مهاڳ
ڊيئر غلام عباس ڪوريجو!
مهاڳ طور هي خط توکي لکي رهيو آهيان، اميد ته قبول پوندو.روايتي انداز ۾ ٻه اکر لکڻ سان فقط رسمي ڳالهيون لکجن ها، سو الائي ڇو مون کان
ڪونه پڳو، ان کي حجت سمجھين يا منهنجي سهل پسندي، پنهنجائپ جي صدقي درگذر ڪجانءِ تنهنجي درجن کن ڪهاڻين کي هڪ جاءِ تي پڙهڻ جو موقعو مليوان جي ڏاڍي خوشي ٿي ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالھ جي ٿي ته تون به ”جڳ جھڙو“ ٿي وئين، يعني تنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو شايع ٿي رهيو آهي . تهائين وڌيڪ راحت ملي ٿي ان احساس سان ته سنڌي ڪهاڻين کي هڪڙو ٻيولکندڙ مليو
تنهن ڪري ڊيئر! توکي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ تي کوڙ کوڙ مبارڪون هجن.. تنهنجيون اڪثر ڪهاڻيون وڻڻ جھڙيون آهن ۽ انهن ۾ ڪجھ ڪهاڻيون محسوس ڪرائن ٿيون ته تنهنجي اندر ۾ هڪ پختو ڪهاڻيڪار ويٺو آهي آئون بلاشڪ ان ڳالھ کي سمجھان ٿو ته ڪهاڻيڪارن بلڪ اڪثر ليکڪن کي لکڻو به پوندو آهي ۽ ڇپرائڻو به پوندو آهي ، ڇپرائي وري وراهئڻو به پوندو آهي، پر ان جي باوجود کين سندن ڪهاڻين يا لکڻين بابت گھڻي انڪريجمينٽ نه ملندي آهي اسان جي قسمت ۾ سٺا نقاد آهن ئي ڪونه شايد تنقيد جي کوٽ جو به اهو ئي ڪارڻ آهي مون کي به تنقيد ڪرڻ ڪونه ٿي اچي تنقيد، جنهن لاءِ ادب جون لغتون ”انصاف“ جو مفهوم ڪڍن ٿيون تنهن ڪري مهرباني ڪري منهنجي راءِ کي حرف آخر نه سمجھجانءِ ٺيڪ آهي نه؟!
تنهنجي ڪجھ ڪاڻين ۾ ”جن جو اڳتي ذڪر ايندو“ مون کي ڏاڍو مزو آيوانهن لاءِ ايتو ئي چوندس ته پڙهندڙ جڏهن اهي ڪهاڻيون پڙهندا ته کين وڻنديون، جو انهن ۾ تون ميچوئر ڪهاڻيڪار نظر اچين ٿو، گھڻي واکاڻ ان لاءِ نٿو ڪريان ته تنهنجا پاٺڪ پاڻهي، انهن ڪهاڻين جي خوبين کي محسوس ڪري وٺندا..
تو سائنس فڪشن تخليق ڪيو آهي يا ڪوشش ڪئي اٿئي، جنهن جون توکي مبارڪون هجن، پر چنڊ پيرن هيٺ ۽ خلا جو سفر ڪهاڻين جي تعريف ڪرڻ سان گڏ اهو به چوندس ته ان ڳالھ جو ضرور ڌيان رکجي ته، تجربن جي اڏيءَ تي ڪٿي اسان آرٽ کي ته قربان ڪونه پيا ڪريون سائنس وجھي فڪشن کي گم ته ڪونه پيا ڪريون؟
انهن ٻنهي ڪهاڻين جي باري ۾ مان آئون ايترو چوندس ته تو بجا طور تي انهن ڪهاڻين کي خلوص سان لکيو آهي ۽ محنت ڪئي آهي، پر تنهنجي قلم جي پختگي انهن ڪهاڻين مان نه، پر تنهنجي ٻين ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿي، جن جو آئون اڳتي هلي ذڪر ڪندس، هِتي بس ايتو ئي چوندس ته جيڪڏهن تون چِپ جي ايجاد ۽ جينوم پراجيڪٽ جي کي پنهنجا موضوع بڻائين ها ته اهي موضوع ڏاڍا وقتائتا ٿين ها ۽ ڪيترن ئي پيڙهين تائين تازا ۽ خوشبودار رهن ها .
ذڪر ڪيل ترقيءَ، ويهين صديءَ جي آخر ۾ ٻئي ملينيم کي تاريخ ساز بنائي ڇڏيو هو، ڇو ته بني نوع انسان جي اتهاس ان کان وڌيڪ ايڏي ترقي نه ڪئي يا ڏٺي هئي.
تنهنجي ڪهاڻي خلا جو سفر ۾ اشارتا ”چِپ“ جو ذڪر ملي ٿو ته هُن ليب ٽاپ ذريعي فرج ۽ ٻيو سامان بند ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو هن کان بند ڪرڻ وسري ويو هو..
ان کي اڃان وضاحت سان ڄاڻائين ها ته وڌيڪ مزو اچي ها ڇو ته اها پڪ آهي ته هاڻي مائڪرو چپ ذريعي هر قسم جي برقي ۽ برقياتي اوزارکي توهان سيٽلائيٽ ذريعي ڪٿان به ويهي آپريٽ ڪري سگھو ٿا ممڪن آهي ته ڏهن پندرنهن ورهن کان پوءِ توهان پنهنجي گھر جا روم ڪولر، پکا، ٽيوب لائيٽ، استري، فرج، هيٽر، گيزر وغيره پنهنجي موبائيل فون يا وري ڪنهن ٻي ننڍڙي اوزار سان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي آن آف ڪيو۽ اهو جلد ٿيڻو آهي تنهنجي ٻن ڪهاڻين هڪ ڏينهن جي روزي ۽ باسي گوشت ۾ الائي ڇو هڪجھڙائي نظر آئي مونکي ٻئي ڪهاڻيون الڳ الڳ فليور ڏئي نه سگھيون آهن ان کان علاوه اهو به چوندس ته ڍونڍ کائڻ وارا يا بيمار گوشت وڪڻڻ وارا ڪردار ڏاڍا ورجايل آهن ڪو شڪ ناهي ته تون نئين پيشڪش مان اهي ڪهاڻيون ڏنيون آهن، پر اهي موضوع تنهنجي ڪوششن کي گھڻو نه ڪري سگھيا آهن ها، ايترو ضرور آهي ته تون هر قسم جي موضوع سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري پنهنجا ”هٿ گرم“ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ڪهاڻيءَ جو فن به ميٿيميٽڪس وانگر آهي پريڪٽس ڪندا رهو ته ٺيڪ نه ته آهستي آهستي وسرڻ لڳندو آهي جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ٿو ته، ڪجھ نه ڪجھ ٻيو لکندو رهي، نه ته مُرڳو هن کان لکڻ وسري ويندو.
تو ڏاڍو سٺو ڪيو آهي تو جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي، آئون سمجھان ٿو ته لاڳيتو لکندو رهيو آهين مختلف رسالن ۾ آئون تنهنجون ڪهاڻيون پڙهندو رهيو آهيان. تنهنڪري منهن جو خيال آهي ته توکي انهي ضرور فائدو ڏنو هوندو.
تنهنجون ٽي ڪهاڻيون ”وک ٽٽڻ کان اڳ“ ، ”قيامت کان اڳ“ ۽ ”ويهين صدي جو وڏو فراڊ!“ پڻ بهترين احاساتي ڪهاڻيون آهن، جن ۾ فن خوبي به آهي ته پڻ، انهن ڪهاڻين مان تنهنجي نفيس سوچ ۽ ”مٺي درد“ کي پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن بيروزگاري جھڙو معاشي مسئلو ۽ هلڪي طنز ۾ ڪهاڻي ”وک ٽٽڻ تائين“ جي اڻت. يقين ڪر! تنهنجي ڪهاڻين ۾ طنز جون ڪتڪايون پڻ رکن ٿيون.
”قيامت کان اڳ“ ڪهاڻي ۾ ننڍڙي ڇوڪر جا احساس ۽ معاشري جي مدي خارج رسمن ۽ ويساهن کي ننديو اٿئي، ”ويهين صدي جو وڏو فراڊ!“ پڻ نواڻ رکي ٿي!.
ڪهاڻي ”انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر“ ۾ اختتامي جملا تنهنجي ڪهاڻي سان نه ٿا ڪن. وائينڊ اپ غير ضروري طور جذباتي ۽ بيگانو ڪيو آهي آهي. وائينڊ اپ غير ضروري ۽ بيگانو آهي. شايد تو کي ڪهاڻي لکڻ وقت ان جو انجام واضع ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ پوءِ ”جيئن آهي ۽ جتي آهي جي بنياد تي“ تو ڪهاڻي کي گھمائي ويڙهي سيڙهي بند ڪيو آهي.
تون پنهنجي اها ڪهاڻي شروع کان آخر تائين پڙھ ۽ پوءِ ٻڌاءِ ته جنهن جي زال گذاري وڃي ۽ هڪڙو پٽ نابين ۽ ٻيو ذهني طور ڪمزور هجي، (اهو شخصپڙهيل لکيل به آهي) ته ڇا هو ان سڄي تڪليف جو ذميوار پنهنجي خراب قسمت کي سمجھندو يا ان لاءِ معاشري کي ذميوار قرار ڏيندو؟ ان جو مطلب ته سونامي جي تباهين جو ذڪر ڪري اسان آمريڪا تي لاعنتون ملامتون ڪيون ته اهو سڄو ڪم جاج بش (ثاني) جو آهي، جنهن اشاري تي سونامي طوفان آيو ۽ لکين هزارين ماڻهو ماري ڇڏيائين!؟
اِن کان علاوه ڊيئر! جيئن تنهنجي ٻين ڪهاڻين ۾ ڪافي ننڍيون ننڍيون غلطيون سواليه نشان بڻيل آهن، تئين ذڪر ٿيل ڪهاڻي ۾ به تو کان ٿي وئي آهي. سيزرين دوران ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪرداري زال ثنا پٽ ڄڻڻ کان پوءِ مري ٿي وڃي ۽ ڊاڪٽرياڻي اچي اهو ٻڌائي ٿي ته ماءُ گذاري وئي ۽ ٻار نابين پيدا ٿيو آهي. گھٽ ۾ گھٽ ٻن اڍائن مهينن تائين ڪنهن کي اها خبر ڪانه پوندي آهي ته ڄاول ٻار نابين آهي يا ٻي ڪا اٿس. ٻار جڏهن ٻن ٽن مهينن جو ٿيندو، تڏهن والدين يا ڪو اهو هوريان هوريان وڃي اندازو لڳائيندو ته ٻار ۾ ڪهڙي ڪهڙي آهي.
هلڪي ڦلڪي مزاح سان تنهنجون ڪجھ ڪهاڻيون، جن ۾ ”معصوم محبت“ ۽ ”دال، مڇر ۽ ڪتاب“ سٺي تفريح جو ذريعو آهن. انهن ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ليکڪ ۽ ان جي لکڻين جي خوش طبعيءَ جو اندازو ٿئي ٿو. سو آئون تنهنجي زنده دلي کي ڪيان ٿو ته مون کي تنهنجيون ٻئي ڪهاڻيون گھڻي مدد ڏين ٿيون. انهن ٻن ڪهاڻين سان گڏ ”ڊاڪٽر پروفائيل“ پڻ تنهنجي بذله سنجي ۽ تنهنجي قلم جي خوشدليءَ کي محسوس ڪرائن ٿيون. ”ڊاڪٽر پرو فائيل تنهنجي سٺين ڪهاڻين مان هڪ آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته تنهنجي ڪهاڻي ”ڊاڪٽر پروفائيل“ پڙهڻ کانپوءِ بي اختيار منير احمد جي ڪهاڻي ”حويلي جا راز ياد اچي وڃي ٿي.
سو، بلاشڪ ته ”ڊاڪٽر پروفائيل“ نسبتا بهتر ڪهاڻي آهي ۽ ان جو اڃا به مزيدار ٿي سگھيو پئي، پر افسوس تنهنجي ڪتاب يا ڪهاڻين کي سٺو ايڊيٽر نه ملي سگھيو آهي. مون تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهندي بار بار اهو خيال پئي آيو ته اهي ڪهاڻيون باقاعدي ٿين ها ۽ پاڻ جيڪڏهن گڏ هجون هان ته انهن ڪهاڻين کي ضرور ڪريون ها.
ان کان علاوه هر ڪهاڻي جي عنوان تي غور ويچار ڪيون ها ۽ اهو به ته تنهنجي ڪهاڻين جا نالا ڪجھ رکون ها ۽ ڪتاب جو ٽائيٽل ڪجھ ٻيو سوچون ها. سچ ٻڌايانءِ ته مون تنهنجي سمورن ڪهاڻين ۾ سڀني کان جيڪي سٺيون ڪهاڻيون لڳيون آهن انهن ۾ ”ڊاڪٽر پروفائيل“ کانسواءِ ”پوڙهو سج“ ”پورهيتن جي پڳ“ ”راتين جا رولاڪ“ ۽ ”وڏو چريو“ شامل آهن. جيڪڏهن مون کان صلاح وٺين ها ته مان تنهنجي ڪتاب جو نالو پوڙهو سج رکان ها.
باقي تنهنجي ڪهاڻي ”زندگي جا ڳولائو“ ۾ ڪابه نواڻ نظرڪونه آئي. الائي ڇو هاڻي اهي موضوع بيزار ٿا ڪن. روزانو اهڙيون ڪهاڻيون ۽ ڊراما پڙهڻا پون ٿا جن ۾ هڪڙو ظالم زميندار ۽ مظلوم هاري آهي ۽ ظلم ته اهو آهي ته ظالم زميندار ايڏوڪمينو ڏيکاريو وڃي ٿو جو ٻار جي هٿ مان لالي پوپ ڦرڻ کان وٺي، هارياڻي جي لڄ لٽڻ تائين ۽ پاڻيءَ جي چوري کان وٺي مُلڪي راز چوري ڪري، دشمن ملڪ کي وڪڻڻ تائين سڀ ڏوھ اهو اڪيلو ٿو ڪري ۽ هاري ايڏو گگدام آهي جو هن کي خبر ئي نه ڪونهي ته ماني وات سان کائبي آهي يا نڪ سان! اسان جي ليکڪن کي ٿوري صلاح ڏيون ته ٻه ٽي ڏينهن ظالم زميندار کي ڪرڻ جو موقعو ڏين ۽ ڪجھ ٻين مسئلن کي به کڻن.
يار غلام عباس توکي آءُ ڇا ٻڌايان ته سنڌ جي اڪثر ليکڪن وٽ هاڻي عيوضو، ڪڪڙن جي ميل ۽ ڏاندن جي گوءِ کان وڌيڪ ڪو موضوع ئي نه رهيو آهي. سو تون ئي مهرباني ڪري انهن کي سمجھاءِ ته ڪجھ ٻيون شيون به ڏسن. دنيا ۾ تمام گھڻا واقعا ۽ لقاءَ ٿينٿا، اهي به اهميت گھرن ٿا، انهن تي به قلم کڻڻ گھرجي ۽ هر پل بدلجندڙ دنيا جا نت نوان قدر ۽ ڪيفيتون اک ۾ رکڻ گھرجن. تنهنجي ڪهاڻين ۾ ”پنجين رات“ ڪهاڻي پڙهندي مون کي هڪڙي انڊين مووي ”ليڪن“ ياد پئي آئي. سڄي ڪهاڻي ان تجسس وچان پڙهيم ته هن ڪهاڻي ۾ تو ضرور قسم ڪرادار قوتون شامل ڪيا آهن. ڏاڍي ڪا قسم جي ڪهاڻي هوندي . ضرور ڪو فلسفياڻو نقطو يا رمز رکي هوندس، پر نه ڪهاڻي پوري ٿي، پنجين رات جي ڪٿا ختم ٿي وئي، ڪهاڻي جو آخري ڇيڙو هٿ ڪونه آيو سو ڪونه آيوڪهاڻي جو مقصد به سمجھ ۾ ڪونه آيو ته آخر تو ڇا ٿواظهار ڪرين. آئون سمبولڪ وي ۾ لکڻ پسند ڪندو آهيان ۽ علامتي ڪهاڻيون جن ۾ ڪافڪا جون به ڪهاڻيون آهن، شوق سان پڙهندو آهيان شاعري ۾ ذيشان ساحل به هضم ڪري ويندو آهيان پر يار شيون مٿي کان گذري وينديون آهن . منهنجي خيال ۾ آرٽ اهو ئي آهي ته ڳالھ سادي به نه هجي جو اڳ دي سڻيل هووي ۽ ايڏي به نه هجي جو ڌڪ منهنجو به ياد رکندين واري صورتحال ٿئي . آرٽ پنهنجي ڳالھ کي اھڙي هنر ۽ ڍنگ سان ڪرڻ جي ڏانءَ کي سڏيو ويندو آهي، جو ٻڌندڙکان اها ڳالھ ڪڏهن به نه وسري ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ اهو ٻڌندڙ ڪنهن ٻي کي ٻڌائي ته ان ئي اسلوب ۽ پيرائي ۾ ٻڌائي جيئن اصل ڌڻيءَ اها ڳالھ ڪئي هئي.
قصو مختصر ته تنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻولي ۽ گرامر جي ننڍين وڏين چُڪن، طوالت، غير محسوس اختصار، ابهام، ٻين ڪهاڻيڪارن جي ٻوليءَ جو اثر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي باريڪون ايڊٽ ٿيڻ ضروري هيون .تنهنجي ڪهاڻين کي ۽ توکي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار دوست گائيڊ رهنما جي ضرورت آهي، جيڪو توکي تنهنجي هر ڪهاڻي تي ايماندارانه راءِ ڏئي ۽ اصلاح ڪري.
غلام عباس آئون تنهنجي ڪهاڻين مان مايوس ڪونه آهيان، پر آئون چاهيان ٿو ته تنهنجو لهجو، زبان، آهنگ لکن ۾ پڌرو هجي . منهنجي خيال ۾ تنهنجيون هيل تائين لکيل ڪهاڻيون تنهنجا مختلف تجربا آهن، جن مان توکي اندازو ٿي ويو هوندو ته تنهنجو اسلوب ۽ مزاج ڪهڙو آهي.
تون پنهنجي اسلوب ۽ مزاج کي گرفت ۾ آڻ، ڪهاڻي خودبخود تنهنجي گرفت ۾ اچي ويندي..
طارق قريشي
ڪراچي
24 مارچ 2005
ڪمپوزنگ جمال ڪوريجو