خميس , اپريل 3 2025
sd

چنڊ پيرن هيٺ

عباس ڪوريجو

جيئن ئي اک کليس ته سامهون ٽائيم پيس ۾ فريم ٿيل مارمر جي تصوير تي نظر پيس. ميز تي ليمپ ڀرسان پيل ”سنگنگ برڊ “ گڊ مارننگ سر، گڊ مارننگ جا آواز ڪڍڻ لڳو. بستري جي کاٻي پاسي”ويڪ اپ“ بٽڻ تي زور ڏنائين ته اليڪٽرانڪ بسترو_ويل چيئر جيان ٿي ويو، اڃان لهي ئي لهي جو واچ_ ڪمپيوٽر مان الارم مليس، هن”اسڪرين_اپ“ بٽڻ دَٻايو،سامهون مارمر هئي.

”هاءِ ڊيوڊ ڪٿي آهين !؟“

”…….شادي جي ڏهين ڏينهن ڪيئن ياد پيس؟“

”ڊينس ۽ مان هن وقت چنڊ جي وڏي ۾ وڏي چوٽي ”مائونٽ ليبنز “وٽ آهيون، اڄ اسان جي هني مون جو اٺون ڏينهن آهي چنڊ تي.“

”مس مارمر مان مارمر ڊينس ٿيڻ تي مبارڪون! ڪيئن محسوس ڪيو اٿئي!؟“

”ڊيوڊ چريو نه ٿيءُ ، با مقصد ڳالهاءِ!“

”ڀلا ڊينس ڪيئن آهي مارمر!؟“

”تمام شفيق، مهربان ۽ پيار ڪندڙ، تو وانگي!“

”مون وانگي ………….!!ڇا مطلب؟؟

”مان اڃان سن باٿ ،وائين پارٽين ۽ ٻين ياترائن وقت تنهنجو ڏنل پيار وساريو ناهي.“

”……..۽ ڊينس شيفر جي باري ۾ تنهجو ڇا خيال آهي!؟“

”او هني! هو منهنجو جيون ساٿي آهي محبت نه!مون کي ته اڃان به گذريل مهيني واري ياترا وقت تنهنجو ڏنل پيار ياد پيو اچي، هني!ماءِ چيڪس ويٽ فار سيم…….۽ ها توکي ٻڌائڻ ضروري سمجهنديس ته هتان کان پوءِ اسين مريخ تي شفٽ ٿي ويندا سين جو ڊينس جي فيملي اُتي سيٽل ٿيل آهي.“

” چنڊ کي چنڊ تي مزو اچي پيو يا نه!؟“

”ڇڏ ان ڳالهه کي ڊيوڊ! توسان پوءِ رابطو ڪنديس، اوڪي باءِ…….“ اليڪٽرانڪ بيڊ جي ترڪڻ واري پٽي تان ترڪندي ڊيوڊ کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته ”اسپون فيڊنگ“ انسان کي ڪيڏونه ناڪارا بنائي ڇڏيو آهي.

ڊيوڊ باٿروم جي دروازي وٽ اچي بيٺو،در خود بخود کلي ويو، باٿروم جي دروازي کلڻ سان باٿروم اندر بجلي به بحال ٿي وئي.باٿروم جي روبوٽن ڪجهه لمحن ۾ وهنجاري، ڪپڙا پارائي ۽ پرفيوم اسپري ڪيو.

هاڻي گهر ٻاهران خودبخود هلندڙ فٽ پاٿ تي بيهي رهيو،فٽ پاٿ تي هلندي ”ڪلوننگ ماسٽرس“جي دڪان اڳيان بريڪر تي بيهي رهيو.هر طرف گوڙ ۽ شور محسوس ٿيس. هر ڪنهن کي پاڻ جيان آپي خالي ٿي ڀائنيائين. کيس اهو لمحو ذهن تي تري آيو جڏهن مارمر کيس پرپوز ڪيو هئو ۽ کيس ڪو جواب ڏيڻ لاءِ چيو هئائين ته نه چاهيندي به مارمر جي دل ڏکائي هئائين ۽ پوءِ لڇيو ۽ تڙپيو هئو،زندگي گهر تائين محدود ڪري ڇڏي هئائين.هڪ ڏينهن مارمر سان واچ ڪمپيوٽر ذريعي رابطو ڪري کانئس معافي ورتي هئائين، مارمر کيس نه فقط معاف ڪيو پر ڊينس شيفر سان شادي ڪرڻ جي خوشخبري به ٻڌائي هئي.اشتهائون ڪنگرن جيان ڇڻي ڪِري پيون هئس، لُڇي پيو هو.

شادي جي تقريب مان به جلد موٽي آيو هئو.مارمر کي الوداع به نه ڪيو هئائين.ڏهه ڏينهن عذاب جي اُلن ۾ جلندي کيس هي آسائشون بي مزه ٿي لڳيون.

اڄ ڏهن ڏينهن بعد مارمر جي رابطي ڪرڻ تي هو گهر کان ٻاهر نڪتو هو.

هن جي خيالن جو شيشو تڏهن ڀورا ڀورا ٿيو جڏهن”نيوزبوٿ“ جي اسپارڪلنگ ڪندڙ روشني هن جي اکين کي متاثر ڪيو.نيوز بوٿ ۾ ڪارڊ وجهي ”ارجنٽ نيوز“ نالي23_12_2312 جي اخبار ڪڍيائين، کيس اخبار بي مزه لڳي جوڊسٽ بن ۾ اڇلي وري فٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو،کيس مارمر جي ياد ستائي رهي هئي، ماڻهن کي فٽ پاٿ ۽ دڪانن تي تن تنها ڏسندو ۽ هلندو رهي ٿو. اڳيان.”ڪرائيم ڪنٽرول روبوٽ سينٽر“ هو اڪثر ڪاروبار مشينري تحت پئي هليا.

اچانڪ”فلائينگ مشين“ هن آڏو لينڊنگ ڪئي، سن باٿ ڊريس پاتل جيڪلائن هن جي اڳيان بيٺي .

”ماءِ سوئيٽ هارٽ ڊيوڊ! سن باٿ تي هلڻ جي خيال آهي !؟“

”جيڪي!سوري!“

”ڊيوڊ!هاڻي ته مارمر توکان پري ٿي وئي آهي، تون ڌرتئَ جي ڌوڙ ۽ هوءَ آسمان جو تارو ٿي وئي آ، پوءِ به اسان کي لفٽ ناهي، ڇو ڊيوڊ!؟“

”جان ٽيلر کي ڇڏي ڏنو ٿي ڇا!؟“

”جاني اهو ته توکي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪندي هئس“.

”جيڪي، مونکي خلا ياترا مرڪز ( space trip center ) وڃڻو آهي.“

”ڊيوڊ!فلائينگ مشين مهيا ڪندڙ دڪانون ويجهو ئي آهن، مان تو لاءِ به هڪ عدد مشين افورڊ ڪري سگهان ٿي،500 کان1000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! اڄ ته گڏجي سن باٿ وٺڻ هلنداسين، آ نو يو لائيڪ اٽ!“

”آءِ ايم سوري مس جيڪلائن مان ٽائيم نه ڏئي سگهندس!“

”ڏس ڊيوڊ! جي اڄ تون نه هلندين ته مان”ڊيٿ سينٽر“تي وڃي، پنهنجي مرضئَ سان موت قبولينديس، يا هن پکئَ جيان اڏائيندڙ فلائينگ مشين تان ٽپو ڏيئي ڇڏيندس،“

”ٺيڪ آ، تون هل مان اچان ٿو.“

”مان تنهجو انتظار ڪنديس ڊيوڊ!“

ڊيوڊ جيڪلائن کي اڏامندي ڏسي فٽ پاٿ تي بيهڻ چاهيو جو سندس واچ ڪمپيوٽر الارم ڏنو.

”هاءِ ڊيوڊ! مان مارمر آهيان.“

”يو لاءِ ان ماءِ بريٿ، مارمر!“

”ڊيوڊ! تون اسان ڏي اچين ڇونه پيو!؟؟“

”2123ع جون جديد سهولتون هوندي به مان هتي پرسڪون ناهيان،مارمر مان هن ميڙ ۾ پاڻ کي اڪيلو ڀانيان ٿو.“

”ڊيوڊ! تون خلا ياترا مرڪز مان اڄ ئي مريخ لاءِ فلائيٽ بڪ ڪرائي ڇڏ.“

”ان خيال سان ئي ته وڃين رهيو آهيان.“

”ڊيوڊ مان ۽ ڊينس ڪلوننگ ماسٽرس وٽان پنهنجي جين مان ٻه ٻار تيار ڪرائي ڇڏيا هئا، نائو وي نِيورَ رٽرن ٽو ارٿ……..! او ڊيوڊ هاڻي ڊينس سان ڳالهاءِ، هي منهنجي ڀرسان بيٺو آهي،“

”هاءِ ڊينس ڪهڙا حال آهن؟“

”ٺيڪ، تون ڪئين آهين ڊيوڊ!؟ مارمر ٻڌايو پئي ته تون ڌرتئَ تي اٻاڻڪو محسوس پيو ڪرين، پيارا! تون مريخ تي اچ جو ڪجهه گهڙين بعد اسان به چنڊ تان مريخ لاءِ اڏام ڪنداسين.“

”ضرور ايندس!“

”ڊيوڊ يار! خلا ۾ چپي چپي مختلف ملڪن جا اسڪاءِ ليبس آهن ۽سڀ کان خوبصورت ۽ جديد اسڪاءِ ليب سنڌ جي آهي.

اسان جي خلائي شٽل به سنڌ جي”لطيف اسڪاءِ ليب“ تي لينڊنگ ڪئي، جيئن ئي اسان جي جهاز لطيف اسڪاءِليب جي ايئر لاڪ جي چوٽيءَ تي لينڊنگ ڪئي ته ليب جي ٽن سائنسدانن جيڪي ورڪشاپ ۾ تجربا ڪري رهيا هئا،اسان جو استقبال ڪيو.جن بعد ۾ پنهنجو تعارف هالار،هريش ۽ مهراڻ طور ڪرايو. هريش ٻڌايو ته مريخ ۽ وينس تي انساني رهائش کي مڪمل ڪرڻ ۾ سندن سنڌ جي فلڪياتي ماهرن جو عمل دخل آهي ۽ ڊيوڊ! مهراڻ ٻڌايو ته اٰن وقت هو ٽئي ڄڻا اسڪاءِ ليب جي گنبذ ۾ تجربن کي پائيه تڪميل تي پهچائي رهيا هئا هالار ٻڌايو ته روس ۽ آمريڪا بعد سنڌ ئي آهي جيڪو سج جي دنيا جي باري ۾ تجربا ڪري رهيو آهي ۽ سندن هٿرادو گرهه سج جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا.“ ڊينس تفصيل ٻڌايس.

”واقعي ڊيوڊ اهي تمام محنتي آهن !..هاڻي تون ٻڌاءِ،ڀلا ڪڏهن اسان وٽ پهچندين؟“

”مان هاڻي ئي خلا ياترا مرڪز وڃان پيو.“

”اوڪي هاڻي مارمر سان ڳالهاءِ!“

”هي ……….لَو ڊيوڊ!“

”زندگي تو بنا نٽهڻ جو پاڇو آهي ريئلي مارمر!“

”ڊيوڊ، سچ پڇين ته مونکي به تو بنا خوشي ڏور ٽٽل لغڙ جيان ٿي لڳي، انسان ڌرتئَ کان ڀل ڪوهين ڏور هليو وڃي ته به غمن جا پاڇا پٺيان ڊوڙندا اچن ٿا، هيترن مسرتن هوندي به ناخوش آهيان ڊيوڊ!“

”مارمر، مان هن وقت خلا ياترا مرڪز ۾ آهيان ۽ بوڪنگ ڪرائي رهيو آهيان.“

”مون کان جدا ٿي ڪئين ٿو محسوس ڪرين!!؟؟

”ويڳاڻو ويڳاڻو……..ڪنهن اڪيلي پکيءَ جيان ! جو صحرا ۾ رهندو هجي ۽ ويجهو ڪابه ڍنڍ نه هجي.“

”…….ته پوءِ مونسان شاديءَ لاءِ ڇو انڪار ڪيئي!!؟؟

”مارمر مان محبت ۾ ميلاب جو مخالف آهيان! مون وٽ ميلاپ عشق جو زوال وارو تصور آهي…. ۽ ها 31.12.2123 تي منهجي منزل تون هوندئين، جو خلا ياترا مان تاريخ ملي آهي.“

”آئم سو هيپي ڊيوڊ!مان بيان نه ٿي ڪري سگهان ته مونکي ڪيڏي خوشي ٿي آهي .“

”اوڪي باءِ، توکي هاڻي حقيقي اکين سان ڏسبو!“

”باءِ، ماءِ سوئيٽ هارٽ“

ڊيوڊ کي ڪمپيوٽرواچ واري ٻانهن سڌي ڪندي جيڪلائين ياد آئي، ”آئيم سوري جيڪي!مان نه اچي سگهيس.“دل ۾ ڀڻڪندي ڊيوڊ گهر طرف موٽڻ لاءِ فٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو. ڪلوننگ ماسٽرس جي دڪان جي اڳيان نيوز بوٿ جو ”ارجنٽ نيوز“ بٽڻ اسپارڪلنگ ڪري رهيو هئو.ڪارڊ وجهي اخبار ڪڍي پڙهڻ لڳو.

” آمريڪا جا ڪيميڪل ليبس هڪ زوردار ڌماڪي سان تباهه ٿي ويا.“ هو تفصيل پڙهڻ بنا اخبار ڊسٽ بن ۾ اڇلي فوٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو.هن لاءِ پنج ڏينهن پنج صديون بڻجي گذريا.

مقرر ڪيل تاريخ تي ڊيوڊ خلا ياترا مرڪز پهچي چڪو هو ان کان اڳ هن مارمر سان رابطو ڪيو ۽ کيس اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي. نيٺ ٽوم هال، ڊيوڊ،لارينس ۽ جيمس خلائي جهاز اندر ويهي، هوا ۾ داخل ٿيا . ڌرتئَ کان 75 ميل مٿي جهاز جي خلااندرداخل ٿيندي ئي جهاز جي ڪيبن ۾ آڪسجن گئس جي ٽانڪيءَ کي باهه لڳي وئي پر ”اسپري“ بٽڻ دٻائڻ سان آخر باهه وسائي وئي. خلا ياترا مرڪز جي طرفان پائليٽ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي واپس مڙڻ جو ميسيج مليو، جو جهاز جي سڙي وڃڻ جو انديشو هئو. خلائي جهاز وپس فضا ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي مقرر ڪيل رستي تان هٽڻ ڪري ٻيهر خلا ۾ داخل ٿيو. داخل ٿيندي ئي زميني ڪنٽرول اداري جي اسڪرين تان گم ٿي ويو.

مارمر واچ ڪمپيوٽر تي ڊيوڊ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر سڪرين تي کيس دونهون نظر آيو .هن واچ ڪمپيوٽر جو”اسپيشل نيوز“ بٽڻ دٻايو،“خلائي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ لطيف اسڪاءِ ليب پاران خلا ۾ ڀٽڪندڙ خلائي جهاز ڏٺو ويو.“ جون خبرون پڙهندي مارمر جا ڳوڙها واچ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڪريا.

”ماءِ سوئيٽ هارٽ مارمر!غم نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، مونکي ڊيوڊ جي خبر ملي آهي، سندن خلائي جهاز روس جي زميني ۽ خلائي روٽ طرف وڃي رهيو آهي ،اميد ته هو بچي ويندا.“

”ڊينس!ڊينس!تنهنجي واچ ڪمپيوٽر واري وارو نيوز وارو بٽڻ اسپارڪلنگ ڪري رهي آهي.“ اچانڪ مارمر دانهن ڪندي ڊينس کي چيو .

ڊينس ”اسڪرين اپ “ بٽڻ دٻايو، سندس واچ ڪمپيوٽر جي ننڍي اسڪرين مٿي نڪري آئي ۽ کيس”لطيف اسڪاءِليب پاران ڀٽيڪل جهاز تي گرفت حاصل“ جي خبر ۽ جهاز نظر آيا.ڊينس مارمر کي دلجاءِ ڏني ۽ کيس ڪمري ۾ وٺي آيو.مامر کي صوفي تي ويهاري، پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ هليو ويو.مامر ڊيوڊ جي سوچن ۾ گم هئي،اداسي هٽائڻ لاءِ ٽي دفعا اکيون ڇنڀيائين ته ڀت تي ٽي وي اسڪرين ظاهر ٿي، جتي دنيا کي ٻه صديون اڳتي ڏيکارڻ بابت فيچر هلي رهيو هو. هن هٿ سڌو ڪيو ته چينل تبديل ٿي ويو،هن وري هٿ سڌو ڪيوته ٻيو چينل شروع ٿيو. هن کي سڪون نه ٿي آيو،ٽي دفعا اکيون ڇنڀيائين ته ٽي وي اسڪرين غائب ٿي وئي.

اچانڪ کيس در جي مٿان لڳل اسڪرين تي”ٽي مهمان“جو پيغام مليو،مامر دروازي کان نڪري ڊرائنگ روم ۾ پهتي ته هن جي اکين معجزو پسيو.

”ڊيوڊ……….!!!مئريڪل!!!“

”معجزونه!…. مهرباني لطيف اسڪاءِ ليب جي مهربانن جي، جن پنهنجو قيمتي وقت صرف انسانيت جي خدمت ناتي ضايع ڪري مونکي بچايو ۽ هي آهن هالار ۽ هريش،سنڌ جا سائنسدان“ ڊيوڊ ورنايو.

”توهان ۽ توهان جي ملڪ جي مهرباني !“مارمر ڏک ۽ خوشئَ جي گڏيل تاثر سان چيو.”سنڌ دي گريٽ!“

”اسان کي افسوس آهي جو اسان ٻين کي بچائي نه سگهياسون.“ هالار افسوس جو اظهار ڪندي چيو.

”جلدي اچو! پنهنجو برقي جهاز ڪلوننگ ذريعي ٺاهيل انسان سميت سج جي حد ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ انسان اڃان زنده آهي.“ مهراڻ جو موڪليل پيغام ٻانهن ۾ ٻڌل جديد اوزار وسيلي هالار ۽هريش کي مليو.

”اسان پنهنجي هڪ اهم مشن جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي اسڪاءِليب تي وڃي رهيا آهيون جو هڪ خاص تجربي کي مڪمل ڪرڻو آهي.“هالار ۽ هريش صوفي تان اٿندي مامر ۽ ڊيوڊ کي چيو.

مارمر ۽ ڊيوڊ کين الوداع ڪيو ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان دلين جي روح رهاڻ ڪرڻ لڳا، ان کان اڳ هالار ۽ هريش مريخ تان اڏامي چڪا هئا.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …