خميس , نومبر 21 2024
sd

ڪارڻ

(ڪھاڻي)

ميان گل محمد ڪلهوڙو

”ابا ڀَتَ تي ڪونهي وڃڻو ڇا، ادي فتح محمد واري ڇوڪري جي ؟ روڊَ ڀتي سندن ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي پِيھه لڳي پئي آهي“”نه با با…آئون ڪونه ٿو وڃان“”ڇو! طبيعت ٺيڪ ڪانهي ڇا “ ؟مَحرم ورانڊي ۾ کٽ تي آهليل، ٽچ اسڪرين موبائل جي اسڪرين تي آڱرين سان هيٺ مٿي ليڪا ڪندڙ سندس پٽ فيصل کان پڇي ٿو.”نه نه طبيعت ته ٺيڪ …هائو مٿي ۾ ٿورو سورآهي“”هل اوهانجي جواني، دوست جي شادي آهي ۽ هِن مڙس جي مٿي ۾ سُور ! هئه هئه، اسان جي وقت ۾ دوست جي شاديءَ کان مهينو اڳ ڪاٺيون وڍڻ جي ڇَيڙ کان وٺي ڪاڄائتن دوستن جي حاضري شروع ٿيندي هئي ته ويندي ڪاڄ واريِ رات بسترا ۽ کير رسائڻ تائين، پر ڪاڄ جي ٻئي ڏينهن ڇَنو (تنبو) ڊاهڻ تائين گڏ هُجبو هو…..اسان واري دور ۾ مَسواڙ جي تنبو جو نئون رواج پيو هو، ننڍي هوندي ته اَبو مَرهيات دوستن، مائٽن ۽ راڄ برادريءَ جي هر ڪاڄ ۾ ويندو هو، پندرنهن ويھه ڏينهن اڳ ٿونڻيون ۽ ڪاٺيون وڍبيون هيون، ڪاٺين جا ڇَنا ۽ گهوڙن ٻڌن لاءِ ڇپرا اڏبا هئا، مهمانن جي گهوڙن جي اَن پاڻيءَ جو بندوبست ڪبو هو. واھ واھ ڇا ته زمانو هو. اڙي ٻڌ ! تو ته چيو هو، ڀَتَ جي ڪم لاءِ هَمراھ وٺي ويندس… ڇوڪرا…! اِهي مڙسن وارا پار ناهن، ڇا نالو ٻوڙائيندين مون مسڪين جو !؟ ٻيلي ڏاهو ٿي، چارچڱن سان اٿڻ ويهڻ، هِن هَٿ جوڙيءَ جي ڪري ته آهي، خدا نه ڪري جي هُنن جو ڪاڄ ڦِٽو ته چوندا، محرم وارن ڇوڪرن جي پَڪَ هئي، انهن جي ڪَچائيءَ جي ڪري ڳَڙٻَڙ ٿي….ابا مُڙس ماڻھو ٿيڻ سَوَلو ناهي، لَئِيءَ مان لَٺيون ڀڃڻ، بال هڻڻ ۽ بال پويان ڊوڙن سان مُڙس ڪونه ٿبو آهي“”بابا ڇَھه همراھ موڪليا اٿم، قيوم سان گڏ“”چڱو ڪَيئي، ننڍي ڀاءُ کي موڪليئي پر گهوٽ دوست ته تنهنجو آهي نه، ڇا نالو اٿس…. سرمد“”ڪهڙو ڀلا شاخ کي گهارو لڳوآهي، اڌ ڪلاڪ کان رڌڻي ۾ ويٺي هُل ٻڌان“”ها ها ها ! شاخ کي گهارو….جَهڙو مُنڍ مان رئيس ٽپڙ کڻي ويا هجن، جو شاخ کي ٿو گهارو پوي. ۽ شاخ به تو وانگر هاڻ پوڙهِي ٿي پئي آهي وڏيرِي ! “”تو واري هِن خانصاحب جي دوست، فتح محمد جي پٽ سرمد جي شاديءَ جو ڪاڄ آهي، هيءُ مڙس گهر ستو پيو آهي، آئون ته پاڻ وڃان هان پر، سڄي راتِ هارين سان گڏ هليو آهيان، شاخ ۾ پاڻي بِنھه نه هئڻ برابر هو، جِتي واري ۾ ويھه ايڪڙ ڀربا هئا، اتي ڇَنڊَ ڇُونڊ ڪرائي سَت ايڪڙ ڀريا آهن. ٻيو سوچيم ته هاڻي پُٽ جوان آهن، سنگت ساٿ اوڙي پاڙي ۾ اٿڻ ويهڻ لڳا آهن . هونئن به شاديءَ کانپوءِ ماڻهوءَ تي ذميواريون وڌنديون آهن، پُٽهِين ته ڪري ڏيکاري“ ! ”اڙي ابا ! تو ته چيو پئي ساگهري دعوت آهي، امان تون به هَلجان، ماما مُختيار جي چاليهي تي، ادي فتح محمد جي گهرواري نوران به جام چيو پئي: ته عيد کانپوءِ پُٽ پرڻائينديِس، ساگهري ڪوٺ موڪلينديِس ادي ضرور اچجان، ڌيئرن ۽ نُنهن کي به وٺي اچجان“ فيصل جي ماءُ رڌڻي مان ٻاهر اچي بيٺي بيٺي ڏک ۽ حيرانيءَ ۾ چيو.”وڃون ها نه ،ڇا هو پوءِ، فتح محمد وارن جو گهراڻو تَر جو چڱو گهر آهي“ محرم سنجيدگيءَ سان چيو .”اسان کي ڇوڪرا ڪو گهر جو ڀاتي به سمجهن نه “ نوران ڏکاريِ ٿيندي چوندي سامهون واري کٽ تي ويهي رهي. ”تون ئي پُڇ دادلي کان، مُڱَ وات پئجي ويا اٿس.“ محرم وراڻيو.”ڇا پُڇان ! ؟ انهي مُئِي ڪرڪيٽ تان وڙهيا هوندا، سدائين سئوٽن ماساتن جو ئي راند تان جهيڙو هوندو اٿن، ٻه ٽي اڳ ويا ته هئا ڏنڊا ڪونڊا کڻي راندِ تي ادي فتح محمد وارن جي ڳوٺ“”تون به وئي هئين ڇا ؟ مَحرم اوچتو مُرڪي پيو!“ ”باھِ ۾ وجهو….شَفوءَ وارِي گهر وارِي، سِبيّل رِليون ڏيڻ آئي هئي، چيائين پئي، وڏيرِي..! ننڍا وڏيرا اسانجي ڳوٺ بال راند پئي ڪڏيا “”ماما آئون ته ماروٽ کي چوندي آهيان، ڪجھه ڪم ڌنڌي جي ڪَرِ، ماما سان هٿ ونڊاءِ، سڄو ڏينهن انهي مُئي ٽَچ موبائل تي آڱريون ۽ اکيون هونديون اٿس… ڪنهن ڪنهن وقت ته پنهنجي مُنهن پيو کلندو به آهي“ فيصل جي ڪُنوار ڳالهيون ٻُڌي ورانڊي ۾ ايندي ئي چپ چورڻ شروع ڪيا.”پر ڀاڄائي ! هن موبائل تي ته پاڻ، پُڦي، ماما، نسيمان، وحيد ۽ ماساتِين سان ڳالهائڻ سان گڏ کين ڏسِي به سگهون ٿا“ فيصل جي ننڍي ڀيڻ ناديا موبائل جي گلا برداشت نه ڪري سگهي.”هلو هلوتيار ٿيو، منهنجا ڪپڙا به اِستري ڪريو، پَٽڪو به ڪڍي اِستري ڪري وٺو…پندرنهن منٽن ۾ تيار ٿيو، آئون ڪنهن گاڏيءَ جو بندو بست ڪريان، ساگهري دعوت ڏني اٿن، ساگهرو هلبو، خبر اٿئو هن انگريز فيصل جي ڀت وارن ڏينهن ۾ فتح محمد سندن مائٽن جي ٻنيءَ جي ڦڏي سبب سڪرنڊ ويل هو، ته به ٽي ڀيرا فون ڪري پڇيائين ته :منهنجي لاءِ ڪوبه ڪم ڪار هجي ته ٻڌاءِ ؟ پئسو، ماڻهو، ٽريڪٽر، حجاب نه ڪجان..ائين چئي مَحرم ٻه وکون مَس کنيون ته ننڍو پٽ در مان اندر ٿيو…”اڙي ! تون ته ڀَتَ تي ماڻهو وٺي ويو هئين ڪم لاءِ !؟”هائو بابا، سرمد پڇا ڪئي فيصل ڪونه آيو، چيم طبيعت ٺيڪ نه آهي، ٻڌايم ڪم لاءِ ڇَھه همراھ به آندا اٿم چيائين :اوهان ماني کائي وٺو پوءِ ڪم ڏَسيان ٿو. ماني کائڻ کانپوءِ چيائين: بس ڪم واراماڻهو جام آهن، اوهانکي اجازت آهي، منهن تي رُکائي هئس، اسان پُوئو لکرائي موٽي آياسين””فيصل فيصل“”ماما فيصل ٻاهر ته نڪري ويو آهي“”ڪونه ٿا هلون ڀَتَ تي، قيوم وارن کي منهن ڪونه ڏنائون، همراھ به واپس ڪري ڇڏيائون ! پڪ ڪا ڳالھه ضرور آهي، فتح محمد وارا ڇوڪرا اهڙا واهيات ڪونه آهن“ محرم کي هُر کُر وڌي وئي، سِڌو ڀرواري اسٽاپ تي فيصل کي ڪمپيوٽر سيکاريندڙ سندس هُجائتي دوست رويءَ جي ايزي لوڊ ۽ موبائل رپئرنگ جي دڪان تي رويءَ کي سنجيدگيءَ سان سمورو قصو ٻڌائڻ لڳو.”استاد روي ٿي سگهي ٿو ڪرڪيٽ تان ناراضگي ٿي هجين ! پر مونکي ته شڪ آهي ته اڄڪلھه ماين وٽ فون عام جام ٿي پيا آهن، فيصل جي هٿ ۾ اٺ ئي پهر فون موبائل هوندو آهي، جوان ڇوڪرا آهن، مونکي ته اُڻ تڻ لڳي پئي آهي، متان اهڙي ڪنهن ڳالھه تان اٽڪيا هجن! فيصل گهران نِڪتو آهي تو ڏانهن ضرور ايندو مونکي شام تائين سڄي ماجرا پُڇي ٻڌاءِ “”جي هينئر ئي ٻڌايان ته “ ؟ روي موبائل رپيئر ڪندي مٿي ڪنڌ ڪري محرم ڏانهن مُرڪندي نِهاريو.”بسم الله ڪر يار“ محرم جو ن اکيون حيران ۽ ڪن بي تاب ٿي چڪا هئا. ”چا چا محرم ٻُڌ ! اصل ڳالھه هيءَ آهي ته، ٻنهي مڙسن تي شاعريءَ جو ڀوت سَوار ٿيو آهي، اُبتيون سُبتيون تُڪ بنديون ڪري، فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪندا آهن. فيصل کي شڪايت آهي ته هوسرمد جي هر شاعري لائڪ ڪري ڪمينٽ به ڪندو آهي، جڏهن ته سرمد سندس شاعريءَ تي ڪمينٽ ته پري جي ڳالھه، پر لائڪ به نٿو ڪري. فيصل چوي ٿو : سرمد کي ڪالھه تائين لفظ به لکڻ ڪونه ايندو هو، منهنجي پويان شاعر شفيق ”شِڪرو“ سان جو واسطو ٿيو، ٿوري واھ واھ ڇاڪيائين ، هاڻ سرمد پاڻ کي وڏو شاعر ٿو سمجهي!محرم ائين مُنجهي پيو ڄڻ رَوي فارسي ڳالهائيندو هجي…!

ھي بہ ڏسو

اربع خطا..

(ڪھاڻي) يار محمد چانڊيو جَهار کي ھڪل ڪندي ھن کانڀاڻي کي زور سان اُڇل ڏني، …