خادم رند
نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪار سيف الحق سيف جو ڪهاڻي ڪتاب ”اڏوهي کاڌل وجود“ پوري توجهه ۽ ڌيان سان پڙهيم. 16 ڪهاڻين ۽ 110 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ”ڪنول پبليڪيشن قنبر“ پاران چپرايو ويو آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۽ ڪچي جلد ۾ آهي ۽ سندس ملهه هو سوء رپيا رکيو ويو آهي.
اڪثر ڪتابن ۾ ڪنهن کان مهاڳ لکرايو ويندو آهي پر سيف جي هن ڪتاب ۾ مهاڳ شامل نه آهي. شايد ڪهاڻيڪار کي ان شيءِ جي گهرج محسوس نه ٿي يا ڪنهن اديب کي چيائين پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس يا وري ڪنهن ايترو وري وري چورايس جو مهاڳ لکرائڻ تان ارواح ئي کڄي ويس. باقي سيف کي قنبر ۾، قنبر جا ۽ پاڻ جهڙا مولائي ليکڪ سعيد سومرو ۽ عباس ڪوريجو ان مهل ڪم اچي سگهيا جن انتهائي مختصر پر سيف ۽ سندس ڪهاڻي ڪتاب بابت ڪم وارا رايا لکي ڏنا.
هونئن به حيقيقت اها آهي ته ڪنهن ليکڪ جو سچو يا حيقيقي تعارف سندس لکڻيون يا تخليقون ئي ٿي سگهن ٿيون، باقي ڪنهن وڏي ۽ نامياري لکاري جي تعارف يا مهاڳ لکڻ سان ڪو به وڏو اديب يا ڪلاڪار نٿو ٿي سگهي.
هاڻي اچجي ٿو ڪهاڻين پاسي.
ڪتاب جي شروعات ٻن صفحن واري ڪهاڻي ”ڀڳل گلاس“ سان ٿئي ٿي. هن مختصر ڪهاڻيءِ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي هڪٻئي سان ڪيل گفتگو ڏاڍي خوبصورت ۽ ڪهاڻي جو انجام هڪ ڪراهت ڏياريندڙ عمل جي ياد سان ڪيو ويو آهي. مجموعي طور ڪهاڻي سٺي آهي.
ڪهاڻي ”نم جو وڻ“ هڪ ڀرپور احساساتي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ شخص کي پنهنجي هم عمر نم جي وڻ سان انتهائي محبت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. انتهائي گهرج واري ۽ ڏکي صورتحال هوندي به هو وڻ کي وڪرو ڪري ڪپرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو. هن ڪهاڻي جي ٻولي، ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ نڀاءُ تمام جاندار ۽ اثرائتا آهن. لکيڪ هن ڪهاڻي وسيلي ماحول دوستي ۽ انسان دوستي وارن پيغامن کي اڀارڻ ۾ سٺي نموني ڪامياب ويو آهي. هن ڪهاڻي کي پڙهڻ کانپوءِ ماڻهو وڻ ۽ ان جي سماجي ڪارج کي وسيع معنيٰ ۾ سمجهي سگهي ٿو.
ڪهاڻي ”خوف، پاڇو، نوجوان“ نفسياتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءِ ۾ هڪ نوجوان سماج ۾ٿيندڙ ظلم ۽ رتو ڇاڻ ڏسي نفسياتي مريض ٿي پوي ٿو. جنهن کانپوءِ هر شيءِ ۽ مامري ۾ کيس ناڪاريت ئي نظر اچي ٿي. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ سماج ۾ ٿيندڙ وارتا ۽ ان جي ماڻهوءَ تي پوندڙ هاڃيڪار اثرن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي به چڱي ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي ”اڏوهي کاڌل وجود“ هڪ انتهائي حساس ۽ ڏکاري حياتي گهاريندڙ اديب بابت لکيل آهي. هن ڪهاڻيءِ ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي آهي ته هڪ اديب ڪهڙين حالتن ۽ ڪيفيتن ۽ پيڙائن مان گذري ڪو شاهڪار تخليق ٿو ڪري. ڪهاڻيءِ جي مک ڪردارن کي هڪ حساس ۽ تخليقي اديب ته ڏيکاريو ويو آهي پر هو زندگيءَ جي ٻين مامرن مثال طور پنهنجي گهر وارن جي حوالي سان گهڻو ناڪاري ۽ بي همٿ ثابت ٿيو آهي. ايتري قدر جو هن جو نوجوان پٽ پيءُ مان مايوس ۽ نااميد ٿي زميني رستي دبئي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ ڪٿي گم ٿي، جهلجي يا مارجي پوي ٿو. ڪهاڻي ۾ ان جي ڪا خبر نه ٿي پوي. مجموعي طور چئي سگهجي ٿو ته هي ڪا اتساهيندڙ ڪهاڻي نه آهي بلڪه پڙهندڙ شايد اهو سمجهي سگهن ٿا ته ڪو هروڀرو ڪم ڪار نه ڪندڙ يا رڳو پيڙا ڀوڳيندڙ شخص ئي سٺو اديب ٿي سگهي ٿو.
”مان هزار جو نوٽ آهيان“ هڪ دلچسپ، وڻندڙ ۽ اکيون کوليندڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هزار جو نوٽ کي پاڻ مٿان ٿيندڙ وارتا بيان ڪندي چٽيو ويو آهي ته ڪيئن هو مختلف ماڻهن جي کيسن ۾ رهي سندن ڪرتوت ۽ ڪدورتون پسي ٿو. مجموعي طور هي هڪ ڪامياب ۽ مزيدار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار پڙهندڙن کي هڪ پرڀور ڪهاڻيءَ جو لطف وٺرائي ٿو.
”گم ٿيل وجود“ به هڪ جاندار ڪهاڻي آهي. هن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي مختلف عضون جيئن اکيون، ڪنن،۽ نڪ وسيلي سندس غير ذميواري ۽ وائڙائپ کي اثرائتي نموني نروار ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻي ”اوورڊوز“ به ٻن صفحن تي مشتمل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ اڳواڻي ۽ هڪ هاڻوڪي ڪلارڪ وچ۾ گفتگو ٻڌائي وئي آهي ۽ خراب ڪم جي نيتجي خراب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ڪهاڻي وسيلي ڄڻ اهو ثابت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي ته غلط عمل جو نتيجو ماڻهو فوري طور تي ئي ڀوڳي ٿو، پر ماڻهو جو سماج بابت مشاهدو ان ڳالهه کي لازمي طور درست نٿو سمجهي. برحال پوءِ به هي هڪ سماجي ڪهاڻيءِ آهي، جنهن وسيلي اسان جي سماج ۾ پلجندڙ هڪ ناسور ”رشوت“ کي ننڍيو آهي.
ڪهاڻي ”ڳيت ڏنل سڏڪا“ هڪ مصور جي چوءگرد ڦري ٿي، جيڪو هڪ انتهائي انسان دوست ۽ حساس فنڪار جي روپ ۾ ڏيکاريو آهي. هڪ مصور انسان ذات سان ٿيل ڏاڍ ۽ ظلم کي پنهنجي تصويرن جو موضوع بڻائي ٿو. هو پاڻ کي ماڻهن جي اڳيان نه ٿو آڻي ڇو ته هن جي محبوبه جي پيءُ جيڪو انڊرورلڊ جو هڪ ماڻهو آهي سو سندس ڌيءُ جي تصوير ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ هن جي هٿن جون ڪجهه آڱريون ڪپرائي ڇڏي ٿو، پر ان جي باوجود هو هڪ وڏو مصور ٿي پوي ٿو. هي هڪ احساساتي ۽ ماڻهپي جو پيغام ڏيندڙ ڪهاڻي ته آهي پر هن جو اختتام بلڪل فلمي ٿو لڳي.
ڪهاڻي ”بنا عنوان“ به هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مغدور ماڻهو جي احساسن ۽ اڌمن کي ڪمال فنڪاريءَ سان پڙهندڙن آڏو آندو ويو آهي ۽ ڪهاڻيءَ جو اختتام هڪ نهايت اثرائتي ۽ اندر ۾ لهي ويندڙ جملي سان ڪيو ويو آهي.
”سوچون ، الڪا ۽ ڀڻڪا“ ڪهاڻي منهنجي خيال ۾ ڪتاب جي سڀ کان سگهاري ۽ زندگيءَ سان پيار ۽ پاٻوهه ڪندڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڌتڙيل ۽ ڏکويل شخص مايوسيءَ جي انتها تي پهچي پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ڪري ٿو، پر پنهنجي ٻارڙن جي ٻولن، ماءُ جي دعائن ۽ زال جي پيار ۽ پاٻوهه کي ذهن ۾ آڻي پنهنجو ارادو مٽائي، زندگي پاسي موٽ کائي ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو ته هو آپگهات لاءِ ورتل روالور کپائي پنهنجي ماءُ کي دوائون، ٻارڙن کي ڪتاب ۽ زال کي سرخي وٺي ڏيندو. هي ڪهاڻي ماڻهوءَ منجهه زندگيءَ جي ويساهه کي سگهارو بڻائي ٿي ۽ ان وسيلي ليکڪ پنهنجو انتهائي مبثت پيغام ڏيڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو آهي.
ڪهاڻي ”ڌماڪي کانپوءِ“ دهشتگردي واري موضوع تي لکيل آهي، ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ته ٺيڪ آهي پر مبالغي آرائي کان آجي ناهي.
”خوشي جي ڏهاڙي“ ڪهاڻي هڪ ناڪام عاشق بابت آهي،جيڪو عشق ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سکر بئراج وٽ پاڻ کي درياهه حوالي ڪري ٿو ڇڏي. هي ڪهاڻي هونئن ته هر دور هڪ عالمي مامري تي لکي وئي آهي، پر پوءِ به منجهنس پڙهندڙن لاءِ ڪو اتساهيندڙ سنيهو ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
”ڪيٿرين“ ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي زوري ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي ڪهاڻي کي مبالغي آرائي جي ور چاڙهيو ويو آهي،پر پوءِ به ڪهاڻي جي پڄاڻي ڪافي دلچسپ ۽ عجيب ڏيکاري اٿس ته ڪيئن نه هڪ نوجوان جي شرافت کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي مائي نامردي سمجهي ٿي.
ڪهاڻي ”گوشت“ کي به سماجي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هڪ قاصائي پيسن جي لالچ ۾ انڌو ٿي هڪ گڏهه کي ڪُهي،پاڏي جي گوشت سان ملائي کپائي ٿو. ليکڪ هن ڪهاڻي وسيلي اڄوڪي سماج جي اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ قانون جي عدم موجودگيءَ جو سُٺو نقشو چٽي ماڻهن کي سوچ ۽ لوچ جو مواد مهيا ڪيو آهي.
ڪتاب جي آخري ڪهاڻي ”نوجوان ۽ ماڪوڙو“ شايد ڪوريئڙي ۽ بادشاهه واري روايتي قصي کان متاثر ٿي لکي وئي آهي. هن ڪهاڻي ۾ آپگهات لاءِ سنڀري ايندڙ هڪ نوجوان، پاڻيءَ منجهه غوطا کائيندڙ هڪ ماڪوڙي کي پنهنجي حياتيءَ لاءِ جدوجهد ڪندي ڏسي ان مان متاثر ٿئي ٿو ۽ ماڪوڙي کي بچائڻ ۾ مدد ڪريس ٿو. اهڙي نموني ماڪوڙي جي جدوجهد ۽ حياتي سان پيار وارو رويو سندس آپگهات ڪرڻ وارو ارادو ترڪ ڪرڻ جو سبب ٿي پوي ٿو. هڪ هڪ سٺي اتساهيندڙ ۽ حياتيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ واري ڪهاڻي آهي،جيڪا ٻڌائي ٿي ته زندگيءَ سان هر صورت ۾ پيار ڪرڻ سکجي.
سيف جي ڪتاب ”اڏوهي کاڌل وجود“ پڙهڻ کانپوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هن ۾ ڪهاڻي لکڻ جو سٺو ڏانءُ به آهي ته ڏات به. هو هڪ حساس ۽ ڳوڙهو سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ليکڪ آهي،جيڪو پنهنجن ڪردارن وسيلي سماج ۾ موجود غلط ڪارين، ڏاڍاين، بدڪارين،منافقين ۽ بي وفائن سان گڏوگڏ چڱائين، انسان دوستين، ماڻهپي، اخلاق، وفادارين ۽ جرائت کي به نروار ڪري ٿو.
سيف جي ڪهاڻين جا ڪردار گهڻي ڀاڱي پريشان،ڏک ۽ پيڙا ۾ ورتل، زماني سان منهن نه ڏئي سگهندڙ ۽ مالي پريشانين ۾ ورتل آهن. شايد سيف جو پنهنجي آسپاس موجود اهڙن ڪردارن سان واسطو وڙو گهڻو پيو آهي يا وري هو پاڻ هڪ پريشان، حساس ۽ تنگدستي وارو نوجوان آهي. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته هن سوچ جي گهرائي ۽ انسان دوستي کيس اهڙن ڪردارن لاءِ وٽس پيار ۽ همدردي پيدا ڪئي هجي ۽ هن کين پنهنجن ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي.
سيف جي ڪهاڻين ۾ ڪتب آيل نج ۽ سادي سودي ٻولي گهڻو توجهه ڇڪائي ٿي. ان کانسواءِ ڪردارنگاري، مڪالمه نگاري ۽ منظرڪشي به پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا.سيف جي ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به موضوع سان نڀاءُ ڪرڻ جي ججهي صلاحيت موجود آهي، هو جيڪا به ڪهاڻي شروع ڪري ٿو،تنهن کي تمام سٺي ۽ ڪامياب نموني پڄاڻيءَ تي پهچائي ٿو ۽ ڪهاڻي ڪٿي به اجائي ڊريگهه ياکوٽ جو شڪار ٿي پنهنجو حسن نٿي وڃائي.
سيف جي هن ڪهاڻي ڪتاب کي اسان سنڌي ادب جي انگ ۾ هڪ سٺو واڌارو چئي سگهون ٿا ۽ اميد ٿي ڪجي ته هو ايندڙ وقت ۾ به اهڙو واڌارو ڪندو رهندو.