ڪرڙي سِرَ
اوستي چيو:
‘مون اها سرَ ساڳي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهي هئي، جنهن مان ٻيون سرون ٺاهيون هيون، مون ساڳي ئي قالب ۾ اها سر ٺاهي هئي، جنهن مان ٻيون سرون ٺهيل آهن.’
بٺي مالڪ ٻڌايو:
‘مون سرن لاءِ ساڳي ڪارخاني تان توتڙ گهرايا هئا ۽ ساڳين ئي مزدورن آوي دکائي ۽ کولي هئي، هن سر جي ڀرسان واريون سڀ سرون ٺيڪ طرح پچي ويون پر اها الائي ڇو ڪرڙي بڻجي وئي.’
ڳوٺ جي مسجد ٺهي رهي آهي، رازو ڊي پي سي مٿان ڀت کڻي رهيو آهي، ڪجهه همراهه تغاريءَ جي بلي آهن، ٻه مزدور سيمينٽ ۽ بجري ملائي رهيا آهن ۽ ڪجهه نمازي سرون ڍوئي رهيا آهن. مسجد جو پيش امام اتي بيٺو نگهباني ڪري رهيو آهي.
رازو هڪل ڪندي سيمينٽ ۽ بجري ملائيندڙن کي تڪڙو ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. پيش امام جي ٻاجهه ڀريل نظر انهن تي پوي ٿي ۽ انهن کي چوي ٿو: ‘ابا ثواب جو ڪم آهي، جيترو تڪڙو ڪندئو اوترو ئي وڌيڪ ثواب ملندو.’
سرون کڻندڙ نمازي جواب ۾ چون ٿا:
‘وڏا! اسان ته ثواب خاطر ڪم پيا ڪريون، مزدوري به نه وٺنداسين.’
سرون کڻندڙ ٻئي نمازي جي نظر ڪرڙي سِرَ تي پوي ٿي، هڪل ڪندي پيش امام کي ٻڌائي ٿو:
‘ سائين بٺي وارو مسجد جي ڪم ۾ به نه مُڙيو، ڪرڙي سر موڪلي اٿئين.’
‘ بس سائين ڪمائڻ جي پِٽ پيل اٿن، پوءِ ته ڏسن ئي ڪونه ٿا.’ رازي بٺي وارن کان بيزاري ڏيکاريندي چيو.
پيش امام مسڪرائي سڀني ڏي نهاري ٿو، سمجهائڻ واري انداز ۾ رازي کي چوي ٿو:
‘ استاد! خيال سان اوساري ڪجانءِ ، ڪرڙي سر جو خيال رکج، مسجد جو ڪم آهي، متان عيب ٿي پوي.’
‘سائين! مان پاڻ ئي ڪرڙي سر ناهيان هڻندو، اگر ڪو مٿي اڇلي به ڏيندو آهي ته تيڇي سان ڀڃي ڀور ڪري هيٺ اڇلي ڇڏيندو آهيان……….. ۽ ٻيو ته هي مسيت جو ڪم آهي، مان ته ڪنهن جي ڀت ۾ به اها سر ناهيان هڻندو.’
سڀ هڪ ٻئي مان مطمئن ٿي ٻيهر ڪم ۾ جنبي ويا.
ٺهندڙ مسجد ڀرسان هڪ گهر ۾.
‘ توکي اڃا ڪيترو سمجهايان ته تون ڪو ڪم ڪار ڇو نٿو ڪرين!؟’
پيءُ پنهنجي پٽ کي ڪاوڙجندي چيو،’ سڄو ڏينهن ننڊ پيو آهين…………. اٿئي ڪا
غيرت ؟’
‘بابا، چيم نه، ته، ڪم جي ڳولا ۾ آهيان.’
‘خاڪ ڪم جي ڳولا ۾ آهين! پنهنجن لٻاڙي يارن سان رلي رلي رات جو ٿو گهر
موٽين .’
‘ بابا ! مان انهن سان گڏجي ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي ڳولا ۾ ويندو آهيان.’
‘ تون نڪمو آهين ، اٽي تي چٽي آهين.’
‘بابا………………..!!؟’
………..’ ناهيان مان تنهنجو پيءُ ۽ نه ئي ڪو توسان واسطو اٿم.’، پڻس جلاوت ٿيندي
چيس،’ تون منهنجي گهرَ جي ڀتين ۾ لڳل هڪ ڪرِڙي سِرَ آهين…….! ………… ناهين
منهنجو پٽ. ‘
ڀرسان هڪ گهر ۾ هڪ ڪراڙي چُلهه ٺاهي رهي هئي.
تنهن ننڍڙن ٻارڙن کي سڏي چيو:
‘ ٻچڙا! جلدي وڃي ٻاهران ڪا سِر ته کڻي اچو، ڪرڙي هجي ته ڏاڍو ڀلو، اها نڀاڳي باهه
جي پڪي آهي….. مونکي به چلهه ۾ هڻڻي آهي.’
****