻي ويندي پر ڦاٽندي ضرور.
  • زندگي نئين ڄاول ڪمزور ٻار جيان آهي، کيس هر وقت طاقت جي ڊرپ گهربل آهي.
  • جيڪي عشق جو کير پيئندا آهن، اهي هميشه سگهه هوندي به بي ستا لڳندا.
  • تنهنجي يادن جي عينڪ جو فريم، منهنجي اکين تان لهي ئي نٿو.
  • هن جي اکين مان الئه لڙڪ ڪريا، الئه سالن کان سانڍيل سپنا!
  • ماڻهو انڌي فقير جي ڪشڪول ۾ کوٽا سڪا ڇو اڇليندا آهن!
  • مهانتا جو پوپٽ، سدائين ساڳي “گل” تي ناهي ويهندو.
  • بدلي وٺڻ لاءِ ڪيل ڪوششون اگر ڀلي لاءِبه ڪجن ها!
  • ڪينسر نفرت جي چوٿين حصي جيترو به نقصانڪار ناهي.
  • ڇڳل کٽ تي ائين پيو آهي، ڄڻ صابڻ داني ۾ صابڻ.
  • جي حيات ممات جو رستو آهي، ته پوءِ تماشگاهه ڇو جڙيا آهن!؟
  • سڪون جو وکر ڪنهن هٽَ تان ناهي ملڻو!
  • جلاوطني ائين آهي، جيئن ٽٽل پايل جي نصيب ۾ محفل جي مستي!
  • او زندگي! مان موت جي در تي تنهنجو اڃا ڪيترو انتظار ڪريان!
  • مطالعي بنا فني اوسر ائين آهي جيئن بنا ڪارپيٽ انب پال ڪرڻ.
  • منهنجو پٽُ بليٽ پروف جيڪيٽ پائي اسڪول ويندو آهي! مان هن شهر جي امن مان “مطمئن” آهيان!
  • زندگي جيڪڏهن مڌ جو ڪوڙو ڍڪُ هجي ها مان تڏهن به لمحي جي سڪون لاءِ پي وڃان ها.
  • ساريون نسري چڪيون آهن، پر زميندار جو ايترو قرض آهي، جو ٻيو فصل به لڙهي وڃي!
  • “لال ڪنوار” ڳاڙهي ڀنڀوري پڪڙڻ لاءِ ٻار ايترو آتا آهن، جيترو ڳاڙهي ڪنوار لاءِ برپٽ ۾ ٻڪرار.
  • چنڊ! تون عيد لاءِ اڀرڻ کان پهرين نظرن جو ايترو محور ڇو نه هوندو آهين!؟
  • وقت جي ڏائڻ، منهنجي وارن جا ڪارا ڪپڙا لاهي ڇڏيا آهن.
  • افسوس! ڊاڪٽر هن جي صحت جي ڇڳل جتيءَ کي ٽاڪو نه هڻي سگهيا!
  • مون وٽ ادب جو بنيادي ڪارج“ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي” وارو آهي.
  • منهنجي امڙ، ٻن جاڙن ٻارن کي ٿڃ ڏني، هڪ مان هيس ۽ ٻيو درد.
  • دوست! گفتگو جي غزل ۾ سچ جي سٽَ به لکندو ڪر.
  • مان محبت جي مهاري ۾ ستل آهيان، معاشري جا مڇر ٻاهران ڦيرا پيا ڏين!
  • ڀٽائي! اياز شاعريءَ جي گس تي تنهنجا پيرا ليڪيون بيٺو هو، هاڻ اتي ٻه نشان آهن پر ڪو ليڪڻ وارو ناهي!
  • ريشم گهٽيءَ ۾ فقيرياڻيءَ جو ٿڌو ساهه، نه ڄاڻ ڪيترين حسرتن جا سر قلم ڪري ويو هوندو!
  • امير جي آڱر اُڀي ٿي ته تلوار، غريب جي آڱر اڀي ٿي ته ڪپجي ويندي!
  • موملون ته اڄ به کوڙ آهن، پر ڪاڪ محل اکين ۾ کڻيون گهمن!
  • هو ايترو ڏاڍيان پيو ڳالهائي، جو ڀرسان گڏهه جي هينگ به ٻڌڻ ۾ نٿي اچي.
  • کٽ تي سمهاريو يا پٽَ تي، ننڊ لوبان جي دونهين جيان اکين ۾ لهي ايندي.
  • الائي ڇو، اڄ اڪيلائي ٻارن جيان انگل ڪندي موسيقي جي رانديڪي سان نه پئي ريجهي.
  • ڪنواري ٿرڻ جي ٻانهن ۾ پيل ٺوٺ تائين عاج جا ڪنگڻ، وسڪاري جي اوسيئڙي ۾ کڙڪڻ بند ٿي ويا آهن.
  • چندن ساڙيو ويو آهي، يا ڪنهن جي ارمانن جي خوشبو آهي!؟
  • مان ته جنگ مان ڀڄي آيو هوس، مونکي بهادري جو تمغو ڪيئن مليو!؟
  • منَ! مونکي ايترو به درگذر نه ڪر جو پاڻ کي ڪا ٻي مخلوق تصور ڪريان!
  • تنهنجي بيان ڪيل ڳالهه ۾ صداقت، مان تنهنجي هڪ قسم کڻڻ کان ٻي قسم کڻڻ جي وٿيءَ ۾ سمجهي ويندو آهيان.
  • پايل تائين پسيل تنهنجا پير، منهنجي صحن ۾ پوسل ڪندا نه ڄاڻ ڪيڏانهن ويا!؟
  • تنهنجو هڪڙو ٽهڪ منهنجي ڪمري جي تنهائي کي ڇيڙي ويندو آهي.
  • طوفان جي دز ته تنهنجا پيرا ميٽي وئي، پر تنهنجي بدن جو چندني هڳاءُ تو تائين رسائيندو.
  • ليسوڙي جي ڏار تي ويٺل نوريئڙو جپاني هائيڪي جيان لڳو هو.
  • زندگي پپل جو وڻ آهي، ڌوڻڻ سان فَقط ارمانن جا پن ڪرندا!
  • پنهنجو پيار به ڀڳل شوپيس جيان آهي، جنهن جي جاءِ ڪنهن به دل جي ڪمري ۾ ناهي!
  • تاڪيي مان اڳڙي بڻجي اڊڙيا آهيون ته غم نه ڪر، ڪنهن ڦٽَ تي پهو ضرور بڻباسين!
  • جوڳيءَ جي جيون دڳ تي رڳو واسينگن جا پهرا هوندا آهن.
  • جگر! پاڻ پوتر ۽ اپوتر جي خفن کان آجا آهيونءِ!
  • تنهنجي نانءَ جون ماترائون منهنجي نانءَ کان وڌيل هيون، تنهن ڪري ته حاصلات جي وزن تي پورو نه لٿم.
  • نيٺ محبت جي تهمت جو ٺپو، پنهنجي جيون دستاويز تي لڳي ويو!
  • هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو“ اونداهين جا بلب” پڻ ٻاريندا آهن!
  • اي مصور! تنهنجا فن پارا به سرڪاري لوهه جيان ناقابل فروخت ڇو آهن؟!
  • غور سان ٻڌ! گهڙيال جو ڪانٽو ٽڪ ٽڪ نه پر اُٿ اُٿ چوندو آهي.
  • جڏهن دل مقتل بڻبي آهي ته ڏک جلاد ٿي ايندو آهي.
  • ٺڪاءَ کان پوءِ ڦٿڪندڙ پکي، مون کي آترويلا ۾ ورتل شاعر جيان لڳو!
  • نفرت جي لفظ کي محبت جو قافيو ڏي! جيون ڪوتا امر ٿي ويندئي!
  • اڌ رات جو ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿڻ ويل، ائين ڀاسندو آهي ڄڻ چنڊ هيٺ لهي آيو هجي.
  • منهنجون اکيون “ڀُڳل بههَ” وڪڻندڙ ڦيريءَ واري وانگر گهٽين جو طواف ڪرڻ لڳيون هيون.
  • پاتل چوڙين کي يا ته ڇڻڪڻو هوندو آهي يا ته ٽٽڻو.
  • خوشيءَ جي ڪڪڙ هيل اسان لاءِ وائي آنا لاٿا.
  • چانهه جي ڪوپ ۾ اٽڪيل نگاهون، پوري فلم جيترو وقت لڙهي ويون.
  • ماچيس جي تيليءَ جيان تپڻ ڇڏي ڏي، زندگيءَ گندرف ٿي ويندئي!
  • سرحدون جسمن لاءِ آهن، جذبن لاءِ نه!!!
  • ڪهڪشان کير جو گلاس آهي، ننڍڙا ستارا مکڻ جا ڦڳ.
  • مون کان پڇيو هيئي، “ڪيئن پيو جيئان؟” سمجهه ڏانڊي ڀڳل ڪنول جو گل گندگيءَ ۾ ٻڏي پيو.
  • پاڻ ٻئي ان ٻيڙيءَ جا سوار آهيون، جنهن جو ناکئو ننڊ آهي!
  • مزاحمت انقلاب ڏي پهرين وک آهي.
  • دوست! ڀل ناراض ٿي، نيٺ پرچي ايندين! پر مان ڀرم جي ڀيل نه ڪندم!

  • (عبرت مئگزين 1 جنوري 2005ع)

ھي بہ ڏسو

ادبي صنفن بابت ليکڪن جا رايا

گل شير ٽڳڙ مختلف صنفن جون وصفون ادب جون وصفون علامه آءِ. آءِ. قاضي: اُهو …