خميس , اپريل 3 2025
sd

پبلڪ ٽوائلٽس جون ڀتيون ڳالهائين ٿيون!……..

علي رضا قاضي

“هيڏي نه ڏس، پنهنجو ڪم ڪر …” هڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ٽوائلٽ جي اندرئين ڀت تي جملو پڙهي، ڪجهه دير سوچ ۾ پئجي وڃان ٿو. هو جملو هتي لکڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت هئي؟ پائخاني جي ڀتين تي ٻيو به گهڻو ڪجهه لکيل هو. مواد کي به پڙهڻ شروع ڪريان ٿو. ڀتين تي لکيل تحريرون جن ۾ گهڻو ڪري شاگردن يا يونيورسٽيءَ ۾ موجود ڊپارٽمنٽس جا نالا لکي، انهن کي گاريون ڏنيون ويون هيون. اهي هتي لکي نه ٿيون سگهجن، البت اسان جي سماج ۾ عام ماڻهن جي گفتگو کان مولوي صاحبان جي تقريرن ۾ اهي لفظ هاڻ سري عام ڳالهايا وڃن ٿا! پبلڪ ٽوائلٽ جي ڀتين تي اهڙي قسم جون لکڻيون پڙهي مان سوچيان ٿو ته شايد اسان جي معاشري جو هي اصل چهرو آهي، ان ڪري ڪاوڙ ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي.
هي رڳو هڪ ٽوائلٽ جو احوال ناهي پر توهان کي هر عوامي جڳهه تي ٺهيل پائخاني جي ڀتين تي اهڙي قسم جي زبان لکيل نظر ايندي. جيڪي ماڻهو اڪثر سفر ۾ رهن ٿا ۽ پبلڪ ٽوائلٽس جو استعمال ڪن ٿا. انهن لاءِ هي تحريرون هاڻي نيون ناهن رهيون. پتو ناهي ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جن کي ٽوائلٽس ۾ ويهي اهڙا خيال اچن ٿا؟ پاڻ کان سوال پڇي خاموش ٿي وڃان ٿو.
ايئن به ناهي ته رڳو سنڌ يا پاڪستان جي پبلڪ ٽوائلٽس تي نقش نگارن چٽڻ وٺي کان تحريرون لکيو وڃن ٿيون، پر سڄي دنيا ۾ اهو ڪلچر عام آهي. بس جيڪڏهن فرق آهي ته معاشرتي، جيڪو هر سماج ۾ پنهنجي جوڙ جڪ جي لحاظ کان ظاهر ٿئي ٿو!
زندگيءَ ۾ هر ماڻهوءَ کي پبلڪ ٽوائلٽس استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. يقينن توهان کي به اهڙو موقعو مليو هوندو. پوءِ توهان انهن تحريرن مان لطف حاصل ڪيو هوندو، يا ڪاوڙ ڪئي هوندي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نوابشاهه جي هڪ اسپتال ۾ داخل پنهنجي هڪ عزيز جي تيمارداريءَ سلسلي ۾ وڃڻو پيو ۽ مجبوريءَ سبب بيت الخلاءِ استعمال ڪرڻ جي گهرج ٿي ته ٻين ڪيترن ئي تصويرن ۽ جملن سان گڏ هن لکڻيءَ به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو: Saba, I love You، مان مري ويندس ته پوءِ قدر ٿيندوءِ!”جملي جي هيٺيان شارٽ فارم ۾ همراهه جو نالو SK لکيل هو. ان جملي جي سامهون ٻي ڀت تي لکيل مليو: “عاشق مجبور آ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي!” سامهون واري ڀت تي تحرير هو: “ڏسين ڇا ٿو، پنهنجو ڪم ڪر ۽ نڪرڻ جي ڪر …” سڀ تحريرون پڙهي حيرت گاڏڙ افسوس جو احساس ٿئي ٿو. پاڻ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ سڀني کان وڌيڪ عجب ان همراهه جي لکڻي تي ٿيو، جنهن پبلڪ ٽوائلٽ جي ڀت تي پنهنجي سان پيار جو اظهار ڪيو هو. ڀلا هن کي ڪيئن خبر پئي ته اها ان ئي پائخاني ۾ ايندي آهي! آئون مسڪرائي ٻاهر نڪري اچان ٿو.
پبلڪ ٽوائلٽس جي ڀتين تي لکيل تحريرون جتي چڙ ڏياريندڙ هونديون آهن، اتي مزيدار ۽ لطيفن سان ڀرپور پڻ آهن. جڏهن ته ڪجهه لکڻيون مذهبي ۽ سياسي پڻ هونديون آهن. ايستائين جو مخالفن تي فتوائون ڏسي سگهجن ٿيون. جڏهن ته سياسي تحريرن ۾ مقامي رنگن کان عالمي سياست جا جلوا به پسي سگهجن ٿا. گهڻو ڪري ڀارت جي وزير اعظم نريندر موديءَ جون تصويرون ۽ هيٺ نفرت سان ڀرپور جملا لکيل ملندا. ڪٿي آمريڪا کي گاريون، ته ڪٿي اسرائيل خلاف نعرا درج هوندا آهن. ملڪي سياست ۾ جيڪي ڳالهيون شهر جي ڀتين تي لکڻ ممڪن ناهن هونديون، اهي پبلڪ ٽوائلٽس جي اندرين ڀتين تي لکيل ڏسڻ ۾ اينديون. اڪثر درن جي پويان ڪنهن مخصوص هائوس جا نالا ملندا. هائوس جي اڳيان، ڪنهن سياسي اڳواڻ يا پارٽيءَ جو نالو تحرير هوندو آهي!
پبلڪ ٽوائلٽس جي ڀتين تي جتي سياسي ۽ مذهبي چاڪنگ عام جام ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اتي گهڻيون لکڻيون ذاتي نوعيت جون هونديون آهن. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هڪ ٽوائلٽ جي ديوار تي ڪنهن شخص پيار جو اظهار ڪيو هو. هڪ ٻي ڀت تي لکيل مليو. “ثمينه، منهنجو قدر ڪڏهن ڪندئين؟“ هيٺ موبائيل نمبر پڻ لکيو هو. جنهن ۾ لکيل هو: “خدا جي واسطي ثمينه کي فون ڪري منهنجي پارت ڪريو”. جنهن ڇوڪريءَ جي نالي سان نمبر ڏسي، خيال اچي ٿو، پڪ سان هي سڀ ڪجهه اٻوجهه ماڻهن کي ڦاسائڻ جو طريقو آهي. هڪ ڀيري ثمينه سان رابطو ڪريو، پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته هن دوکي جي سماج ۾ اغوا کان وٺي مفت موبائيل لوڊ ڪهڙي طرح حاصل ڪيو وڃي ٿو.
سکر شهر جي هڪ مصروف بازار ۾ موجود ٽوائلٽ جي ڀت جي هڪ پاسي لکيل هو ته “کاٻي پاسي ڏس”، جڏهن ان پاسي نظر وڌم ته لکيل هو“هيڏي هوڏي ڇا ٿو ڏسين، پنهنجو ڪم ڪر ۽ هتان نڪر”. تحرير پڙهي عجب جو احساس ٿئي ٿو ته ماڻهو ڪيئن پنهنجون فنڪاريون هتي ڇڏي وڃن ٿا! هڪ ٻي جاءِ تي تحرير هئي: “هيءَ اها جڳهه آهي جتي امير توڻي غريب ساڳيو ڪم ڪن ٿا”.
قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ دوران اڪثر ڪري جتي ڪوچون عام قسم جي جهوپڙا هوٽلن تي اسٽاپ ڪنديون آهن. جتي ٽوائلٽس جي صفائي جو خيال به نه رکيو ويندو آهي، جڏهن ته انهن جي ڀتين تي پڙهڻ لاءِ چڱو خاصو مواد ملي وڃي ٿو. جيئن قاضي احمد جي ويجهو هڪ هوٽل جي واش روم اندر لکيل هو: “هن جڳهه تي لکڻ علم جي توهين آهي”. ان ئي ڪنڊ تي تحرير ملي ته جيڪو هي تحريرون پڙهندو، اهو وڏو بيغيرت آهي!
قاضي احمد رستي حيدرآباد کان ڪجهه اوريان بيهي ٿي ته اسٽوريءَ جي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ اتان جي ٽوائلٽس جو رخ به ڪريان ٿو. جتي به تقريبن ساڳي صورتحال آهي. جتي ڪجهه موبائيل نمبر ۽ هيٺ لکيل آهي: “فقط خوبصورت ڇوڪريون رابطو ڪري سگهن ٿيون”.
مون کي بار بار ٽوائٽيٽس جي ڀتين تي لکيل اهي ڳالهيون ذهن ۾ اچڻ لڳن ٿيون. آئون سمجهان ٿو ته اها صورتحال اڃا صدين تائين هلندي. ساڳي وقت اهو خيال پڻ اچي ٿو ته پبلڪ ٽوائلٽس جو ڀتيون خاموش هوندي گهڻو ڪجهه ڳالهين ٿيون.
Latrinalia
پبلڪ ٽوائلٽس جي ڀتين تي لکڻ جو ڪلچر رڳو سنڌ، پاڪستان يا ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ ناهي، پر سڄي دنيا ۾ مختلف صورتن ۾ اهو ڪم ڪيو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو انگريزي ۾ ان لاءِ Latrinalia جو اصطلاح ايجاد ٿيو. هن اصطلاح جو مطلب آهي، ڄاڻي ٻجهي ٽوائلٽس ۽ باٿ رومس ۾ اهڙي قسم جون تصويرون ٺاهڻ يا تحريرون لکڻ جيڪي آرٽ جو نمونو هجن. خاص ڪري سڌريل دنيا ۾ سهڻا سخن ۽ شاعري لکي وڃي ٿي، جڏهن ته هن اصطلاح Latrinalia جي دائري ۾ پاڻ وٽ لکيل سياسي، مذهبي ۽ سماجي تحريرون به اچي وڃن ٿيون. هن اصطلاح جو هڪ پاسو هي به آهي ته لکڻ وارو اهو سڀ ڪجهه مالڪ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪندو آهي. مطلب ته پائخانا سرڪاري ادارن جي ملڪيت هجن يا ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي جڳهه ۾ ٺهيل هجن، لکڻ وارو ان جو خيال ناهي ڪندو. مالڪ جي رضامندي کان سواءِ ان جاءِ تي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکارڻ ڪري هي عمل هڪ ٻئي انگريزي اصطلاح Vandalismجي دائري ۾ پڻ اچي وڃي ٿو. جنهن جو مطلب آهي، هڪ مخصوص سوچ رکي ٻين ماڻهن جي شين کي خراب ڪرڻ، جيئن پاڻ وٽ اڪثر ڪيو ويندو آهي. ڀت ٺهي ناهي، نعرا لکڻ وارا پهتا ناهن. پنهنجي شهرن ۾ اهڙي صورتحال روز ڏسڻ لاءِ ملي ٿي.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه پبلڪ ٽوائلٽس ۾ اندر هڪ بليڪ بورڊ هڻي اتي چاڪ پڻ رکيو ويو آهي. جيئن حاجت پوري ڪندڙ ديوارن کي خراب ڪرڻ جي بدران بليڪ بورڊ تي لکي پنهنجي خواهش پوري ڪري.
(وڪيپيڊيا جي ٿورن سان)
“پبلڪ ٽوائلٽس” هڪ ڪهاڻي
پبلڪ ٽوائلٽس جي ڀتين تي لکيل ۽ اڪريل تحريرن
تصويرن کي ڏسي سنڌي افسانوي ادب به
پوئتي ناهي رهيو. عباس ڪوريجي جي مختصر
ڪهاڻي “پبلڪ ٽوائلٽ” ۾ سماج جو اهو پاسو
به ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري عام گفتگوءَ ۾ نه ٿو اچي.
پبلڪ ٽوائلٽ
“سامهون ئي لکيل هو،
“همت وارن جي آڏو، جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل”.
ڀرسان لکيل هو،
“ٻاهر ته مڙس ماڻهو آهين، هتي………. ٿو وهئي!”
ڪنڊ ۾ تير ڇاپيل هو ۽ لکيل هو،
“او قبض وارا مري وئين…… تير ٿو اچئي!”
پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ جي نلڪيءَ مٿان لکيل هو،
“پٺاڻن کي گذارش آ ته پاڻي صرف هيٺ استعمال ڪن.”
کاٻي پاسي لکيل هو،
“دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي ۽ تون هتي ويٺو آهين!؟”
ان جي بلڪل هيٺان ڪاري پين سان لکيل هو،
“بس مان به …… ڌوئي نڪران ٿو.”
ساڄي پاسي ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو،
“هر هر پٺتي نه ڏس! اٿي وڃ دڪان تي!”
پوئتي ڪنڌ ڪري ڏٺئين،
“هيڏي هوڏي ڇا پيو ڳولهين، ٻاهر نڪر ته قطار لڳي پئي آهي.”
جلديءَ ۾ اٿيو، در کولڻ لڳو ته در تي لکيل هو،
”ها ها ها ……. جهل ته دٻ…….!”
عباس ڪوريجو نوجوان ليکڪ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عباس هڪ اهڙي موضوع جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن کي عام ڪهاڻيڪار لکڻ کان پري رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه ته هيءَ ڪهاڻي سماج جي اهڙي حقيقت رهي آهي، جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پبلڪ ٽوائلٽ، ڪهڙيءَ ٻوليءَ سان سٿيل هوندا آهن، ڪهڙي زبان اتي لکي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪجهه گهڙيون غور ڪجي ته اها حرڪت، اهو عمل مجموعي طور سماج جو عڪاس آهي. ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ ذهني پيچيدگين جو ڪهڙي ريت اظهار ڪندا آهن، پبلڪ ٽوائلٽ ان جو بهترين مثال آهن.

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …