خميس , اپريل 3 2025
sd

پاجامي ۾ مئل ماڻهو

پائلو ڪوھلو ترجمو: دادان ثقلين لاشاري

مون انٽر نيٽ تي هڪ آن لائن اخبار ۾ پڙهيو ته 10 جون 2004 تي ٽوڪيو ۾ هڪ ماڻهو پاجامي ۾ مئل مليو.

جيڪو ٿيو سٺو ٿيو، ما سوچان ٿو ته اڪثر اهي ماڻهو پاجامي ۾ مرندا آهن. هڪ يا ته ننڊ ۾ مرندا آهن جيڪا رحمت آهي. ٻيو يا ته پنهنجي خاندان سان، يا اسپتال جي ڪنهن بستري تي هوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي، ته موت وٽن اچانڪ نه پهچندو آهي. ۽ اهي انهيءَ بي گھري مهمان جا عادي ٿي ويندا آهن. خبر جي ٽڪري ۾ وڌيڪ هيو ته اهو شخص جڏهن فوت ٿي ويو ته پنهنجي ڪمري ۾ هيو. جيڪو اسپتال جي مفروضي کي رد ٿو ڪجي ۽ انهيءَ امڪان کي جنم ٿو ڏجي ته هو ننڊ ۾ مري ويو. ڀوڳڻ کان بنا اهو محسو ڪرڻ کان به بغير هو صبح جي روشني وري نه ڏسي سگھندو. بحرحال هڪڙو ٻيو امڪان آهي ته مٿس حملو ڪيو ويو يا کيس ماريو ويو.

جيڪو به ٽوڪيو سهر کان واپس آهي ته کيس اها خبر هوندي ته توڻي جو اهو تمام وڏو شهر آهي، پر دنيا جي محفوظ ترين جڳهن مان هڪ آهي. ان ڪمري ۾ ڪابه وٺ پڪڙ جهڙي ڪابه نشاني نه هئي. هڪ پوليس آفيسر هڪ ٽي وي چينل کي انٽريو ۾ ٻڌايو ته اهو شخص ضرور دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. تنهن ڪري اسان قتل جي مفروضي کي به رد ڪري سگھون ٿا.

لاش هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ملازمن کي هٿ آيو. جيڪو ٻئي منزل تي هيو. ۽ جيڪا بلڊنگ اهي ڪيرائڻ وارا هيا. اها بلڊنگ هڪ هائوسنگ ڊولپمينٽ وارن جي هئي.

هر شيءِ اسان کي انهي سوچ ڏانهن وٺي وئي ٿي وڃي ته فوتي ڪنهن تمام مهانگي بلڊنگ ۾ رهڻ جي خوابن ڏين کي تعبير نه ڏئي سگھڻ کانپوءِ انهي بلڊنگ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هوندو جتي هن کي ڪا به مسواڙ نه ڏيڻي هئي.

هاڻي اچي ٿو ڪهاڻي جو دکدائڪ ۽ ڇرڪائيندڙ موڙ. اهي مرده سخص هڪ هڏائون پڃرو هيو، جنهن کي پاجامو پاتل هو. هن جي ڀرسان هڪ کليل اخبار پئي هئي. جيڪا 20 فيبروري 1984ع جي هئي ۽ سائيڊ م ٽيبل تي پيل ڪئلينڊر تي به ساڳئي تاريخ هئي.

هو هتي ويهن سالن کان پيو هيو. ڪنهن به هن جي غير موجودگي نه ڏٺي هئي. افسوس افسوس. انهيءَ جي سڃانپ (Housing Company) جي اڳوڻي ملازم طور تي ٿي هئي.جيڪو 1980ع  ۾ طلاق ملڻ کان پوءِ ترت ئي اتي رهڻ لڳو هو. جنهن ڏينهن هو اخبار پڙهي رهيو هو. (مرڻ واري ڏينهن)  ان وقت هو تقريبن پنجاهه سال جو هيو. هن جي اڳوڻي زال ڪڏهن به هن سان تعلق نه ڳنڍيو. صحافي جنهن هي ڪهاڻي لکي آهي. انهيءَ ڪمپني ڏي ويو. جتي هو ڪم ڪندو هيو. ۽ کيس ڄاڻ ملي ته ڪمپني پروجيڪٽ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي هئي. ڇو ته اها ڪو به گھر نه کپائي سگھي هئي. ۽ انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو ته ڪمپني هن جي غير موجودگي ڇونه محسوس ڪئي. صحافي هن جي دوستن کي به ڳولهيو. جن هن جي غير موجودگي کي انهيءَ ڳالهه سان ڳنڍيو ته هن هنن کان پئسا ورتا هئا ۽ اهي واپس نه ڏئي سگھڻ جي ڪري هو وري ظاهر نه ٿيو هيو.

جڏهن مون آرٽيڪل پڙهي پورو ڪيو ته مون آخري جملي تي ويچارڻ شروع ڪيو ته سندس اڳوڻي زال اڇان زنده آهي، ۽ پوءِ به ويهن سالن ۾ ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪيائين هن (سندس زال) جي زهن ۾ ڇا هوندو؟ ته هو ان سان هاڻي پيار نه ٿو ڪري ته هُن هِن کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ته هو ڪنهن ٻئي عورت سان مليو. ۽ غائب ٿي ويو. مان اهو تصور ڪيان ٿو ته هن ڇا محسوس ڪيو هوندو جڏهن هن کي. انهيءَ شخص جي موت جي خبر پئي هوندي جنهن سان هن زندگيءَ جا کوڙ سارا لمحا گذاريا هوندا. ۽ انهيءَ کان پوءِ مان انهيءَ پاجامي ۾ مئل فوتيءَ جي باري ۾ سوچڻ لڳس ۽ سندس ۽ سندس تنهائي تي ويچارڻ لڳس ۽ انهيءَ نڪتي تي به سوچڻ لڳس ته ويهه سالن تائين اها ڳالهه ڪنهن به محسوس نه ڪئي ته هو ڪنهن به سراخ کان بغير غم ٿي ويو. مان آخر ۾ صرف اهو ئي چئي ٿي سگهان، بک ۽ اڇ کان بدتر بيروزگاري، پيار ۾ ڏک، مايوسيءَ جي شڪست ۽ انهن سڀني شين کان به وڌيڪ دکائيندڙ ۽ اندر کي وڍيندڙ اهو احساس آهي ته ڪو به بلڪل ڪو به توهان جي خيال نٿو ڪري توهان لاءِ واجھائي نه ٿو. تنهنجي پرواهه نه ٿو ڪري اچو ته انهيءَ شخص لاءِ خاموش دعا گھرون ۽ انهيءَ جو انهيءَ ڳالهه جو ٿورائتو مڃون ته هن اسانکي محسوس ڪرايو ته دوست ڏاڍا اهم هوندا آهن.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …