خميس , اپريل 3 2025
sd

پيھي جن پروڙيو

رشيد ڀٽي

پيهي جن پروڙيو

1952ع جو اونهارو هيو، صبح جو بابا سڏائي چيو ته راشدي صاحب ۽ ڪو ٻيو مهمان آيل هئا، جن کي اروڙ وٺي وڃڻو هو، مون حياتيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن ٻُڌل ۽ پڙهيل  وڏي شخصيت مان متوقع ملاقات تي حسرت محسوس ڪئي، اندر۾ هورا کورا اُتپن ٿي ۽ ڪجهه نروس نيس به ورائي ويم. انهن ئي گاڏڙ ساڏڙ جذبن ۽ احساسن سان، مان سنڀري سيٺ سلطان مارواڙيءَ جي اسٽيشن روڊ واري اسٽار هوٽل تي پهتس، سلطان سيٺ راشدي صاحب جو،  سکر واري دؤرِ قيام جو دوست ۽ اسٽار هوٽل ان مهل سندس پسنديده هوٽل هو. ان وقت مان هاءِ اسڪول ۾ ڇهين درجي يعني پري مئٽرڪ جو شاگرد هوس، ان ڪري جا منهنجي ذهني ۽ دلي ڪيفيت هوندي، سا اوهين ڄاڻي سگهو ٿا. مون پير صاحب جي علمي، ادبي، صحافتي ۽ شخصي دلچسپ زندگيءَ جو ذڪر بابا سائينءَ کان ڪافي ٻڌو هو، کيس پڙهيو هوم، ان وقت منهنجيءَ نظر ۾ راشدي صاحب هڪ نمايان صحافي، مشهور مضمون نويس ۽ ناميارو افسانا نگار هو. هو بابا جي ماهوار “المنار” جو ايڊيٽر هو. سندس ادارت وارا ”ستاره سنڌ” ۽ “سنڌ زميندار” جا پرچا مون بابا جي لائبريريءَ ۾ پڙهيا هئا، اسان جي شمسيھ ڪتب خاني، سندس افسانن ۽ هڪ ناول جا ڪيترائي ڇاپا شايع ڪيا هئا. ورهاڱي کان اڳ جي نثر نويسيءَ ۾ راشدي صاحب جو خاص مقام هو، جنهن کي اڄ جا تاريخ نويس ۽ نقاد الاجي ڇو وساري ويٺا آهن. سندس ڪهاڻين “امانت”، ”گلن واري ڇوڪري”، ”پاڪدامن عورت“ ۽

”انارڪلي“ وغيره ۽ هڪ ناول ”الزليخا“ اڄ به مون وٽ هٿيڪا آهن. تن ڏينهن ۾ پير صاحب “فدائي الراشدي،” جي قلمي نالي سان لکندو هو ان کان علاوه هُن ڪيترا ٻيا افسانا به لکيا، جي “المنار” جي فائيلن ۾ محفوظ آهن.“

راشدي صاحب جي اها اوائلي دور واري افسانه نويسي ۽ اها طرز تحرير پڇاڙيءَ تائين سندس لکڻين ۾ جهلڪندي رهي. سندس ڪتاب ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“ منهنجي ان دعويٰ جو ثبوت آهي. هن مثالي يادگيرين جي ڪتاب ۾ ماحول ۽ حالتن جو مشاهدو، ڪردارن جو مطالعو، واقعن جو ذڪر ۽ انهن جي بيان جو اسلوب، پير صاحب جي افسانوي انداز بيان جو نمايان ۽ نادر نمونو آهن، هر شخص جي ذڪر ۾ ڄڻ ڪو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي. هر واقعو ڄڻ ڪا ڪهاڻي آهي، سارو ڪتاب نه رڳو ان دؤر جي سماجي، سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ جي تصوير آهي، پر انيڪ افسانن ۽ ڪردارنگارين جو مجموعو آهي.

اسٽار هوٽل پهتم ته ذهني ۽ اعصابي ڪيفيت ٻيڻي ٿي ويئي. يڪ نه شُد، دو شُد! راشدي صاحب سان گڏ ملڪ جو هڪ ٻيو عظيم مورخ ۽ محقق مولانا غلام رسول مهر به آيل هو، سارو ڏينهن اروڙ جي خاڪ ڇاڻي، جڏهين شام جو ماڳ موٽياسين، ته پنهنجي اندر ۽ دل تي راشدي صاحب جا اهڙا پائيدار اثر ۽ نقش ڇڏيا، جن جا ڇاپ اڄ به زندگيءَ تي محسوس ڪريان پيو، مون سمجهيو هو ته مؤرخ ۽ محقق خشڪ، بي چسا ۽ رزروڊ هوندا آهن، پر پير صاحب ان جي ابتڙ خوش مزاج، دلچسپ، زنده دل ۽ پَل ۾ پنهنجو ڪندڙ پيارو ماڻهو هو. مهر صاحب جي تاريخ ڏاهن پهچ روايتي مؤرخ ۽ محقق واري هئي، پر پير صاحب جي تاريخ ڏانهن روش قوميت ۽ قومي فڪر واري هئي. اروڙ جي پس منظر ۾ جنهن نموني راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ جو اُپٽار ڪيو، تنهن تاريخ بابت منهنجو فڪر ۽ خيال ئي ڦيرائي ڇڏيو. هن مهل تائين اسان کي اسان جي تاريخ کان اڻ ڄاڻ پئي رکيو ويو. اسان جي تاريخ فاتحن جي تاريخ هئي، اسان جي نه، تڏهين پهريون دفعو مون سنڌ ۽ سنڌيت بابت سوچ جو سفر شروع ڪيو هو. گذريل قومي ۽ ادبي جدوجهد دؤران، جڏهن اياز پنهنجو هڪ ڪتاب، پير صاحب ڏانهن منسوب ڪندي، هن لاءِ لکيو هو، “جنهن جي روح مان مون کي اروڙ جي مٽيءَ جي ڀني ڀني خوشبوءِ ايندي آهي،” ته منهنجو خيال راشدي صاحب سان اروڙ واري ملاقات ڏانهن هليو ويو هو. پير صاحب بيشڪ سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون ۽ صحيح موڙ ڏنو. ان کان اڳ اسان وٽ تاريخ فاتحن جي نظرين ۽ طرفن جي ترجماني ڪندي هئي. راشدي صاحب پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ جو صحيح ۽ سچو تجزيو پيش ڪيو. مفتوحن نظرين ۽ خيالن جي ترجماني ڪئي، ان انداز ۽ اصول تي تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ تاريخ نويسيءَ جو بنياد وڌو. هن مرد ڪوهه ڪن جو ئي ڪارنامو ۽ ڪاوش آهي، جو اڄ اسان وٽ اسان جي ماضي ۽ تاريخ جي صحيح صورت پيش ٿي چڪي ۽ ٿي رهي آهي. اڄ سنڌ ۾ تاريخ جي تحقيق ۽ تحرير فاتحن جي فرسوده ۽ روايتي بنيادن تي نه، پر قوميت جي اٽل اصول، عوامي پس منظر ۽ سائنسي بنيادن تي ٿي رهي آهي.

پير صاحب نه رڳو اسان جي تاريخ کي نئون رخ ۽ موڙ ڏنو، پر هن تاريخ نويسيءَ جي ان کي ڪماليت به بخشي، هن صاحب تاريخ تي جو به ڪم ڪيو، سو نهايت ئي خوبيءَ ۽ ڪمال جي حد تائين ڪيو. جيستائين هو پنهنجي تحرير کي تڪميليت (Perfection) نه ڏيندو هو، تيستائين مطمئن نه ٿيندو هو ۽ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ نه موڪليندو هو، پوءِ ڀل ڇو نه سال پئجي وڃن. سطحي ڄاڻ يا اُتاڇري مطالعي مان هو ڪڏهين به راضي نه ٿيو. هر مضمون ۽ ڪتاب لکڻ لاءِ هن  ڳوڙهو ۽ لامحدود مطالعو ڪيو، ان لاءِ هن سنڌ ته ڇا، پر ڏيهه پرڏيهه جي ڪتبخانن جا چڪر به ڪاٽيا، رڳو ان تي اڪتفا نه ڪئي، پر تاريخ سان وابسته جاين جڳهين جو به تفصيلي ڏيهي ۽ پرڏيهي سفر ڪيو ۽ ڪشالا ڪڍيا، تڏهين وڃي ڪو ڪتاب تيار ڪيائين، اهڙيءَ ريت ئي هن مانجهي مڙس تاريخ جي فن کي تڪميليت بخشي، سندس تاريخي تحقيق جا ڪتاب ان جو چٽو ثبوت آهن، ان ۾ ڪابه ڪوتاهي يا ڪمي اوهان کي نه نگاهبي، ان تڪميليت ۽ڪماليت جو ٻيو سبب راشدي صاحب جي تاريخ ۽ تاريخ نويسيءَ ڏانهن ڪل وقتي  ارپنا Whole Time Devotion آهي. پير صاحب پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات فدائي الراشدي جي حيثيت ۾ ڪئي، ۽ ان جي انتها فدائي تاريخ سنڌ جي صورت ۾ ڪئي. هن پنهنجي زندگي، وقت، سک، آرام ۽ وسيلا تاريخ کي ارپي ڇڏيا هيا.

پير صاحب نه رڳو تاريخ کي تڪميليت يا ڪمال بخشيو، پر پنهنجي زندگيءَ ۾ به هو پرنتاپسند (Perfectionist) هيو، اٿڻ ويهڻ، خوردنوش، لٽي ڪپڙي ۽ ورتاءَ سڀاءُ ۾ به هو هڪ صحيح معنيٰ ۾ مڪمل شخص هيو، پنهنجي نجي زندگيءَ جي به هر پهلوءَ ۾ هو تڪمليت پسند هيو. هن جي روزانه زندگي ۽ هر عمل ڪن نيمن ۽ قائدن جو پابند هيو. سندس زندگيءَ جا اهي نيم ۽ قائدائي، ٻن مهلڪ بيمارين جي باوجود سندس طويل عمريءَ جو ڪارڻ هيا، وقت تي اٿڻ، وقت تي مطالعو ڪرڻ، وقت تي کائڻ، وقت تي چهل قدمي ڪرڻ، وقت تي ڪچهري ڪرڻ ۽ وقت تي آرامي ٿيڻ، سندس روز جي زندگي هڪ ٽائيم ٽيبل تي ٻڌل هئي. وقت کان پوءِ منٽ به ڪنهن جو انتظآر نه ڪندو. ڏنل وقت تي ڪو مانيءَ تي نه پهتو ته آيل سان ماني کائڻ شروع ڪري ڏبي، ٻين کان وقت جي پابنديءَ جو متقاضي، پير صاحب پاڻ به وقت جو سخت پابند هيو. ڪٿي وڃڻو هوندو ته منٽ دير سان پهچڻ بجاءِ ٻه منٽ اڳواٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو.

ڇا ته وري پير صاحب جي خوش پوشي، سنوار ۽ سينگار هيو. ٽيهن سالن جي عرصي ۾ هزارين ڀيرا ساڻس ملڻ ٿيو. صبح شام، منجها سنجها، اويل سويل، مهل ڪُمهل، اطلاع سان، اوچتو، جڏهين پير صاحب سان ملبو ته کيس سليقي ۽ سيبتي نموني سان ڪپڙن ۾ ڏسبو هيو، مان ڪڏهن به کيس بغير شيو، ۽ بي ترتيب يا بي ڍنگي نموني سان ڪپڙن پهريل نه ڏٺو. ٿڌو ڪپڙو هرڪو مٿس ٺهندو هيو. کاڌي هجي يا ريشم، شلوار قميص هجي يا پينٽ پتلون، هر ويس ڄڻ هن لاءِ ٺهيو هيو. اهو ئي ذوق، شوق ۽ معيار کاڌ خوراڪ ۾ به نمايان هوندو هيو، وقت تي، سادو پر سٺو ۽ سوادي کاڌو کائڻ ۽ کارائڻ پير صاحب جو  نيم هيو. سندس دعوت شيراز نه هوندي هئي، پر سنڌي رڌ پچاءَ، طعام ۽ سواد جو نادر نمونو  هوندي هئي. پاڻ پڇاڙي حياتي ڪافي عرصو ڪِريءَ تي رهيو. ڪِري به اهڙي جو قوت ارادي (Will-power) جو مظهر. پهرين دلي عارضي بعد جو پرهيز ڪيائين ۽ سگريٽ ڇڏيائين ته آخر دم تائين ان ارادي تي اٽل رهيو. اهائي قوت ارادي هن زندگيءَ جي ٻن اهم فيصلن ۾ به ڏيکاري، خاص ڪري جيئري رهڻ ۽ موت آڏو هار نه مڃڻ جو ارادو!

سندس سڀاءُ، ڪردار ۽ اخلاقي همت جي ڪيتري ساراهه ڪجي. خوش مزاج، زنده دل، بااخلاق ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور،  ساڻس ويهڻ ورونهن هئي، ته ڪچهري ڪرڻ قرب ۽ سڪ ونڊڻ جو وسيلو  هيو. سندس ڳالهيون ٻڌي ڏکندا ڏور ٿيندا هيا. پير صاحب ڪٿي باقاعدي تعليم نه پرائي، ڪي امتحان  پاس نه ڪيا. اندر جي اک سان هن جهان ۽ زندگيءَ جو مطالعو ڪيو؛ حياتيءَ جي لاهين چاڙهين ۽ تجربن هن کي ذهني ۽ شعوري بلوغت ۽ مشاهدي سان مالا مال ڪيو. پنهنجي سر اندر جي سوجهري سان هن اهو علمي ۽ ادبي مرتبو ماڻيو جو گهٽ ڪنهن کي نصيب ٿيو هوندو هو: هڪ خود ساخته، انسان، اديب، دانشور ۽ مفڪر هو، پر هن ڪڏهين به نه خودثنائي کان ڪم ورتو، نه ئي ٻين کان پنهنجي مدح سرائي پسند ڪيائين. اعليٰ، سچي ۽ پرخلوص فنڪار ۽ مفڪر جيان نهٺائي ۽ ڪسر نفسي سندس ڪردار جي زينت رهيا. کيس ايران سرڪار پاران ڊاڪٽريٽ ۽ ”نشان سپاس” ۽ پاڪستان سرڪار پاران ستاره امتياز جا اعزاز مليا، پر هن ڪڏهين بهپاڻ کي ڊاڪٽر نه سڏايو ۽ نه ئي نالي اڳيان ڊاڪٽر جي ۽ پويان اعزازن ۽ خطابن جي لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.

راشدي صاحب جي نه رڳو لکڻ ۾ رواني هئي، پر سندس تقرير ۽ گفتگو ۾ سنڌوءَ مي سِير واري تيزي ۽ چنچلتا هئي. نجي محفل هجي يا ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻي، راشدي صاحب ڳالهائڻ شروع ڪندو ته ڄڻ موتين جي ورکا شروع ٿي ويندي. تاريخ، ثقافت ۽ ادب ۾ ڄاڻ جي درياهه جي ڄڻ پالوٽ ٿي ويندي هئي، قوم جي سماجي ۽ سياسي ڪسمپرسيءَ جي وڍڪٽ ڪندو هيو. سچ ۽ صداقت جي صدا بلند ڪندو  هيو. مصلحت پسنديءَ کان ڪوهين ڏور، ڪو رک رکان نه ڪرڻ وارو، يا ائين کڻي چئجي ته منهن – ڦٽ ۽ بي پاڪ! جو ڪجهه سوچيندو ۽ سمجهندو هو سو بنا روڪ چئي ڏيندو هيو، پوءِ ڀل ته ڪو ڪاوڙجي يا منهن ۾ گهُنڊ وجهي. سنڌي شامن، هوشوءِ جي ورسين، بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنسن ۽ لطيف ۽ سچل جي ورسين تي ڪيل سندس تقريرون اسان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو چٽو عڪس به آهن، ته انهن جي ڪارڻ ۽ سبب جو اپٽار به. انهن جو تجزيو به ڪن ٿيون ته دوا! ۽ دارون به ڏسين ٿيون! انهن ئي ڪچهرين ۽ ڪانفرنسن ۾ خبر پئي ته راشدي صاحب نه رڳو سنڌي تاريخ ۽ ثقافت جي ڄاڻ جو ساگر هيو، پر سنڌي ثقافت جو بي پناهه چاهيندڙ ۽ پرستار به هيو. سنڌي راڳ ۽ موسيقيءَ سان ته کيس لامحدود لڳاءُ هيو. هو راتين جون راتيون جاڳي به راڳ رنگ جي محفلن مان لطف اندوز ٿيندو هيو. اهڙين محفلن لاءِ پري پري جا پنڌ ۽ اڙانگا سفر به روڪي نه سگهندا هيا. ادبي ۽ ثقافتي اجتماعن جي موسيقي وارين محفلن ۽ ڦليليءَ ڪناري ٻيڙي فقير مرحوم وٽ مخصوص راڳ جي بيٺڪن ۾ سندس شرڪت، موسيقي ۽ سنڌي راڳ لاءِ سندس محبت ۽ ذوق شوق جي عروج جو واضح ثبوت آهن.

مٿي ڄاڻايل محفلن ۽ ميڙن ۾ شرڪت ۽ شموليت جو انداز ۽ دلچسپي پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار جي هڪ ٻئي پهلوءَ جي به نشاندهي ڪن ٿا. هو وقت ۽ زمان جو پابند نه هو. هن جي سوچ ۽ زندگيءَ ڏانهن رويو ساڪت ۽ جامد نه هئا، هو ان ڏس ۾ ارتقا جو قائل هو، هو زمان ۽ مڪان سان وڌندو ۽ ساٿ نڀائيندو رهيو. پراڻي پيڙهيءَ مان هوندي به هُن نئين ٽهيءَ کي ڪڏهين ان جو احساس نه ٿيڻ ڏنو. گدائي، گرامي ۽ ڏيپلائيءَ جيان هن به پيڙهه وڇوٽيءَ کي پنهنجي ۽ نئين نسل جي وچ ۾ وٿي ٿيڻ نه ڏنو. هن نه رڳو نئين نسل (ادبي کيتر ۽ ٻن نسلن) کي اوپرائپ ۽ ڏوُريءَ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو، پر کين پنهنجو گرويدو بڻائي ڇڏيو. سکر اچي يا حيدرآباد، خيرپور يا دادو، همسفر ۽ همعصر ساٿين سان گڏوگڏ، نوجوان ليکڪ ۽ شاعرن سان روح رهاڻ ڪرڻ به فرض سمجهندو هو. هُن نه رڳو نئين نسل سان سڪ ۽ قرب ڀريو ساٿ  ڏنو، پر سندن رهنمائي ۽ همت افزائي به ڪئي. پاڻ کان پوءِ جي ٻن ٽهين جي ذهني ۽ شعوري ترتيب، اضافي ۽ لاڙن ۾ جن بزرگن نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، پير صاحب انهن مان هڪ آهي. مون کي ياد آهي ته هڪ نجي محفل ۾ راشدي صاحب چيو هو ته ”نوجوانن ۾ نئين نسل سان گڏجي ۽ ڪچهري ڪري مان پاڻ کي نوجوان محسوس ڪندو آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو اٿم، ڇو ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو، منهنجون  تخليقون  ۽ منهنجي لائبريري سنڌ جو نئون نسل آهي.“

پير صاحب بابت مٿين راءِ منهنجي ذاتي مشاهدي ۽ لڳاءُ جو اظهار آهي. ٿي سگهي ٿو ته مون ڪٿي وڌاءَ کان ڪم ورتو هجي ۽ ڪٿي ڪجهه ڇڏي ويو هجان. بهرحال مون جيئن کيس ڏٺو ۽ جيئن جو ڪجهه محسوس ڪيو، سو ’حال حبيبان نال پريان‘ مصداق حاضر خدمت آهي، آخر ۾ پير صاحب جي شخصت جو مجموعي اظهار شاهه سائينءَ جي هيٺينءَ بيت رستي ڪري مان اوهان کان موڪلائيندس.

گنجو ڏونگر گام، پيهي جَن پروڙيو،
ڪري تَن تمام، نوچي لاهوتي ٿيا.

(7 مئي 1982ع تي، فٽاز هوٽل حيدرآباد ۾  ڪوٺايل پير صاحب جي ياد ۾ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو ويو.)

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …