خميس , اپريل 3 2025
sd

ڀڳل گلاس

سيف الحق سيف

ڀاءُ ۽ ڀيڻ پاڻ ۾ راند کيڏيا پئي….

ٻئي ڪاغذن مان گهر ٺاهي رهيا هئا. ٻنهي انهيءَ ڳالهه تي ضد ڪيو هو ته، ”جيڪو سهڻو ۽ سٺو گهر ٺاهي!“

جڏهن گهر ٺاهي مڪمل ڪيائون ته ڀيڻ جو ٺهيل گهر تمام سٺو هو. جڏهن ته ڀاءُ جو گهر اهڙو خاص نه هو.

 ڀيڻ فخر منجهان ڀاءُ کي چيو ’ڏس منهنجو گهر سٺو آهي نه؟“

ڀاءُ پنهنجي بدصورت گهر کي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ مڃيو پر ظاهري طور منهن خراب ڪندي، ضد ڏيکاريو، ”تنهنجو گهر سهڻو ناهي، تون خوامخواهه پاڻ کي پڏائين پئي!“

”نه منهنجو گهر سهڻو آهي، اسان ڇوڪريون توهان ڇوڪرن کان وڌيڪ سٺا ۽ سهڻا گهر ٺاهي سگهنديون آهيون، ڇو ته گهر محنت ۽ محبت سان جڙندا آهن!“  ڳالهائيندي ڀيڻ جو لهجو عالماڻو ٿي ويو جو ۽ اکين ۾ عجيب چمڪ هيس!

”نه منهنجو گهر ڀلو آهي.“  ڀاءُ جي لهجي ۾ ڪمزور ضد هو.

”چڱو ابا کان پڇون!!؟“ ڀيڻ حل پيش ڪيو

”ٺيڪ آهي.“

”ابا، ابا، تون ٻڌاءِ ڪنهن جو گهر سهڻو آهي.“ ڇوڪريءَ پيءُ جي گوڏي تي هٿ رکي لوڏيو ته هن اڳيان اخبار هٽائي، عينڪ جي هيٺيان، ڪاغذن جي ٺهيل ننڍڙن گهرن کي ڏٺو جنهن مان هڪڙو سهڻو ۽ ٻيو ڪوجهو هو.

”ٻئي سٺا آهن!“ پيءُ ٻنهي ٻارن جي دل رکڻ لاءِ چيو ته ٻنهي ٻارن خوشيءَ مان رڙ ڪئي ته ٻئي سٺا آهن!“

وري پاڻ ۾ کيڏڻ لڳا ۽ ٺهيل گهرن کي اڃا به وڌيڪ سجائڻ لڳا.

”گهر منهنجو آهي“ ڀاءُ چيو

”ڪهڙو هي جيڪو مون ٺاهيو آهي؟ ڀيڻ پنهنجي ٺهيل سهڻي گهر ڏانهن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو ته ڀاءُ چيو:

”نه هي جيڪو وڏو گهر ابا ٺاهيوآهي، اهو منهنجو آهي؟“

”اهو منهنجو به آهي!“ ڀيڻ چيو

”چري تنهنجو گهر ٻيو ۽ پري آهي، ٻڌندي نه آهين ته امان چوندي آهي ته ڇوڪرين جا گهر پري ٿيندا آهن!؟“

چڱو ڀلا هي گهر منهنجونه آهي، ابا ته منهنجو آهي نه؟“

”چري اهو به منهنجو آهي“

”هل هل… هِنَ جو آهي“ ڀيڻ منهن خراب ڪندي چيو ”ابا منهنجو آهي، سڀ چوندا آهن ته منهنجا مهانڊا ابا جهڙا آهن  ۽ تنهنجي شڪل ته چاچا سان ملندي آهي، تنهنجو چاچا آهي!“

”چاچا سان ملندي آهي ته ڇا ٿيو؟ آهيان ته ابا جو نه…؟“

”نه نه … ابا منهنجو آهي تنهنجي امان آهي!“ ڀيڻ ضد ڪيو ته ڀاءُ به ضد ڪندي چيو نه امان تنهنجي آهي، ابا منهنجو آهي.“

”چڱو ابا کان ٿا پچون!“ ڀيڻ چيو ته ڀاءَ به راضي ٿي ويو.

”ابا تون ڪنهن جو ابا آهين، منهنجو يا اديءَ جو!!؟“ ڇوڪرَ اخبار پڙهندڙ پيءُ کان پڇيو ته هن اخبار ميز تي رکندي ٻنهي ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:

”مان توهان ٻنهي جو ابا آهيان!“

اچانڪ غوطي کائڻ جي آواز سان گڏ گلاس جي ڪرڻ ۽ ٽٽڻ جو آواز آيو ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڇرڪي ماءُ ڏي ڏسڻ لڳا.

”خير ته آهي غوطو ڪيئن آيئه؟‘ مڙس چنتا مان پڇيو ته زال لڄي ٿيندي وراڻيو، ”بس ائين ئي“

۽ پوءِ ٽٽل گلاس جا ٽڪر ميڙيندي هُنَ جي ذهن ۾ اهي راتيون لهي آيون. جن ۾ ساڻس ڏير جي زيادتي… ۽ انهن راتين جي نشاني پٽ…. سوچيائين سچ ڳالهائيندس ته مڙس جو من به گلاس جيان ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندو ۽ ٺهيل گهر به اجڙي ويندو!!!

                                                                                                                       *

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …