عباس ڪوريجو
چنگچيءَ تان هيٺ لٿو، کيسي ۾ هٿ وجهي پنج روپيه ڪرايو ڪڍي چنگچي ڊرائيور کي ڏنائين،آڏو واري سيٽ تي هن جي ڀرسان ويٺل پوڙهي به لڪڙ جي مدد سان هيٺ لٿو، ٿاٻڙجڻ ڪري هيٺ ڪري پيو.
”پوڙهو شل ڪتو به نه ٿئي!هي به ڪا زندگي آ….! مان ته هن کان اڳ۾ ئي پاڻ ماري ڇڏيندس.“چنگچي ڊرائيور هن کي چيو، هو ڪجهه چوڻ بنا شهر ڏي رڙهي ويو،مسافر خاني وٽان لنگهندي ڇڇڪر جو آواز ٻڌائين،
”ڪاڏي پيارا! مُندَ مٽايو وڃ!؟مسافر خاني جي در وٽ بيٺل کدڙي چيس.
هو ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي رڙهي ٿو، پويان آواز ٿو اچيس،
”هونهه……!حرامي پاڻ پنج منٽ پوئتي آهي.“
سرڪندي اچي مين روڊ تي چڙهيو، هڪ رڪشو رانڀاٽ ڪندو هن جي ڀرسان گذري ويو،”زندگيءَ جو محور فقط“ رانڀاٽ“ ئي آهن، جيڪي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين نصيب جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.“
مين روڊ تي موٽر گاڏيون، هڪ ٻئي کان اڳ ڪنڍڻ جي آس ۾ هارن هڻنديون،اور ٽيڪ ڪنديون رهن ٿيون، بنان هن سوچ جي ته ”منزل“ کان پوءِ زندگيءَ جو زوال هوندو آهي،هر ٺهيل شيءِ اوس ٽٽڻي هوندي آهي، نواڻ جي محور پوڙهائپ آهي، هر نئين شيءِ پوڙهائپ ڏي ڊڪي ٿي ۽ پوڙهائپ زوال آهي.
دوست جي سگريٽ_ مانڊڙيءَ وٽ بيهي ٿو،کيڪاريندي ڀاڪر پائيس ٿودوست.
”ڪٿي ٿو رهين صاحب!؟يونيورسٽي وين ته ويندين ڪاڻ، سنگت ساٿي کي منهن ڏيکاريو آهي !“
”بس اڪثر ڌوئڻ به وسري وڃين ٿو، ڏيکار ڇا ڪيان!؟“
”يونيورسٽي ۾ رهي ٽوڻا سکي ويو آهين!“
”وقت وڏو”استاد“ آهي،ڪنهن کي پاپ ۽ پنڃ ته ڪنهن کي ڪرب ۽ ڪردو سيکاري ٿو ڇڏي، ڇو جو زندگي اهو تلخ لفظ آهي، جنهن کي اچارڻ سان چپ به پاڻ ۾ نه ملندا آهن.“
”يار ڇڏ انهن مايوسي جي ڳالهين کي ! لهي ويهه ته چانهه گهرائي پيئون! ڇهن مهينن کان پوءِ مس مليو آهين ۽ اڄ ته مان توکي مٺائي به کارائيندس!“
”ڇو ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا!؟؟
”ها يار ايڏي وڏي خوشخبري آهي جو مونکي هاڻي پنهنجو جيون سڦل پيو لڳي،ڪالهه منهنجي گهر چئن نياڻن پٺيان پُٽ پيدا ٿيو آهي!“
”اهو هڪ ڏينهن به ويچاري جو کٽي ويو، اهو هڪ قدم به پوڙهائپ ڏي وڌي ويس، جيئن هر شيءِ پوڙاهئپ ڏي ڊڪي ٿي.“
”يونيورسٽي تنهنجي دماغ ۾ علم نه پر توتڙ ڀري ڇڏيا آهن…. ڇهن مهينن کان ظاهر نه ٿيو آهين، ڳوٺ ڪڏهن پهتو آهين؟“
”شبير دنيا ۾ آئي ته ٻاويهه سال، ڇهه مهينا ،چوڏهن ڏينهن ۽ چار ڪلاڪ ٿيا آهن پر ڳوٺ پهتي هفتو گذري ويو آهي.“
”لڳي ٿو ته تون پاڻ ڪريڪ ٿي ويو آهين يا مونکي ڪرڻ گهرين ٿو، اڳي ته ائين نه هوندو هئين، کل مک هئين، توکي ڇا ٿيو آ سَلامَ!“
شبير يار! وقت مونکان ”ٽهڪ“کسي ورتا آهن، مون خوشين جا جهول ڀرڻ چاهيا ها پر وقت مونکي خالي ڪشڪول ڏنو،شبير!وقت ڪنهنجو ڀاءُ يا دوست ناهي!!!“
”سلام آخر توکي ڇا ٿيو آ!؟“ شبير چانهه جو اڌ ڪوپ رکندي پڇيس ٿو،
”سلامُ، هاڻي ٽهڪ پروف ٿي ويو آهي،ها يار شبير !مونکان کلڻ وسري ويو آهي،وسري ويو آهي مونکان!!!“
”يار سلام ٻڌاءِ هاڻي منهنجي دل به صبر نه پئي ڪري سگهي.“
”شبير منهنجو بابا جاني هاڻي هتي ناهي رهيو!! ۽ مان بدنصيب سندس آخري ديدار به نه ڪري سگهيس!!“
”هان!ڪڏهن؟؟؟“ شبير چوءڪندي پڇيس ٿو،
”هڪ هفتو اڳ……..منهنجون اکيون سندس نيڻ پسڻ بنا رهجي ويون“سلام سڏڪندي کيس ٻڌائس ٿو،“بابا جاني جو خلوص ۽ پيار مونکي هر موڙ تي ياد رهندو، مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن بابا يونيورسٽي اسٽاپ تائين ڇڏڻ هليو هئو……….
پٽ سلام!مونکي افسوس آهي جو منهنجا هي هٿ تنهنجي سٺي اعلٰي تعليم جيترو پوڙهيو نه ڪري سگهيا پر پوءِ به سمجهان ٿو ته تنهنجي رستي جا پٿر ضرور ميڙيندا.“
”نه بابا!ائين ته نه چئو!اڄ مونکي فخر آهي ته هڪ هاري جو پٽ يونيورسٽي پڙهڻ وڃي ٿو.“
”ها پٽ! تنهنجي گاڏي هاڻي تيار آهي، ڌڻي نگهبان اٿئي،مونکي واپس به ورڻو آهي، چڻن ۾ گاهه وڌي ويو آهي، اهو ڪڍڻو آهي.“ بابا چيو هو ۽ مونکان موڪلائي ڳوٺ ڏي موٽي ويو هو،مونکي بابا جي پورهيت هٿن ۽ دور انديش جهونڙين اکين جو قدر هو، مون پنهنجي ذهن ۽ وت آهر خوب محنت پئي ڪئي، جو بي.اي اڪنامڪس ۾ پوزيشن نه سهي پر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي هئم،ٽي سال گذري ويا پر مونکي خبر ئي نه رهي ته ڪٿان منهنجي خرچ لاءِ پئسا ايندا هئا! ڪڏهن ڪار ٻه چار ڏينهن پئسن ملڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پئسن سان گڏ بابا جي چٺي به ايندي هئي، جنهن ۾ لکيل هوندو ته، ”پٽ! ٻيهر دير نه ٿيندي!“
ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽي جي دوستن مجبور ڪري، پاڻ سان گڏ ٽوئر پروگرام تي وٺي ويا،۽ هتي بابا جي طبيعت به خراب ٿي وئي، منهنجو هڪ سوءٽ مونکي اطلاع ڏيڻ هاسٽل تي آيو پر کيس ٻڌايو ويو ته مان ٽوئر تي ويل هئس،هو پيغام رکي واپس هليو ويو.مان جيئن ئي ٻن ڏينهن بعد دوستن سان هاسٽل تي پهتس ته ڀرسان واري روم ۾ دوست منهنجي سوءٽ جو ڇڏيل پيغام ڏنو،ان وقت ئي ڳوٺ اچڻ جي تياري ڪري، گاڏي پڪڙيم پر ڳوٺ پهچڻ تي مونکي احساس ٿيو ته مون ڪيڏي دير ڪري ڇڏي هئي،وقت آبشاري پاڻي جيان ڪيترو تڪڙو لڙهي ويو هو، منهنجو انتظار ڪندي ڪندي ، نيٺ تدفين ڪئي وئي، ڳوٺ پهتس ته فقظ ”رانڀاٽ“ ئي ٻڌا هئم ،”رانڀاٽ“ جن ۾ نج ڄاڻ ڪيتريون آسون، اميدون،خواهشون ۽ منزلون گم ٿي وينديون آهن ۽ مون به انهن ۾ پنهنجو مستقبل گم ڪري ڇڏيو،ها يار شبير! زندگيءَ جو محور فقط رانڀاٽ ئي آهن. جيڪي ڄمڻ کان مرڻ تائين،نصيب جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.“ هو سڏڪي پيو، شبير کيس ڀاڪر ۾ ڀري دلجاءِ ڏيڻ لڳو.
”ڏس سلام! روئڻ سان ڀلا ڏورانهين ڏيهه ويل موٽي ايندا آهن؟ ڏس يار! زندگيءَ جي لفظي معنٰي ۽ مفهوم ڄڻ آهي ئي مشڪلاتن،سان جهيڙڻ، تون به دل وڏي ڪر….“
”شبير بابا جاني جو لکرايل هڪ خط اڄ صبح مونکي گهر مليو، جيڪو مون ڏانهن پوسٽ ٿيڻ کان رهجي ويو هو، خبر اٿئي، ان ۾ بابا ڇا لکرايو هو؟! بابا لکرايو هو،”پٽ سلام!ڪالهه ٻنيءَ تي واهه جي کاٽي کڻندي، آءُ هيٺ زمين تي ڪري پيو هئس، مون محسوس ڪيو ته هاڻي مان پوڙهو ٿي ويوي آهيان، منهنجي عضون ۾ وڌيڪ جهيڙڻ جو ست ناهي رهيو، مونکي اڄ اعتراف ڪرڻو ٿو پوي ته مان پوڙهو ٿي ويو آهيان.“
”سلام يار! هي دنيا فاني آ، هت ڪير نه رهڻو آ، واري واري سان اسان سڀني کي هلڻو آهي.“ ”شبير کيس آٿٿ ڏيندي چيو، ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، شبير، سنگريٽن لاءِ آيل گراهڪ سان ڳالهائڻ لڳو.
”شبير! مان اڌ ڪلاڪ اندر موٽي ٿو اچان! اندر شهر ڏي ٿورو ڪم آهي!“ سلام اٿندي چوڻ لڳو.
”موٽجان تڪڙو،شام جي لٿي واري چانهه مون وٽ پئيجان!“
هو سگريٽ مانڊڙِيءَ تان اٿي روڊ تي چڙهي، اڳتي وکون کڻندو ٽريفڪ_ هارون ٻڌاندو اڳتي نڪري ويو، اچانڪ هڪ ٽرڪ ڊرائيور اور ٽيڪ ڪندي رستي تان گذرندي ٻن گلرن کي چيڀاٽي ڇڏيو، گلرن کي ڦتڪندي ڏسي هن کان رهيو نه ويو، تڪڙو اچي ٽرڪ ڊرائيور کي هيٺ لاٿائين.
”انڌو ته ناهين!ٻن ساهن کي چيڀاٽي آيو آهين!!“
”ڪتا ئي ته آهن، ڪهڙو ماڻهو آهي!؟ ٽرڪ ڊرائيو ورنايس.
”اڄ ڪتو چيڀاٽڻ تي توکي ڪهل نه آئي سڀاڻي ماڻهو لتارڻ تي ڪهڙو احساس ٿيندئي!؟“
”اڙي خوچه ڪتو ئي ته ماريو اٿم، ڪهڙو پڻهين کي چيڀاٽي آيو آهيان!؟“ ٽرڪ ڊرائيور تارا ڦوٽاري ڏيکاريس.
”وات کي لغام ڏي ڪتا!“ ڊرائيور کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو.
”ڪمبخت! مان توکي ڏسي وٺندس!“ ٽرڪ ڊرائيور نسوار سان ڀريل ٿڪ اڇليندي چيس.
ماڻهن جا انڀوهه مڙي آيا ها، هو جذبات تي ڪابو رکڻ لاءِ ٽرڪ ڊرائيور کان هٿ ڪڍي، اڳتي نڪري آيو، هن کي احساس ٿيڻ لڳو ته هن کي ائين جذبات ۾ اچڻ نه گهربو هو پر گلرن جو ڦتڪڻ به هن کان ڏٺو نه هو ويو.
وڌندو هڪ دڪان تي چڙهي ويو، ڪجهه سامان وٺي مين چوءڪ وٽ آيو، پريان پريس ڪلب هئي، جتان شهر جو آواز ملڪ تائين پهچندو هو.
هن چوءنڪ تي ٺهيل ٽاور ڏانهن نهاريو، جنهنجي پٺيان سج آيل هو،هن کي ائين لڳو ڄڻ هن ڏينهن جو پوڙهو سج ٽاور جي لٺ ۾ هٿ وجهي آهستي آهستي هيٺ جهڪي رهيو هو.
هن هڪ نهار گل کپائيندڙ ان پوڙهي تي وڌي جيڪو پاڻ ”پراڻو“ پراڻو هوندي به تازا گل کپائي رهيو هو، هن کي پئُ ياد اچي ويو، ڀرسان اچي پوڙهي کان گلن جا هار ورتائين، گلن جا هار وٺي هو موٽڻ لڳو، هن جي سامهون ساڳيو ٽرڪ ڊرائيور پٺاڻ بيٺو هو، هن کي گار ڏيندي پسٽول سان ٻه فائر ڪري رش ۾ گم ٿي ويو.
هو ڍرڪندو وڃي روڊ تي ليٽيو، هن جي چوڌاري رت جي ڳاڙهاڻ وڌڻ لڳي، جنهن ۾ ڳاڙها گلاب جا گل به گم ٿي چڪا هئا.
.هن اڀ ۾ شفق ڏانهن نهاريو، جتي به پوڙهي سج جي چوڌاري ڳاڙهاڻ ڇائنجي چڪي هئي.