
ڪتاب: ”جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع“ تي تنقيدي نظر
ڪتاب: ”جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع“ تي تنقيدي نظر
شوڪت حسين شورو
مختصر ڪهاڻي يورپ ۽ آمريڪا ۾ پيدا ٿي، اُڀري، نسري اسان تائين پهتي. ايڊگر ايلن پو، چيخوف ۽ موپاسان مختصر ڪهاڻيءَ جا استاد ليکيا وڃن ٿا، جن ان جي فن ۽ ٽيڪنڪ کي اوج تي رسايو. اها عجيب ڳالهه آهي ته انهن ٽنهي ڪهاڻيڪارن، جن جو دور لڳ ڀڳ ساڳيو هو، نهايت مختصر حياتي گذاري. ايڊگر ايلن پو 1809ع ۾ ڄائو ۽ 40 سالن جي عمر ۾ 1849ع ۾ گذاري ويو، موپا سان 1850ع ۾ ڄائو ۽ 43 سالن جي عمر ۾ 1893ع ۾ گذاري ويو چيخوف 1860ع ۾ ڄائو ۽ 44 سالن جي عمر ۾ 1904ع ۾ گذاري ويو، پر ايتري مختصر عرصي ۾ هنن دنيا کي شاهڪار ڪهاڻيون ڏنيون ۽ سندن ڪهاڻين جي ڇاپ مختصر ڪهاڻيءَ تي هميشه قائم رهي آهي.
ان کان پوءِ جيڪو دور آيو ۽ اڄ تائين هلندو پيو اچي، ان ۾ ڪهاڻي کان وڌيڪ ناول کي اهميت حاصل رهي آهي. دنيا ۾ افسانوي ادب (Fiction) جي وڏن نالن جهڙوڪ: دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ ، بالزاڪ، فلابيئر، چارلس ڊڪنس، ٿامس هارڊي، وليم فاڪنر، هيمنگوي ڪهاڻيون به لکيون آهن پر سندن سڃاڻپ ناول جي نسبت سان آهي. دنيا ۾ ٻه وڏا ادبي انعام آهن: هڪ نوبل پرائيز فار لٽريچر ٻيو بوڪر پرائيز. بوڪر پرائيز فقط بهترين ناول کي ئي ڏنو ويندو آهي. نوبل پرائيز به گهڻو ڪري ناول جي حوالي سان ڏنو پئي ويو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن شاعري ۽ ڊرامي تي به ڏنو ويو آهي. ڪهاڻيءَ تي پهريون ڀيرو 2013ع ۾ ڪئناڊا جي ڪهاڻيڪار ايلس مونرو کي نوبل پرائيزڏنو ويو، مونرو ان ڳالهه جي ڪري وڌيڪ خوش هئي ته ڪهاڻي جي صنف کي مڃتا ملي آهي. نوبل پرائيز وٺڻ مهل هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته” مونکي اميد آهي ته هن نوبل پرائيز ملڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي ويجهو ايندا. “
ڪهاڻي جو اصل بنياد آکاڻي آهي، لوڪ ڪهاڻي آهي يا داستان آهي سا الڳ ڳالهه آهي پر مختصر ڪهاڻي جو فن اولهه کان هندوستان ۾ آيو. سنڌيءَ ۾ ان جي شروعات ترجمن سان ٿي، بعد ۾ اصلوڪيون ڪهاڻيون لکيون ويون. سنڌي ڪهاڻيءَ کي به اوج تي رسائڻ وارا ٽي ڪهاڻيڪار ئي هئا: امر لال هنڱوراڻي، آسانند مامتورا ۽ نادر بيگ مرزا. سنڌي ڪهاڻي جي عمر سئو سال ٿي چڪي آهي هن وقت منهنجي اندازي موجب سنڌ ۾ 200 ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکي رهيا آهن جيڪو تمام وڏو تعداد آهي انهن مان گهڻن ڪهاڻيڪارن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ان حقيقت مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ڪهاڻي سنڌي ادب جي بيحد مقبول صنف آهي.
سنڌي ادب جي ان اهم صنف تي عباس ڪوريجي تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ لکيو آهي، تحقيق جي لحاظ کان هن ڪتاب ۾ وڏي محنت ڪيل آهي، ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي فن ۽ ٽيڪنڪ تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. ان بابت سنڌي توڙي انگريزي ۽ اردو ۾ کوڙ سارو مواد موجود آهي. عباس ڪوريجي جي ڪتاب جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ گذريل 15 سالن دوران جيڪي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن تن جي فهرست جوڙي وئي آهي، اهو هڪ تمام وڏو ڪم آهي، جيڪا هڪڙي قسم جي ڊاڪيومينٽيشن پڻ آهي. اها ادب جي تاريخدانن ۽ تحقيق ڪندڙن جي لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي شيءِ آهي. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين جيڪي به ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن، تن جي هڪ مڪمل فهرست ٺاهڻ گهرجي پر هيءَ جيڪا 15 سالن جي فهرست ٺهي آهي اها به هڪ وڏي غنيمت آهي.
هي ڪتاب اصل ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم اي جي ٿيسز طور لکيو ويو هو جنهن جو نگران ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو هو. ڪتاب جي ليکڪ سان گڏ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پڻ مبارڪون لهڻي. هن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ ادبي سرگرميون شروع ٿيون آهن ۽ ان سان گڏ تحقيق جي ميدان ۾ شاگردن جي همت افزائي ڪئي پئي وڃي. منهنجي هڪڙي گذارش آهي ته تحقيق تي مبني ڪتابن جي ڇپجڻ وقت سنڌي شعبي جي استادن کي انهن تي هڪ نظر وجهڻ کپي جيئن ان ۾ ضروري درستيون ڪري سگهجن. مونکي عباس ڪوريجي جي هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون غلطيون نظر آيون جن کي درست ڪرڻ سان ڪتاب انهن غلطين کان آجو ٿي وڃي ها. مثال طور عباس ڪوريجي ڪتاب ۾ ڪهاڻي يا افساني جا جيڪي قسم ڄاڻايا آهن، انهن ۾ وجوديت Existentialism کي پڻ ڪهاڻيءَ جو هڪ قسم ڪري ڄاڻايو آهي، وجوديت ڪهاڻيءَ جو قسم نه پر فلسفو آهي، ان جو باني ڪيرڪي گارڊ هو پر ادب ۾ ان کي سارتر آندو. سارتر جي ناولن، ڊرامن ۽ خاص طور سندس ڪتاب، Being and Nothingness پڙهڻ سان خبر پوندي ته وجوديت ڇا آهي، سارتر جي چوڻ موجب وجوديت جو مول اهو آهي ته Man is what he willsهيءَ جيڪا ڪائنات آهي، ان ۾ ماڻهو جو وجود بي معنى آهي ماڻهوءَ کي پاڻ چونڊ ڪري پنهنجي وجود کي معنى ڏيڻي آهي. اهو ئي ماڻهوءَ جو اصلي جوهر آهي. البرٽ ڪاميو جو Absurdism وارو فلسفو پڻ وجوديت سان واڳيل آهي. ماڻهو جڏهن پيدا ٿئي ٿو ته هو ڪنهن معنى يا مقصد سان پيدا ڪونه ٿو ٿئي. زندگي بي معنى آهي، پر ماڻهو ان کي ڪيتري قدر لاڀدائڪ بڻائي ٿو سو هن تي ڇڏيل آهي. وجوديت جي فلسفي تي سنڌي ۾ ماڻڪ، مشتاق شوري ۽ مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون لکيل آهن. ماڻڪ جو ناولٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ وجوديت ۽ ائبسرڊٽي جي فلسفي جي اپٽار ڪري ٿو.
سنڌيءَ ۾ فلئش فڪشن تي پهريون ڀيرو عباس ڪوريجي لکيو آهي، اڄ ڪلهه دنيا جي ادب ۾ ان کي واقعي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اها مختصر مختصر ڪهاڻيءَ طور ترقي ڪري رهي آهي، باقي اها ڳالهه ناهي ته هيمنگوي ان قسم جي جديد فارم جو بنياد رکڻ وارن مان آهي، فلئش فڪشن گهڻو بعد ۾ لکي وئي. هيمنگوي جڏهن ننڍڙيون ڪهاڻيون لکيون تڏهن انهن کي Vignetteسڏيو ويندو هو.
آئون عباس ڪوريجي جي ان ڳالهه سان متفق آهيان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي صنف ايتري ترقي ناهي ڪري سگهي جيتري ٻين ٻولين ۾ ، باقي عباس جي اها ڳالهه درست ناهي ته سنڌيءَ ۾ جيڪي ناول لکيا ويا آهن سي اڪثر يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، هروڀرو ائين به ناهي، آغا سليم، ماڻڪ، سراج، غلام نبي مغل، انور بلوچ جا ناول توڙي منور سراج ۽ ممتاز بخاريءَ جا ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ناول مختلف موضوعن تي لکيل آهن.
هن ڪتاب ۾ ورهاڱي کان پوءِ وارو جيڪو حصو آهي ان ۾ عباس ڪوريجو لکيو آهي ته ” پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو هوندو هو.“ هتي ”قبضي“ واري ڳالهه لکڻ انتهائي نا مناسب آهي. سنڌي هندن جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ تمام وڏو هٿ هو. سنڌي ادب ۾ ڪڏهن به هندوـــ مسلم وارو ويڇو نه رهيو آهي.
هڪ ٻي ڳالهه جنهن جي مونکي هن ڪتاب ۾ کوٽ محسوس ٿي سا اها ته جتي سنڌي ڪهاڻين جي مختلف دورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اتي 70 واري ڏهاڪي ۾ جديديت جي لاڙي کي بنهه نظر انداز ڪيو ويو آهي. جديديت (Modernism) سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي پر ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جديديت واري دور جا جيڪي سنڌي ڪهاڻيڪار آهن تن ۾ مشتاق شورو، ماڻڪ، علي بابا، مدد علي سنڌي ممتاز مهر ۽ ڪنهن حد تائين آئون پڻ شامل آهيان. انهن ڪهاڻيڪارن جهڙيون به ڪهاڻيون لکيون، اها، ان دور جي تقاضا هئي. 70 واري ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي اٿل پٿل هئي، اتي سنڌ ۾ پڻ سياسي طور هڪ ڏکيو هلچل وارو دور هو. هن ڏهاڪي ۾ اوڀر پاڪستان واري جنگ لڳي ۽ بنگله ديش ٺهيو، هن ئي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي گلي مان ون يونٽ جو طوق ٽٽو ۽ سنڌ کي پنهنجو نالو ۽ سڃاڻپ ملي. ان لاءِ اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن، هڪ وڏي جدوجهد ڪئي هئي. جنهن تاريخ تي ون يونٽ ٽٽڻو هو، ان رات امداد حسيني، علي بابا، عبدالاحق عالماڻي، مشتاق شورو ۽ آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس جي اڳيان روڊ تي گڏ ٿيا هئاسين ۽ جڏهن اولڊ ڪئمپس واري ٽاور رات جا 12 وڄايا هئا ته اسان ڌرتيءَ تي سجدو، سلام ڪيو هو. سنڌ جي نوجوانن کي وڏي توقع هئي ته ون يونٽ ٽٽندو ته سنڌ کي پنهنجا حق ملندا ۽ سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جي مالڪي ٿيندي، پر ٿيو بلڪل ان جي ابتڙ. اسٽئبلشمينٽ مهاجرن سان ملي سنڌ جي وسيلن ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو. سنڌي نوجوان ڪلارڪي ۽ ماستريءَ لاءِ در در جا ڌڪا کائيندا رهيا، ان دور جي بيروزگاري انتهائي خوفناڪ هئي، جنهن ماڻڪ جهڙي حساس ليکڪ کي خودڪشيءَ تي مجبور ڪيو. سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان سنڌي نوجوانن حيدرآباد خاص طور ڪراچيءَ جو رخ ڪيو هو، جتي اڳ ۾ ڪو سنڌي ڳوليو نه لڀندو هو، حيدرآباد ۽ ڪراچي جيڪي غير سنڌي شهر بنجي چڪا هئا، اتي سنڌي نوجوانن پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي ڀانئيو ۽ انهن ڳالهين گڏجي مايوسي، فرسٽريشن، ڊپريشن ۽ ڌاريائپ جي موتمار احساسن کي جنم ڏنو جن کي جديديت جي ڪهاڻيڪارن پنهنجين ڪهاڻين ۾ چٽيو آهي، ماڻڪ جو ناولٽ ”لڙهندڙ نسل“ ان دور جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا جو ڀيانڪ دور به 70 جي ڏهاڪي جو تسلسل هو. سنڌي ڪهاڻي ۾ وجوديت، زندگيءَ جي بي معنائي، ابتي گرامر واري ٻولي، اَڪهاڻي، جو ان دور ۾ لکجڻ سڀاويڪ هو. جديديت جو دور جو هڪ وسيع پس منظر آهي، جنهن جو الڳ طور تي جائزو وٺي سگهجي ٿو.
ڪجهه ڪچاين جي باوجود عباس ڪوريجي جو هي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم اضافو آهي، جنهن کي اڃا وڌيڪ سڌاري ۽ وڌائي سگهجي ٿو.