خميس , اپريل 3 2025
sd

پير حسام الدين شاهه راشدي – هڪ سُڄاڻ محقق

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌ جو علائقو هر دؤر ۾ علم ادب جو گهوارو رهيو آهي، هت سدائين سورهيه ۽ سرويچ، عالم ۽ فاضل، سخنور ۽ سياڻا، عاقل ۽ اڪابر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جي ڪري هر دور جو اديب ۽ شاعر، هر دؤر جو مؤرخ ۽ ماهر پنهنجي پنهنجي دور تي هميشه نازان رهيو آهي.

عربن جي آمد کان اڳ جا احوال لکت ۾ نه، پر کنڊرن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل شين جي اڀياس جي مدد سان معلوم ڪري سگهجن ٿا. عرب دور ۾ اُن کان پوءِ جي دور جي باري ۾ ڪتابن ۾ احوال درج ٿيل آهن، اهو احوال گڏ ڪري، تاريخدانن سنڌ جي تاريخ جا مختلف باب بيان ڪيا آهن.

سنڌ جي تاريخ جو هر دؤر علم ادب ۽ فن جي مختلف شعبن جي ماهرن جي احوال سان ڀريو پيو آهي. وقت جو مورخ، وقت جو سڄاڻ اديب، پنهنجن پنهنجن لکڻين ۾ انهن ماهرن جي نالن ۽ سندن ڪارنامن  جي داخلا شعوري طور يا لاشعروي طور ڪندو رهيو آهي ۽ پوءِ جي زماني جا محقق، انهن کي ماضيءَ  جو سرمايو سمجهي، انهن تي تحقيق ڪندا رهيا آهن ۽ پنهنجا نتيجا پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪندا رهيا آهن.

چؤکنڊي، مڪلي، سونڊا، سيوهڻ، بدين، روهڙي ۽ ٻين شهرن ۽ قبرستانن جي زيارت ڪرڻ وقت ڏسبو آهي ته ڪٿي ڪئين ڪُونڌر پنهنجا ڪنڌ ڪپائي، ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن ته ڪٿي عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ سالڪ، دلاور ۽ درويش پنهنجا ڪر کنيو اُڀا آهن.

تازو پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ مڪليءَ تي منهنجو ٻه- ٽي دفعا وڃڻ ٿيو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ واري قبرستان، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مزار، مخدوم آدم جي تربت ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قبرجي زيارت کان پوءِ ائين ٿو محسوس ٿئي ته اهي درويش ۽ بزرگ  مُئا ئي نه آهن؛ اهي جيئرا جاڳندا لڳن ٿا، انهن جا ڇڏيل اُملهه خزانا، ڪتاب، اڄ به کين زندهه رکيو اچن.

مڪليءَ تي بادشاهن، اميرن، وزيرن، شهزادن ۽ شهزادين واري حصي ۾ ائين محسوس ڪبو آهي ته ڄڻ ته اُنهن جون مزارون، اُنهن جا قبا ۽ قبرون زيارتين کي ڪو پيغام ڏيئي رهيون آهن، بشرطيڪ اهو پيغام دل جي ڪنن سان ٻڌندڙ، اهو پيغام سجهندڙ، اُن کان پوءِ اُن پيغام کي لکت جي صورت ۾ آڻيندڙ، سائين پير حسام الدين شاهه راشديءَ پارو ڪو ڏاهو، ڪو سياڻو، ڪو سخنور ۽ ڪو سمجهدار شخص هجي.

پير صاحب جي ڏاهپ، سياڻپ، تاريخداني، دورانديشي، دور نظري ۽ وسيع نظريءَ لاءِ سندن تصنيفون، ۽ تحريرون ڪافي ثبوت آهن. “سوجهرو” مخزن ۾ سندن مقالو هجي، يا “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” ۾ سندس مقالا هجن، “ماڪ بنا رابيل” ڪتاب هجي يا “مهراڻ جون موجون”، سندس هر مضمون، هر مقالي ۽ هرڪتاب ۾ ڪونه ڪو پيغام آهي، جو سندس اعليٰ سوچ، تاريخداني، دورانديشي ۽ ديس لاءِ محبت جي جذبي سان ڀريل آهن.

پير صاحب جي علم ۽ حڪمت کان سندس همعصرن، ساٿين ۽ اسان مان ڪير واقف نه آهي؟ هن جي بيباڪيءَ واري گفتار ۽ جرئتمنديءَ سان لکڻ ۽ آکڻ واري قوت جي ڪنهن کي خبر نه آهي؟ هن جي سچ چئي ڏيڻ ۾ ڪنهن جو به رک رکاءُ نه ڪرڻ واري طبيعت کان ڪير اڻڄاڻ آهي؟ اها ڪنهن کي خبر نه آهي ته هُو دوستن کي به منهن تي سچ چئي ڏيندو هو. هُو دل جو صاف، مخلص دوست، بهترين استاد ۽ رهبر ۽ نوجوان طبقي کي اُڀاريندڙ ۽ همٿائيندڙ سچو انسان هو، هُو سچو هڏ ڏوکي هو. هُو سنڌ جي معاملي ۾ منافق نه هو. نعريبازيءَ ۾ يقين نه رکندو  هو، پر ڪم ڪرڻ ۾ سندس پختو ايمان ۽ ڪم ڪندڙن جو سچو هڏ ڏوکي هو.

پير صاحب کي پنهنجي ديس ۾ ديس واسين سان ڪيترو پيار هو، اُنهن سان کين ڪيتري محبت هئي، تنهن لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ثبوت سندس ڪتابن جهڙوڪ مڪلي نامو، هُو ڏوٿي هُو ڏينهن، تاريخ مظهر شاهجهاني، ترخان نامه، تذڪره اميرخاني، مير معصوم بکري مان ملي ٿو، جن جا صفحن جا صفحا سندن جذبن ۽ نوجوانن لاءِ پيغام سان ڀريا پيا آهن ۽ اُنهن جي هر ورق تي سندن ڇاپ لڳل آهي.

اها حقيقت آهي ته ماڻهوءَ جي اخلاق، ڪردار ۽ طبيعت جي خبر ساڻس ڪجهه وقت گڏ رهڻ يا گڏ سفر ڪرڻ سان پوندي آهي. خوش قسمتيءَ سان مون کي نومبر 1974ع ۾، ساڻ ٻه هفتا چين واري سفر ۾ گڏ رهڻ ۽ ساڻن گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ڪراچيءَ کان هڪ ئي جهاز ۾، سيٽن جي هڪ ئي قطار ۾، پاسي پاسي ۾ ويٺل هئاسين. پير صاحب دريءَ واري پاسي ويهڻ پسند ڪيو ۽ مون کي پنهنجي ڀر واريءَ سيٽ ۾ ويهڻ لاءِ حڪم ڪيائون ۽ عطا “شاد” کي منهنجي پاسي ۾ ويهاريائون، جڏهن جهاز مٿي چڙهيو ۽ سنڌ جي خشڪ ۽ غيرآباد جبلن مٿان اُڏائڻ لڳو، تڏهن سندن چهري جو رنگ پيلو ٿي ويو ۽ بي اختيار چيائون: “بابا! سنڌ ڪڏهن سائي ٿيندي، سنڌ جا هي جبل ڪڏهن سرسبز ٿيندا!؟” مون محسوس ڪيو ته سندن گلو ڀرجي آيو هو ۽ پوءِ اڳتي ڳالهائي نه سگهيا، پر رومال ڪڍي اکيون اُگهڻ لڳا. اهڙيءَ طرح شانگهاڻيءَ Children’s Palace ۾ ۽ اُتي، هڪ ڪي. جي. اسڪول ۾ ننڍڙن ٻارڙن جا ڪرتب ڏسي، سندن حب الوطنيءَ وارا نغما ٻُڌي، جيڪا ڪيفيت مٿن طاري ٿي، تنهن جو بيان لفظن ۾ لکڻ مون لاءِ آسان نه آهي.

ڪراچيءَ ۾ ان وقت اسين ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي تياري ڪري رهيا هئاسين، پير سائينءَ مون کي چين واري سفر ۾ هر وقت پاڻ سان گڏ رکيو. اسان جي وفد ۾ پاڪستان جا مشهور ليکڪ، شاعر ۽ صحافي به موجود هئا، جن ۾ عطا شاد، خالد سعيد بٽ، طارق عزيز ۽ احمد فراز جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن، پير صاحب نهايت گهڻي فراخدليءَ ۽ فخر سان منهنجو انهن سان تعارف ڪرايو. مون  کي گهڻي شفقت سان سمجهائيندو رهيو ته تنهنجو هيءَ سفر انهيءَ ڪري فائدي وارو آهي ته تون اهو سکڻ جي ڪوشش ڪرين ته سنڌ صدين کان سيمينار جي وقت اسان کي ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي، مهمانن کي ايئرپورٽ تي لاهڻ وقت ڪهڙا جتن ڪرڻ گهرجن. انهن جي رهائش، ٽرانسپورٽ وغيره لاءِ ڪيئن آساني پيدا ڪجي.

پيڪنگ ۾ Institute of Nationalities گهمڻ وقت مون کي بار بار اهو جتائيندا رهيا ته سنڌالاجيءَ کي هن طرز تي ٺاهڻو اٿيئي ۽ ڊايوراما هن نموني جا هجن، اهڙيءَ طرح شانگهائيءَ ۾ قومي لائيبريريءَ ۾ خاص ڪري قلمي نسخن واري شعبي ۾ هدايتون ڏيندا رهيا ته ڏس ته هنن قلمي نسخن جي ڪيئن حفاظت ڪئي آهي. اُنهن لاءِ Fumigation Chambers ٺاهيا اٿن، مطلب ته اُن سفر ۾ هڪ طرف هڪ رهنما وانگر مون کي سمجهائيندا هليا ته ٻئي طرف اُت به کين سنڌ ۽ سنڌالاجيءَ جو اونو هو، درد هو، جذبو هو.

پير صاحب جي ذهن، طبيعت ۽ دل ۾ سنڌو ماٿر، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي قديم تهذيب لاءِ احترام ۽ جذبو هو. هن واديءَ سنڌ جي سڀيتا کي، تاج محل ۽ لال قلعي کان وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني.

پير صاحب سان منهنجي ملاقات 1964ع ۾، ”سنڌي اڪيڊمي“، جنهن کي هاڻ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ سڏجي ٿو، ان جي ائڊوائزري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿي. آءٌ تازو انگلنڊ کان موٽيو هوس. دماغ ۾ اڃا اتي جي هوا هئي. مون مذڪور گڏجاڻيءَ ۾ جناب پير صاحب ۽ ان وقت جي وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ تي، لنڊن مان موڪليل پنهنجي خط تي ڪو به قدم نه کڻڻ ڪري، سخت تنقيد ڪئي. جناب پير صاحب ۽ ڊاڪٽر صديقي صاحب جي ڪشاده دلي، سهن شڪتيءَ ۽ اعليٰ ڪردار جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعليٰ مثال ٿي ٿو سگهي، جو ان ئي ڏينهن شام جو سنڌي شعبي ڏانهن ويندي، مون کي پير صاحب ريڊيو اسٽيشن وٽ مليا ۽ فرمايائون ته ”بابا! تو اسان کي چئلينج ڏنو هو ۽ ان جي جواب ۾ هاڻ توکي چئلينج ڏيئي رهيا آهيون، سڀاڻي ڊاڪٽر صديقي توکي گهرائيندو ۽ مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏجانءِ.“

ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر صديقي صاحب مون کي گهرائي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو آرڊر هٿ ۾ ڏنو. پير صاحب وٽن موجود هو، فرمايائون ته ڪم تون ڪندين ۽ اسين تنهنجي مدد ڪنداسين.

پير صاحب جي فراخدليءَ جو هڪ ٻيو مثال هيءُ آهي جو هڪ نوجوان مسٽر غلام محمد لاکي، سندن ڪتاب مظفر شاهجهانيءَ تي تنقيد ڪئي. ان تنقيد تي ڪاوڙجڻ جي بدران اُن کان ايتري قدر ته متاثرٿيا، جو پاڻ مسٽر غلام محمد لاکي سان ملڻ لاءِ ٻه ٽي دفعا اظهار ڪيائون.

سندن دورانديشي، گهري اڀياس ۽ اعليٰ سوچ جو هڪ بي بها مثال هيءُ به آهي جو سندن ئي رٿ تي آڪٽوبر 1964ع ۾ سنڌي ائڪيڊميءَ جو نالو بدلائي، ان جو نالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي رکيو ويو. پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پاڻ ۽ مون کي شامل ڪري اداري جي مقصدن تي نئين سر نظر وجهي، انهن کي جامع بنايو ويو. اهو ٺهراءُ ته بحال ٿي ويو پر ماڻهن جي کلن ۽ چٿرن کي ڪير منهن ڏئي. ان وقت سنڌالاجيءَ جي آفيس اولڊ ڪئمپس ۾ ڏاڪڻ وٽ هئي. سنڌالاجيءَ جو بورڊ ڏسي ماڻهو ٻاهران ئي ٻاهران کلندا هئا ۽ رمارڪس ڏيندا هئا. پر پاڻ هميشھ چوندا هئا ته هي ادارو ائڊولاجي، ايجپٽالاجي ۽ ايرانالاجيءَ جون سڪون لاهيندو. خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پير صاحب جهڙن بزرگن، هڏ ڏوکين ۽ نيڪ مردن جي دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان جيئن جيئن هن اداري جو ناماچار وڌندو ويو، تيئن تيئن پهرين سنڌ، پوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ پوءِ دنيا جي يونيورسٽين ۾ هن اداري جي پهچ ۽ پکيڙ ٿي. عالمن کي پروڙ پيئي، تيئن پير صاحب جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو ويو. هن اداري جي ڪارڪنن ۾ سندن ڀروسو ڄمندو ويو، اعتماد پختو ٿيندو ويو. ان جو ثبوت هن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو ڪارڪنن ۾ اعتماد آڻي پنهنجي وصيت ۾ سندن ڪتاب فوٽوگراف ۽ ٻيون شيون سنڌالاجيءَ ۾ رکڻ لاءِ هدايت ڪري ويا آهن، مون کي خوشي به آهي ۽ فخر به ته پير صاحب جهڙي جڳ مشهور عالم سنڌالاجيءَ کي اعتماد جوڳو ادارو سمجهيو هو.

آءٌ هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت ۾ سندن علميت، فضيلت، حڪمت، دانشمندي ۽ فن جي باري ۾ ڳالهائڻ يا لکڻ جي نه همت ٿو ساري سگهان ۽ نه وري اهڙ ي تجزيي ڪرڻ جي مون ۾ ڪا لياقت آهي. سندن هرڪتاب، ڪتاب جو هر ورق، سنڌ، سنڌجي سماجي، قومي، علمي ۽ ادبي تاريخ واري بيان سان لبريز آهي. پير صاحب سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي، ان کي قومي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. سندن عالم، فاضل ۽ مورخ هجڻ جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿو ٿي سگهي جو “مڪلي نامھ” جي اصل مصنف علي شير قانع وارو “مڪلي نامھ” دراصل 79 صفحن ۾ لکيل هو، جڏهن ته پير سائينءَ ان ۾ اضافا آڻي، حاشيا لکي، تحقيقي واڌارا ڪري، ان کي 779 صفحن وارن ضخيم ڪتاب “مڪلي نامھ” جي صورت ۾ آندو. اهڙيءَ طرح مقالات الشعراء، تڪملة مقالات الشعراء، مظهر شاهجهاني، تذڪره اميرخاني، ترخان نامه، مير معصوم بکري ۽ مرزا غازي بيگ ڪتاب سندس علم، حڪمت ۽ سخنوريءَ جي ساک ڀرين ٿا. اهو ئي وڏو ڪارڻ هو جو اڳوڻي ايران سرڪار طرفان تهران يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽر آف لٽريچر جي آنرري ڊگري عطا ڪئي.

پير صاحب جي سڄي زندگي ڪمال سان ڀريل آهي،. هو  نه ڪنهن اسڪول ۾ باقاعدي پڙهيو ۽ نه ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، نه مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ نه وري ڪنهن ٻئي امتحان ۾ ويٺو. منهنجي نظر ۾ هن جهڙا مثالي انسان ڳوليا لڀندا، هو هڪ Self-made اديب، عالم ۽ فاضل هو، هن پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ سان محنت ڪري، بنا ڪنهن استاد جي عالمن،، فاضلن، اديبن ۽ مورخن جي دوستيءَ ۽ ساٿ مان فائدو وٺي، سنڌ جي سماجي تاريخ، معاشي تاريخ، سياسي تاريخ، علم ادب، راڳ فن ۽ ثقافت جو ايترو ته گهرو مطالعو ڪيو، ان تي ايترو ته لکيو جو ان جي مڃڻوتي پنهنجن ۾، ته خبر پر ڌارين عالمن به ڪئي آهي.

راشدي صاحب جي هاڪ ۽ ڌاڪ برصغير پاڪ-هند کان سواءِ ايران، افغانستان، چين روس،  آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا، هانگ ڪانگ ۽ سلون تائين پکڙيل هئي، انهن ملڪن جا ڪئين عالم ۽ فاضل سندن گهڻو احترام ڪندا هئا، اها سعادت هرڪنهن پاڪستاني عالم کي نصيب ڪانه ٿي هئي.

راشدي صاحب جهڙي عظيم شخصيت تي نه فقط اسان کي فخر آهي، پر مشرقي علوم جو هر عالم سندن احترام ڪندو هو، هو هڪ شخص نه پر هڪ ادارو  هئا.

آءٌ سندن مزار تي ٻه ٽي دفعا ويو آهيان،  مون کي پاڻ ڏاڍو سڪون ۽ آرام سان ستل نظر آيو. حقيقت ته هيءَ آهي ته پر حسام الدين مئو نه آهي. هو هن وقت به زنده آهي. سندس لکڻيون زنده آهي، سندس پيغام، سندس ڪتاب، سندس تقريرون ۽ سندس تحريرون اسان وٽ زنده آهن، اهي سڀ اسان جي سامهون آهن. پير صاحب اڄ به اسان وٽ موجود آهي.

هاڻ اسان سڀني جو اهو فرض آهي انهن کي سميٽيون، انهن کي سنڀاليون ۽ نئين نسل جي اطلاع ۽ اڀياس لاءِ انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريون. اهو ئي سندس سرمايو آهي، جنهن تي اسين هڪ زندهه قوم وانگر ناز ڪري سگهون ٿا. انسان وڃڻي وٿ آهي. ڪوبه ڪونه رهيو، پير پيغمبر هليا ويا، رهندو نالو الله جو، پر بزرگن جا ڪارناما ۽ سندس ڇڏيل سرمايو، سندن همعصرن ۽ نئين نسل لاءِ مشعل راهه بنجي سگهجن ٿا. اسان مان هرهڪ جو فرض آهي ته سندن ٻاريل مشعل  کي اُجهامڻ نه ڏيون. پاڻ جنهن طريقي سان، جنهن نموني سان، جنهن رنگ ۽ ڍنگ سان، سنڌ جي تاريخ کي بدلائي قومي رنگ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون، ان کي جاري رکون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته يقيناً سندس روح کي راحت ايندي، سنڌ جا سچا هڏ ڏوکي خوش ٿيندا ۽ سنڌ سرهي ٿيندي.

پير صاحب جي گذريل سال سچل واري ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير ۽ ان ۾ ڏنل پيغام هنئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي. اسان کي سندن اهو پيغام سامهون رکي اڳتي وڌڻو آهي. سندن طرفان ڏسيل مقصد ۽ منزل تي پهچڻ جي ڪوشش جاري رکڻي آهي، پر ائين ڪرڻ جي بدران فقط ٻه لفظ واکاڻ جا ڳالهائڻ کان پوءِ سڄو سال خاموش ويهي رهڻ سان پير صاحب جي ڏنل پيغام جي پوئواري نه ٿي سگهندي، پر ان جي بدران سندن مشن کي جاري رکڻ گهرجي، پير حسام الدين شاهه راشدي  يادگار ڪائونسل يا اڪيڊمي ٺاهي اهو ڪم ان جي حوالي ڪريون ته جيئن هر ڪم ڪنهن رٿا ۽ ترتيب سان ٿي سگهي.

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …