اڱارو , ڊسمبر 3 2024
sd

پرائي باھ

پرائي باهه

جنوريءَ جي سخت پاري ۾ ڪراچيءَ جي ڪوچ پڪڙڻ لاءِ شهر جي واحد ATM مشين مان پئسا ڪڍرائڻ لاءِ فجر جو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو، گهر جي گهٽي ڇڏي بئنڪ واري رستي سان هلڻ لڳو. سيءَ جي ڪري وڏي جيڪٽ پائي، بغل ۾ سفري ٿيلهو کنيو هئائين، نيٺ اچي ATM مشين تائين پهتو هو، ٽيڪسچر لڳل شيشي جي دروازي مان اندر ڌنڌلو عڪس نظر آيس، سمجهي ويو ته اندر ڪوئي آهي. دير ڪجهه سوائي ٿي ته مشين جي در تي هٿ سان ٿڦڪي ڏنائين.

اچانڪ اندريون همراهه اڳٺ ٻڌندي ٻاهر آيو، ڪنڌ هيٺ جهڪيل هئس، جهيڻي آواز ۾ چيائين:

“ معاف ڪجان ادا! مسافر آهيان پرائي باهه هئي، برداشت نه ڪري سگهيس.”

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …