عباس ڪوريجو
سامهون ئي لکيل هو،
”همت وارن جي آڏو، جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل.“
ڀرسان لکيل هو،
” ٻاهر ته مڙس ماڻهو آهين، هتي………. ٿو وهئي!“
ڪنڊ ۾ تير ڇاپيل هو ۽ لکيل هو،
” او قبض وارا وئين مري…… تير ٿو اچئي!“
پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ جي مٿان لکيل هو،
”پٺاڻن کي گذارش آ ته پاڻي صرف هيٺ استعمال ڪن.“
کاٻي پاسي لکيل هو،
” دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي ۽ تون هتي ويٺو آهين!؟“
ان جي بلڪل هيٺان ڪاريءَ پين سان لکيل هو،
” بس مان به ……….. ڌوئي نڪران ٿو.“
ساڄي پاسي ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو،
هر هر پٺتي نه ڏس! اٿي وڃ دوڪان تي!“
پوئتي ڪنڌ ڪري ڏٺئين،
” هيڏي هوڏي………… پيو ڳولين، ٻاهر نڪر ته قطار لڳي پئي آهي.“
جلديءَ ۾ اٿيو، در کولڻ لڳو ته در تي لکيل هو،
” ها ها ها ……. پاڪستان زندهه آباد “