سيف الحق سيف
هن جي لفظن جي گهرائيءَ ۾ لهي ويس ته پهريون ڀيرو مذاق بدران دل ۾ درد چڀندي محسوس ٿيو. سوچيم پيار به عجيب آهي، انسان کي انهي جي کوٽ ڪيڏو تڙپائي ٿي، لڇائي ٿي ۽….
سڌڙيئي عاشق جي دلچسپ ڪهاڻي.
هو گهڻي دير کان وٺي آئيني ۾ پهنجو پاڻ ڏسندي پنهنجو جائزو وٺي رهيو هو. روزانو جيان آخر ۾ هن آئيني کي ميز تي رکي هڪ شوڪارو ڀريو ۽ پنهنجو پاڻ کي بي ستي انداز ۾ کٽ تي اڇليو پر اڄ شايد پنهنجو پاڻ کي ٿورو زور سان ۽ غلط هنڌ تي اڇلايائين، مٿو پائي سان ٽڪرايس ته رڙ نڪري ويس ۽ پنهنجي مٿي کي مهٽڻ لڳو. هن جي حالت انتهائي رحم جوڳي هئي، ڊگهي، ڏٻري بدن سانوري رنگ سبب هن جي شخصيتغير پرڪشش پئي لڳي. اهو ئي سبب هو جو هو اڪثر اداس ۾ رهندو هو.
”اياز قدرت مون کي به تو جهڙو حسين بڻائي ها ته ڪيڏو نه سٺو هجي ها“ هو اڪثر آئينو ڏسڻ کانپوءِ مون کي چوندو آهي، مان مرڪي آٿت ڏيندو آهيانس.
”جليل اهڙيون ڳالهيون نه ڪر تون به گهٽ ناهين“
”سمجهان ٿو…منهنجي دل آٿت پيو ڏئين، نه ته اها حقيقت آهي ته مون ۾ ڪائي ڪشش ناهي، ڪا به ڇوڪري مون ن سان پيار ڪري نه ٿي سگهي ه جي احساس ڪمتري جو ڪانٽو اڃا به چڙهي ويندو هو.
پيار هن جي ڪمزوري هو، انهيءَ معاملي ۾ هو تمام احساس به اڪثر واندي ٽائيم ۾ ويٺو پيار واريون ڪهاڻيون.افسانا ۽ ناول پڙهندو هو، طارق خشڪ هن جو پسنديده ليکڪ هو، اڪثر پيو ان جي پيار ڀرين ليکڻين جا تعريفي ڌڪ ڀريندو هو. طارق خشڪ جي رومانوي ناول ”مونکي هوائن ۾ ڳولجانءِ“ کي هن حفظ ڪرڻ جي حد تائين پئي پڙهيو هو.
مون کي اعتراف آهي ته هن جي احساس ڪمتري وڌائڻ ۾ مهنهجو به هٿ هو، مان اڪثر هن کي پنهنجي عشق جا ڪوڙا قصا گهڙي ٻڌائيندو هيس ۽ هو ڪن ڏئي اهڙي ته نموني غور سان ويٺو ٻڌندو هو ڄڻ ياد ڪندو هجي ۽ واقعي منهنجا ٻڌايل ڪوڙن عشقن جا سمورا قصا هن کي ياد هئا. وڏي ڳالهه اها هئي ته مون کي به ياد نه هو ته مون هن کي ڪهڙا ڪهڙا ڪوڙا عشقيه قصا ٻڌايا آهن ۽ انهن مان پهريون قصو ڪهڙو هو؟ اڄ ڪا ته هن کي پنهنجي هلندڙ ڪوڙي عشق جو جيڪو قصو ٻڌايو هيم انهي ۾ منهنجي محبوبا فرزانھ هئي، حالاتڪ فرزانھ جو ڪوئي وجود نه هو، اها منهنجي خيالي محبوبا هئي، جنهن بابت هن کي ٻڌايو هيم ائين ڪرڻ سان مونکي ڪو فائدو ته نه پئي مليو پر پوءِ به مان مزو وٺڻ خاطر هن کي اهي ڪوڙا قصا ٻڌائيندو هيس، جنهن کي هو سراسرا سچ سمجنهندو هو ، فرزانھ سان هلندڙ ڪوڙي عشق جو قصو ٻڌي هو ڪجهه گهڙين لاءِ آڱرين تي ڪو حساب ڪندو رهيو ۽انهيءَ سان گڏ ڪجھ ڀڻڪندو به رهيو، آخر ۾ چيائين.
”يار فرزانھ تنهنجي ڏهين محبوبا آهين نه؟“ مون کي ياد نه هو ته هن کي گهڻين خيالي محبوبائن جا قصا ٻڌايا هئا؟ پوءِ به مڃيندي چيم. ”ها منهنجي ڏهين نمبر محبوبا آهي.“
هو وري ڪجھ گهڙين لاءِ سوچ ۾ گم ٿي ويو. مان اندازو هڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳم ته هو ڇا سوچي رهيو هوندو؟ پر ڪو اندازو نه هڻي سگهيم، هن ڳالهايو.”يار ڪامران تو سچ ٻڌائجانءِ جڏهن تون ڪا نئين محبوب ٺاهيندو آهين ته پراڻي محبوبا کي ڇڏيندي ڪجھ نه ڪجه ڏک ٿيندو هوندئي،“
مون ڪجه لمحن لاءِ سوچڻ جي اداڪاري ڪندي چيو. ”نه بلڪل نه، مون کي ڪو ڏک نه ٿيندو آهي.“
هو مون کي چتائي ڏسڻ لڳو، محسوس ڪيم ته اها ڳاله هن کي نه وڻي هئي، ڪجه گهڙيون ائين ڏسندي چيائين.”وڏو سنگدل تون آهين، توکي گوشت جي دل نه پٿر جي آهي.“ مان هلڪو مرڪي پيس ته هن چيو.”زبيده کي ڇڏيندي ضرور ڏک ٿيو هودئي؟
مان منجهي پيس ته زبيده جي حوالي سان الئي ڪهڙي نموني هن کي ڪوڙ عشق جو قصو ٻڌايو هيم، ڪجه لمحن لاءِ ذهن تي زور ڏنم پر ڪجه ياد نه آيو، ڪوڙ هڻڻ جي معاملي ۾ اها ئي مصيبت هوندي آهي ته ڪوڙ هڻندڙ کي اهو ياد ناهي رهندو، ته اڳلو ڪهڙو ۽ ڪهڙي نموني سان ڳالهايو هو پر شڪل آهي جو هن پاڻ ئي ڏسيو.”ها يار زبيده توکي سکر جي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪرڻ آئي هئي ۽ تو کي آخري نشاني پنهنجي ڳچيءَ مان هار لاهي ڏنو هئائين ۽ سنگدل نڪتين جو هن جي پيار جي آخري نشاني سنڀالڻ بدران کپائي پيسا وڃائي ڇڏياهيئي.“
”ها….ها….ها ياد آيو.. انهيءَ زبيده جي ڳاله پيو پڇين.“ مون ٽهڪ ڏيندي چيو.”سچ يار مون کان ته وسري وئي هئي.“
هن ملامت ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.”افسوس جي ڳاله آهي ڪامران پيار جا معاملا ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن ۽ تون انهن کي جذبن جي راند بڻائي ڇڏيو آهي توکي ته صائمھ به ياد نه هوندي ؟“
”صائمھ ڪنهن کي ياد نه هوندي، هيڏي ساري پاڪستاني فلم اسٽار آهي.“
”مان انهيءَ صائمه جي نه پر هن صائمه جي ڳالهه پيو ڪيان جنهن توسان شادي ڪرڻ لاءِ گهر وارن سان ضد ڪيو هو ۽ خودڪشي ڪرڻ لاءِ نشي آور گوريون به کاڌيون هيونپر جڏهن هن جي گهرواررن مڃيو ته تو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ صائمه پاڳل ٿي وئي هئي.“
”هون…اها صائمه.“مون پنهنجو پاڻ تي هٿرادو سنجيدگي طاري ڪندي چيو.” چري ڇوڪري هئي خوام خواه جذباتي ٿي وئي هئي“
هن جي چهري تي ڪاوڙ جا تاثر اڀري آيا، مُٺيون ڀڪوڙجي ويس، ائين پئي لڳو ته هن جي مُٺين ۾ آءُ سُڪ هجان، هو مون کي زور ڏئي نپوڙيندو هجيس، آخر هن پنهنجون ڀڪوڙيل مُٺيون کوليون، چهري تي ڪاوڙ جي جڳهه ٿڪ لهي آيس، شوڪارو ڀري جهڪي لهجي ۾ چيائين.”تون ظالم آهين.“
مون ٽهڪ ڏنو ته هن ناگواري منجهان ڏسندي چيو.”مون سان ائين چريو پيار صرف ڪاهڪڙي ڇوڪري ڪري ته مان پنهجي سڄي زندگيءَ انهيءَ کي ارپي ڇڏيا، انهيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ ڏي هڪ نظر به نه ڏسان.“
مون هن جي دل رکڻ ۽ دلجاءِ ڏيڻ لاءِ هن کي ڪيترائي اهڙا پيار جا قصا ٻڌايا، جنهن ۾ يا ته ڇوڪرو سهڻو نه هو ته ڇوڪري، پر پوءِ به انهن جو پيار ٿي ويو هو ۽ سٺي نموني سان سنڀائجي به ويو هو، مون هن کي ٻڌايو ته پيار صرف سونهن نه پر دل سان به ٿيندو آهي، ڪافي ڪجه ٻڌائڻ کان پوءِ آخر ۾ چيو مانس.
”جليل تون فڪر نه ڪر، هر ماڻهو جي مقدر ۾ ڪجهه نه ڪجھ، ڪنهن جو نه ڪنهن جو پيار لکيل آهي ۽ اهو انهيءَ کي ملڻو آهي ، باقي اهو ضرور آهي ته تون ڪوشش ڪندو رهه.“
۽ واقعي هن منهنجي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي دل وجان سان هڪ ڪوشش نه پر ڪيئي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون هيون، نتيجي ۾ هن جو پيار ته اڃا ڪٿان ملي نه سگهيو هيو….ڌڪا ٿاٻا ڪافي مليا هيس، هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي، آءٌ ڪمري ۾ ويٺو ٽيپ تي هڪڙو پيار ڀريو گانو ٻڌي رهيو هيس جو هو زور سان در ٿڪل ٽٽل پگهر ۾ شل ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجو پاڻ کي کٽ تي اڇليائين، ما هن کان ڪجهه پڇڻ وارو هيس جو هن اڳ ۾ رڙ ڪئي.
”بند ڪر….ٽيپ….ناهي ٻڌڻو اهو پيار وار گانو… پيار گهڻو ئي رسول ڪيو آهي.“
مون ٽيپ جو بٽڻ آف ڪري ڇڏيو ته هو کٽ تي اٿي ويٺو، کيسي مان هڪ عورتاڻي سينڊل جو وڏو پادر ڪڍي ڏيکاريندي چيائين ”ڏسين ٿو هي پادر پنهنجي نصيب ۾ پيار بدران پادر ئي لکيل آهن.“
پادر ڏسي مان سمجهي ويم ته ڇا ٿيو هوندو، تنهن ڪري هن کان وڌيڪ ڪجهه نه پڇيم، بس هن کي ڏسندو رهيس، هو انتهائي ڪمتري جو شڪار نظر پئي آيو، تڪڙو اندازو هنيم ته اگر هو اهڙي حالت ۾ ڪجهه ٽائيم اڃا رهيو ته ٽينشن ۾ اچي يا ته خود ڪسي ڪندو يا ته وري چريو ٿي ويندو.
هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”يار ڪامران هيءَ دنيا به عجيب آهي، اندرين سونهن بدران ٻاهرين سونهن ٿي چاهي، هيءَ دنيا هاڻي تنهنجو ۽ منهنجو مثال ئي وٺ…. تون حسين آهين پر اندر جي سونهن تو ۾ ڪانهي ڪا، بيوفا ۽ پٿر دل آهين، پوءِ به ڏهه محبوبائون ماڻي چڪو آهين، جڏهن ته مون به اندر جي سچائي ۽ انمول پيار آهي، بس ٻاهران سهڻو ناهيان ته ڏه محبوبائون ته ٺهيو، ڪا هڪ پنهنجي سنهجي، ڪاري ڪوجهي محبوبا به ٺاهي نه سگهيو آهيان.“
مون کي اندر ئي اندر ۾ کل پئي آئي، پر ظاهري طور تي همدردي جو اظهار ڪيو مانس. ”جليل فڪر نه ڪر تون به ضرور ڪا محبوبا ماڻيندين.“
هن ڪجھ نه ڪڇيو…. بس ڇت ۾ لڳل پکي کي گهوريندو رهيو، پڇيو مانس.” جليل ساڻ کڻي اچبا آهن، تحفا يا ميڊل، تون پادر کڻي آيو آهين؟“
هن لاچار پکي تان نظرون هٽائي ڪجھ گهڙين لاءِ مون کي ڏٺو ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساهه کڻندي چيو. ”اسان پارن بدنصيبن… جن جي ليکي ۾ ڪنهن جو پيار لکيل ناهي هوندو تن لاءِ هي ڪنهن جي نرم نازڪ پيرن مان لٿل ۽ نرم و نازڪ هٿن سان لڳل پادر به وڏي اهميت رکندا آهن.“
مشڪل سان پاڻ کي کلڻ کان روڪيندي چيم.” پيار پوءِ به پادر ته پادر آهن. توهين جي نشاني، انهي کي کڻي اچڻ جي هرو ڀرو ڪهڙي ضرورت هئي.“
هن مون کي اهڙي نموني ڏنو ڄڻ آءُ دنيا جو پهريون نمبر ايوارڊ يافتا بيوقوف هجان ۽ چيائين، ”تون شايد طارق خشڪ جي زبردست ڪهاڻي ”عشق ۽ پادر“ نه پڙهي آهي، جنهن ۾ محترم طارق خشڪ عشق ۽ پادر جو پاڻ ۾ گھرو تعلق ڏيکاريو آهي، توکي اها ڪهاڻي ضرور پڙهڻ گھرجي.“ ٿوري جھٽ لاءِ خاموش ٿي الائي ڇا سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڳالهايائين. ”پيارا توکي تمام گھڻو پيار مليو آهي، جنهن سبب تون دل جو پڪو ٿي پيو آهين، پيار جي اهميت اسان پارن کان پڇ، جيڪي پيار جي هڪ بوند لاءِ سڪن ٿا، مان هي پادر ان لاءِ کڻي آيو آهيان ته هي پادر مونکي گھڻي عرصي تائين هن جي ڏياريندو رهندو ۽ مان به هن کي گھڻي عرصي تائين صرف ان ڪري ٿاد رهندس ته سندس هڪ نامراد عاشق سندس نفرت مان هنيل پادر کي پيار جي انمول نشاني سمجھي ساڻ کڻي ويو هو.
هن جي لفظن جي گھرائي ۾ لهي ويس ته پهريون ڀيرو مون مذاق بدران دل ۾ درد جڀندي محسوس ٿيو، سوچيم پيار به عجيب آهي، اسان کي ان جي کوٽ ڪيڏو تڙپائي ٿي، ڪيڏو لڇائي ٿي ۽ . . .
فون جي گھنٽي تي منهنجيون سوچون ٽٽي پيون، ڏٺم ته جليل خيالن جي دنيا ۾ گم هيو، اٿي اچي رسيور کيم پريان ڪا ڇوڪري هئي، جنهن فون ته پنهنجي پڦي کي ڪئي هئي پر هڪڙي انگ جي غلط ملائڻ سان گھنٽي اسان جي فون جي وڳي هئي، يعني رانگ ڪال.
ڇوڪري پوءِ به گھڻي دير تائين ڳالهائيندي رهي هئي، جليل به خيالن جي دنيا مان نڪري منهنجي ويجھو آيو هو ۽ منهنجي ڪن جي ڀرسان ڪن ڏئي گفتگو ٻڌڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. هن کي به اندازو ٿي ويو ههو ته پريان ڪا ڇوڪري آهي، گھڻي دير تائين ڳالهائڻ کان پوءِ ڇوڪري خداحافظ چئي ڳالهائڻ جو سلسلو ختم ڪيو ته مون به رسيور رکيو.
”ڪير هئي“ جليل پڇيو،
هڪ گمنام ڇوڪري“ مون وراڻيو. ”غلطي سبب هن کان اسان جو نمبر ملائجي ويو هو.“
جليل هڪ ٿڌو ڇوڪارو ڀريو ۽ حسرت مان چيو.” ڪاش فون مان رسيو ڪيان ها، ڪجھ گهڙين لئه سهي انهيءَ گمنام، خوش آواز ڇوڪريءَ سان ڳالهيون ته ٿين ها.“
انهي گمنام ڇوڪريءَ جي فون هاڻي مسلسل اچڻ لڳي هئي، هاڻي هو ڀلجي نه پر ڄاڻي واڻي فون ڪندي هئي، هاڻي هوءَ گمنام به نه رهي هئي، هن جو نالو سحرش هو، هڪ امير گهراڻي سان تعلق هيس، پيءُ ماءُ کي اڪيلي اولاد هئي، مون به هن جي پنهنجي باري ۾ ٿورو ٿڪو ٻڌايو ته منهنجو تعلق هتان کان پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان آهي، هتي نوڪر سانگهي، هڪ مسواڙي ڪمري ۾ اڪيلو رهان ٿو.“
انهي ڳالهه تي جليل ڏاڍو ڪاوڙيو. چيائين. ” تو منهنجو ذڪر ڇو نه ڪيو؟“
”اڙي بابا تنهنجي ذڪر جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ مون حيرت مان چيو تههن منهن سڄائيندي چيو. ”ضرورت نه هئي ته به ضرورت پيدا ڪرين ها، آخر منهنجي ذڪر سان توکي ڪهڙو نقصان پئي پهتو.“
مان خاموش رهيس ته هو به ڪجھ گھڙين لاءِ منهن سڄائي خاموش ويٺو رهيو ۽ پوءِ هڪدم رڙ ڪري مون کي ڇرڪائي وڌائين، ڪنهن اندروني خوشي توڙي جوش و جذبي سبب هن جو سانورو چهرو وڌيڪ ڪاراٽجي ويو هو، هن خوشي مان چيو ”تو چڱو ڪيو جو هن سان منهنجو ذڪر نه ڪيو.“ مان حيرت منجھان جليل کي تڪڻ لڳم، مون کي هن جي ذهني حالت تي شڪ ٿيڻ لڳو، ٿوري جھٽ اڳ ۾ ذڪر نه ڪرڻ تي ڪاوڙيو پئي. هاڻي وري ان ڳالھ تي خوش نظر آيو پئي. هو منهنجي حيرت ۽ ڪيفيت کان بي خبر پنهنجي ڌن ۾ چئي رهيو هو ”ڪامران توکي ته خبر آهي مان آواز نقل ڪرڻ ۾ ماهر آهيان ۽ تنهنجو آواز ته تمام آساني سان نقل ڪري وٺندو آهيان، سو مان سحرش سان تنهنجي آواز ۾ ڳالهائي سگھان ٿو.“
مان هن جو مطلب سمجھي ويس، تنهن ڪري سوٽ پائي ڏسندي چيو مانس ”اجايو خوش فهميون دل ۾ نه پال… مان توکي هن سان هڪ لفظ به ڳالهائڻ نه ڇڏيندس.“
”ٿار ساڙيولو ڇو پيو ٿئين؟ توکي پيار جي ڪهڙي ڪمي آهي، تون فرزانه سان پيو سٺو وقت گذار.“
”ڪهڙي فرزانه؟“
”افسوس منجھان ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين. ”فرزانه، ويچاري کي به وساري ويٺين، پنهنجي ڏهين نمبر محبوبا کي.“
هاڻي ڳالھ منهنجي دماغ ۾ ويٺي ته هو منهنجي ٻڌايل خيالي محبوبا جي ڳالھ ڪري رهيو هو، ڳالھ کي سنڀاليندي چيم. ”انهي فرزانه کي هاڻي وساري ڇڏ، ڇو ته هاڻي سحرش اچي چڪي آهي.“
جليل هيڏي هوڏي اهڙي نموني ڏٺو، ڄڻ ته هڻڻ واري شيءِ ڳوليندو هجي، جنهن سان منهنجو مٿو ڦاڙي سگھي، اهڙي ڪا شيءِ نه مليس ته مايوس ٿيندي چيائين، ”ڪامران ڏاڍو پڇتائيندي، ظالم نرم و نازڪ ڇوڪرين جو نفيس دليو ٽوڙيندو ٿو وتين، هڪ نه هڪ ڏينهن زور گھرو ڌڪ کائيندين.“
مون کي ڪو فڪر نه هو… مون ته ڪنهن نرم ونازڪ ڇوڪري جي دل نه ٽوڙي هئي، ها باقي جيڪي پنهنجي محبتن جا ڪوڙا قصا گھڙي ٻڌايا هيم، تن ۾ واقعي منهنجي هٿان ڇوڪرين جون دليون ٽٽيون هيون.
سحرش جي فون ايندي رهندي هئي. سچ اهو هو ته هن هنسان گفتگو ڪندي هن جي پيا ۾ مبتلا ٿي چڪو هي، هوءَ هاڻي اڪثر رات جو فون ڪندي هئي، گھڻي دير تائين ڳالهائيندا رهندا هياسين، جليل به خاموشيءَ سان ٻڌندو رهندو هو، هن ڇا ڪيو هو جو ٽيلفڳڍون هڪ الڳ سيٽ وٺي آيو هو، جيڪو پراڻي سيٽ سان ملائي ڇڏيو هيائين، جنهن تي ويٺو آرام سان اسان جون ڳالهيون ٻڌندو هو، انهيءَ تي مون کي ڪو اعتراض نه هو، سوچيم هو اگر ٻڌي ٿو ته ڀل ٻڌي منهنجو ڪهڙو نقصان پيو ٿئي.
هڪڙي رات فون تي ڪچهري ڪندي سحرش ملاقات ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، هن جو خيال هو ته هاڻي پاڻ کي روبرو به ملڻ گھرجي، مون هن جو امتحان وٺڻ خاطر چيو.” سحرش مون سان روبرو نه مل ته سٺو اٿئي.“
”ڇو… ؟ ڇو توسان نه ملان، کائي ويندين ڇا؟“
اسان پاڻ ۾ ڪافي فري ٿي چڪا هياسين چيم. ”نه کائي ته خير ڪو نه ويندو سانءِ باقي تنهنجي تصور ٽٽي پوندو.“
”ڇو.“ هن پڇيو.
چيم، ”مان ايترو سهڻو نه آهيان رنگ سانورو آهي، جڏهن ته شڪل به اهڙي خاص نه آهي.“ منهنجي لهجي اهڙي هٿرادو اداسي هئي، جهڙي سچي اداسي جليل جي لهجي ۾ هوندي آهي.
سحرش جو مٺڙو آواز آيو ”نه ڪامران، تو انتهائي خوبصورت آهين، تنهنجي آواز مان تنهنجي شخصيت جو مون تصور جوڙي ورتو آهي.“
”تڏهن ته چوانءِ ٿو مون سان نه مل ته بهتر آهي، هرو ڀرو خوامخواه تنهنجي خوبصورت تصور کي ڌڪ لڳندو؟“
” بهرحال تون جھڙو به آهين مون کي قبول آهين بس تون مل ته سهي.“
”ٺيڪ آهي پوءِ سڀاڻي ملنداسين.“ مون چيو ته هن هڪ جڳھ ٻڌائي ۽ سڃاڻپ جون نشانيون به، جنهن سان هڪ ٻي کي سڃاڻڻو هو.
خداحافظ چئي رسيور رکي جليل طرف ڏٺم ته هڪ اک ڀڃندي چيم.
”قسم سان ڪامران تو تمام گھڻو خوش قسمت آهين، ڇوڪريون تو ڏي پاڻ ڇڪجي ٿيون اچن.“
اها رات مون بيچيني ۾ گذاري، سحرش سان ملڻ جو تصور ئي دل ۾ عجيب ڪتڪتايون ڪڍي رهيو هو، جنهن جو آواز هيڏو خوبصورت هو، اها پاڻ ڪيڏي خوبصورت هوندي؟ مان ته ڪو تصور به جوڙي نه سگھيم، ائين هن جي بابت سوچيندي سوچيندي الائي ڪهڙي مهل ننڊ آئي، صبح جو ساجھر جاڳ ٿي، تيارن ۾ لڳي ويس، جليل مون کان به ساجھر جاڳيو هو، هو مون کي تياري ڪندي ڏسي رهيو هو.
تيار ٿي نڪرڻ وارو هيس جو فون جي گھنٽي وڳي هئي ڍ، خيال ڪيم ته فون سحرش جي هوندي جڏهن رسيور کنيم ته منهنجا هوش ئي اڏامي ويا، اکين آڏو انڌيرو ڇائنجڻ لڳو، ڳوٺان فون آئي هئي، جنهن مطابق منهنجي پياري سوٽ حميد کي ءي برادري سان هلندڙ قبائلي جيھڙي ۾ ماريو ويو هو، مان سڏڪن ۾ پئجي ويس، جليل عادت موجب ٻي سيٽ تي فون ٻڌي پئي تنهن ڪري هو به پريشان ٿي ويو هو ۽ مون کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو.
مان سحرش ڏي وڃڻ بدران ڳوٺ هليو آيس، حميد صرف منهنجو سوءُٽ ئي نه هو پر انتهائي پيارو دوست به هو، وڏي ڳالهه اها هئي ته هو هلندڙ انهيءَ قبائلي جهيڙي کان نفرت ڪندو هو، هن جو خيال هو ته ٻئي برادريون خامخواهه هڪ ٻئي جا ڪونڌر جوان پيو ليٽائين، انهيءَ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ هن ڪيئي ڀيرا روز به ڀريو هو پر وڏا هئا سڀ جا سڀ اڻ پڙهيل ، هنن جي ذهن تي بس خون ئي تاري هو، ٻنهي طرفن کان پلاند جي ايوض پلاند ۾ ارڙهن خون ٿي چڪا هئا.
حميد ته محصوم هو، هن ڪڏهن به هٿيار نه کنيو هو، پر افسوس پوءِ بي هن کي بيدرديءَ سان ماريو ويو هو، هن بنا مون کي کوٺ کائڻ پئي آيو، جيئن تيئن ڪجھ ڏينهن ڳوٺ ۾ گذاري واپس شهر موٽي آيس، هاڻي شهر ۾ به مزو نه پئي آيو، جنهن مسواڙي ڪمري ۾ رهندو هيس سو به ڄڻ تبديل ٿي ويو هو، جليل به ڪجھ مٽيل مٽيل پئي لڳو، پر اهو سڀ ڪجھ شايد حميد جي ناحق قتل ٿي وڃڻ جو اثر هو، آهستي آهستي مان نارمل ٿيڻ لڳس، نارمل ٿيندي ٿيندي محسوس ڪيم ته جليل به ڪجھ فرق آيو آهي هو اڳ ۾ ئي هٽ ڳالهائڻو هو هاڻي ته اڪثر خاموش خاموش پئي رهيو. حرڪتون به ڪجھ عجيب و غريب پئي ڪيائين_ويٺي ويٺي پنهنجي جسم کي اهڙي نموني ڏسڻ ٿي لڳو ڄڻ ته چانڪ اتي ڪيئي اڻ وڻندڙ خراب قسم جا ڦڙا اڀري آيا هجن، يا وري نڪرڻ ورا هجن حقيقت ۾ ائين نه هو پر پوءِ به پنهنجو اهڙي نموني جائز پئي ورتائين، ڪڏهن ڪڏهن دير تائين دري کان ٻاهر تڪيندو ٿي رهيو، يا وري ڇت ۾ لڳل پکي کي پيو گهوري.
الائي ڇو هن جي چهري جي تاثرن مان ائين پئي لڳو ته هو اجهو ئي رئي پوندو يا اجهو وڏا وڏا ٽهڪ ڏين لڳندو، توڙي جو هن اڃا تائين انهن انهيءَ ڳالهين مان ڪا هڪ ڳالهه نه ڪئي هئي.
هو اڳ ۾ پيار جي معاملي ۾ ڳاکهائيندو رهندو هو، پر هاڻي انهيءَ معاملي تي به خاموشي اختيار ڪري ورتي هيائين، مون کي شڪ ٿيڻ لڳو ته هن کي دماغي حالت بگڙڻ لڳي آهي، هي هوريان هوريان نفسياتي مريض ٿيندو پئي ٿيو. هن جي اهڙي حالت ۾ سحرش جي فون نه اچڻ سبب مان به لاڳيتو ذهني طور تي ڊسٽرب پئي رهيم، جنهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هيس اتي به مون کان ڪم هڪ نموني نه پئي ٿيو.
مون کي سحرش جي فون اچڻ نه اچڻ جي به ايتري ڳڻتي نه هئي ايتري ڳڻتي پنهنجي هن روم پارٽنر يار جي نه هئي، جنهن کي ڏسندي الائي ڇو نه احساس وڌندو پئي ويو ته هئي جو روئي پوندو يا وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳندو هڪ رات تي عجيب ڳالهه ٿي، مان گهري ننڊ ۾ آرامي هيس ته هن جي رڙ تي ڇرڪ ڀري جاڳي پيس، اٿي ڏٺم هو پنهنجي کٽ تي هيڏي هوڏي پئي ٿيو، هن جو اندازو وفلڻ وارو هو.
مون اٿي اچي هن کي سنڀالي، هن جي چهري تي پگهر اڀري آيو هو، پڇيو مانس.”جليل ڇا ٿيو، خير ته آهي؟“
هو مون کان پڇڻ لڳو. ”تون ڪير آهي“ هاڻي مونکي قين ٿي ويو ته هن جي ذهني حالت وقعي بگڙي وئي آهي، ڏسيو مانس.“ جليل مان آهيان ڪامران“
”اڇا ته ڪامران آهين، يار ڪامران ڪتو ڇو ماڻهوءَ کي چڪيندو آهي ته چوڏهن سيون لڳنديون آهن؟“
اهڙي غير متوقع سوال تي مان ڇرڪي پيس، هاڻي ته پڪو يقين ٿي ويو ته هن جي ذهني حالت ابتر ٿي وئي آهي.
پڇيم. ”جليل ڇو ٿو پيو پڇين؟ هن مهل ڪتي جي چڪ جو خيال ڪيئن آيئي؟ ڏٺم هن جي چهري تي خوف جا پاڇا لهي آيا، آهستي آهستي ڀڙڪڻ لڳو.“ مون کي به چوڏهن سيون لڳنديون آهن. “
مون کي ته ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو. محسوس ڪيم اگر هو باڳل نه ٿيو ته ضرور مان چريو ٿيو آهيان، منهنجو ته دماغ چڪرائجي ويو هو، سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هن کي چوڏنهن سيون ڇو لڳيون، پڇيو مانس. ”جليل ٺيڪ ته آهين؟ ڇا پيو وڦلين، توکي چوڏنهن سيون ڇو لڳنديون؟ اهي ته انهيءَ کي لڳنديون آهن جنهن کي ڪتي ڏاڙهيو هجي.“
”مون کي به ته ڪتي ڏاڙهيو آهي نه.“ جليل تقريبن روئيندي چيو.
”توکي ڪتي کاڌو آهي؟“ مان پريشان ٿي ويس. ”ڪڏهن ڪتي کاڌو اٿئي.“
هن تڪڙ ۾ وڦلندي چيو. ”ڪتي …. ها ڪتي … هاڻي تازو خواب ۾ کاڌو آهي.“
منهنجي دماغ کي ڦيراٽي اچي وئي، خبر ناهي نڀاڳي جو واقعي به مٿو فريو هو، الائي هو منهنجو مٿو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، اچڻ خال کپي ها، پنهنجي پياري ننڊ فٽائي هن جون بيسريون ڳالهيون سي به اڌ رات جو ٻڌي رهيو هيس، پر مان توائي ٿيڻ بدران کلڻ لڳس، کلندي کلندي چيم. ”نڀاڳا، مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هيئي؟ مون سمجهيو واقعي ڪنهن ڪتي کاڌو اٿئي، خال تون فڪر نه ڪر، خواب ۾ ڪتي جو چڪ اثر نه ڪندو آهي، شاباس، هاڻي تون سمهي پئو.“
”ٺيڪ آهي“ هن جي انداز مان لڳو پئي ته هو مطمعن ناهي، پر تنهنجي هوندي به هن وڌيڪ ڪجھ ڪڇيو پڇيو نه، مٿان رلي وجهي سمهي پيو.
مان به پنهنجي کٽ تي اچي مٿان رلي وجهڻ کان پوءِ گهڻي دير تائين جڳندو رهيس، هاڻي منهنجي پريشاني وڌي وئي هئي، مون کي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو هو. نه ته خطرو اهو هو ته هن جي حالت وڌيڪ بگڙي نه وڃي، گهڻي وقت تائين جي سوچ ويچار کان پوءِ مون پڪو پهه ڪيو ته مون کي منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر سان انهي معاملي بابت صلاح مشورو ڪرن گهرجي، اتفاق سان يا خوشقسمتيءَ سان هو هڪ ماهر نفسيات هو ۽ نفسياتي مريضن جو سٺي نموني اعلاج ڪرڻ ۾ خاصو مشهور به هو.
ٻه ٽي مصروفيت سبب پنهنجي انهيءَ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر طرف نه وڃي سگهيس، اڄ فيڪٽري طرفان موڪل هئي، مون پنهنجي دوست ڏي وڃڻ جي تياري پئي ڪئي، مون سوچيو اول اڪيلي ۾ هن سان صلاح مشورو ڪري پوءِ جليل کي باقاعده اعلاج لاءِ وٺي وڃان.
فون جي گهنٽي وڳي ته مان سوچن مان نڪر آيس، جليل طرف ڏٺم، هو مٿان رلهي وجهيو ستو پيو جو، اڄ هن کي به موڪل هئي، خبر ناهي ته هو جاڳي رهيو هو، مون رسيور کڻندي چيو.
”هيلو ڪامران ڳلهايان.“
”ڪامران ڪهڙا حال آهن، مان احمد آهيان.“ احمد منهنجو ۽ جليل جو ڄاڻ سڃاڻ وارو هو، چيم. ”ٺيڪ ٺاڪ لڳو پيوآهيان، تون ڪيئن آهين؟“
”مان به بلڪل ٺيڪ آهيان، جليل جي حالت هاڻي ڪيئن آهي؟“ مون کي حيرت جو ٽهڪو لڳو ته ڪيئن احمد کي ڪيئن خبر پئي ته جليل جي حالت بگڙي رهي آهي، پڇيم. ”توکي ڪيئن خبر پئي ته احمد جي حالت ٺيڪ ناهي.“
”ٽيون ڏينهن اسپتال ۾ هن کي سئي هڻائيندي ڏٺم ته خبر پئي، هاڻي ڪيئن آهي.“
مون کي وري بيو جهٽڪو لڳو هو، حيرت مان پڇيم. ”احمد ڇا پيو چوين، جليل سئي هڻائي رهيو هو، ڇا جي سئي پئي هڻايائين.؟“
احمد جو آواز ڌماڪو بڻجي رسيو تي اڀريو. ”ڪتي جي چڪ جي.“
”ڪتي جي چڪ جي؟“ مون کان حيرت ڀري رڙ ائين نڪتي ڄڻ مون کي ڪنهن ڪتي چڪ هنيو هجي.
احمد جو حيرت ۾ ٻڏل آواز رسيور سان آيو. ”توکي خبر ناهي؟ جليل کي ڪنهن خطرناڪ ڪتي ڏاڙهي وڌو آهي؟“
عجيب ڳالهه آهي، جليل کي ڪتي چڪ هنيو آهي ۽ هن مون کي ٻڌايو به ناهي.“
پريان احمد شايد ڪجھ چيو پر مان ٻڌي نه سگهيس، ڇو ته ڇرڪ ٻي سان رسيو منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ويو هو، جليل اچي پيرن تي ڪري پيو خال هو شايد جاڳي رهيو هو ۽ هڪ طرفي فون واري گفتگو به ٻڌي رهيو هو.
”قسم اٿئي ڪامران، ڪجھ نه چئجانءِ، عضو به نه ڪجانءِ، ويه ته سڀ ڪجھ ٻڌايانءِ ٿو“
هن جي منه ڪرڻ باوجود مون کي غصو اچي ويو. رڙ ڪندي چيم. ” توکي ڪتي کاڌو آهي ۽ تو مون سان ڳالهه به ناهي ڪئي ڇا پنهنجي دوستي جي ايتري ئي اهميت آهي؟“
”پليز ڪامران غصو ڇڏي ويهه ته سهي، توکي سڀ ڪجھ ٻڌايان ٿو، پوءِ جيڪا سزا ڏيڻ چاهين سا ڏجانءِ.“ مان ويهي رهيس ته جليل ڳالهايو. ڪامران تون ڳوٺ هليو ويو هئين ته پويان سحرش جي فون آئي، جنهن تحت مون سحرش سان تنهنجي آواز ۾ ڳالهايو ته هن شڪايت ڪئي، ” ڪامران…..مان بيٺي تنهنجو انتظار پئي ڪريان ۽ تون نڪتو ناهين اڃان؟“
”سوري سحرش…..بس ما نڪرڻ وارو ئي هيس، اجهو اچان پيو، تو اتي انتظار ڪر.“ مون تنهنجي ئي آواز ۾ چيو ۽ رسيور کي سنبري نڪري پيس، توهان ٻنهي پاڻ ۾ جيڪي نشانيون مقرر ڪيون هيون تن جي مون کي به خبر هئي سو مان به تو واري نشاني کڻي گلاب جو گل کڻي مقرر جڳهه تي پهتس ته سحرش به انتظار واري ڪيفيت ۾ ناسي وڳي ۾ بيٺي هئي، ڪامران تو جيڪو پنهنجي خوبصورت نه هئڻ وارو ڪوڙ سحرش سان ڳالهايو هو سو به منهنجي ڪم اچي ويو، هن ويجهو ايندي چيو. ”ڪامران!“
مون به تنهنجي آواز جو سڍو نڪل ڪندي چيو. ” سحرش!“
سحرش جي خوبصورت چهري تي مرڪ پکڙجي وئي. ”ڪامران واقعي به سچ ڳالهايو هو تن تون سهڻو ناهين، پر خير انهيءَ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اچ ته هلون.
انهيءَ بعد هوءَ مون کي هڪ قيمتي ۽ خوبصورت ڪار وٽ وٺي آئي. ڪار ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري ويٺي هئي، سحرش ڪار ۾ ويهندي انهيءَ ڇوڪريءَ جو تعارف مون سان ۽ منهنجو تعارف انهيءَ سان ڪرايو ۽ ڪار اسٽارٽ ڪري ڊرائيو ڪندي شهر جا مختلف چونڪ ۽ موڙ ڪراس ڪري اچي گاڏي هڪ بنگلي جي اڳيان جهلي، منهنجو وات پٽجي ويو، انتهائي شاندار قسم جو بنگلو هو. گيٽ وٽ ڪو چوڪيدار وغيره به ڪو نه هو، گيٽ کوليندڙ به هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي، جنهن متعلق سحرش ٻڌايو ته سندس سهيلي آهي، ڪارشيڊ ۾ بيهاري سحرش ۽ ان جون سهيليون جنهن ڪمري ۾ وٺي آيون اتي به هڪ خوبصورت ڇوڪري ويٺي ڪو انگلش ميوزڪ پروگرام ڏسي رهي هئي.
”اتي به ڇوڪري ويٺي هئي؟“ مون حيرت مان پڇيو ته جليل خاموش رهڻ جو اشارو ڪري اڳتي ٻڌائڻ لڳو. ”اها به سحرش جي سهيلي هئي، خطرناڪ ڳالهه اها هئي ته هن ڀرسان هڪڙو خطرناڪ ڪتو ويٺو هو، پنهنجي سهيليءَ جوتعارف ڪرائڻ سان گڏ سحرش ڪتي متعلق به ٻڌايو. ”ڪامران، هونئن ته هي ڪتو ڏاڍو شريف قسم جو آهي پر هن کي جڏهن ڪنهن کي بڇ ڏني ويندي آهي ته پوءِ هي انتهائي خطرناڪ ٿي پوندو آهي ۽ هڪ اشاري سان شڪار تي وڃي ٽٽندو آهي، هن جو نالو ٽوني آهي.“ آخر ۾ سحرش ڪتي جو نالو ٻڌايو.
منهنجي جسم تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي، هٿ پير ٿڌا ٿيڻ لڳا هئا، چئن خوبصورت ڇوڪرين ۽ هڪ عدد خطرناڪ ڪتي جي موجودگي مون کي ڪنفيوز ڪري ڇڏيو هو، جيڪا ڇوڪري ويٺي انگلش ميوزڪ جو پروگرام ڏسي رهي هئي تنهن ريموٽ ذريعي چينل تبديل ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو چينل هليو سو ڏسي مان شرم پاڻي پاڻي ٿي ويس، دل چاهيو زمين چيرجي وڃي ته انهيءَ ۾ اندر گهڙي وڃان، هاڻي مان پڇتائڻ سان گڏ انهيءَ گهڙيءَ کي پٽي ۾ رهيو هيس جنهن گهڙيءَ توکي ڌوڪو ڏيڻ جو خيال آيو هو، سحرش چيو. ”ڪامران هاڻي تون سمجهي ويو هوندين ته اسان ڪهڙي قسم جون ڇوڪريون آهيون، اهو اسان جو طريقو آهي ته اسان مان ڪا هڪ رانگ نمبر ڪال شڪار ڦاسائيندي آهي ۽ پوءِ اهو ڪجھ ٿيندو آهي جيڪو هاڻي ٿيندو.“
منهنجو وات حيرت مان گود ٿي ويو، جليل کان پڇيم. ”واقعي به سحرش ائين چيو يا تون ڪوڙو قصو پيو ٻڌائين؟“
قسم سان ڪامران ڪوڙ نه پيو هڻان، اهو بلڪل سچ آهي، خير تون اڳتي ٻڌ، هڪ ڇوڪري ڪمري جو دروازو بند ڪرڻ پئي وئي ته منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال بجلي جي تيزي سان آيو سو چيم. ڀڄڻو آهي ته هاڻي نه پوءِ موقعو نه ملندو ۽ اهو ڪجھ ٿي ويندو جنهن کان پوءِ پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پوندس، سو هيڪر ئي اڳتي وڌي دروازو بند ڪندڙ ڇوڪري کي هڪڙي ڌڪو ڏئي وٺي ٻاهر ڊڪ اتم، پٺيان سحرش جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”ٽوني جمپ.“
هن شايد ڪتي کي مون تي حملو ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو، پوئتي مڙي ڏٺم ڪتو تمام تيزي سان اچي رهيو هو، مان به تيز ڊڪڻ لڳس، پر ڪتو ويجهو پهچي چڪو هو، مان ب گيٽ وٽ پهچي گيٽ تي چڙهڻ وارو هيس جو ڪتي ساڄي ٽنگ ۾ ڏند کپائي ڇڏيا، مون پنهنجي جسم ۾ ٽانڊا گهڙندي محسوس ڪيا، پوئتي مڙي سٽ ڏئي ٽنگ ڇڏائي، هڪ زوردار لت ڪتي کي وهائي ڪڍيم، پيرن ۾ پاتل سخت بوٽ ڪم اچي ويو، جنهن تي تون اڪثر ٽوڪون ڪندو آهين. سو ڪتي کي اهڙو ته ڪتي کي مٿي ۾ لڳو جو هو پتي وڃي ڪريو ۽ وري مون تي اٿي حملي آور ٿيو پر ٻه قدم اڳتي هيٺ ڪري پيو تڙپڻ لڳو، مان تيزي سان لوهي گيٽ تي چڙهي ٻاهرين طرف بل ڏنو ۽ ڊڪندو اچي مين روڊ تي پهچي ڀرسان گذرندڙ هڪ ٽيڪسي ۾ چڙهي اچي هتي پهتس، هاڻي چوڏنهن سين جو ڪورس پيو هلي اهو آهي سچ جيڪو مون توکان انهيءَ ڪري پئي لڪايو ته جيئن تون نفرت نه ڪرين، پر هاڻي تنهنجي اڳيان آهيان جيڪا سزا ڏيڻ سان قبول آهي.“
جليل سرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو، مون هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو. ”جليل مان توکي ڪهڙي ٻي سزا ڏيان، توکي ته سزا ملي چڪي آهي، ها باقي مان تنهنجو شڪر گذار ضرور آهيان تو مون کي بچائي وڌو نه ته مان وڃان ها ته اها حالت مونسان ئي ٿئي ها ۽ هن مهل تنهنجي بدران ڪتي جي چڪ جون سيون مان ويٺو هڻايان ها.“
جليل جو ڪنڌ شرم کان اڃا به وڌيڪ جهڪي ويو، انهيءَ پل مون کي هن تي کوڙ سارو رحم اچڻ لڳو هو.