ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!
’نه ڇڏيس!افٽ مار نڀاڳي کي.’
کٽ تي ويٺل منهنجي ڏاڏيءَ جو ائين چوڻ ۽ چاچا جو اٿي ڪمري ڏانهن بندوق کڻڻ لاءِ ڊوڙ پائڻ.
‘صفا نڀاڳو آهي، جنهن جي گهر جي ڀت تي ويهي معنٰي ڪنهن نه ڪنهن جي حياتي پوري ڪري.’
ڏاڏيءَ منهنجي تپيل نرڙ تي زور ڏيندي چيو.
‘ابا!ڪلهه ڏٺئ رجب جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي. در تي ڪو مينهن لاءِ پلال رکيو هئين، لڳي جو پلال کي باهه ته، گهر به سڙي ويس، چُ. . . . . . . . چُ. . . . . . . ويچاري جي ڇهن ورهين جي نياڻي به جيئري سڙي وئي.’
باهه جا ڇولا منهنجي اکين مان لڙڪ بڻجي نڪري آيا .
‘ابا پٽي هوندي پاڙڪنهن مواليءَ جي، دکيل سگريٽ يا ٻيڙي اڇلي هوندئين پلال تي ۽ سڙيو هوندو گهر.’، بخار جو سور سگريٽن جا ٽوٽا بڻجي منهنجي بدن کي چنبڙي ويو.
‘اَبا!چون ٿا ته ٽن چئن ڏينهن کان چٻرو سندن گهر جي مٿان لنگهندڙ بجلي جي تارن تي ويهندو رهيو هو. ‘
ڏاڏي منهنجي بخاريل نرڙ تي زور ڏيندي چئي رهي هئي.
چاچو ڪوٺيءَ مان بندوق ڪڍي آيو، ڪارتوس وجهي نشانو جهليائين ته چٻرو نم تان اٿي بجلي جي تارن تي ويٺو. چاچا بندوق سڌي ڪندي ٽرئگر کي زور ڏنو، فائر ٿيڻ کان اڳ چٻرو اڏامي ويو.
‘وڏو نڀاڳو پکي آهي، تنهنجي ڏاڏي جي حياتي به ان نڀاڳي جي ڪري وئي، هر رات اچي هنن بجليءَ جي تارن تي اچي ويهندو هو، تنهنجو ڏاڏو به پندرنهن ڏينهن کٽ تي بيمار پيو هو ۽ هي نڀاڳو به پندرنهن ئي راتيون اچي تارن تي ويهندو هو ۽ پوءِ تنهنجو ڏاڏو. . . . . . . . . . ‘
ڏاڏيءَ پهرين آلي ڪپڙي سان منهنجا لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ پنهنجا.
‘ياد اٿئي تون ان وقت ستن سالن جو هوندو هئين ته تنهنجو ڏاڏو تنهنجا ٻئي ڪنَ پڪڙي توکي چوندو هو ته ست ڪراڙا سلي ڏيندينس، ته پوءِ هو ڪن مان هٿ ڪڍندو، ۽ پوءِ تون شروع ٿي ويندو هئين علي مراد ، سبزل، حبن، ٽوهه، دلمراد ، عبدالغني ۽ ستون نالو تون هن جو پنهنجو وٺندو هئين. . . ۽ پوءِ هو تنهنجي ڪنن کي چيڀٽ ڏيئي چوندو هيئي ته هو تنهنجي ڪنن کي ڏري يا پيهي ! ۽ پوءِ تون روئڻ جون تياريون ڪندو هئين ته هو توکي ڀاڪر ۾ ڀري چوندو هو ته اڙي بابا!شهزادو روئي پيو.’
چاچو بندوق واپس وڃي ڪوٺيءَ ۾ رکي آيو، ‘اَبا نڀاڳو اڏري ويئي نه !’، چاچي جي ڪوٺئ مان نڪرندي ئي ڏاڏيءَ چيس.
چاچا هارايل جواريءَ جيان منهنجي ڀرسان اچي کٽ تي ويهي رهيو.
‘ بخارنه ٿو لهيس ڇا؟’
‘ڪلهه جو رجب جي گهر کي لڳل باهه ڏسي آيو هو ته اهو تپ چڙهيو اٿس، هر لهيس ٿو ته هر ‘ٽانڊا’ ٿي ٿو وڃي.’ ڏاڏي منهنجي مٿي تي آلي ڪپڙي جي پٽي رکندي چاچا کي ٻڌايو.
مونکي محسوس ٿيو ته آلي ڪپڙي جي پَٽِي نه پر ڏاڏيءَ رجب جي ڇهن ورهين جي باهه ۾ سڙيل ڌيءُ جو لاش منهنجي مٿي تي رکيو هجي .
‘اَمان!ويچاري سان ٿيو به ظلم آ. . . . . . . معصوم ڌِيءُ جيئري سڙي وئي اٿس.’
‘اَبا! شل ربُ ، باهه ڏيندڙ جي گهر کي باهه ڏئي، شل پاڻ ان باهه ۾ ائين سڙِي مري، جيئن رجب جي ڇهن ورهين جي ڌئَ سڙي مُئي!’
مونکي محسوس ٿيو ته مان رلئَ تي نه پر ٽانڊن تي ستو پيو هجان ، منهنجي مٿي تي ڏاڏيءَ جو هٿ نه پر باهه جو شعلو هجي، مان ڪنهن کٽ تي نه پر آڙاهه ۾ ليٽل هجان.
‘امان! مان وڃان ٿو رجب وارن ڏي، تڏي تي ويهڻ، ڪلاڪ ٻن ۾ موٽي ايندس!’
‘ابا گهر ضرور موٽجان! اتي سمهي نه رهجان! ڇوڪرو به بيمار آهي، مونکي به ننڊ پئي اچي. ‘
چاچا جي گهر کان ٻاهر نڪرندي ئي ڏاڏي منهنجي نرڙ تي هٿ رکيو، جيڪو پگهر ۾ آلو هو. آلي ڪپڙي سان منهنجو پگهر اگهيائين.
‘بخار آ، غيبات آ، !منٽ ۾ لهي ٿو منٽ ۾ چڙهي ٿو!’
ڏاڏي پگهر اگهي ، منهنجي پيرن مٿان چادروجهي ڀرسان واري کٽ تي آهلي پئي.
رجب جي گهر کي وڪوڙيل باهه منهنجي بدن کي وڪوڙي وئي.
ڪالهه اهو سڀ ڪجهه بادل جي ڪري ٿيو. بادل جهڙو ٽرو موالي اسان جي ٽولي ۾ ئي ڪونهي، سلڦئَ جي ڦوڪ ڀريندو ۽ ٺوڪي ڪنهن نه ڪنهن کي گار ڏيندو ۽ آهي به توائيباز، ڪو دم نه پٽيندو، سدائين شر مغز ۾ هوندو اٿس، پنهنجي انهئَ طبع جي ڪري ڪيترائي’ڪارنامه’ به سر انجام ڏئي چڪو آهي.
ڪنهن سان ڏند چڪ هوندس ته ان جي فصل کي باهه ڏئي ويندويا ڪنهن ٻئي طريقي سان ان کي نقصان ڏيندو.
ڪالهه به اسين ٻئي نشي ۾ ٽُن رجب جي گهر واري گهٽئَ مان اچي رهيا هياسين ته بادل جي نظر وڃي رجب جي ڪکائين گهرجي در تي پيل پلال تي پئي.
‘سهڻا اهو رجوءَ جو پلال آهي نه؟’
‘گهر انجو آهي تي پلال به ان جو ئي هوندو!’
‘سهڻا، اهي حرامي ڦر ڏيڏربه مغز چٽي ويا آهن!’
بادل رجب جي گهر جي درڀرسان پاڻي جي دُٻي ۾’ٽان ٽان’ ڪندڙ ڏيڏرن کي ڀونڊا ڏيندي چيو،
مون به ڪنڌ ڌوڻيو، وري بادل چيو،
‘سهڻا رجو ڪلهه مئخاني تي ڇا پيو چئي توکي!؟’
‘چئي پيو نشو ڪرڻ ڇڏي ڏي، تنهنجو چاچو ڪيترو شريف آهي، تنهنجو پيءُ ڪيترو عزتدار هيو ۽ تون اچي کريو آهين!’
‘. . . . . . . . . . ۽ ائين به چوئي پيونه منهجي نالي ته، بادل حرامئَ سان سنگت نه رک نه ته بڇڙو ٿيندين. . . . . . . . ! هو ڪير ٿيندو آ توکي جهلڻ وارو! تنهنجو ڪو ابو ڏاڏو آ؟ اڙي اگر غيرت اٿئي ته ڏئينس پلال کي باهه ته خبر پويس!پاڻهي پلال لاءِ پنندو ته سڀني مائٽن جي خبر به پئجي ويندس.’، بادل ماچيس مون ڏانهن اڇلائيندي چيو.
مون ماچيس جي ننڍڙي دٻئَ کي کولي، ان مان تيلي ڪڍي پوءِ ان کي ماچيس جي روغن تي مهٽيو، تيلي ٻري پئي، ۽ ڪجهه لمحن ۾ پلال ڀڀڙ ڪري ٻري اٿيو، ڏسندي ئي هڪ اُلانڀو اڏري وڃي رجب جي ڪکائين گهر مٿان پيو، اسين ٻئي کسڪي نڪري آياسين.
*_*
‘اَبا هن دفعي نه ڇڏجانس، نڀاڳو وري موٽي آيو آهي!’، ڏاڏي منهنجي چاچي کي چئي رهي هئي، ‘ابا خيال سان متان هن ڀيري به اڏري وڃئي.’
مونکي منهنجو جسم ان چٻري کان وڌيڪ نڀاڳو لڳڻ لڳو، مرڻ ته مونکي کپندو هو، نڀاڳو ته مان آهيان، پکئَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، ڏوهي ته مان آهيان. ڪاش!مرڻ لاءِ پکئَ جو نه پر منهنجو ڍڍر هجي ها.
هڪ فائر ٿيو ۽ چٻرو اچي تارن تا هيٺ پٽ تي ڪريو. مونکي محسوس ٿيو ته چٻرو نه پر منهنجو روح زخمي ٿيو هجي، ڄڻ ته مان ڦٿڪي رهيو هجان.
چاچا فاتح بڻجي اچي کٽ تي ويٺومس ته پريان مينهن جي واڙي مان چاچئَ دانهن ڪندي، ڀوريءَ مينهن ڏانهن اشارو ڪيو.
چاچا ۽ ڏاڏي ڊوڙندا اچي مينهن جي واڙي ۾ پهتا، جي ڀوري مينهن ڇڙيون هڻي رهي هئي، چاچا هڪل ڪندي چاچئَ کي ڪاتي آڻڻ لاءِ چيو، پر ڏاڏيءَ روڪي ورتس.
‘ابا مينهن ڀٽاري پنهنجي سهڻي مٿان صدقو ٿي وئي.’
مون محسوس ڪيو ڄڻ ڀوري مينهن پَٽ تي نه پَر منهنجي مٿان ڪري پئي هجي.
‘ماڻهو پنهنجون حرام پايون لڪائڻ لاءِ پکين ۽ جانورن ۾ ڇو لڪندا آهن؟؟ ‘
ڪرب مان، مان پنهنجون اکيون پوريان ٿو، جتي چٻرو ۽ مينهن مونکي مارڻ لاءِ مون ڏي ڊوڙي رهيا آهن.
****