پي ايڇ ڊيءَ جو موضوع بڻجي ويل الطاف شيخ
عباس ڪوريجو
سفرنامو فقط سفر دوران پيش آيل واقعات يا حالات جو بيان ناهي ۽ نه ئي ان مقام جي تاريخ بيان ڪرڻ جو ڪو مضمون آهي. سفرنامو پنهنجي بيان ۽ ترتيب اندر نفاست ۽ شائستگيءَ جو مظهر ۽ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪندڙهوندو آهي. ڇوته اسان جي ان سفر ۾ ٻيو تڏهن شامل ٿيڻ چاهيندو جڏهن ان جي سوچ، پسند ۽ تعجب جو سامان ان سفر ۾ پيش ڪيل هوندو، نه ته سفر ڪرڻ، سفر ۾ تڪليفون پيش اچڻ ۽ سفر جي تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري انساني ارتقا جي تاريخ.
“سنڌي سفرنامي” جو اصطلاح ٻڌڻ سان ئي جيڪو نالو ذهن تي تري ايندو آهي، اهو آهي، “الطاف شيخ”.
سنڌي سفرنامي جي ڪتابن ۾ سينچري طرف وڌندڙ الطاف شيخ بابت عام طور تي اهو پڻ چيو ويندو آهي ته ان ايتري ڳاڻيٽي ۽ تيزيءَ سان سفرناما ان ڪري لکيا آهن جو هو نيوي ۾ مئرين انجنيئر هو ۽ نوڪريءَ جي سانگي ڏيهان ڏيهه گهمندو رهيو آهي. اهڙن مت جي منجهيلن لاءِ فقط ايترو چوندم ته اسان جا وزير، مشير ۽ ڪامورا هر ٽئين ڏينهن سرڪاري خرچ تي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو دورو ڪري ٿا موٽن، پوءِ انهن ڪيترا سفرناما لکيا آهن، اگر لکيا به آهن ته ڪيترا ڇپيا آهن؟
سنڌ جو هن سندباد سيلاني پنهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ ڀي پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪجهه ملڪن جا دورا پڻ ڪيا آهن ۽ انهن جا سفرناما لکي ڇپرايا آهن ۽ اڃا پڻ لکي رهيو آهي، اهي ڪهڙي کاتي ۾ رکئون!؟ نيوي، هوائي سميت ڪنهن به محڪمي جي گهمندڙ ڦرندڙ آفيسرن ڪيترا ڪيترا سفرناما تحرير ڪيا آهن؟ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو سڀ ان دلچسپيءَ جي ڪارڻ آهي، جيڪا الطاف شيخ کي ننڍپڻ کان ورثي ۾ ملي آهي، اهو شوق جيڪو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس منَ اندر جاڳيو هوندو. الطاف شيخ جيڪڏهن مئرين انجنيئر نه به هجي ها ۽ ڪنهن ڪم سانگي سندس گهمڻ ڦرڻ ٿئي ها، تڏهن ڀي ضرور سندس اهڙا سفرناما اسان جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ هجن ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ حالات ۽ واقعات جو بيان ڪجهه مخلتف ضرور هجي ها.
مرزا قليچ بيگ جي “ڏاهياڙي جبل جو سير” کان وٺي منظور جوکيي جي “ هوا جي ديوار” تائين هر دور ۾ سفرناما شايع ٿيندا رهيا آهن پر انهن مان اڪثر سفرنامن ۾ اهو رسُ چسُ ۽ چاشني ڇو محسوس نٿي ٿئي، جيڪا الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ آهي.
الطاف شيخ جو حالات ۽ واقعات کي بيان ڪرڻ جو انداز نهايت ئي نرالو ۽ انوکو آهي، هن جي اک عام ماڻهوءَ واري اک ناهي، محسوسات غير رواجي آهن، اِها ڪا اُلٽي اک آهي، جنهن کي انهن عام منظرن ۾ به موهه پيدا ڪرڻ جي سگهه آهي، جيڪي عام لاءِ غير اهم ۽ رواجي آهن.
هو جڏهن پنهنجي ڪيمرا ۽ ڊائري کڻي گهمڻ نڪري ٿو ته هن وسيع دنيا جا ڪيترائي بي معنى لمحا به معنى خيز بڻجي وڃن ٿا، لفظن ۾ خيال ۽ تصور ڀرجي ٿا اچن، تصويرن ۾ حُسن اوتجي ٿو وڃي، منظرن کي معنائون ملي ٿيون وڃن.
جيتري قدر سنڌي سفرنامي جي ڳالهه آهي ته ان تي تحقيق نه هجڻ برابر ٿي آهي، پر جيڪا ٿي به آهي، اها اڻ پوري ۽ کٽل محسوس ٿيندي. سنڌي سفرنامو پنهنجي مقبوليت جي سفر کي جاري رکندو پيو اچي. الطاف شِخ جي ئي قلم مان ڦٽي نڪتل سفرنامن جو تعداد سٺ کان مٿي ٿي ويو آهي. خود الطاف شيخ جا سفرناما ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي تحقيقي ٿيسز جو موضوع بڻجي ويا آهن. الطاف شيخ جا شروعاتي سفرناما ضرور هڪ مئرين انجيئر جون يادگيريون ۽ ڊائري جي ورقن تي اتاريل سفري احوال آهن پر سندس پوءِ وارا ڪيترائي يادگار سفرناما سنڌي سفرنامي جو جوڀن آهن ۽ انهيءَ قطار ۾ سندس تازو شايع ٿيل سفرناما انتهائي اهم آهن. سندس پهريان ۽ پويان سفرناما لکت ۽ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ آهن، محققن جو ڪم آهي ته اهي شروعاتي توڙي پوين سفرنامن تي تحقيق ڪندي، انهن جو سنڌي ادب تي اثر، پڙهندڙن ۾ مقبوليت ۽ ٻيا رايا قائم ڪن.
الطاف شيخ جي لکت جي خاص خوبي اها پڻ آهي ته انهن ۾ اڪثر ٻين علائقن/ملڪن جو سنڌ سان تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيل هوندو آهي، سنڌي ماڻهن ۽ ٻاهرين جي نفسيات ۽ انفرادي فرقن کي ظاهر ڪيل هوندو آهي، سنڌي ماڻهن جي تعليم ڏانهن بي توجهي ۽ پنهنجي وسيلن ڏانهن بي ڌياني ۽ ٻاهرين دنيا ۾ انهن ڳالهين ۽ روين جي اهميت بيان ڪيل هوندي آهي. جنهن مان سندس سنڌ ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن (تعليم، نوڪري، شادين، رسمن) ڏانهن ڌيان ڇڪايل هوندو آهي. الطاف شيخ هڪ ئي وقت هڪ سڄاڻ ليکڪ به آهي ته سڄاڻ سماج سڌارڪ به آهي.
دعوى آهي ته الطاف شيخ دنيا جو پهريون سفرناما نويس آهي، جنهن ايتري وڏي تعداد ۾ ايترن گهڻن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن جو تعداد وڌايوآهي، سنڌي سفرنامي کي عروج تي رسايو آهي، الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو Contribution آهي، جيڪو سنڌ صدين تائين ياد رکندي.