ڪلچريا ثقافت ڇا آهي؟
عباس ڪوريجو
ڪلچر لفظ جي تاريخ:
سڀ کان پهرين رومن ڏاهي بقراط ڪلچر لفظ Cultura animi طور ڪتب آندو، جنهن مان مراد روح جي زرخيزي Cultivation of Soul هو.
17 هين صديءَ ۾ پهريون ڀيرو هي لفظ يورپ ۾ غير زرعي اصطلاح طور استعمال ٿيو، جنهن مان فرد جي خاص طور تعليم وسيلي بهتريءَ جو مفهوم ورتو ويو.
18هين ۽ 19هين صديءَ ۾ هي لفظ اڄ جي معنى جي ڪجهه ويجهو ٿيڻ لڳو ۽ گهڻن ماڻهن جي مفهوم ۾ ڪتب آيو.
20هين صديءَ ۾ هي لفظ علم الانسان Anthropology جي مرڪزي نڪتي طور اڀري آيو ڇو ته علم الانسان ماڻهن جي سائنسي بنيادن تي ارتقا جي مطالعي کي تسليم ڪيو ويندو آهي.
ثقافت جو سڌو سنئون تعلق قوم سان آهي ۽ قوم ماڻهن جي ان گروهه جو نالو آهي، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، تاريخ ۽ تمدن آهي. قومون وري سماج/سماجن جي پيداوار آهن. سماج فردن/ خاندانن ۽ قبيلن مان جڙندا آهن ۽ فرد ساڳيو اهو ئي ماڻهو آهي.
ثقافت کي سمجهڻ واسطي اسان ساڳي انساني ارتقا کي بيان نٿا ڪريون، پر مختصر ته فرد گڏجي خاندان ٺاهيندا آهن، خاندان گڏجي برادريون ٺاهيندا آهن، برادريون گڏجي سماج ٺاهينديون آهن ۽ ساڳي ٻولي، جاگرافيائي ايريا، ريتون رسمون ۽ تاريخ رکندڙ سماج گڏجي قوم ٺاهيندا آهن ۽ تاريخ جو ڊگهو سفر ڪندي هر قوم پنهنجي الڳ الڳ ثقافت جوڙيندي آهي.
ثقافت لفظ/اصطلاح جو تعلق اڄ ڪنهن هڪڙي مضمون Subject سان ناهي پر اهو ڪيترن ئي مضمونن جو حصو بڻجي چڪو آهي. جن ۾ علم الانسان، سماجيات، تاريخ ۽ ٻيا شامل آهن. ڪلچر ثقافت ۽ سڀيتا آهي، ڪلچر لفظ روايت Tradition پڻ آهي، جيئن اسان وٽ مشهور آهن؛ ڪاپي ڪلچر، رشوت ڪلچر ۽ ڌاڙيل ڪلچر.
سماجيات Sociology جي حساب سان ڪلچر يا ثقافت جا ٻه قسم ٿيندا آهن:
- مادي شين جي ثقافت Material Culture
- غير مادي شين جي ثقافت Non-Material Culture
مادي شين جي ثقافت جو واسطو انهن شين سان آهي، جيڪي اسين استعمال ڪندي پنهنجي ثقافت کي ظاهر ڪندا آهيون، انهن شين ۾ شامل آهن، اسان جا گهر، پاڙا، اسڪول، مسجدون، مندر، درگاهون، اوزار، سامان، لباس، کاڌا، موسيقي، ناچ ۽ ٻيون شيون شامل آهن.
سنڌي ماڻهن وٽ ان لاءِ جيڪي وکر آهن، اهي اوهان ضرور ڄاڻندا هوندا. گهر، علائقي ۽ درجي جي لحاظ کان اڏيا ويندا آهن، اوڏن جا مٽيءَ مان جڙيل ڪچا گهر، ٿرين جو جهوپا ۽ پيهيون، ڪٿي ڳوٺن ۾ گهرن ٻاهران لڳل لوڙها ۽ اوطاقون وغيرهه، اوزارن ۾ ڪوڏر، ڪهاڙي وغيرهه، لباس ۾ شلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ته ملڪان ملڪ مشهور آهن. مايون وري گج، ڀرت ڀريل چادرون ۽ چولا ڪتب آڻين.
غير مادي/طبعي شين جو واسطو وري انهن خيالن، ڳالهين يا روين سان آهي، جن جو ڪوبه طبعي وجود ناهي، جيڪي فقط خيال Ideas آهن، جيڪي قومن وٽ پنهنجي ڪلچر بابت آهن. جيئن: عقيدا، قدر، اصول، ٻولي تنظيمون، ادارا، اخلاقيات، معيار ۽ ماپا وغيرهه شامل آهن.
مثال: مذهب بابت جيڪي نظريا آهن، اهي مشتمل آهن، خدا جي باري ۾ ڪجهه خيالن ۽ عقيدن تي، عبادتن تي، مذهبي رسمن تي ۽ اخلاقن تي ۽ پوءِ انهن تي ڪيل ثقافتي عمل مذهبي عبادتن، واقعن، مسئلن ۽ موضوعن کي پنهنجي پنهنجي رخ سان اظهارن ٿا.
سنڌي ماڻهن وٽ جيڪي غير مادي/طبعي وکر آهن تن ۾ ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا. هڪ ته سنڌي ماڻهو عقيدي جا پڪا هوندا آهن، غلط ڇونه هجن پر اهو يقين رکندا آهن ته اهي عقيدي جي لحاظ کان سهي دڳ تي آهن. نياڻي کي ستن قرانن برابر سمجهندا آهن. مذهبي رواداريءَ سببان ٻانهون ٻڌندي مذهبي انعڪساري ظاهر ڪندا آهن. سيد کي مٿانهون سمجهندا آهن. تڏي تي لنگهي آيل کي خون به بخشي ڇڏيندا آهن. قرآن کڻي آيل يا نياڻيون ميڙ وٺي آيل کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. نياڻي سام طور ڇڏيندا/رکندا آهن. ڪجهه سيد گهراڻن ۾ اڳي قران سان شادي پڻ ڪرائي ويندي هئي. مهمانوازي ته ڪو هنن کان سکي، مهمان تان صدقو پيا ويندا آهن. اوطاقن تي ڪچهري هنن جو معمول آهي. جيئن اوهان ٽي وي اشتهارن ۾ ٻڌندا آهيو، ”سنڌ جي ثقافت ڪچهري“ شيخ اياز چيو هو ته اها ڪچهري ئي آهي، جنهن سنڌي ماڻهن جا سَنڌَ ئي سڪائي ڇڏيا آهن.
اسان اها دعوى ڪندي انتهائي فخر مان ڪنڌ اُڀو ڪندا آهيون ته اسان قديم قوم آهيون، اسان جي تهذيب ۽ ثقافت قديم ۽ عظيم آهي، جنهن جو هڪ مثال موهن جو دڙو پڻ آهي. موهن جو دڙو اسان جي تمدني تاريخ جو هڪڙو باب آهي، تعميرسازي ۽ تنظيم سازيءَ جي ڪري Material Culture آهي، اها اسان جي تمدني تاريخ آهي. ثقافت تهذيب ۽ تمدن سان ڳنڍيل ضرور هوندي آهي پر اها الڳ شيءِ آهي، هاڻي فرض ڪندي مڃيوسين ته اسان جي ثقافت به ايتري ئي پراڻي آهي ته پوءِ هر پراڻي شيءِ ڪم جي ناهي رهندي، ان جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي ان کي عمل جوڳو بڻائبو آهي. ائين ثقافت ۾ به پراڻين، مدي خارج، دقيانوس، قدامت پسند ريتن رسمن جو ڀنڊار موجود هوندو ڇو ته پراڻو دور جهالت، گهٽ علميت ۽ گهٽ عقليت وارو دور هو ته پوءِ ان دور جون ريتون رسمون عظيم ڪيئن هونديون؟؟
ڪلچر يا ثقافت بابت جامي چانڊيي لکيو آهي، ”ڪلچر يا ثقافت جا ٻه پاسا هوندا آهن، هڪڙا روشن خيال ۽ ترقي پسند ته ٻيا عقيدهه پرست ۽ جهالت تي ٻڌل. ثقافت به داڳيل انب وانگر ٿيندي آهي، جنهن مان داڳ ڪڍي ڦٽا ڪرڻ گهرجن ۽ ان جي صحتمند ڳر کي واپرائڻ گهرجي.“
هن رياست جي غير سنڌي سماجن ۾ اسان کي ڄٽ، گهٽ پڙهيل، غير مذهبي ۽ راجا ڏاهر جو اولاد سڏيو ٿو وڃي ۽ ان ڪري ئي سنڌ اندر مدرسن ۽ تبليغي جماعتن جي گهڻائي ٿي رهي آهي. ويجهڙ ۾ ٿيل سنڌ اندر مذهبي تنگ نظري ۽ عدم رواداري جا واقعا سنڌ جي رواداريءَ واري ڪلچر تي وارُ آهن.
اڄ گڏجي ڪجهه عهد و وفا ڪريون ته سنڌي سماج کي سڌارڻ واسطي هن ثقافتي تحرڪ کي فقط اجرڪ، ٽوپيون، گج ۽ ڀرت ڀريل چادرون اوڙهي هو جمالو تي رقص ڪرڻ تائين محدود نه رکنداسين، پر روشن خيالي ۽ سائنسي سوچ سان ثقافت اندر موجود هيٺين ڪجهه جاهلانا ريتن رسمن جي خاتمي لاءِ پڻ ڪوشان رهنداسين.
- ڪاروڪاري اسان جي ڪلچر جو حصو آهي، ان کي ختم ڪنداسين.
- ملڪيت ڦٻائڻ خاطر جي ڪنهن سيد گهراڻي وري قران سان شاديءَ جي رسم ادا ڪئي ته ڀرپور مخالفت ڪنداسين.
- ننڍپڻ يا ڄمڻ کان پهرين نالي ڪرڻ/مڱڻِي ڪرڻ جي خالف هونداسين.
- سڱ چٽيءَ عيوض عورت کي انتقام جي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ جي مذمت ڪنداسين.
- پاڻ کي ذات پرست/ برادري پرست/علائقي پرست ڪوٺائڻ بدران ”سنڌي“ سڏرائينداسين.
- قبيلائي جهڳڙن توڙي دشمنيءَ عيوض خوني جهيڙن جو حصو نه ٿينداسين.
- خونيءَ کي مڙس ماڻهو ۽ چور يا لوفر کي معتبر نه سمجهنداسين.
- ڪچهريءَ جي عادت واسطي هوٽلن تي ويهي وقت ضايع نه ڪنداسين.
- مٽي مائٽيءَ عيوض پيٽ لکي ڏيڻ واري ڪڌي رسم جو خاتمو آڻينداسين.
- پاڻ کي دنيا جي فقط بهترين ۽ معتبر قوم تصور نه ڪنداسين.
- انڌن عقيدن جي تقليد نه ڪنداسين.
- پيرن ، ميرن ۽ وڏيرن جي غلامي نه ڪنداسين نه ڪرڻ ڏينداسين.
- پهرين پاڻ سڌاري پوءِ سماج سڌارينداسين.
جيڪڏهن اسان اهو سڀ يا اڌ کان وڌيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته يقين ڪريو ته اسان پنهنجي قوم ۽ ڪلچر جي حق ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيو.
فرد توڙي قوم لئه، هي قدرتي آ قاعدو،
موت کي منهن جو ڏئي سگهندو، اهو جيئندو پيو،
ويٺي ويٺي وات جي رد ڪد مان ڪهڙو فائدو،
جو ڪِري اٿندو، اُٿي هلندو، اهو وڌندو پيو. (بخاري)