سنڌ جي خدمت جي آڙ ۾ حسين خيالن جي آڙ وٺي ادبي گمراهي پکيڙي پئي وڃي، جيڪو هڪ قومي ڏوھ آهي شال اوهان ان ڏوھ کان آجا هجو.
جمال چانڊيو / قمبر
منهنجي دعا آهي ته اکين جي آسمان تي چاهتن جا چمڪندڙ چنڊ اڀريل رهن، تنهنجي پيار جو پکي آزاد ديس ۾ اڏامندو رهي منهنجي چپن مان نڪتل لکين دعائون تنهنجي خيريت جون طلبگار هجن.
اميد ستاره /بدين
آءُ صوفي آهيان، منهنجي مذهب ۾ نفرت ۽ تعصب حرام آهي هن سر زمين آئون تعصب ۽ نفرت نه پر محبت جو علمبردار آهيان.“جي ايم سيد”
فرمان بليدي /گھٽهڙ
جيئن سک سپرين، تيئن سيني منجھ سنڌ
نعرا هڻبا نيهن جا، ڀلي ڪپجي وڃي ڪنڌ
بخاري هر هنڌ، سوالي آهي سنڌ جو
هوش ڀٽي /باڊھه
دنيا جي عظيم شخصيتن جا سنڌ بابت رايا
مونکي سنڌ جي طرف کان ٿڌڙي ايندي آهي. (حضرت محمد صه)
سنڌ اها سر زمين آهي، جتان علم جي روشني جو سج اڀرندو آهي.
(حضرت علي رضه)
منهنجي دل جي تمنا هئي ته ڪاش مان سنڌ وڃان.
(امام حسين عليه السلام)
امداد حسين چنه/ڊسٽرڪٽ آفيسر اسپورٽس ضلع قمبر
هڪڙو هو وڏي فڪر ۽ فن جو سائين
ٻيو ڌڻ جو ڌڻي هوندي به من جو سائين
قدرت کان مليون سنڌ کي هستيون ٻه امر
هڪڙو ڀٽ جو ڌڻي ٻيو سن جو سائين.
(محسن ڪڪڙائي)
وفا جاويد مڪئي / نوشهرو فيروز
اگر پيار سڪون ڏيندو آ ته ننڊ ڇو نه ايندي؟ تڙپ ڇو هوندي آهي؟ جستجو ڇو هوندي آ، تڪليف ڇو ايندي آهي؟ پنهنجا پراوا ڇو ٿي ويندا آهن؟ سڄي دنيا دشمن ڇو لڳندي آهي؟ ڇو ٿيندو آهي ائين؟؟؟؟
عبد الرحيم ڪوريجو/ اسٽيل ٽائون ڪراچي
مونکي ڦوٽن سان پيار آهي ڇو ته ڀلي ماڻهو بدلجي وڃي پر ڦوٽو ڪڏهن به ناهن بدلجندا. شيڪسپيئر
نثار خاصخيلي / ڊگهڙي
ڪيڏي مشڪل آهي محبت جي ڪهاڻي لکڻ،
پاڻي سان پاڻيءَ تي پاڻي لکڻ
اڪبر لغاري / ميرپورخاص
انڊيا جي هن ويب سائيٽ تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سلسلي جو ججهو مواد موجود آهي، سنڌي دوستن کي گذارش آهي ته مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪن.
WWW.ILDC.GOV.IN
ڀڳوان ٻاٻاڻي / انڊيا
هڪ سردار جو ونڊوز ٺاهڻ واري بل گيٽس کي خط.
- منهنجو پٽ ايم ايس ورڊ سکي ويو آهي هاڻي ايم ايس سينٽينس موڪل.
- ڊيسڪٽاپ تي ري سائيڪل بن رکيو ٿي، ري موٽر سائيڪل بن به رک.
- ايم ايس آفيس وانگر هاڻي گهر لاءِ ايم ايس هوم ٺاهي ڏي.
- پر يار تنهنجو نالو گيٽس ته آهي پر تون وري ونڊوز ٿو کپائين.
حسين بليدي /سنڌ يونيورسٽي
افسوس جي ڳالهه آهي جو اڪثر ماڻهو اڃا تائين اردو ۾ ايس ايم ايس لکن ٿا، انهن ۾ وڏو تعداد شاگردن جو آهي. خدارا سنڌي ۾ لکو.
ثناءِ الله مغيري / پيس سينٽر
بارش! جو مزو به اميرن لاءِ ئي آهي غريب ويچارو ته گهر بچائڻ ۾ پورو هوندو آهي. بارشون اسان غريبن جا گهر ڊاهڻ لاءِ وسنديون آهن.
اعتبار علي جوڻيجو / قمبر اڪيڊمي