(ڪھاڻي)
طارق قريشي
.ڊاڪٽر ميمونہ يوسف جي ڪلنڪ مان نڪري، ٻاھر گهٽِيءَ ۾ بيٺل ٽانگي وٽ آيا ھئاسين تہ سبزي منڊيءَ واري رستي کان ڏاڏا سائيڪل تي پئي آيو. ڏاڏا جو رُخ اسان ڏانھن ئي ھئو، سندس نظر بہ اسان تي ھئي. ھُو اسان کي يڪو ڏسندو پئي آيو ھئو. جيئن ئي ڏاڏا تي منھنجي دِيد پئي ھئي تہ منھنجي بُت مان ساھ ڇڏائجي ويو ھئو. ”مري ويس!“ بي اختيار دل ۾ پنھنجو آواز ٻڌو ھئم.گيتا، ثمينہ ۽ پھلاج ٽانگي ۾ ويھي رھيا ھئا، ھنن منجهان ڪنھن جو بہ ڌيان ڏاڏا تي ڪونہ ويو ھئو.سائيڪل جي رفتار ٿوري گهٽائي ڏاڏا ٽانگي جي ڀر مان گذريو ۽ اسان کي ڏسندو رھيو ۽ پوءِ ھڪدم تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويو ھئو.’ھاڻ الائي ڇا ٿيندو؟!‘ ان ھڪڙي سوال سان ذھن ۾ ھزارين کُٽڪا ۽ اُلڪا اچي ويا. پھلاج، گِيتا ۽ ثمينہ منھنجي من ۾ ھلندڙ واچُوڙن کان بي خبر ھئا. الائي ڪيئن مان ٽانگي ۾ چڙھيس، ڪيئن ويٺس، ڪھڙين گهٽين مان لنگهي گهر تائين پھتاسين، مون کي ڪا سُرت ئي نہ رھي ھئي. ڏيڍيءَ وٽ، ٽانگي واري جڏھن منھنجيءَ ٻانھن مان لوڏي پڇيو، ”بابل ! لھندئو يا ڪنھن ٻئي پاسي ھلندئو؟.“مون ڇرڪي ڏٺو تہ ٽانگي ۾ مان اڪيلو رھجي ويو ھُئس. گيتا، ثمينہ ۽ پھلاج ڳچ گهڙيون پھرين ٽانگي مان لھي، گهر جي اندر وڃي چڪا ھئا. مون کِيسي مان ٽي روپيا ڪڍي، ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏنو ۽ مُئل وکون کڻندو گهر ۾ گهڙيو ھئس. امان، پنھنجي ڪمري ۾ پلنگ تي اُداس ويٺي ھئي، سندس سامھون ھندوري ۾ پھلاج ۽ گيتا ويٺل ھئا. مون ڪمري ۾ گهڙڻ سَٽِ امان کان پڇيو، ”ثمينہ ڪيڏانھن وئي… ڏاڏا سائين گهر آيو آھي؟“”ثمينہ سندس ڪمري ۾ آھي. چاچا بخشل تہ اڃان ڪونہ آيو آھي، پر ڇو؟“ امان پڇيو ھئو.”اسان جيئن ئي ڊاڪٽر ميمونہ جي اسپتال مان نڪتاسين تہ ڏاڏا سائيڪل تي اتان لنگهيو، اسان کي اسپتال مان نڪرندي ۽ ٽانگي تي ويھندي ڏٺائين.“”ڇا ٿو چئين؟!“ امان جي چھري تي ھيڊ وکري وئي. پھلاج ۽ گِيتا امان جي حالت ڏِسي پريشان ٿي ويا.“ڪيئي لمحا سڪتي واري ڪيفيت ۾ رھڻ کان پوءِ امان اسان ٽنھي ڏي واري واري سان نھاريو ۽ پوءِ پھلاج کان پڇيو، ”پھلاج پٽ! چاچا بخشل توھان کي ڏٺو تہ ڇا چيو، وڏو تماشو ڪيو ھوندائين؟“”کالا ! مون سائين بخشل کي ڪونہ ڏٺو.“ پھلاج ۽ گيتا امان کي ’خالا‘ بدران ’کالا‘ چوندا ھئا. ”امان! ڏاڏا اسان سان ڪونہ ڳالھايو، ماٺ ڪري ھليو ويو ھئو.“ صورتحال چِٽِي ڪري سمجهائڻ لاءِ مون ھڪدم چيو ھئو.امان ڳيتون ڏيندي چيو، ”جنھن کان ڊنل ھئس، اُھا ئي ڳالھ ٿي. چاچا بخشل توھان کي ڏسي ورتو، ٻيلي کي ٻريل تِيلي اچي وئي.“ امان جي ان ڳالھ کان پوءِ پھلاج ۽ گِيتا بہ معاملي جي سنگيني محسوس ڪرڻ لڳا ھئا.ڪمري ۾ ماٺ پکڙجي وئي ھئي. اسان سڀئي فقط ھڪٻئي ڏانھن نھاري رھيا ھئاسين.ڳچ دير کان پوءِ سوچ ۾ ٻُڏل پھلاج، پنھنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ امان کي چيو، ”کالا! توھان ڪو بہ کُٽڪو نہ ڪيو، مان آھيان نہ، توھان مون کي اڳيان ڪري ڇڏجو. مان پاڻھي سائين بخشل سان ڳالھائيندس.“امان تمام ڊگهو ساھ کنيو ۽ چيو، ”پٽ ! چاچا بخشل سان تون ڪيئن ڳالھائي سگهندين، ھُو توھان سان نفرت ڪندو آھي. جن سان ھُو ٺريل بہ آھي، تن کي بہ تہ ناھي ٻُڌندو.“”کالا! مون ۾ ڳالھ ٺاھڻ جو ھنر آھي، مان ڪھڙي شيءِ آھيان، توھان مون کي سڃاڻو ئي نہ ٿا .“” ٻچا! تون اسرار جي ڏاڏا کي ڪونہ ٿو سڃاڻين.“امان صحيح چئي رھي ھئي. منھنجي ڏاڏا کي ڪو ڀلا ڪيئن ٿي سڃاڻي سگهيو؟ ھُو تہ پاڻ کي بہ ڪونہ سڃاڻندو ھو. 1920ع ۾ پيدا ٿيندڙ منھنجو ڏاڏا پندرنھن ورھين جي عمر کان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ھئو. سندس پھريون ۽ اڪيلو پٽ 16 آڪٽوبر1951ع تي پيدا ٿيو ھئو. اُن ڏينھن لياقت علي خان کي راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو ھئو. ڏاڏا پنھنجي پُٽ جو نالو لياقت علي رکيو ھئو. لياقت عليءَ جي 1969ع ۾ پنھنجي سوٽ نُور بانوءَ سان شادي ٿي، جنھن مان کيس 1970ع ۾ پٽ ڄائو. جيڪي ماڻھُو لياقت عليءَ کي سڃاڻندا آھن، انھن جو چوڻ آھي تہ لياقت علي پنھنجي پيءُ جي اُبتڙ ھئو. ھن وٽ ڪو بہ مذھبي متڀيد ڪونہ ھئو، ھُو پيار ڪندڙ انسان ھئو. لياقت علي پنھنجي ننڍپڻ جي دوست وشنو گُپت ولاساڻِيءَ سان ايترو گهڻو پيار ڪندو ھئو، جو پنھنجي پٽ جو نالو وِشنُو گُپت رکيو ھُئائين. ڏاڏا جڏھن اُھو نالو ٻڌو تہ گجگوڙ ڪندي لياقت عليءَ کي چيو ھئائين، ”تنھنجو دماغ خراب آھي، جو تو مسلمان ٻار جو واڻڪو نالو رکيو آھي. ٻيھر ڪَنَ ۾ ٻانگ ڏئي، ڪو سھڻو اسلامي نالو رکينس.“ لياقت علي، پيءُ کي ادب سان وراڻيو ھئو، ”بابا ! ناراض ڇو ٿا ٿيو، مون تہ توھان جي پوٽي جو نالو اسرار الحق رکيو آھي.“”پر مون کي خبر پئي آھي تہ تو ٻار جو نالو وِشنُو گپت رکيو آھي.“لياقت علي ڏاڍي عاجزيءَ سان پيءُ کي چيو ھئو، ”بابا! اسرار الحق کي سنڌيءَ ۾ وِشنو گُپت ئي تہ چئبو.“ عربي ٻوليءَ کي ڀلاري ٻولي سڏيندي، ڏاڏا، بي انتھا ڪاوڙ ڪندو، دڙھيندو، دڙڪا ڏيندو، ھليو ويو ھئو. امان نُور بانُو ٻڌايو ھئو تہ اُن وقت لياقت عليءَ پنھنجي پُٽ وشنو گُپت يعني اسرارالحق کي پنھنجي جهوليءَ ۾ کڻي ساڄي ڪن ۾ آذان ڏني ۽ کاٻي ڪن ۾ قادر بخش بيدل سرڪار جي پُٽ محسن بيڪس سائينءَ جو شعر پڙھيو ھئو:مَلَڪَ مُنڪر نَڪِير آوَي، پُوڇَين گَي حال ايمان ڪا،ڪھُون گا، ھَي ڪھان ڪَنَيا، جو ھَي ايمان دِين ميرا.”اسرار ! اسين ھاڻ گهر ٿا وڃون تون گهڻو نہ سوچ، مالڪ سڻائي ڪندو.“ مان ڇرڪي خيالن مان ٻاھر آيس. پھلاج، اٿي بيٺو. گيتا بہ پھلاج سان گڏ اٿي بيٺي. مان ھنن کي دروازي تائين ڇڏڻ لاءِ اُٿيو ھئس.اسين جڏھن ڏيڍيءَ وٽ آياسين تہ پھلاج مون کي چيو، ”مان گيتا کي گهر ڇڏي، موٽي ٿو اچان. منھنجي واپس اچڻ کان اڳ ۾ سائين بخشل اچي وڃي ۽ توکان ڪجھ پڇي تہ، تون مَپُ ھڻي ويھجانءِ، مان پاڻھي اچي کين جواب ڏيندس.“مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.مان ساڻو ساڻو واپس پنھنجي ڪمري ۾ اچي کٽ تي ليٽي پيس. بيچينيءَ ۾ پاسا پئي ورايم. سائيڊ ۾ رکيل ٽپائيءَ تي بابا جي فريم ٿيل فوٽو تي نظر پئي. سندس مُرڪندڙ چھري تي ڪٿي بہ درج ٿيل ڪونہ ھئو تہ ھُو ڦُوھ جوانيءَ ۾ ئي شھيد ٿي ويندو. امان ٻُڌايو ھئو تہ سندس شاديءَ کي فقط ھڪڙو سال گذريو ھئو. اونھاري جي ھڪ شام سندس گهوٽ پنھنجي دوست وشنو گُپت سان انب وٺي، دادو ڪينال تي تُڙڳڻ ويو ھئو. واپسيءَ تي کين ڪي ڏوھاري ماڻھو گڏيا، جن وشنو گُپت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھنجي پيءُ ھن سان مُھاڏو اٽڪايو. وشنو گپت بہ دلير ھئو، ھن بہ واھ جو مقابلو ڪيو، پر ڏوھارين جڏھن ڏٺو تہ ھو پُڄِي ڪونہ سگهندا تہ ريوالور ڪڍيائون. سڌا فائر ڪيائون. ٻنھي کي مرڻينگ ڪري ھليا ويا. اسپتال پھچندي پھچندي، تنھنجي پيءُ جو دم پرواز ڪري ويو. وشنو گپت کي سخت ڌڪي حالت ۾ لال بتي اسپتال پھچايو ويو، جتي ھُو ٻہ مھينا داخل ھو، ۽ ڪنھن جي دعائن صدقي بچي ويو. مان ھميشہ جيان اُن وقت بہ بابا کي ياد ڪري رھيو ھئس تہ: ”ڪاش! منھنجو پيءُ ھجي ھا تہ، مان، منھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ شايد ايڏا ھيکلا ۽ ويڳاڻا نہ ھجون ھا. ڀلا جيڪڏھن خدا، منھنجي بابا کي پاڻ وٽ گهُرائي ئي ورتو ھئو تہ ڏاڏا کي سخت مزاج، رُکو ۽ کُردرو نہ بڻائي ھا.“ مون کي خبر ناھي تہ امان ۽ ثمينہ پنھنجي اندر ۾ ڪيتريون دٻيل ۽ گهُٽيل ھونديون، جو مان ڇوڪرو ھوندي بہ ڏاڏا جون سختيون ۽ پابنديون سھندي سھندي، صفا ھَچُ ٿي پيو ھئس. سئنيما ڏسڻ، لُچ لوفر ۽ بدڪردار ماڻھن جو شُغل ليکجندو ھئو. گهر ۾ ٽي وي بہ ڪونہ ھئي، ريڊيو تي فقط خبرون ٻُڌي سگهجن پيون. ڀُل چُڪ ۾ بہ مٿو اُگهاڙو ناھي ڪرڻو. گهر ۾ فقط ديني ڪتاب داخل ٿي پئي سگهيا. ڪجھ مھينا اڳ، مان پنھنجي ھم ڪلاسي قمرالدين کان ھڪڙو ڪتاب پڙھڻ لاءِ کڻي آيو ھئس. رات جو سمھڻ کان اڳ ۾ ٿورا ٿورا پنا پڙھي پوءِ سمھندو ھئس. ھڪڙي ڏينھن دستور مطابق ڏاڏا فجر جي نماز تي اُٿارڻ آيو ھئو تہ وِھاڻي جي ھيٺان لِڪايل ڪتاب جي ڪُنڊ تي نظر پئجي وئي ھئس. ھٿ وجهي، سٽ سان ڪتاب کڻي ورتو ھئائين. جيئن ئي ڪتاب جي جلد تي لکيل ڪتاب جو نالو پڙھيائين تہ حيرت ۽ ڪاوڙ وچان سندس اکيون ڦاٽِي ويون ۽ خوفناڪ آواز ۾ رڙ ڪندي چيو ھئائين، ”جيئن ڏٺو آہ مون !… تون جيئيم سيد جا ڪتاب ٿو پڙھين؟!“مسجد تائين چنبا ھڻندو ھليو. نماز کان پوءِ قرآن شريف پڙھائيندي بہ رکي رکي مٿي وارا ڌڪ پئي ھنيائين. مون کي سمجھ ۾ نہ پئي آيو تہ صحيح مخرج ڪڍڻ جي باوجود بہ موچڙا ڇو پيو کاوان؟منظور مسجد ۾ موجود ھئو. ڏاڏا جي ڀرسان اچي ويٺو ھئو، مون کي وقفي وقفي سان مار کائيندي ڏسي، ھُو خوش ٿي رھيو ھئو. منظور ٻارھون درجو پاس ڪري چڪو ھئو، تيرھون پڙھڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو رٿي ويٺو ھئو. منظور ڏاڏا جي گهڻي خوشامد ڪندو ھئو، ان ڪري ڏاڏا کي ھُو ڏاڍو وڻندو ھئو. ڏاڏا کيس مون کان لڪائي لڪائي خرچيون بہ جام ڏيندو ھئو. اتفاق سان جيڪڏھن مون ڏسي ورتو تہ ڏاڏا چوندو ھئو تہ منظور نيڪ نمازي ۽ پڙھاڪُو ڇوڪرو آھي، اعزاز ۽ انعام جو حقدار آھي.“منظور منھنجي ڏاڏا جي بيواھ ڀائٽِيءَ رشِيدہ جو پٽ ھئو. ان لحاظ کان ھُو ڄڻ منھنجي پُڦِيءَ جو پٽ ھئو، اُھا پُڦِي منھنجي ڄمڻ کان گهڻو اڳ گذاري وئي ھئي، تنھن ڪري مون اھا ڪانہ ڏٺي ھئي، پر سندس پُٽ منظور منجھان مون کي پنھنجائپ يا مائٽِيءَ جي خُوشبوءِ ڪڏھن بہ نہ آئي ھئي. ھُو مون کي صفا ڪونہ وڻندو ھئو، جو ھن جي نھارڻ جي طريقي ۾ مون کي پنھنجي لاءِ سدائين ساڙ ۽ طنز محسوس ٿيندو ھئو. مان اڃان اٺين ۾ ھئس ۽ پنھنجي ڪلاس ۾ ھوشيار ھئس، ثمينہ مئٽرڪ ۾ ھئي ٻين مضمونن ۾ ٿوري جڏي ھئي پر سائنس جي مضمونن ۾ تہ صفا ڏڏ ھئي، سو ڏاڏا جي چوڻ تي منظور روزانو شام جو چئين کان ڇھين وڳي تائين ثمينہ کي ٽيوشن پڙھائڻ ايندو ھئو. پھرين پھرين تہ ڏاڏا جي چوڻ تي مان بہ ٽيوشن پڙھندو ھئس، پر منظور جي بدسلوڪي، ڌوئنس ۽ ٽوڪبازي ايتري ھوندي ھئي، جو مون کي لڳندو ھئو تہ مان ھن کان پڙھان ڪونہ ٿو بلڪہ پِنان ٿو. ”اسرار! اُٿ پاڻي پيئار“، اسرار وڃ، چاچيءَ کي چئہ تہ چانھ ڪاڙھي“، اسرار! دڪان تان وڃي سوپاريون وٺي اچ.“ اسرار! واچ وساري آيو آھيان، منھنجي گهر وڃ، منھنجي واچ کڻي آ.“ ھر ڏھن منٽن کان پوءِ ڪونہ ڪو حڪم ڏيندو ھئو. مھينو کن تہ ھن وٽ ٽيوشن پڙھيو ھئم، پر پوءِ مان تنگ ٿي پيو ھئس. اتفاق سان مون کي بھانو ملي ويو جو اسڪول جي اينوئل فنڪشن ۾ مون تقريري مقابلي ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن ۾ نالو لِکرايو ھئو. اسان جو ھڪڙو استاد اسان کي ان جي تياري ڪرائيندو ھو. اينوئل فنڪشن ٿي ويو، پر مان ٽيوشن وٺڻ لاءِ ٻيھر منظور وٽ وري ڪونہ ويٺس. اھڙيءَ ريت منھنجي جان تہ ٽيوشن مان ڇُٽي وئي پر، ويچاري ثمينہ ٽيوشن پڙھندي رھي ھئي. ڇوڪري ھئي، کيس سواءِ پڙھڻ ۽ گهر جي ڪمن ڪارين ڪرڻ جي، ٻيو ڀلا ڪرڻو بہ ڇا ھئو. اشراق نماز پڙھي، ڏاڏا گهر ھلڻ لاءِ مسجد مان نڪتو ھئو. مان بہ قرآن شريف ٺَپي، ڏاڏا جي پويان ھلڻ لڳو ھئس. منظور بہ اسان سان گڏ اچي رھيو ھئو. گهر پھچي، ڏاڏا حڪم ڏنو ھئو، ”اسرار! منھنجي ۽ منظور لاءِ چانھ ٺھرائي کڻي اچ.“مون کي خبر ھئي تہ امان ھن وقت رڌڻي ۾ ئي موجود ھوندي. امان اڳ ۾ ئي چانھ ڪاڙھي ويٺي ھئي. ڪوپن ۾ چانھ سان گڏ بسيءَ ۾ بسڪيٽ بہ وجهي ڏنائين، مان ڏاڏا جي ڪمري ۾ کڻي آيس.ڏاڏا، منظور کي چئي رھيو ھئو، ”ھِن جي عمر آھي جو، ھيءُ اھڙا ڪتاب پڙھي، جنھن ۾ ڪُفر ڀريا ڪلما لکيل ھجن ۽ خدا جي دين جو انڪار ٿيل ھجي.“ مون چانھ جي ڪپن سان ڀريل ٽري، ميز تي رکي ھئي.ڏاڏا، مون ڏي نفرت سان نھاريندي چيو، ”سامھون سوفي تي ويھي رھ..“ مان ويھي رھيس. ڏاڏا پنھنجي ڪتابن وارو ڪٻٽ کوليو ۽ ڪجھ ڳولھڻ لڳو. ڪجھ دير کان پوءِ ھڪڙي چوپڙي ھٿ ڪري ورتائين. اُن کي ٿپڪيون ڏئي ڇنڊي، صاف ڪندي، مون ڏانھن وڌائيندي چيو ھئائين، ”ھيءَ رشيد احمد لاشاريءَ جي لکيل ھڪڙي رد باطل ۽ ايمان افروز تحرير آھي، اِھا تحرير، جيئيم سيد جي انھيءَ الحادي ۽ ڪُفريہ ڪتاب ’جيئن ڏٺو آہ مون‘ جو جواب آھي. ھھڙا ڪتاب پڙھ.“منظور مون ڏانھن ھميشہ وانگر طنزيہ انداز ۾ ڏسي رھيو ھئو. ڏاڏا کي چوڻ لڳو ، ”اِسرار کي جي ايم سيد جا ڪتاب ڏئي ڪير ٿو؟“ڏاڏا ڪجھ دير تائين مون کي گهُوريندو رھيو. پوءِ چوڻ لڳو، ”ھن جو پيءُ بہ اھڙو ئي ڪَلَ ٿڙيل ھئو. ڪڏھن ڪڏھن تہ مون کي شڪُ ٿيندو آھي تہ لياقت علي منھنجو تخم ھئو بہ الائي نہ. ھُو شروع کان ئي بي دين ٿي ويو ھئو. اُن زماني ۾ تہ اڃان جيئيم سيد جا ڪتاب بہ ڪونہ آيا ھئا. جوان اولاد جي مرڻ کان وڏو دنيا ۾ ڪھڙو غم ھوندو. ھن کي جو ڀرِيءَ جوانيءَ ۾ اجل آيو تہ مون کي وڏو صدمو ٿيو ھئو، پر ھاڻي سوچيندو آھيان تہ چڱو ٿيو جو جلدي مري ويو، دنيا ۾ ھجي ھا تہ اڃان گهڻا گُناھ ڪري ھا، پنھنجي عاقبت بہ خراب ڪري ھا ۽ مون کي بہ رُسوا ڪري ھا.“ ڏاڏا پنھنجي پُٽ جي خلاف ڳالھائي رھيو ھئو، ھُن جو پٽ منھنجو پيءُ ھئو، مان پنھنجي پيءُ جي خلاف ھميشہ ھن جي زبان مان اھڙيون ڳالھيون ٻڌندو ھئس ۽ ان ڏينھن بہ جيڪڏھن اھو سڀ ڪجھ ھُو پنھنجي مُنھن چئي ھا تہ برداشت ڪري پئي سگهيس، پر منظور جي سامھون مان پنھنجي مرحوم پيءُ جي خلاف ڳالھايل لفظ سھي ڪونہ سگهيو ھئس. مون ھڪدم دٻيل دٻيل انداز ۾ چيو ، ڏاڏا! توھان ھر ڪنھن جي سامھون پنھنجي مرحوم پُٽ کي سدائين گهٽ وڌ ڳالھائيندا آھيو، اِھو تہ سوچيو توھان جو پُٽ جوانيءَ ۾ ئي شھيد ٿي ويو ھئو.“”ھڪڙي واڻئي کي بچائيندي مُئو ھئو، الائي جي شھيد ٿيو، يا حرام موت مُئو؟“مون ھڪدم چيو، ڏاڏا! توھان جو چوندا آھيو تہ قرآن شريف ۾ لکيل آھي تہ ھڪڙي انسان جي جان بچائڻ ايئن آھي، جيئن سڄي انسان ذات جي جان بچائڻ؟“ ڏاڏا ھڪ لمحي لاءِ خاموش ٿيو ۽ پوءِ ڊگهو ساھ کڻي چيو ھئائين، ”ٽڪو ڪونہ گهٽايو اٿئي، پڻھين بہ ايئن ئي بحث مباحثا ڪندو ھئو، موچڙا بہ ڍوَ تي منھنجا کائيندو ھئو. “ڪجھ لمحن کان پوءِ حتمي لھجي ۾ چيو ھئائين، ”آئندہ ھن گهر ۾ جيئيم سيد جو ڪتاب نہ ڏسان، سمجهيئہ؟“منظور مُرڪي مُرڪي مون ڏانھن ايئن نھاري رھيو ھئو، ڄڻ تہ منھنجي ۽ منھنجي پيءُ جي تذليل ھن کي تسڪين ڏيندي ھجي. ھن جي اکين ۾ ھڪ عجيب خوشي ھئي. مون کي سمجھ ۾ نہ آيو تہ ھن کي مون سان ايڏي نفرت ڇو ھئي. مون تہ ڪڏھن بہ ھن کي ڪا تڪليف ڪونہ ڏني ھئي. منھنجو دوست قمرالدين چوندو ھئو تہ: ”منظور کي مان شايد ان ڪري ناھيان وڻندو، جو مون ۾ ڪي صلاحيتون آھن، جيڪي منظُور ۾ ڪونھن، يا مون کي ڪجھ اھڙو حاصل آھي، جيڪو منظور کي ڪونھي.“ مون گهڻو ئي غور ڪيو ھئو ، پر مون کي تہ پنھنجو پاڻ ۾ ڪوبہ اھڙو گُڻ نظر نہ آيو ھئو، جنھن سان منظور جھڙي ڪنھن ماڻھوءَ کي منھنجي ڪري پنھنجي اھميت ۾ گهٽتائي محسوس ٿئي. بابا ۽ پنھنجي بابت ڏاڏا جي چيل جُملن ۽ منظور جي طنزيہ نگاھن جي تِير کائي، مان دل ئي ۾ ڦٽڪي رھيو ھئسِ. مان پنھنجا لڙڪ لِڪائي، اتان اُٿِي آيو ھئس. رڌڻي ۾ امان جي ڀر ۾ رکيل صندليءَ تي اچي ويھي رھيس. امان پڇيو ھئو، ”ابا اسرار ! ايئن ڇو ماٺ ڪري ويٺو آھين، تيار ڇو ڪونہ پيو ٿين، اسڪول نہ ٿئي وڃڻو ڇا؟“”امان! ھڪڙي ڳالھ ٻڌاءِ، ڏاڏا، منھنجي بيعزتي ڇو ڪندو رھندو آھي؟“”وڏن جي ڪا بہ ڳالھ دل ۾ ناھي ڪبي؟“”مان پنھنجي ڳالھ تہ دل ۾ کڻي نہ ڪيان، پر ڏاڏا منظور جي اڳيان بابا لاءِ بہ گهٽ وڌ ڳالھائيندو رھندو آھي.“”تنھنجو پيءُ پنھنجي خلاف ڳالھايل ڪنھن بہ ڳالھ جو جواب ڪونہ ڏيندو ھئو.“”تون جو چوندي آھين تہ منھنجو پيءُ پنھنجي پيءُ سان بحث مباحثا ڪندو ھئو.“”تنھنجو پيءُ پنھنجي لاءِ ڪو بہ بحث ڪونہ ڪندو ھئو. ھُو ٻين جي حقن لاءِ ڳالھائيندو ھئو.“”پنھنجي يا ٻين جي حقن لاءِ مون کي ڳالھائڻ جو حق ڇو ڪونھي؟“”حق آھي پر، حق حاصل ڪرڻ لاءِ علم ھجڻ گهرجي، ڪجھ وڃائڻ جو ساھس ھجي. تنھنجي پيءُ وٽ اھي ٻئي شيون ھيون.“ ”مون وٽ علم ڪونھي، پر قرباني تہ ڏئي سگھان ٿو .“تون پنھنجي ڏاڏِيءَ وانگر اڪيلو سِرُ ھجين ھا تہ شايد قرباني ڏئي سگهين ھا.“”ڏاڏِيءَ وانگر !؟“”ڇڏ ان ڳالھ کي، تون اسڪول جي تياري ڪر، دير ٿي ويندئي.“مان اسڪول ھليو ويو ھئس. پر منھنجي مٿي ۾ سڄو وقت امان جو جملو ڦِرندو رھيو. اسڪول مان واپس آيو ھئس. امان جي پچر ڪونہ ڇڏي ھئم. ”امان! ڏاڏِيءَ ڪھڙي قرباني ڏني ھئي؟“ ”مون کي ياد ڪانھي.“”ياد ڪونھئي يا ٻُڌائڻ نہ ٿي چاھين؟“”ڪجھ بہ سمجھ.“”زندگي، جنھن جي ياد ۾ گُذارين پئي، اُن جو قسم اٿئي، امان!“امان جي چھري تي عجيب تاثر آيو. ڀرجي آيل ڳلي سان چيو ھئائين، ”ٻُڌايانءِ ٿي، پر انجام ڪر تہ، مون کي پڻھين جو قسم آئندہ ڪڏھن بہ نہ ڏيندين. مان قسم تي قائم نہ رھيس تہ زندھ ڪانہ رھي سگهنديس.“”سدائين مرڻ جون ڳالھيون ڇو ڪندي آھين؟…“ مون اندر ۾ وڍ پوندي محسوس ڪيا ھئا. ھڪدم سندس چپن تي ھٿ رکيا ھئم. پوءِ پڇيومانس، ”ٻڌاءِ نہ تہ ڏاڏِيءَ ڪھڙي قرباني ڏني ھئي؟“ امان پنھنجي چپن تي رکيل منھنجي ھٿن کي چُمي ڏئي، ڏاڍي پيار سان پري ڪيو ھئو.. ڏٺم تہ امان جي اکين ۾ وڏو درد مِڙي آيو ھئو. لڙڪ روڪي نہ سگهي ھئي. چيو ھئائين تنھنجي ڏاڏي، گهر ڇڏي ھلي وئي ھئي.“ مان حيران ٿي ويو ھئس، پڇيم، ”ڪڏھن ؟! ڇا ڏاڏي گذاري وڃڻ کان اڳ ۾ گهر ڇڏي وئي ھئي؟“ ” رب سائين حياتي ڏئيس، امان گُلان جيئري آھي.“ ”ڏاڏي جيئري آھي؟! ڪٿي آھي؟ گهر ڇو ڇڏي وئي؟ ذھن ۾ آيل سڀئي سوال مون ھڪ ئي ڌڪ ۾ پڇيا ھئا.”امان ھڪڙي وڏي اوڇنگار ڏئي روئي پئي. امان کي روئندي ڏسي، منھنجي اکين ۾ بہ لُڙڪ اچي ويا ھئا. ڪجھ سامت ۾ اچڻ کان پوءِ ٻڌايو ھئائين، ”امان گُلان جھڙي نالي ۾ گُلان ھئي، تھڙي سندس سيرت ۽ صورت بہ ھوندي ھئي. ٻُڌو آھي تہ ڪجھ ماڻھن ۾ گلن جي سُرھاڻ ٿيندي آھي، پر امان گُلان کان تہ جڳ جھان جا گُل ھُڳاءُ حاصل ڪندا ھئا. تنھنجي پيءُ جي اوچتي شھادت کان پوءِ ھڪڙيءَ رات جو تنھنجي ڏاڏا سان ڪنھن ڳالھ تي جھيڙو ٿي پيو ھئس. ھن صابرين ۽ شاڪرين عورت جي وات ۾ زبان ئي ڪانہ ھوندي ھئي، پر اُن رات ڪمري کان ٻاھر تائين سندس ڳالھائڻ جو آواز پئي آيو. اِھا خبر ڪانہ پئي تہ ھُن ڇا ڳالھايو ۽ ڇا چيو، پر جواب ۾ چاچا بخشل جون ڏنل گاريون ۽ پاراتا پئي ٻُڌڻ ۾ آيا. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير، منھنجي ڪمري جو دروازو کولي اندر آئي، اُن وقت مون توکي ٿڃ پئي پيئاري. منھنجي ويجهو اچي ويٺي، تنھنجي مٿي تي ھٿ لائيندي، تنھنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيائين، ”مون تہ سمجهيو ھئو تہ منھنجو ھن گهر مان مڙھ ئي نڪرندو، منھنجي ڪڏھن وھم ۽ گُمان ۾ بہ نہ ھئو تہ مون کي ٽي ڀتر ھڻي ھن گهر مان لوڌيو ويندو…“ امان گُلان رانڀاٽ ڪري روئي پئي ھئي ۽ تنھنجي مٿي تي چُميون ڏيندي چئي رھي ھئي، ”مون کان منھنجو لياقت علي بہ ڦرجي ويو، پر ھاڻ ھن جي نشانيءَ کي ڏسڻ کان بہ محروم ٿي ويس.“ مان بہ ھنجُون ھاري رھي ھئس. پر منھنجي وس ۾ ڪجھ ڪونہ ھئو. مون بس ايترو چيومانس، ”امان! تون رڳو لياقت عليءَ جي ھِن نشانيءَ کي يتيم ڪري نہ پئي وڃين، لياقت عليءَ جي رن زال کي ٻيھر بيواھ بڻائي پئي وڃين.“تنھنجي ڏاڏِيءَ پنھنجي مُٺ ۾ ڀِڪُوڙيل ڪجھ ڪاڳر منھنجي رئي جي پلئہ ۾ ٻڌي ڇڏيا ھئا ۽ چيو ھئو، ”ھيءَ منھنجي لياقت عليءَ جي مون وٽ رکيل امانت آھي، جيڪا ھاڻي تو کي سنڀالڻي پوندي.“ تنھنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو ھئائين، ”اسرار الحق وڏو ٿئي ۽ گهُرئي تہ ڏئي ڇڏجانس.“ ” ڏاڏي، گهر ڇڏي ڪيڏانھن وئي؟“”ڪيئي سال تہ اھا خبر ڪنھن کي بہ ڪانہ ھئي. سال ڏيڍ اڳ پاڙي مان سوڀي ماءُ جا گهر وارا پنھنجي باسيل باس ڏيڻ لاءِ سُکان کڻي شاھ ڀٽائيءَ تي ويا ھئا، اُتي ھنن کي درگاھ تي ملي ھئي. حالي احوالي ٿيڻ تي ھنن کي ٻُڌايائين تہ ھُو اُتي ئي ڀرپاسي ۾ ھڪڙي ڀُونگيءَ ۾ رھندي آھي ۽ ڏينھن جو سڄو ڏينھن اميرن جي حويلي تي ٿانو ٻُھاري ڪندي آھي، شام کان پھرين درگاھ تي ايندي آھي، رات جو درگاھ جو دروازو قائم ٿيڻ تائين اُتي ئي ھوندي آھي.ڪڏھن ڪڏھن دل چوندي اٿس تہ درگاھ جي آڳنڌ ۾ يا زائرين لاءِ ٺاھيل مسافرخاني ۾ ئي رات گذاريندي آھي.“ ڏاڏايءَ جي ڪٿا معلوم ٿيڻ کان پوءِ مون امان کي چيو ھئو، ”امان! مان ڏاڏِيءَ سان ملڻ ويندس.“امان ھڪدم پڇيو، ”تون اڪيلو ڪيئن ويندين؟“”پھلاج سان صلاح ڪندس. ڪاڪو وشنو گپت بہ تہ ھر سائي سُومار تي ڀٽ شاھ ويندو آھي.“”ھا، پر چاچا بخشل توکي موڪل ڏيندو؟“”ان جو ڪو حِيلو ڪرڻو پوندو.“”ڪھڙو؟“”اسڪول طرفان جيڪو مڪليءَ ۽ ڪينجھرجو ٽوئر ٿيڻو آھي، اُن ۾ کڻي ڪونہ ويندس ۽ اُن جي جاءِ تي مان ڪاڪي وشنو گُپت سان ڀٽ شاھ ھليو ويندس.“”چاچا بخشل کي خبر پئجي وئي تہ ھَڏُ گُڏ ھڪ ڪري ڇڏيندئي.“”ان صورتحال کان بچڻ لاءِ پھلاج ۽ ڪاڪي وشنو گُپت سان صلاح ڪندس.“”ڪرائي ڀاڙي جا پئسا بہ گڏ ڪرڻا پوندئي، پٽ!“”ڪجھ پئسا تہ اسڪول ٽُوئر لاءِ ڏاڏا ڏيندو نہ، ٻيا تون ھٿ ڪري ڏجانءِ.“”مان ڪٿان ھٿ ڪنديس، ابا!“ امان ٿڌو ساھ کڻي چيو، ”منھنجا ڪي آسرا ۽ سھارا ھجن ھا تہ پڻھين جي مرڻ کان پوءِ مان پاڻ کي، توکي ۽ ثمينہ کي ھِن گهر ۾ ڳيجهُو بڻائي رھايان ھا.“”امان! مان اسڪول کان پوءِ چاچا صالح کٽيءَ جي دڪان تي لٽا اِستري ڪندس، جيڪي پئسا ملندا، گڏ ڪندو ويندس، پوءِ مان ڏاڏيِءَ سان ملڻ ڀٽ شاھ ويندس.“امان سوچ ۾ ٻُڏل رھي، ھن ڪو بہ تاثر يا ڪا ورندي ڪانہ ڏني ھئي.اُن ڏينھن کان ئي مان پئسا گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو ھُئس. جيڪڏھن ڪپڙن جي استري جو ڪم گهٽ ٿي ويندو ھئو تہ رياض جي سائيڪلن جي دڪان تي ڪم ڪندو ھئس. شيرل پڪوڙائيءَ جي ھيلپر طور ڪم ڪندو ھئس، ابراھيم حلوائيءَ کي مٺائي ٺاھڻ ۾ مدد ڪندو هئس. اسڪول مان اچي، گهر ۾ ڪتاب جو ٿيلھو رکي، ٻہ گرھ ماني کائي، ڪم تي ھليو ويندو ھئس.شام جو سانجھيءَ جي نماز پاڙي جي مسجد ۾ پڙھندو ھئس. ڪوشش ڪندو ھئس تہ تڪبير لڳڻ کان اڳ ۾ ڏاڏا مون کي اڳينءَ ۾ نہ سھي تہ، پنھنجي پٺيان پوئينءَ صف ۾ بيٺل ضرور ڏسي. اُھا نماز، ڏاتار جي حضوريءَ لاءِ گهٽ، ڏاڏا جي حاضريءَ لاءِ وڌيڪ ھوندي ھئي.انھيءَ معمول تي ھلندي ھڪ ڏينھن پھلاج جي پيءُ ڪاڪي وشنو گُپت سان بہ صلاح ڪئي ھئم. ڪنھن زماني ۾ ڪاڪو وشنو گپت ۽ بابا پاڻ ۾ گهاٽا دوست ھئا. ھاڻ انھن ٻنھي دوستن جا پُٽ پھلاج ۽ مان بہ پاڻ ۾ سنگتي ھئاسين. اُن دوستيءَ مان ٻيا تہ وڏا لاڀ مليا ھوندا، پر سڀ کان وڏو ثمر مون کي اِھو مليو، جو مان پنھنجي ڏاڏِيءَ سان مليس. ڀٽائي گهوٽ جي روضي جي زيارت ڪندي، ڪاڪي وشنو گُپت مون کي چيو، ”پٽ اسرار! تون زيارت ڪري وٺ، مان ٻن ٽن منٽن ۾ موٽان ٿو.“ مان اڃان اندر درگاھ ۾ ئي ھئس تہ ڪاڪو وشنو گپت موٽي آيو. ھُو مون کي وٺي پڌر ۾ لڳل علم وٽ آيو، جتي ڪاري لباس ۾، ھڪڙي ٻُڍڙي عورت اسان جي انتظار ۾ بيٺي ھئي. ڪاڪو وشنو گپت نہ بہ ٻُڌائي ھا تہ بہ نوراني چھري واري اُن ٻاجهاري عورت جي خوبصورت ۽ باوقار چھري کي ڏسندي ئي سڃاڻي وڃان ھا تہ اُھا ئي گُلان آھي، منھنجي مرحوم پيءُ جي جيئري جاڳندي جنت! ڏاڏيءَ جي نماڻن نيڻن مان نِير وھي رھيا ھئا، ھن جون کُليل ٻانھون، مون کي بيتابيءَ سان سڏي رھيون ھيون. جيئن مان امان کي پيرين پئي ملندو ھئس، تيئن ئي ساڳيءَ اُڪير، اُڪنڍ ۽ پاٻوھ سان ڏاڏيءَ جي پيرن ڏانھن جهُڪيس. ڏاڏِيءَ ھڪدم مون کي ڇِڪي مٿي ڪري، پنھنجيءَ ڇاتيءَ سان لاتو ۽ اوڇنگارون ڏئي ڪيتري دير تائين روئندي رھي ۽ بي تحاشہ منھنجي پيشاني ۽ اکيون چمندي رھي. مون آلين اکين سان ڪاڪي وشنو گُپت ڏانھن نھاريو، ھُو پڻ روئي رھيو ھئو. رات جو سماع ٿيو. فقيرن راڳ ڳايو. مان ڏاڏيءَ سان گڏ ويٺو ھئس. ھن منھنجي ڪن ۾ ٻُڌايو ھئو تہ ”شاھ جا فقير سُر سامونڊي ڳائي رھيا آھن. سامونڊيءَ ۾ وڇوڙي، وصل جي تمنا ۽ اوسيئڙي جا سُور شامل آھن. ھن سُر ۾ بي قراريءَ جو قرار سمايل آھي.“راڳ، مڪمل ٿيو، مان ۽ ڪاڪو وشنو گُپت ڏاڏِيءَ سان گڏ سندس ڀونگيءَ ۾ آيا ھئاسين. ننڍڙي پر صاف سٿري ٻن ڪوٺين واري جاءِ ۾ مختصر سامان ھئو. ھڪڙي ڪوٺِيءَ ۾ پڙڇ تي ڌوتل رِلي ۽ وھاڻو رکيل ھئا. ھڪڙي ٽِين جي پيتيءَ تي شايد ٻہ يا ٽي ٻيون پراڻيون رليون ۽ ڪجھ وھاڻا رکيل ھئا. ھڪڙِيءَ ڪُنڊ ۾ رڌ پچاءَ لاءِ گاسليٽ تي ٻرندڙ اسٽوو بہ پيل ھئو. رڌ پچاءَ جي ٿورڙن سادن ٿانون کان علاوہ ٻيو ڪو گهڻو سامان ڪونہ ھئو. اسان جي لاءِ رليون وڇائڻ کان پوءِ ڏاڏيءَ مون کان منھنجي پڙھائيءَ، گهر ۾ مصروفيتن ۽ ٻاھر جي مشغولين بابت پڇيو ھئو. اڌ رات کان وڌيڪ وقت گذري چُڪو ھئو. اسان ڪچھري ڪري رھيا ھئاسين. اُن دوران ڪاڪي وشنو گُپت ٻہ ٽي ڀيرا اوٻاسيون ڏنيون تہ ڏاڏيءَ مون ڏانھن غور سان ڏٺو. ھُن اھو محسوس ڪيو تہ ننڊ منھنجي نيڻن کان ڪوھين ڏُور آھي. ڪجھ سوچيندي ڪاڪي وشنو گُپت کان پڇيائين، ”پٽ وشنُو! اسرار کي ننڊ ڪونہ ٿي اچي، آئون ھن کي ڪراڙ جي ڪپ تي وٺي ٿي وڃان، تون ھلڻ چاھين تہ ھل، يا ڀلي آرام ڪر.“ڪاڪي وشنو گُپت ڏاڏيءَ کي چيو، ”امان! توھان ڀلي وڃو، مان وِشرام ڪندس.“ڏاڏِيءَ ڀُونگيءَ جو دروازو ٻيڪڙيو. منھنجو ھٿ پڪڙي، خالي خالي رستن تان مون کي ھٿ کان وٺِي وٺي ھلندي رھي. وڻندڙ ھوا گُھلي رھي ھئي. فضا ۾ رچيل ھئو يا منھنجا ڪن وڄِي رھيا ھئا پر ماحول ۾ لطيف سائينءَ جي راڳ جو ورلاپ محسوس ٿي رھيو ھئو. تنبُوري جي تار منھنجي من ۾ وڄي رھي ھئي. مون اڳ ۾ ڪڏھن اھڙو راڳ ڪونہ ٻُڌو ھئو. راڳ دوران فقيرن مان ڪنھن اچي مون کي مصريءَ جو سنگ ۽ چانھ جي پيالي ڏني ھئي. مون اُن وقت درگاھ جي دروازي ڏانھن نھاري شاھ لطيف سائينءَ کي چيو، ”مون کان تہ اڄ منھنجون ضرورتون وسري ويون ھيون، پر منھنجي کُٽل توانائي توھان محسوس ڪري ورتي ۽ مون ڏانھن چانھ ۽ مصري موڪلي آھي. مون کي پڪ ٿي وئي آھي تہ خدا جي لنگر وانگر خدا جي دوستن جو دسترخوان بہ ڪُشادو ئي ھوندو آھي.“ڏاڏِيءَ مون کي ڪراڙ جي ڪناري تي ويھاريندي چيو، ”1964ع ۾ تنھنجو پيءُ پھريون ڀيرو پنھنجي شھر کان ٻاھر نڪتو ھئو. ھڪڙو ڀيرو وشنوگپت جي ڪُٽنب سان گڏجي سوامي ستنام جي درشن لاءِ لاڙڪاڻي ويو ھئو ۽ ٻيو ڀيرو مون سان گڏ ھتي ڀٽ شاھ آيو ھئو. اُن وقت تنھنجو پيءُ لياقت علي تو جيترو ھئو، ۽ اسان ٻنھي ماءُ ۽ پٽ، ھتي ڪراڙ جي ڪپ تي سڄي رات گذاري ھئي. ٻانگ اچڻ کان پوءِ مان ھن کي وٺي درگاھ تي وئي ھئس. اسان ٻنھي گڏجي فجر جي نماز پڙھي ۽ پوءِ سج اڀرڻ تائين درگاھ جي چائنٺ وٽ ويٺا رھيا ھئاسين.“ ”ڪاش ! اڄ بہ بابا گڏ ھجي ھا.“”محسوس ڪرين تہ لياقت علي بہ اسان سان ھِتي گڏ آھي.“”مان ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳس تہ ڏاڏِيءَ مُرڪي چيو ھئو، ”دل جي اکين سان نظر ايندئي. انھن اکين سان تہ ماڻھو پنھنجو پاڻ کي بہ ڏِسي ناھي سگهندو.“ خاموشِيءَ جي ھڪ ننڍڙي وقفي کان پوءِ مون پڇيو ھئو، ”ڏاڏي! توھان کي گهر ياد ايندو آھي؟“”گهر نہ، گهر جا مڪين ياد ايندا آھن.“ پنھنجي نُنھن يعني تنھنجي ماءُ، ۽ سال کن جو ٿڃ پياڪ منھنجو پوٽڙو ، يعني تُون!…“”۽ ثمينہ توھان جي پوٽِي، منھنجي وڏي ڀيڻ ؟“ثمينہ بہ منھنجي لاءِ منھنجو ٻچو آھي، پر اھا منھنجي لياقت عليءَ جي ڌيءُ ناھي.“”ڇا مطلب ڏاڏِي؟ ثمينہ منھنجي ڀيڻ ناھي؟!“”اُھا رشتي ۾ تنھنجي پڦاٽ آھي، تنھنجي مرھيات پڦِيءَ رشيدہ جي ڌيءُ آھي، تنھنجي پيءُ ماءُ ثمينہ کي پاليو ھئو. ڇا ھُوءَ اڃان تائين توھان سان گڏ رھندي آھي؟“ مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ھئو.پر ساڳئي وقت حيرت ۾ پئجي ويو ھئس. سوچي رھيو ھئس تہ ان ڳالھ جي خبر مون کي ڇو ڪونہ ھئي تہ ثمينہ منھنجي سڳي ڀيڻ ناھي، پر پُڦِي رشيدہ جي ڌيءَ آھي.“ڏاڏِي چئي رھي ھئي، ”منھنجي ڏير رکيل جي ڌيءُ جا ٻہ ٻار ٿيا ھئا. ھڪڙو پُٽ ھئس جنھن جو نالو منظور رکيو ھئائين ۽ ٻي اھا ڇوڪري ثمينہ.“مان دل ۾ پنھنجو پاڻ کي چئي رھيو ھئس تہ: ”ڪيڏو نہ فرق ھئو ٻنھي ۾! ھڪڙي ثمينہ ھئي، جيڪا منھنجي لاءِ نہ رُڳو وڏي ڀيڻ ھئي، پر وڏو ڀاءُ بہ ھئي. مون سان ڏاڍو پيار ڪندي ھئي، ٻئي طرف سندس سڳو ڀاءُ منظور ھئو، جيڪو مون کي ڍيڍ سمجهي ڪنھن شاھ وانگر حقارت سان ڏسندو ھئو.“”تون سڄو پنھنجي پيءُ جھڙو آھين.“ ڏاڏيءَ مون کي سوچن ۾ گم ٿيڻ ڪونہ ڏنو. ھن وري چيو، ”مون اڄ لاکيڻي لطيف کي عرض ڪيو تہ تنھنجيءَ دل تي پنھنجي نگاھ ڪري تہ جيئن تون بہ پنھنجي پيءُ جھڙو گُڻائتو ٿين.“”منھنجي بابا جا گُڻ ٻڌايو ڏاڏِي امان.“”تنھنجي ماءُ، توکي تنھنجي پيءُ جون ڳالھيون ٻُڌائيندي تہ ھوندي.“”پنھنجي ماءُ کان تہ سدائين ٻُڌندو آھيان، اڄ پيءُ جي ماءُ کان ٻُڌڻ چاھيان ٿو.“ ڏاڏيءَ امان جي روشن روشن ويڪرين اکين ۾ نھاريندي پڇيو ھُئم، ”امان تہ اھو ٻڌائي چڪي آھي تہ منھنجو بابا ھڪ مُڙس ۽ پيءُ ڪيئن ھئو، پر ھُو پٽ ڪيئن ھئو، اِھو تہ توھان ئي ٻڌائيندئو نہ، ڏاڏي امان.“ ڏاڏِيءَ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پوءِ چوڻ لڳي، ھُو سپوت ھئو. ھن ٻئين درجي کان ڀٽائيءَ جا بيت پڙھڻ شروع ڪيا ھئا. اڪثر مون وٽ ويھندو ھئو. اسين ٻئي گڏجي رسالو کڻي مُرشد سائينءَ جا بيت پڙھندا ھئاسين. ”امان ٻڌائيندي آھي تہ ڏاڏا سدائين ، منھنجي بابا سان ناراض رھندو ھئو.“”رڳو ناراض؟! ھُو تہ پُٽ سان دشمن جھڙو سلوڪ ڪندو ھئو.“ڇو، ڪھڙا ڪارڻ ھئا؟“”ڪارڻ ھئو جھالت! بخشل جي دماغ ۾ فقط اوندھ ڀريل ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پھرين ھُو مسلم ليگ ۾ ھوندو ھئو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جيڪي ھندستان مان لڏي آيا، انھن جي سنگت ۾ مذھبي جماعت جو ميمبر ٿيو ھئو. ھن جي دماغ ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھوندي ھئي تہ مسلمان ئي دنيا تي حڪراني ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن، رُڳو اھي ئي جنت ۾ ويندا، جيڪي مسلمان ناھن اھي نجس ۽ ناپاڪ آھن، بنا پُڇاڻي جي دوزخ ۾ ويندا. سنڌ سان محبت ڪرڻ عصبيت آھي، گُناھ آھي. ھڪ ڏينھن دنيا جا سڀ مسلمان متحد ٿي ويندا ۽ سڄي دنيا تي دين جو غلبو ٿيندو.“ ڏاڏا جي انھن ڳالھين سان بابا اختلاف ڪندو ھئو ڇا؟“”نہ ڙي ٻچا! منھنجي لياقت عليءَ وٽ تہ اختلاف لاءِ وڏو احترام ھئو. بخشل کي ئي ھن جي ھر عمل تي اعتراض ھوندو ھئو. پاڙي ۾ گهڻا ئي گهر سناتن ڌرم وارن جا ھئا. لياقت عليءَ جي ڪلاس ۾ پنجٽيھ ٻار ھوندا ھئا جن مان اُوڻِيھ ٻار سناتني ھوندا ھئا.“”ڏاڏي امان ! سناتني ڪير ھوندا آھن؟“”پٽ ! جن کي ھندو سڏيو ويندو آھي، اُھي ئي سناتني آھن. لفظ ھندو تہ لفظ سنڌو جي بگڙيل شڪل آھي.“”معنيٰ جيئن ڪاڪو وشنو گپت ۽ پھلاج ھندو سمجهيا ۽ سڏيا وڃن ٿا، اُھي سناتني آھن؟“”ھا ٻچا! جن کي ھندو سڏيو وڃي ٿو، سي سناتني آھن. سناتني، ويدانتي ۽ اصلوڪا سنڌي بہ اُھي ئي آھن، اُھي ئي آمري، موھن جي دڙي، ھڙاپا ۽ گنڌارا تھذيب جا اصل وارث آھن.“”توھان کي اِھي ڳالھيون ڪيئن معلوم ٿيون؟“”ڇو، مان ڪا اڻ پڙھيل آھيان ڇا؟ مان پنج درجا اسڪول ۾ پڙھي ھئس. مان جڏھن ننڍي ھئس تہ قرآن ناظرہ پڙھيم، گڏوگڏ ڪلام پاڪ سڄو حفظ ڪيم، مون فارسي بہ پڙھي. گلستان، بوستان ۽ مثنوي بہ پڙھيم. ڀيرو مل مھرچند جا ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ھن جو ناول ’آنند سندريڪا بہ پڙھيم.اُن کان سواءِ سندس ٻيا ڪتاب، جن ۾ گرامر جو ڪتاب ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘، لاکيڻي لطيف جي سير سلوڪ تي لکيل ڪتاب ’لطيفي سير‘ بہ پڙھيم. سندن اھم ڪتابن ۾ ’موھن جو دڙو‘، ’سنڌي ھندن جي تاريخ‘ ۽ مُرشد لطيف تي لکيل ڪتاب ’غريب اللغات‘ بہ مون شاديءَ کان اڳ ۾ ئي پڙھي ڇڏيا ھئا. منھنجي ٿڃ جي تاثير ھئي، جو لياقت علي بہ پھرئين ٻئي درجي کان ڪتاب پڙھڻ لڳو ھئو.“ ”ڏاڏي امان! توھان ايتريون پڙھيل ھيون تہ پوءِ ماسترياڻي ٿيو ھا نہ؟“”اِن پاسي مون ڪڏھن سوچيو ئي ڪونہ، نہ وري ڪنھن اھڙي صلاح ڏني، پر جي مان ماسترياڻي ٿيان ھا تہ مان ڏاڍو چڱو پڙھايان ھا. اِن ڳالھ جو اندازو مون کي تڏھن ٿيو، جڏھن لياقت عليءَ کي مان شام جو گهر ۾ اسڪول مان مليل گهرُو ڪم ڪرائيندي ھئس.“”معنيٰ تہ توھان جھڙي سيبتي زال سان ڏاڏا فقط اِن ڪري ڪونہ ٺھندو ھئو، جو ھُو مذھب ۾ ٻُڏل ھوندو ھئو ۽ توھان مذھبن مان نڪتل.“ ”اڙي جاني پُٽ ! مان مذھب مان نڪتل ڪانہ ھئس، پر ڏاڏنھن وانگر ڦاٿل بہ ڪانہ ھئس. مان تہ زال ھئس، محڪوم ھئس، پنھنجي حاڪم جي برخلاف ڪيئن پئي ٿي سگهيس. مون ڪڏھن بہ پنھنجي مُڙس سان ڪوبہ اختلاف نہ رکيو. پر تنھنجو پيءُ لياقت علي ھڪ ٻيو انسان ھئو. ھوُ ننڍي ھوندي کان ئي دُوئي کان پاڪ ھئو. ھُو پنھنجي سناتني دوستن سان گڏ سڀ تھوار ملھائيندو ھئو. مڇي يا گوشت جي ڀيٽ ۾ ،دال ۽ ڀاڄي وڌيڪ کائيندو ھئو. کيس پاپڙ بہ وڻندا ھئا. پڻھس ان ڳالھ تي چڙندو ھئو، ھڪڙي ڀيري چيو ھئائين، ”ھن ڇوري ۾ واڻڪو رُوح ٿو وسي. ھن جا سڀ پرڪار واڻين جھڙا آھن، ھن کي ڪنھن واڻئي جي گهر ۾ ڄمڻ کپي ھا.“ پھرين ڀيرو تنھنجي پيءُ جواب ۾ ڳالھايو ھئو ، ” اسان جي گهٽِيءَ جو نالو لڇي رام گهِٽي آھي، سنڌ جا سڀ شھر ۽ رستا، اصل ۾ واڻين جا ئي ھئا. اسان جا ابا ڏاڏا تہ اھي واڻيا ئي ھئا. مان ڪنھن واڻئي جي گهر ۾ پيدا ٿيان ھا تہ گهٽ ۾ گهٽ اھو فخر تہ ھجي ھا تہ مان خالص سنڌي آھيان . “”پڻھس صفا تپي ويو ھئو، چيو ھئائين، ” پر ڄٽ جا پُٽ! سنڌ کي باب الاسلام ٿيڻو ھئو. محمد بن قاسم آيو ۽ ھُن سنڌ کي ھدايت جي نُور سان نوازيو. اسان ھتي شُودر ليکبا ھئاسين، ھتي ذات پات جو فرق رکيو ويندو ھئو. دِين جي اچڻ کان پوءِ اسان برابر جا انسان ٿي وياسين، ايتري تاريخ بہ ڪونہ پڙھي اٿئي؟“”تاريخ تہ اھو ٿي چئي تہ اھو پنڊت پڻو، پاپائيت ۽ مُلائيت تہ دنيا جي اڪثر خطن ۾ صدين کان ھلندا پيا اچن. بالفرض سنڌ ۾ بہ اھا بيماري ھئي ۽ ھتان جا ماڻھو برھمڻ ، کتري ۽ ويش کي ’سائين سائين‘ ڪندا ھئا تہ عربن جي اچڻ کان پوءِ ڪنھن شاھ، قريشي، فاروقي ۽ صديقي جا مُريد ٿي ويا، فرق تہ رھيو ڪونہ.“ڪُتي جا پُٽ! بڪواس ٿو ڪرين. اسان کي توحيد وارو دِين مليو، نہ تہ اسان مُشرڪ ۽ بُت پرست ھجون ھا، ھر مظھر کي، خدا سمجهون ھا ۽ ھر بُت جي اڳيان سجدہ ريز ھجون ھا.“”بابا! خدا ۽ سندس توحيد فقط ساڍا تيرنھن سو سال پراڻا آھن ڇا؟“”ڇا مطلب؟“”توحيد جو تصور توريت، زبور ۽ انجيل ۾ بہ ھئو. سنڌين جي لکيل ڪتابن ويدن ۾ ھئو. مون بہ تاريخ جا ڪتاب پڙھيا آھن انھن ۾ اھو ڄاڻايل آھي تہ ويدن جي سار تي جيڪي اُپنيشد لکيا ويا، انھن جي تعليم جا مکيہ مول متا ھئا ’برھم ست، جڳت مٿيا‘ اڪيلو رب ئي حق آھي، باقي سڀ ڪُوڙ آھي. اھڙا ھزارين منتر يا سھڻا سخن ٻِيا بہ آھن، جن ۾ خدا جي احديت ۽ وحدانيت جو ذڪر آھي. مثال طور اُپنيشدن ۾ مھا واڪيہ يعني ھڪڙو وڏو سچ ھِن ريت آھي تہ ’پرگيانم برھم‘ معنيٰ خدا ئي شعور آھي.“”ماٺ ڪر ٻانڀڻ جا پٽ! تون سڄو ڏينھن وشنو گُپت جي سنگت ۾ مندرن ۽ ٽِڪاڻن ۾ ٿو ويھين ۽ پنھنجو ايمان وڃائين. مان انھن واڻين کي سڃاڻان ٿو، اِھي وڏا مڪار ۽ منافق آھن، انھن جي ظلمن ۽ بدمعاشين جي ڪري تہ اسان مسلمانن پنھنجي لاءِ الڳ وطن ٺاھيو. ”۽ ھاڻي انھيءَ وطن تي ايوب خان جھڙا ظالم حڪمران آھن، جيڪي سنڌ جو نالو وٺڻ کي بہ ملڪ دشمني ٿا سمجهن. اسان مذھب جي نالي تي ٺڳجي وياسين بابا! اسان کان اسان جي سڃاڻپ ئي ڦرجي وئي.“ ”ڪُتي جا ڦر! ابي ڏاڏي جي دين کان ڦِري ويو آھين. ڪير ٿو تنھنجي ذھن ۾ اِھا ڪُفر ۽ الحاد جي ھوا ڀري؟ مون کي ايتري خبر آھي تہ تون وشنو گُپت جي سنگت ۾ پٽڙيءَ تان لھي ويو آھين. توکي قوم ۽ وطن سان پيار جي نالي ۾ تعصب ۽ عصبيت جي پٽي پڙھائي ٿي وڃي.“ ”وطن سان محبت عصبيت ناھي. حديث ۾ آھي تہ وطن جي حب، ايمان جو جُز آھي.“”خدا جي سموري زمين اسان جو وطن آھي.“ ڏاڏنھن رڙ ڪري چيو ھئو.لياقت عليءَ ڌيرج سان جواب ۾ وراڻيو ھئو، ” خدا جي ارضي خلافت جي ڏٽي ۾ اچي، ھزارين سالن کان جنھن ڌرتيءَ تي موجود آھيون، اُن کي پراون ماڻھن جي ملڪيت ۾ ڏئي ڇڏيوسين، ھاڻي اسان جي پيرن جي ھيٺان زمين تہ ڇا، پير ئي زمين تي ناھن رھيا. ڀلا توھان بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي عمرو تہ ڪري ڏيکاريو. مسلمان آھيو تہ سعودي عرب جا بادشاھ توھان کي جهل پل کان سواءِ اچڻ ڏين؟“ڏاڏنھن پنھنجي مُٺيون ڀڪوڙيندي، چپن کي چڪ ھڻندي چيو، ”ملڪ جو قانون ٻِي ڳالھ آھي، مذھب ٻي ڳالھ آھي. تون دين ۾ ڏنل برابري ڏس. حقيقي مساوات ڏسڻي اٿئي تہ مڪي وڃي ڏس، ڪعبي ۾ عربي عجمي ۽ ڪارو گورو سڀ برابر آھن.“”ويٽيڪن سٽي ۾ بہ ايئن ئي آھي، ڪاشي، مٿرا، ھنگلاج، دُئارڪا، کُنڀ، مشھد، ڪربلا، نجف، اولمپڪ گيمز ۾ غرض ھر ھنڌ ماڻھن جا ميڙاڪا ايئن ئي ٿيندا آھن. فقط ميلا ۽ ملھالا ڏسبا ۽ عقيدت ۾ جهُمريون ھڻبيون ڇا؟ ڏسڻو اھو آھي تہ ڇا قومون، مذھب جي بنياد تي ٺھنديون آھن، يا ڪن ٻين وصفن جي آڌار تي، مثال طور، ڌرتي، ٻولي، ثقافت، تاريخ، جاگرافيائي وحدت ۽ وسيلن جي ھڪجھڙائيءَ تي قومون سڃاتيون وينديون آھن.“”گهڻي ڄاڙِي نہ ھڻ، مارشل لا جو دور آھي، اھڙن باغيانہ، ڪافرانہ خيالن ۽ علحدگي پسند سوچن جي ڪري، مارجي ويندين، يا وري جيل ۾ پيو ھوندين. مان بہ مٿان شاھد ٿِي بيھندوسانءِ“اُن ويل وشنو گُپت جيڪو پڻھين جو دوست بہ ھئو تہ ڪلاسي بہ ھئو، گهر ۾ آيو ھئو ۽ سلام ڪيو ھئائين. ”وشنو گُپت کي سلام جي جواب ڏيڻ بدران، ڏاڏنھن ڪاوڙ ۾ نھاري چيو ھئس، ”ٽيوشن تي وٺي وڃجانس، ڪنھن ٽِڪاڻي تہ نہ وٺي وڃجانس. توھان واڻين اسان جي ڇوري کي دين ايمان مان ڪڍي ڇڏيو آھي.“”چاچا بخشل! ٽڪاڻن ۾ تہ مان پاڻ بہ چيٽيءَ چنڊ يا اشٽميءَ تي ويندو آھيان. مالڪ تہ ھر ھنڌ آھي، پوءِ ڇو ويٺا ڳولھيون مندرن ۽ مسجدن ۾.“”مسجد جو نالو نہ کڻ واڻيا! مسجد خدا جو گهر آھي. مندرن ۾ بُت ۽ مُورتيون ھونديون آھن.“ ”چاچا بخشل! اسان جي اسڪول جي ھر ڪلاس روم ۾ الائي ڪيترا فوٽو، مُورتيون ۽ چارٽ لڳل ھوندا آھن، سرسيد، علامہ اقبال، قائد اعظم، مولانا محمد علي جوھر، لياقت علي خان… ۽ الائي ڪھڙا ڪھڙا… اھي فوٽو ۽ ماڊل سکيا لاءِ ھوندا آھن، پُوڄا لاءِ ٿورئي ھوندا آھن.”پر توھان ھندو تہ بُتن جي پُوڄا ڪندا آھيو.“”چاچا بخشل! توھان تہ پاڪستان بہ پنھنجي اکين سان ٺھندي ڏٺو آھي، توھان اسان سناتن ڌرم وارن کي ھن ملڪ ٺھڻ کان اڳ بہ ڏٺو ھئو، ھاڻ بہ ڏسو پيا. تصوير، مورتي يا ڪو بُت ڪنھن فرد يا گروھ جي پيار جو انداز ۽ اظھار ٿي سگهي ٿو پر اسان جي مذھبي تعليم ۾ شامل ناھي. اسان بہ اڪيلي خُدا کي مڃيندا آھيون، باقي ديو ۽ ديويون، اسان لاءِ اھڙا محترم آھن، جيئن اوھان لاءِ اولياءَ ۽ نبي سڳورا. ڀلا دنيا ۾ ڪي بُت پرست ھُجن تہ ڀلي پيا ھُجن، ھنن جو دِين ھُنن سان. وري لطيف سائينءَ کي پڙھجي تہ ڳالھ ئي ڪجھ اور ٿي وڃي ٿي. سائينءَ فرمايو آھي:سچا سامِي سچا سندن پنڌ، هوت وسي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾. “کن پل ترسي وشنو گُپت وري چوڻ لڳو، ”بلڪل ايئن جيئن خدا تہ ھتي سنڌ ۾ بہ آھي، پر مسلمان مشھد يا مڪي مديني وڃن ٿا. ڇو؟ ھڪڙو ڪارڻ تہ ساڌنا ۽ پريم آھي، ٻيو ڪارڻ جهجهو ثواب ڪمائڻ آھي. ھر ڌرم جي پوئلڳ کي ساڌنا ۽ گهڻي پُڃ ڪمائڻ جو موھُ ھوندو آھي. بس اھو موھ ۽ محبت ماڻھوءَ کي سفر ۽ ڪشٽ ڪرائين ٿا، مورت ۽ صورت ۾ مبتلا ڪن ٿا. حق ھڪڙو ئي آھي پر ڳولھڻ لاءِ ھر ڪنھن جو مذھب پنٿ يا فرقو الڳ آھي، ڀلا توھان ئي ٻُڌايو تہ مسلمانن کي اللہ سائين پيدا ڪيو تہ ڇا غير مسلمان کي ڪنھن اھورا مزدا يا شري رام چندر پيدا ڪيو؟ نہ نِي؟ سڀني جو خالق ھڪڙو آھي. ھر ڪنھن ھُن کي پنھنجي انداز ۾ محسوس ڪيو ۽ پڪاريو آھي. جيڪڏھن ناراض نہ ٿيو تہ ھڪڙو عرض ڪيان… پنھنجي لاءِ ڪاري پٿر کي چُمڻ ۽ پٿر مان ٺھيل شيطان کي پٿريون ھڻڻ ثواب جو ڪم ڀلي سمجهو، پر ٻين جي پٿرن کي خراب سمجهڻ ڇڏي ڏيو. ”ڀاشڻ پُورو ٿيو؟ ڏاڏنھن ھڪدم وشنو گپت کان ڪاوڙ مان پڇيو ۽ پوءِ لياقت عليءَ کي اکيون ڏيکاريندي چيائين، ”کڻ ڪتابن جي بُجڪي ۽ وڃو ٽيوشن تي، واپس سڌو گهر اچجو، ھيڏانھن ھوڏانھن نُوس نُوس ڪرڻ نہ وڃجو. ڪالھ بہ سرائي عبدالمجيد ٻُڌايو پئي تہ تنھنجو پٽ مساڻ جي پاسي پيو ٿُڪون جهليندو آھي.“لياقت علي ويندي ويندي رُڪجي ويو، ھُو ھروڀرو گهڻو ڪونہ ڳالھائيندو ھئو، پر ان ڏينھن پيءُ جي انھن جملن تي پاڻ کي روڪي ڪونہ سگهيو، مُڙي پيءُ ڏي نھاري، ورندي ۾ چيو ھئائين،”مان اجايو ڪيڏانھن بہ ناھيان ويندو. اسان جي ڪلاسي ڀاون داس جي ڏاڏي سيٺ وشوا متر جو ديھانت ٿي ويو ھئو، ان جي ارٿيءَ سان مُڪتي ڌام ويو ھئس.“”وڃ!… ديھانت… مُڪتي ڌام… انھن لفظن جي معنيٰ بہ ايندي اٿئي…؟“ ڏاڏنھن ڇتڪُتائيءَ وچان چيو ھئو.“ لياقت عليءَ پيءُ جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو، ”ھا، معنيٰ ايندي اٿم، توھان پڇو، ڪھڙي ٻوليءَ ۾ ان جو مفھوم ٻڌايانوَ؟ عربيءَ ۾ چئبو آھي قرافہ، مدفن ، مقابر، جبانہ، فارسيءَ ۾ گورآباد، قبرستان ۽ انگريزيءَ ۾ ان کي سيمينٽري، نيڪروپوليس، بريئل گرائونڊ ۽ گريويارڊ چيو ويندو آھي… ھونئن لفظ مُڪتي ڌام جو ڪو سُٺو نعم البدل ڪونھي. ڇوتہ مُڪتي معنيٰ نجات، ڇوٽڪارو ۽ ڌام جي معنيٰ آھي متبرڪ جاءِ…“ تنھنجو ڏاڏو دوڏا ڦاڙي ڦاڙي لياقت عليءَ کي نھاريندو رھيو. لياقت علي ڪتابن جو ٿيلھو کڻي وشنو گُپت سان گڏ ٽيوشن لاءِ نڪري ويو. ھنن جي وڃڻ کان پوءِ تنھنجي ڏاڏي ڏند ڪرٽيندي چيو ھئو، اسرارالحق جو دماغ وشنو گُپت ٿو خراب ڪري، مون کي ھاڻ اسرارالحق کي وشنو گپت کان ڌار ڪرڻو پوندو.“مان دل ۾ سوچي رھي ھئس تہ ’وشنوءَ کي گُپت کان، حق کي اسرار کان ٻاھر تہ ڏسي سگهجي ٿو، پر ٻنھي کي ھڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟“مون کي ڏاڏيءَ جون ڳالھيون ٻُڌي سڪون ۽ قرار ملي رھيو ھئو. منھنجي من ۾ اھا خواھش پيدا ٿي رھي ھئي تہ ڪاش اڄوڪي رات ڊگھي ٿي وڃي ءُ مان ڏاڏيءَ کي ٻُڌندو رھان. ڏاڏِيءَ مون کان پڇيو، ”ٿڪو تہ ناھين؟“مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيو، ”نہ ڏاڏي امان! مون لاءِ تہ اڄوڪي رات زندگيءَ جي يادگار رات آھي.“”صفا پيءُ وانگر ٿو ڳالھائين. تنھنجو پيءُ ڏاڍو ڏاھو ھئو. جيڪي ڪتاب پڙھندو ھئو، اھي ھن کي برزبان ياد ھوندا ھئا. ھن کي لکڻ جي ھير پئي ھئي. ستن سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڊائري لکڻ شروع ڪئي ھئائين.“”اھي ڊائريون ڪيڏانھن ويون، ڏاڏي امان؟“”ماءُ کان پڇجانءِ، متان اُن کي خبر ھجي. پر لياقت عليءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس ھر شيءِ تنھنجي ڏاڏي بخشل کڻي ورتي ھئي، جيڪڏھن ھن اھي ڊائريون ڪيڏانھن گُم ناھن ڪيون تہ اڃان تائين سندس ئي قبضي ۾ ھُونديون.“ ”ڪيتريون ڊائريون ھونديون؟“جيستائين مون کي ياد آھي تہ ھن 1959ع کان ڊائري لکڻ شروع ڪئي تنھنجي ڄمڻ تائين يعني 1970 تائين ھو لکندو رھيو. دڪاندار جن ڪتابن ۾ کنڌي جو حساب ڪتاب ۽ پنھنجا کاتا وغيرہ لکندا آھن اوھڙن وڏن ڊگھن نوٽ بوڪن ۾ لکندو ھئو. سنڌي، ھجري ۽ انگريزي تاريخون ۽ ڏينھن ھٿ سان لکندو ھئو.“ ڏاڏِي اھو ٻڌائي ڪجھ سوچڻ لڳي ۽ پوءِ پڇيائين، بُک لڳئي تہ ٻڌائجانءِ، منھنجي ڀُونگيءَ ۾ مٺو لولو رکيل آھي. ھالا جو لولو ڏاڍو مشھور آھي.“”نہ ڏاڏِي امان، مون کي ڪجھ نہ کپي، مون کي توھان سان ڪچھريءَ ۾ ئي سڪون ٿو ملي.“”تون ڳالھائين ٿو تہ لڳيم ٿو ڄڻ منھنجو لياقت علي منھنجي سامھون ويٺو آھي. “”ڏاڏِي امان! مون بابا کي تہ ڪونہ ڏٺو ھئو، پر مون کي لڳي ٿو تہ بابا توھان جھڙو ئي ھوندو.“”مُون جھڙو ڪونہ ھئو، بلڪہ ھُو ڪنھن جھڙو بہ ڪونہ ھئو. ھُو تہ بس يگانو ھئو. ٻين ماڻھن کان مختلف ھئو. ڀائيان ٿي تہ گهڻو ڪري 1968ع وارو سال ھئو. تنھنجي ڏاڏا جي ڀائٽي رشيدہ جو مڙس مري ويو. رشيدہ صدمو سھي ڪانہ سگهي، اھا بہ ٽِيجھي تي گذاري وئي. ھن جا ٻئي ٻار منظور ۽ ثمينہ يتيم ٿي ويا. غُربت جو زمانو ھئو. ھر ڪو ذميواري کڻڻ کان پيو ڪِيٻائي. اوري پري جي مائٽن گڏجي فيصلو ڪيو تہ ھڪڙو ٻار ناناڻا پالين تہ ٻيو ڏاڏاڻا پالين. ايئن ڇوڪرو منظور تہ پنھنجي ڏاڏاڻن کڻي ورتو، ناناڻن مان ڪوبہ ثمينہ کي کڻڻ لاءِ تيار ڪونہ ھئو. تنھنجي پيءُ لياقت عليءَ جي اڃان شادي بہ ٿيل ڪونہ ھئي. سورنھن يا سترنھن سالن جو مس ھوندو. ڀريءَ ڪچھريءَ ۾ ھڪدم اُٿي بيٺو چيائين، ڇوڪري! مون کي ڏيو، مان ھن کي ڌيءُ وانگر پاليندس.“ ايئن ھُو ثمينہ کي گهر کڻي آيو. ان وقت ثمينہ ٻن مھينن جي مس ھئي. ”بابا جي ان فيصلي تي ڏاڏا جو ڪھڙو ردعمل ھئو؟“”تنھنجي ڏاڏا بخشل کي تنھنجي پيءُ جو ھيءُ فيصلو گهڻو ڪونہ وڻيو ھئو، پر پنھنجي ڀائٽيءَ جي يتيم ڇوڪريءَ جي پالڻ کان منع بہ نہ پئي ڪري سگهيو. ٻيو تہ لياقت عليءَ جي شادي ڪرائڻ جو بہ سوچي ويٺو ھئو. لياقت علي جنھن کي شاديءَ جو شوق ڪونہ ھئو، سو ان ڳالھ کان پوءِ پيءُ جي دٻاءَ ۾ اچي ويو ۽ شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو.“ ”امان ان فيصلي تي راضي ھئي؟“ڏاڏي مُرڪي پئي چوڻ لڳي، ”درويش! پڻھين جي، ماڻھين سان اڃان شادي ڪٿي ٿي ھئي.“ ھنن جي شادي تہ 1969ع ۾ ٿي. ٻئي سال تون پيدا ٿئين.“پنھنجي پاڻ تي افسوس ۾ مُبتلا ٿيڻ لڳس تہ مان بابا لاءِ ڀاڳ وارو ثابت ڪونہ ثابت ٿيس. ڏاڏيءَ مون کي ٻانھن مان لوڏي چيو، ”تنھنجي چھري تي مِڙِي آيل ملال محسوس ڪرائي ٿو تہ تون پاڻ کي پيءُ جي نصيب جو ذميوار پيو سمجهين.“ ”ھا، ڏاڏي امان.“”ھن جي ذميواري ايتري ئي ھئي جو، ھُو تنھنجي آمد جو وسيلو بڻجي…“ مون کي ڏاڏيءَ جي ڳالھ ڪونہ آئڙِي.مون ڏک وچان سوچيو: ”ڇا منھنجي پيءُ جي ذميواري ايتري ھئي جو مان پيدا ٿيان ۽ پوءِ ھُو مون کي يتيم ڪري ھليو وڃي!“ڏاڏيءَ جون نظرون ڏاڍيون اُونھيون ھيون، منھنجي اندر ۾ پکڙجندڙ اُداسِيءَ کي محسوس ڪري ورتو ھئائين. شفقت ۽ پاٻوھ سان ڏسندي ڪجھ چوڻ لڳي ھئي، پر ان کان اڳ ۾ ئي مون ھڪدم سوال پڇيو، ”ڏاڏي امان! توھان گهر ڇو ڇڏيو؟“ڏاڏِيءَ جي چھري تي ڪرب ۽ اذيت جو ھڪڙو تاثر اُڀريو. ھن ھڪ ڊگهو شُوڪارو ڀريو ۽ پوءِ اُڀ ۾ نھارڻ لڳي. ڪيتري دير تائين ماٺ رھڻ کان پوءِ نھايت ڳنڀير انداز ۾ چيائين، ”لياقت عليءَ جي چاليھي جي ٽئين يا چوٿين ڏينھن تي، سانجھيءَ کان پوءِ تنھنجي ڏاڏي بخشل سان ملڻ لاءِ ٻہ ماڻھو آيا ھئا. مان چانھ بسڪوٽ ڏيڻ لاءِ گهر جي اندران بيٺڪ ڏانھن کُلندڙ دروازي تي پھتس ۽ ڪڙو کڙڪائڻ واري ھئس تہ اندر تنھنجي ڏاڏي بخشل ۽ انھن مھمانن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ ڪنن تي پئي ھئم. منھنجا حواس ئي خطا ٿي ويا.مھمان ويا ھليا تہ بخشل ڪمري ۾ آيو. مون کيس چيو تہ مون سندس ۽ اڄ جيڪي ماڻھو بيٺڪ ۾ آيا ھئا، انھن جون ڳالھيون ٻڌيون آھن، جن مان مون کي معلوم ٿيو آھي تہ وشنو گُپت ۽ لياقت عليءَ کان ڦُر ڪرڻ وارن بدمعاشن کي تو ئي موڪليو ھئو. ان ڪم لاءِ تو ڪجھ پئسا اڳواٽ ڏنا ھئا ۽ ڪجھ پئسن جو واعدو ڪري تو اھا تاڪيد ڪئي ھئن تہ اغوا ۽ ڦر جي واردات جو تاثر ڏئي، وشنو گُپت کي قتل ڪرڻو آھي. ڀاڙي تي ڪم ڪندڙ اھي رھزن اڄ تو کان پنھنجا بقايا پئسا وٺڻ آيا ھئا تہ تو کين چيو تہ جنھن کي مارڻو ھئو، سو تہ بچي ويو، مُرڳو منھنجو پٽ ئي مارجي ويو، ھاڻي ڇا لاءِ بقايا پئسا ڏيان.“بخشل پھرين تہ وائڙو ٿي ويو ۽ ھن جي زبان منجھان ڪو اکر بہ نہ پيو اُڪلي، پر پوءِ يڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين. ڌمڪيون ۽ گاريون ڏئي، خاموش رھڻ لاءِ زور ڀريندو رھيو. مون ھن کي چيو تہ ”آکاڻين ۾ پڙھيو ھئو تہ گرڙ پکي، بُک ۾ انڌو ٿيندو آھي تہ پنھنجا ئي ٻچا کائي ڇڏيندو آھي، تون اھڙو ڪَنگُ آھين، جنھن ڀِڀُ ڀريل ھجڻ جي باوجود اولاد ڳڙڪائي ڇڏيو؟“جواب ۾ ھُو ايوب خان جي ٻوڙي پوليس بڻجي مون کي ڌڪ ھڻڻ لاءِ اُلرون ڪندي اڳتي وڌيو. مون ۾ الائي ڪٿان جرئت اچي وئي ۽ ھڪل ڪندي چيومانس، ”خبردار بخشل! اڄ مون تي ھٿ نہ کڻجانءِ. مان پنھنجي مجازي خدا جا پادر کائيندي ھئس، پنھنجي اولاد جي قاتل جو اکر بہ برداشت نہ ڪنديس.“بخشل جتي ھئو، اتي ئي بيھي رھيو. ڪجھ دير خاموش رھيو پر پوءِ ھڪدم ڪچيون ڪچيون گاريون ڏيڻ لڳو ۽ چيائين، ”ٺيڪ آھي. جهيڙو تہ جهيڙو ئي سھي. توکي جيڪو ڪرڻو آھي، سو پئي ڪجانءِ، پوليس ڪورٽون ٿاڻا سڀ کُليا پيا اٿئي. باقي مان توکي ھن ئي وقت طلاق ٿو ڏيان. نِڪر منھنجي گهر مان، شڪل گُم ڪر، جيڏانھن جي آھين تيڏانھن وڃي مَرُ.“اھو ٻڌائي ڏاڏِي ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي وئي. منھنجي طرف نھاريندي پڇيائين، ”روئين پيو؟“مون محسوس ڪيو تہ منھنجا لُڙڪ وھي رھيا ھئا. مون اکيون اُگهيون ۽ چيو ھئم، ”امان ٻُڌائيندي آھي تہ توھان جا ڀائر ۽ ڀائيٽيا، توھان جون ڀيڻون ۽ ڀاڻج سڀ امير ماڻھُو آھن، توھان پنھنجي مٽن مائٽن ڏانھن وڃڻ بدران، ھتي ڀٽ شاھ ڇو اچي ويون؟ پراون گهرن ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟“ عورت جي اميري پنھنجي گهر، ور ۽ ٻچن سان ھوندي آھي. منھنجو جوان پُٽ ھليو ويو. مُڙس طلاق ڏئي ڇڏي، مون وٽ بچيو ڇا ھئو، جنھن تي ناز ڪرڻ لاءِ نعمتون گهُران ھا؟“”پوءِ بہ ھتي ڀٽ شاھ ۾ غريباڻي زندگيءَ کان مائٽن ۾ وڌيڪ سُک سان ھجو ھا.“” عاشقن جي در جي فقيري نصيب وارن کي ملندي آھي. رھيو سوال سک جو تہ، سُک ملندو ئي سڀ ڪجھ تياڳڻ سان آھي.“اُن وقت پري کان فجر جي آذان جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو ھئو. ”ھل تہ ھاڻي ھلون ، توکي اُڃ لڳي ھوندي، ھالن جو اسپيشل لولو بہ ھلي کاءُ، پوءِ ٿورڙي دير ننڊ ڪر، سڀاڻي وري سُجھندي ۾ واپس پنھنجي شھر بہ وڃڻو اٿئي.“ ايئن چئي، ڏاڏي اٿي بيٺي ھئي. ڏھين وڳي ڌاري لطيف سائينءَ جي روضي جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏِيءَ کان موڪلايو ھئم. ڪاڪي وِشنو گُپت سان گڏجي مان واپس پنھنجي ماڳ ڏانھن موٽيو ھئس. گهر پھچڻ شرط ئي امان کي چيو ھئم تہ، ”مون کي منھنجي بابا جي رکرايل اُھا امانت ڏئي، جيڪا گهران نڪرڻ مھل، ڏاڏي کيس رئي جي پلئہ ۾ ٻڌي ڏئي وئي ھئي.“ امان مون ڏانھن حيران ٿي ڏٺو، ٻئي لمحي سندس چھري تي اطمينان جي ھڪ لھر پکڙجي وئي. الماري کولي، ان ۾ رکيل زيورن واري ننڍڙي پيتي ڪڍيائين. پيتيءَ ۾ جنھن ٽِري تي زيور رکيل ھئا، ان جي ھيٺئين طبقي مان جيڪو ڄڻ ڪو خفيہ خانو ھئو، پوليٿين جھڙي شِيٽ ۾ ويڙھيل ڪاغذن جي ٿَھِي ڪڍي ڏيندي چيائين، ”ڪاغذن جي وڃائجي وڃڻ يا ضايع ٿي وڃڻ جو ڊپ ھئو، تنھن ڪري مون انھن ڪاغذن کي، زرگر کان آرڪائيول پلاسٽڪ ۾ ويڙھائي سانڍي رکيو ھئو.“ مون کي امان تي ڏاڍو پيار آيو، مون سندس ھٿ چميا ھئا، اڪيلائيءَ ۾ ويھي وڏي احتياط سان تيرنھن سال اڳ، تھ ڪري ويڙھيل ڪاغذ کولي سڌا ڪيم. پنن کي ترتيب مطابق رکيم. ھيءُ ھڪڙي پيءُ جو پنھنجي نئين ڄاول پُٽ ڏانھن لکيل خط ھئو. ان خط ۾ لکيل ھئو: ”لطيف سائين فرمائين ٿا: ’لھرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.‘ پيارا اسراالحَق! منھنجي دعا آھي تہ تون تُرت جسماني ۽ فڪري لحاظ کان وڏو ٿِين. مان تو لاءِ ھيءُ خط لکان پيو، جيئرو ھوندس ۽ توکي ھن خط جي لائق سمجهيم تہ دست بَدست ڏيندوسانءِ، نہ تہ ھيءُ خط امانت طور ڪنھن کي ڏئي ويندس، پڪ اٿم تہ قدرت توکي لائق بڻائيندي ۽ تو تائين ھيءُ خط بہ پھچي ويندو. منھنجا پُٽ! مون جنھن ماحول ۾ اک کولي، ان ۾ مون اڪثر ماڻھن کي شرڪ جي خلاف ڳالھائيندي ٻُڌو آھي، پر انھن ئي ماڻھن کي شرڪ ۾ ٻُڏل ڏٺو اٿم، ھُو خُدا کي فقط پنھنجو سمجهندا آھن، اصل ۾اھو ئي شرڪ آھي. ممڪن آھي تہ تون جڏھن وڏڙو ٿِين تہ پنھنجي آس پاس اھڙي سوچ نہ پائين، پر مون تاريخ پڙھي آھي، تنھنڪري ان جي اک سان ڏسي رھيو آھيان تہ انسان مذھب جي جنون ۾ گهڻي خونريزي ڪندو، خاص طور ننڍي کنڊ ۾، جتي وڏي اوندھ آھي، سو عين ممڪن آھي تہ تنھنجي زماني ۾ بہ مذھبي ڪٽرپڻو اڃان بہ وڌيڪ ھجي. منھنجا اسرار الحق! 1964 ۾ ھڪ ڏينھن مان پنھنجي دوست وشنو گُپت جي فيملي سان گڏ لاڙڪاڻي ويو ھئس. اتي، ھڪڙي سواميءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو اسان جي ئي شھر جو ھئو، منھنجي ڄمڻ واري سال 1951ع ۾ سنڌ ڇڏي، آمريڪا لڏي ويو ھئو، اُتي ھن ويدانتي سوسائٽي برپا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار اسا ڪيو ھئو. ھن کوڙ ڪتاب لکيا ھئا. لاڙڪاڻي ۾ ھن جي درشن پائڻ ۽ سندس ست سنگ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو اچي ڳاھٽ ٿيا ھئا. سوين ماڻھن ۾ مان بہ ھئس. اُپديش دوران ھن مون ڏانھن بار بار پئي ڏٺو. ست سنگ جي سماپت ٿيڻ کان پوءِ ھن ھڪ الڳ بيٺڪ ڪئي، جنھن ۾ اسان ٻارن کي آڏو ويھاري ويو ھئو. سواميءَ اوچتو مون ڏي ڏي نھاريو ھئو ۽ پوءِ مُشڪيو ھئو. ھٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانھن ويجهو اچڻ لاءِ سڏيو ھئائين. مان سندس ڀر ۾ وڃي بيٺس، چيائين”مون سمجهيو تہ تون منھنجي وِيچار پرڪريا آھين، پر تون تہ استت آھين.“مون کي سمجھ ۾ ڪونہ آيو تہ مون کي جواب ۾ ڇا چوڻ گهرجي. سواميءَ وري چيو، ”مون توکي سپني ۾ ڏٺو ھئو، تون ھڪڙي مھاتما جي آڱر جهلي بيٺو ھئين، تو ڏانھن اشارو ڪري چيائين، ”منھنجي ھن سُپتر کي منھنجي آسيس ڏجانءِ، ھن کي ننڍڙي ڄمار ۾ ڪي وڏا ڪم ڪرڻا آھن، کيس پاڻ سُڃاڻڻ ۾ سھيوڳ ۽ سھائتا ڏجانءِ.“ منھنجي دوست وشنو گُپت جو پيءُ ڪاڪا تيرٿ بہ اُتي موجود ھئا. ڪاڪا تيرٿ حيرانيءَ مان مون ڏانھن ڏٺو ھئو، ۽ پوءِ سواميءَ کي چيائين، ”مھراج! ھيءُ ٻالڪ مسلمان آھي.“سوامي پنھنجي وڏين وڏين ۽ گهرين اکين سان ڪاڪا تيرٿ ڏانھن نھاري چيو ھئو، ”ڪيڏا ڪيرتن ڪرين ٿو، پوءِ بہ دُئيتا واد آھين، ھِن ۾ ايشور ڇو نہ ٿو ڏسين؟“ سوامي اُٿي بيٺو، منھنجي ھٿ کي ڏاڍي پاٻوھ سان پنھنجي ھٿ ۾ جهلي، سڀني ماڻھن کان الڳ ھڪڙي بيٺڪ جھڙي ڪمري ۾ وٺي آيو. مون سان گڏ ھيٺ پلٿي ھڻي ويٺو ۽ چيائين، ”ٻالڪ! پنھنجي پُرکن جو اتھاس پڙھجانءِ. تنھنجي لِلاٽ تي لکيل آھي تہ تو ۾ سوارٿ ناھي. ھاڻي ڪَنُ منھنجي ويجهو ڪر، ڪجھ رھس ٻُڌايانءِ ٿو. پنھنجي پاڻ تائين رکجانءِ ۽ جڏھن سڀاويڪ سمجهين تہ پنھنجي پيڙھيءَ کي ٻڌائجان، پر اِھو ضرور ياد رکجانءِ تہ رھس، ھر ھِردي لاءِ ناھن ھوندا.“ پوءِ سواميءَ منھنجي مٿي تي پيار سان ھٿ گهمايو، مون کي پيشانيءَ تي چُمي ڏني ھئي. مون سندس پيرن تي ھٿ رکيا ۽ ھن مون کي دعائون ڏنيون ھيون. منھنجا مٺا پُٽ اسرارالحق! مون کي ڪيترين ئي موقعن تي اِھي اشارا مليا آھن تہ منھنجي ڄمار ٿوري آھي، سو مون کي ورھين جو ڪم، ھفتن ۾ ڪرڻو آھي. مون کوجنا شروع ڪئي آھي. مون پنھنجي وڏڙن جي تاريخ جا پيرا کنيا آھن. تنھنجي لاءِ ھيءُ خط لکڻ بہ انھن ڪمن ۾ ھڪڙو ڪم شامل ھئو. ھر لکت پنھنجي سمئہ تي پڌري ٿيندي آھي، سو ھيءُ خط بہ تو تائين تڏھن پھچندو، جڏھن ان ڳالھ جو صحيح وقت ايندو.منھنجا پٽ اسرار! منھنجو دوست وشنو گُپت ولاساڻي آھي، ھُو ولاس جي پيڙھي آھي. اسان جي ذات لکاڻي ھُئي جو اسين لکاڻي جو اولاد ھُئاسين، لکاڻو ۽ ولاس ٻئي ھڪڙي پيءُ جا پُٽ ھئا. لکاني جي ٽين يا چوٿين پيڙھي مسلمان ٿي ھئي، جنھن کان پوءِ سندس اولاد يعني اسان جا وڏڙا ڪلھوڙن جي ڪنھن ڳوٺ جي پاسي ۾ وڃي رھيا. پھرين پاڻ کي ڪلھوڙا سڏرائيندا ھُئا، بعد ۾ زماني جي چلت ڏِسي پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. ڏسجي تہ وشنُو گُپت ۽ اسان جو ڪُٽنب پاڻ ۾ سوٽاڻا سوٽ آھن. ۽ لڳ ڀڳ اھا ئي ڪھاڻي سڄي سنڌ جي اٿئي. ڪي خوشيءَ سان سان تہ ڪي وقت جي جبر ھيٺ مذھب ڇڏي ويا. ڌرم ڇا ڌار ٿيا، رت کي باھ لڳي وئي. سنڌ واسي تہ سڀ ھڪڙو ڪُٽنب آھن يا ايئن سمجھ تہ سوٽاڻا سوٽ آھن، پر ھاڻي ھڪ ٻئي کان الڳ آھن. ھتي سنڌ ۾ ئي اھي ڪتاب لکيا ويا، جن کي ويد سڏجي ٿو، انھن ڪتابن کي وڏا وڏا ماھر ۽ عالم، دنيا جا قديم ڪتاب مڃين ٿا. انھن ڪتابن ۾ اَدُئيتا (ھيڪڙائي) بيان ڪيل آھي، جنھن جو مول متو ھيءُ آھي تہ خدا اڪيلو آھي، ھُو ئي حق سچ آھي، جيڪو بہ جيو آھي، سو آتما آھي ۽ آتما ئي برھم آھي. معنيٰ تہ انسان، خدا ناھي، پر خدا کان جُدا ناھي.منھنجا پٽ اسرار الحَق! سنڌ جو ڏوھ، اھو آھي جو ھيءَ ديس، خدا جي مخلوق سان پريم ڪندڙن جو ديس ھئو، ھتي خوشحالي ھئي. ان ڪري، ڦورن ۽ لُٽيرن لاءِ سدائين سڻڀو ۽ سولو لُقمو رھيو. ھن ديس تي ڪاھون ۽ چڙھايون ڪيون ويون. انھن عذابن کان وڏو عذاب اھو تہ اسان جي وڏڙن انھن حملہ آورن جي ظلم کان بچڻ لاءِ پنھنجو مذھب ڇڏي، سندن مذھب کي اختيار ڪيو. اھو سلسلو ھلندو رھيو. 1843ع ۾ انگريزن اچي قبضو ڪيو. انگريزن 104 ورھين تائين پنھنجو تسلط قائم رکيو. انھن جي ’ورھايو ۽ راڄ ڪريو‘ واريءَ پاليسي سان اڃان بہ وڌيڪ وِيڇا پيدا ٿيا. 1947ع کان پوءِ مُلڪ ٺھيا، ماڻھُو ورھائجي ويا.. ھزارين سالن کان دنيا کي علم ۽ ڏاھپ ڏيندڙ سنڌ جي اصل باشندن کي ڌرتي بہ ڇڏڻي پئي. سوين ڪُٽنب پنھنجي مِٽِيءَ جي مھڪ کان محروم ڪيا ويا. منھنجي دوست ۽ سوٽاڻي سوٽ وشنو گُپت ۽ ان جي ڪُٽنب جھڙا سوين ھزارين سنڌي اھڙا ھئا، جن اڄ تائين نہ ڌرم ڇڏيو، نہ ئي ڌرتي ڇڏي، منھنجو انھن کي سلام آھي!منھنجا مٺا پٽ! ھن ملڪ ٺھڻ کان پوءِ يعني گذريل ٻن ڏھاڪن کان سنڌين سان اڪثر ناانصافيون ۽ بي واجبيون، مذھب جي نالي تي ٿيون آھن. سنڌين کي غير مُھذب اڻ سڌريل، نااھل، ڄٽ چيو ويو، کين ڪڏھن ڪافر ۽ ڪافرن جو اولاد سڏيو ويو آھي، ڪڏھن ڪميونسٽن ۽ انڊيا جو ايجنٽ ۽ غدار قرار ڏنو ويو آھي. ھاڻي، ھن وقت اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي مسلمانن سان بہ ساڳي اسان جھڙي حالت آھي، ھنن جي مٿان ڌاري ٻولي ۽ سمرتيءَ کي مڙھيو ويو آھي. اسان جي پيڙھيءَ کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي آھي تہ دين جي نالي تي اسان کان اسان جو سڀ ڪجھ کسيو پيو وڃي. اسان کي چيو وڃي ٿو تہ بنو اميہ جي خليفن ھتي ھڪڙي غازي ابن قاسم کي موڪليو، جنھن ھتي دِين پکيڙيو. پر اھو ڪڏھن بہ نہ ٻڌائيندا تہ ھي بنو اميہ جو خاندان ئي ھئو، جنھن فقط پاءُ صدي اڳ نبي سائينءَ جي ڏوھٽي ۽ سندس سڄي خاندان کي ڪربلا ۾ بي درديءَ سان ڪُھي ڇڏيو ھئو. ظالمن کي دين جو مجاھد بڻائي پيش ڪيو ويو. حجاج بن يُوسف جنھن سنڌ تي ڪاھ ڪرائي ھئي، وقت جي خليفي کان سنڌ تي حملو ڪرڻ جي اجازت ان وعدي تي حاصل ڪئي تہ فوج ڪشيءَ تي ايندڙ خرچ کان اَٺُوڻ تي وڌيڪ مال ، خليفي جي خزاني ۾ جمع ڪندس. ڇا ھُن سنڌ ۾ دين ڦھلائڻ پئي چاھيو؟ ھن کي تہ خُود مُسلم تاريخدانن سفاڪ، رھزن ۽ ڪعبي کي رت سان وھنجاريندڙ، سوين عورتن جي عصمت دري ڪندڙ ۽ لکين ماڻھن جو قاتل ڪوٺيو آھي. ھُن جي ڀائٽيَي محمد بن قاسم جنھن سنڌ جون نياڻيون کڻي خليفي جي خدمت ۾ پھچايون، ان کي اسان جو ھيرو ۽ دين جو مجاھد بڻايو ويو . ۽ سنڌي ماڻھن کي بُت پرست، ڪافر مُشرڪ ۽ سامونڊي ڌاڙيل سڏيو ويو. اسان جي درسي ڪتابن ۾ پڙھايو وڃي ٿو تہ سنڌ ۾ ذات پات جو نظام ھئو، ڪي ماڻھو گهٽ ذات وارا سمجهيا ويندا ھئا، ھِتي وڏي سماجي ناانصافي ھئي. پُٽ! سماجي نانصافي تہ ھر خطي ۾ ھوندي آھي، ڀلا ڇا ھن دور ۾ امير ۽ غريب، سيد ۽ غير سيد ساڳيءَ کٽ تي ويھن ٿا؟ عام تہ اڄ بہ اُھو ئي پٽ تي ويٺو آھي، ڌرم بدلائڻ کان پوءِ بہ ھتان جا ڌِڱَ ڌُوڙ ۾ ئي رھيا، آسمان جا ستارا ٿِي نہ سگهيا. سڄي دنيا ۾ جيڪا نانصافي آھي اھا پاپائيت، پنڊت پڻي ۽ مُلائيت جي ڪري آھي، انھن عذابن خلاف سجاڳي تہ ھر سماج ۾ اتان جا ماڻھو آڻيندا، اُن جو حق ڪنھن حجاج ۽ ابن قاسم کي ڪنھن ڏنو؟منھنجا اسرارالحق! خط مڪمل ڪندي مان پنھنجي سموري ڳالھ ھڪ جملي ۾ سھيڙيندس تہ ويدن جي تعليم ۽ الھامي ڪتابن جو مغز، توکي شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي ڪلام مان ملندو.آخر ۾ تو کان ھڪڙو سوال ڪيان تہ اي منھنجا پٽ اسرار الحق! مان سڀاڻي مري وڃان ۽ تون منھنجي خيالن ۽ فڪر کي نہ مڃيندو ھجين تہ ڇا تُون پنھنجي اولاد کي اھا اجازت ڏيندين تہ اھو مون کي گاريون ڏئي، مون کي ناپاڪ، نجس ۽ ڪافر ڪوٺي؟ منھنجي خيال ۾ تون ايئن ڪڏھن بہ ڪونہ چاھيندين.مان توکي وصيعت ٿو ڪيان تہ سنڌ واسين کي چئجانءِ سمجهائجانءِ تہ پنھنجي ابي ڏاڏاي جي ابن ڏاڏن کي گاريون ڏيڻ بند ڪيو، اسان سنڌين جا پيئر، اسان جا وڏڙا ھڪ عظيم تھذيب جا وارث ھئا، ھنن کي خدا جي احديت جي معرفت سڄِيءَ دنيا کان آڳاٽِي نصيب ٿي ھئي، سا بہ تڏھن، جڏھن باقي دنيا جون تھذيبون اڃان نِسريون ئي نہ ھيون. اھو سڀ ڪجھ قديم ڪتابن ۾ درج ٿيل آھي، ھنن کي چئجانءِ تہ تاريخ ضرور پڙھن ۽ کين اھو بہ ٻُڌائجانءِ تہ شاھ لطيف کي ويراڳي، کاھوڙِي، سامي، سنياسي ۽ جوڳي پنھنجا جيءَ جيئارا ۽ دل وارا لڳندا ھئا، جيڪي مسلمان نہ ھئا. اسرار! سنڌ کي مذھبي ڪٽر پڻي کان آجو ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين کي ڀٽائي جو سُر رام ڪلي پڙھڻ جي صلاح ضرور ڏجانءِ. ھُنن کي اھو بہ ٻُڌائجانءِ تہ دنيا کي سنڌ کان ئي امن ۽ رواداري سکڻي آھي، جو شاھ لطيف بہ دُعا ڪئي آھي تہ:سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“ مون بابا جو خط پڙھي پُورو ڪيو تہ اسان جي پاڙي جي مسجد مان ٽيپھريءَ جي آذان اچي رھي ھئي.امان جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، ”اسرار پٽ! اُٿ جلدي ڪر، چاچا بخشل بيٺڪ واري ڪمري ۾ پھلاج سان ويٺو زور زور سان ڳالھائي. مون کي لڳي ٿو تہ ھن غريب جي بيعزتي ويٺو ڪري.“ امان مون کي ڪلھي ۾ ھٿ وجهي لوڏي رھي ھئي.مان سُرت ۾ اچي ويس، منھنجا حواس جائيتا ٿي رھيا ھئا. امان چئي رھي ھئي، ”جلدي ڪر تہ ھلون، پھلاج جي الائي ڪھڙِي حالت ھوندي، چاچا بخشل غصي ۾ھن کي بد شد ڳالھائي رھيو آھي.“ پاڙي جي مسجد مان اُن وقت بہ ٽيپھريءَ جي ٻانگ اچي رھي ھئي. مان ھڪدم ٽپ ڏئي اٿيس، مون کي ياد آيو تہ مان پريشانيءَ جي حالت ۾ پنھنجي ڪمري ۾ ليٽي پيو ھئس. جاڳ ۽ ننڊ جھڙي ڪيفيت دوران خبر ناھي سوچ جي ڪھڙي گهٽيءَ ۾ گهڙيو ھئس، جتان ماضيءَ جي رِڻ ۾ وڃي نڪتو ھئس، ھوريان ھوريان مون کي پنھنجي پريشاني ۽ ان پريشانيءَ جو ڪارڻ ياد اچي ويا… اسان يعني مان، پھلاج، ثمينہ ۽ گيتا، ڊاڪٽر ميمونہ يوسف جي ڪلنڪ مان نڪري ، ٻاھر گهٽِيءَ ۾ بيٺل ٽانگي وٽ آيا ھئاسين تہ سبزي منڊيءَ واري رستي کان ڏاڏا سائيڪل تي اچي رھيو ھئو، ڏاڏا جو رُخ اسان ڏانھن ھئو، ھُو يڪو اسان کي ڏسندو پئي آيو. جيئن ئي ڏاڏا تي منھنجي دِيد پئي ھئي تہ منھنجي بُت مان ساھ ڇڏائجي ويو ھئو…کن پل ۾ سڀ ڪجھ ياد اچڻ شرط واري واري سان منھنجون اِندريون اُڀري پيون، ھڙئي حواس بيدار ٿي پيا، کنوڻ جي رفتار سان بيٺڪ واري ڪمري ڏانھن وڌيس. امان بہ تڪڙي تڪڙي منھنجي پُٺيان آئي ھئي. پھرين مان پھتس ۽ ڪجھ ئي سيڪنڊن ۾ امان بہ اچي وئي. بيٺڪ واري ڪمري ۾ پھلاج ھڪڙي مُوڙي تي ڪنڌ ھيٺ ڪري ويٺو ھئو. ڏاڏا مُٺيون ڀڪوڙي، ڏند ڪرٽيندي پھلاج کي چئي رھيو ھئو، ”جتي ايمان ناھي ھوندو، اتي ئي بي غيرتي ۽ بي حيائي پيدا ٿيندي آھي. توھان تہ آھيو ئي مُشرڪ، بُت پرست، نہ توھان ۾ حرام حلال جي سوچ، نہ پاڪ ۽ ناپاڪ جو خيال، بي حيائي ۽ بدڪرداريءَ تي ڪنھن سزا ۽ جزا جو بہ ڪو خوف ڪونہ اٿوَ، تڏھن ئي تہ توھان ۾ غيرت ۽ عزت جو تصور ڪونھي. تنھنجي پيءُ، منھنجي پٽ لياقت عليءَ کي دين ايمان مان ڪڍيو ھئو، ھاڻي تو ۽ تنھنجي ڀيڻ منھنجي معصوم پوٽي ۽ پوٽِيءَ کي پنھنجي بُڇڙاين ۾ شامل ڪيو آھي…“اُن لمحي ڏاڏا جي مون تي نظر پئي، اندازو ڪيم تہ امان منھنجي پٺيان بيٺل ھئي، اُن کي بہ ڏٺو ھوندائين. تڪڙو مون ڏي وڌي آيو، منھنجي ڳٿڙ مان جهلي، سٽ ڏئي پاڻ ڏي ڇڪيائين، آئون گهلجندو وڃي مُنھن ڀر ھيٺ فرش تي ڪريس. نرڙ ۽ نڪ تي ڏاڍو زورائتو ڌڪ لڳو ھئو، ڪجھ دير لاءِ اکين اڳيان اوندھ ٿي وئي. ڏاڏا، مون کي وارن مان ڇڪي مٿي ڪري اٿاري بيھاريو. مون محسوس ٿيو تہ منھنجي نڪ مان پاڻياٺ وھي رھيو آھي، ھٿ لائي ڏٺم تہ رت وھي رھيو ھئو. امان ڏي نھاريم، سندس اکين ۾ سڄي دنيا جو درد مِڙِي آيو ھئو. ھُو مون ڏانھن پئي آئي تہ ڏاڏا، ھٿ جي اشاري سان روڪيندي، رڙ ڪري چيس، ”مائي نُوري! گهڻو جھوٻو نہ اچئي، پھرين پنھنجي پُٽ جا ڪرتوت ٻُڌ، پوءِ ڀلي سڄي عمر پئي دلجوئي ۽ پاس خاطري ڪندي رھجانس، ڪڇ ۾ ويھاري ٽھل ٽڪور بہ ڪجانس.“”ڇا ڪيو آھي منھنجي پُٽ؟“ امان گھايل لھجي ۾ پڇيو.”تنھنجي پُٽ ڇا ڪيو آھي، اھو معلوم ڪرڻ لاءِ مون کي ٽي ڪلاڪ لڳا… مون ھنن کي ميمونا ڊاڪٽرياڻيءَ جي اسپتال مان نڪرندي ڏٺو، ان وقت ھي سڀ ٽانگي ۾ چڙھيا. مان ھنن جي اتان کان وڃڻ کان پوءِ اسپتال ۾ ويس. ڊاڪٽرياڻي اندرئين ڪمري ۾ ڪنھن عورت جي تپاس ۽ علاج وغيرہ ڪري رھي ھئي. ھڪڙي ڪاري عيسائڻ نرس ريحانہ انتظارگاھ واري ڪمري ۾ مون کي ملي. کائنس حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. پر مائيءَ مون کي اونت ڪونہ ڏنو. ٻاھر نڪري آيس، وڃي جانچ جونچ ڪيم، خبر پئي تہ مائي ريحانہ جو مڙس، نظير مسيح ميونسپالٽيءَ ۾ جمعدار آھي. ان کي ڳولھڻ نڪتس، ميونسپالٽي وارن ٻڌايو تہ ايڊمنسٽريٽر صاحب جي بنگلي تي صفائيءَ لاءِ ويو آھي. مان اوڏانھن ويس. بنگلي جي سامھون واري خالي پلاٽ ۾ انتظار ڪيم، نظير مسيح منھنجو ڏٺل ڪونہ ھئو، سو جيڪو بہ بنگلي مان بُڇڙي حال ۾ نڪري پيو، سمجھان پيو تہ نظير مسيح ھوندو، پويان ڊوڙي وڃي پڇان ڪيان تہ، ڪو مالھي نڪري تہ ڪو پٽيوالو. ڪافي دير کان پوءِ بغل ۾ ٻُھارو وجهِي ھٿڻ بانس جو ڊگهو لڪڙو ۽ پوچو کڻي ھڪڙو گاسليٽ جي ڊٻي جھڙو ھمراھ نڪتو، ڊوڙي وڃي اَڳُ ورتو مانس، نالو پڇي پڪ ڪيم تہ ھُو ئي نظير مسيح آھي، تہ کيس سندس زال کان ٿوري دير اڳ ٻن ڇوڪرن ۽ ٻن ڇوڪرين جي اسپتال ۾ اچڻ جي حقيقت لھي اچڻ لاءِ چيم، جنھن جي عيوض کيس جهجھا پئسا آڇيم. ھو مون سان گڏجي سندس زال جي ڊيوٽي واري ھنڌ، ان ساڳيءَ اسپتال وٽ آيو، مان ٻاھر انتظار ڪرڻ لڳس، ھُو اندر ھليو ويو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ موٽِي آيو ۽ ٻڌايائين تہ جيڪي ٻہ ڇوڪرا ۽ ٻہ ڇوڪريون آيا ھئا، اُھي ابارشن ڪرائڻ آيا ھئا. اِھو ٻُڌِي ڍڪرن ۾ اچي ويو ھئس، پر پوءِ دل ۾ سوچيم تہ پڪ سان ابارشن گيتا جو ٿيو ھوندو. منھنجو شڪ صحيح ثابت ٿيو. مان اڃان ھتي گهر جي دروازي مان اندر ئي ڪونہ گهڙيس تہ ھِيءُ اچي ويو…“ ڏاڏا ڪاوڙ ۽ نفرت وچان پھلاج ڏي ڏٺو ھُن ڏانھن اشارو ڪندي چوڻ لڳو، ”مون ھن کي ھتي آڻي ويھاريو ۽ چيوتہ مون کي سڀ خبر آھي تہ ھُو ميمونا ڊاڪٽرياڻيءَ جي اسپتال ۾ منھنجي پوٽي اسرار ۽ منھنجي پوٽِي ثمينہ کي ڇو پاڻ سان گڏ وٺي ويو ھئو، ھاڻي بھتر آھي تہ تُون پنھنجي زبان سان سڀ ڪُجھ سچ سچ ٻُڌاءِ. ھن بي غيرت، بنان ڪنھن شرم حياءَ جي چئي ڏنو تہ گيتا پيٽ سان ٿي وئي ھئي، اُن جو ٻار ڪيرائڻ لاءِ ويا ھئاسين.“ڏاڏا! مون ڏي ڌڪار ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو، ”مان تو کي چوندو آھيان نہ تہ ھي واڻيا، ڪافر، مُشرڪ ۽ بُت پرست آھن، ھنن ۾ بدڪرداري ڪو عيب ناھي…“”بس چاچا بخشل… وڌيڪ ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھائجو…“ امان کي پھريون ڀيرو تيز آواز ۾ ڳالھائيندي ڏٺم، ھن جي اکين ۾ باھ جو ڄِڀيون ڏسڻ ۾ آيون، اُڀ ۾ ڄڻ گهرا ڪارا بادل ۾ پاڻ ۾ ٽڪرايا ھئا، چوڻ لڳي، ”ڀري ٻيڙِي ھجي يا مرڳو ٻُڏل، ھر دور ۾ واڻيو ئي ڇو ڳورو ھوندو آھي…گيتا ھڪڙي اشراف نياڻي آھي…ھن جو ڪوبہ ابارشن ناھي ٿيو… ابارشن تہ ثمينہ جو ٿيو آھي، اسان جي اکين ۾ ڌُوڙ وِجهِي، منظور ھن سان پنھنجو ڪارو مُنھن ڪندو رھيو، جيڪو ثمينہ جو سڳو ڀاءُ آھي ۽ تنھنجي ديندار گهراڻي جو نيڪ نمازي سپوت آھي…“