ڊاڪٽر فيض جوڻيجو
ٻوليءَ جي بڻ بڻياد متعلق ۽ اُن جي سرجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ انسان جيڪو ٻوليءَ جي ارتقا متعلق بحث ۽ تحقيق ڪئي آهي، انهن ۾ چارلس ڊارون، لوئس مارگن، اينگلس ۽ مارڪس جو ڪم تعريف جي لائق آهي، هنن جي تحقيق ٻوليءَ جا ٽي پاسا سمجهائي ٿي، چارلس ڊارون، زان زوڪو جي حياتياتي تحقيق کي بنياد بڻائي ان کي اڳتي وڌائيندي قدرتي ۽ مصنوعي چونڊ واري خيال مطابق ٻوليءَ متعلق جيڪو هن شخص لکيو، اهو سائنسي تحقيق جو هڪ حياتياتي رخ آهي، بقول سندس ته ” ترجمو: مون کي اُن تي ڪوبه شڪ نه آهي ته ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، فطري آوازن، جانورن جي آوازن جي نقالي (ويچارا ڪڍڻ) ۽ اُن ۾ تبديليءَ جو عمل، ماڻهن جون پنهنجيون جبلي رڙيون يا ڪو ڪن مان شروع ٿئي ٿو. چارلس ڊارون 1871.“
چارلس ڊارون، ٻولي جي لاءِ جيڪو خيال ڏئي ٿو، اُن جو جوهر اُن حياتياتي حرڪت ۾ شامل آهي، جيڪو هو گهرڙي کان مَ مَ (APC) ۽ اُن جي ارتقا متعلق ڏيندي ماڻهن جي لڳ لاڳاپن کي سمجهائي ٿو، اهڙي طرح لوئس مارگن پنهنجي ڪتاب ”قديم سماج ۾ لڳ لاڳاپا“ 1871 ۾ اهو نتيجو ظاهر ڪيو ته ماڻهو جيڪي ٽولين (Clan) ۾ رهندا هئا، اُهي ٽوليون پنهنجي اظهار خاطر جيڪا آوازن جي مٽا سٽا ڪئي اُها ئي ٻوليءَ جو ڪارڻ آهي، اينگلس پنهنجي لکڻي Family, Private Property and State (خاندان ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو آغاز) ۾ ٻولي جي سرجڻ جو ڪارڻ خانداني خيال کي قبول ڪري ٿو، جڏهن ته ڪارل مارڪس ٻوليءَ جو فڪري پاسو سمجهايو آهي ته ”ٻولي ايتري پراڻي آهي جيترو شعور، شعور ٻولي جو ترجمو آهي.
Language is old as Consciousness, Consciousness a Practice of language- (Marx-German Ideology)
چارلس ڊارون ۽ ٻيا مفڪر جيڪو ٻوليءَ جو بڻ بڻياد سمجهائن ٿا، اهو نقاليءَ جو دور آهي، جتي انسان اُهڃاڻن معرفت شين کي سڃاڻي ٿو، مثال طور ”ڀئو-ڀئو“، ڪئون-ڪئون، ميائون-ميائون وغيره هنن اهڃاڻن سان ان جانور جي سڃاڻپ ٿي ويندي هئي ۽ ماڻهو سمجهي ويندو هو يا سمجهائي وڃبو هو ته ڪتو يا ٻلي جانور آهي، اُهڃاڻ، انسان فطري ماحول مان حاصل ڪيا، هن دور ۾ جنهن کي ڪو ڪن يا رڙين جو دور ڪوٺجي ٿو، انسان شڪار جي دوران عملي طور حصو وٺندي حاجت جي گهرج مطابق جيڪي پنهنجي هٿن جا اشارا يا سينڊڀا ۽ ميش وغيره ڏنا، اهي ان فطري نقالي کان هٽي ڪري هئا، جيڪي انسان جي عملي سرگرميءَ جو نتيجو هئا، انسان شڪار ڪرڻ يا شڪاري جانور کان بچڻ لاءِ نه صرف اشارا ۽ ڪوڪون ڪيون پر حالتن جي گهرج پٽاندر خاموشي اختيار ڪندي ميشون/اشار ڏنا پر شڪار ڪرڻ لاءِ رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري جانور کي ٻاهر ڪڍيو ته جيئن ان جو شڪار ڪري سگهي.
هتي غور ڪرڻ واري ڳالهه هيءَ آهي ته ٻوليءَ جي اهڃاڻن جو بڻ بڻياد وڳر ۾ نه پر سماج جي ننڍڙي اڪائي يعني مرد، مائي يا ٻار ئي آهن، نَرَ، مادي ۽ ٻار کان سواءِ وڳر نٿو جڙي سگهي، مختصر ته اهڃاڻن ۽ اشارن واري ٻولي سماج جي سَتَ اڪائي جو نچوڙ آهي، ساڳي وقت اِها اهڃاڻن ۽ اشارن واري ٻولي پوري دنيا ۾ ان وقت ۽ اڄ به ساڳي هڪڙي آهي، توهان کي انگريزي نٿي اچي پر اهڃاڻن ۽ اشارن سان دڪاندار کي سمجهائي سگهو ٿا ته مون کي ڇا کپي. هن اهڃاڻن ۽ اشارن واري زبان تي غور ڪجي ته اُها فطرت جي جبر جي صورت ۾ جيڪو فطري ۽ انساني ماحول هو، ان جي پيداوار آهي. مارڪس، اينگلس ۽ لوئس مارگن ۽ چارلس ڊارون، اهو قبول ڪن ٿا ته وڳر (Clan) يا ٽولين جي صورت ۾ گڏيل سماج موجود هو ته پوءِ ٻولي اهڃاڻن ۽ اشارن جي صورت ۾ گڏيل هئي پر اُن جي سرجڻ جو ايڪو ٽرائي (مائي-مرد-ٻار=ٽرائي) هو، جيڪا سماجي سَتَ اڪائي جو نتيجو آهي.
جڏهن چارلس ڊارون چوي ٿو ته اسين مَ مَ (APC) جو اولادَ آهيون ته اهو مظهر آهي پر اسين چئون ٿا ته اسين فطرت جي ان لڙائي جي سَتَ جي پيداوار آهيون، جنهن ۾ ڪنهن به غير فطري طاقت جو هٿ نه هو ان ڪري اهڃاڻ، اشارا سکڻ جو عمل فطرت جي ۽ ماحول جي گهرج مطابق ان سَتَ اڪائي ۾ ارتقا ڪندا رهيا، اهڃاڻن جي ان واڌِ ۾ انسان جي فطري اڪائي ۾ جبلي طور ماءُ، ٻار ڄ۾ن کان پوءِ، پنهنجي ٻار سان جيڪي مخصوص آواز ڪڊندي فطري پيار جو اظهار ڪيو ته انهن آوازن خاص وقت 7 مقام تي، انهن اهڃاڻن ۾ ويچارن ڪڍڻ وارن آوازن کان فرق ڪندي الڳ رخ اختيار ڪيو، مثال طور اڄ به مائر پنهنجي ٻار سان پنهنجي چاهت جو اظهار ڪندي مخصوص لفظ ڪڊنديون آهن، خاص ڪري جڏهن ٻار روئيندو آهي، ڪُڊڙو-سوڊلڙو-اڙي، نه نه- شونو شونو وغيره.
ان دور جي سماجي سَتَ اڪائي تي غور ڪجي ته هن کي جنهن حاجت کي منهن ڏيڻو پيو، ان جي نتيجي ۾ هڪ خواهش اڀري، اُن خواهش جي پورائي ۾ محنت جي بامقصد عمل دوران خاص وقت ۽ مقام تي غور فڪر، ادراڪ ۽ شعور جو هڪ سلسلو جڙيو، حاجت متعلق مارڪس جو پش رُو-نيڪولائي باربن چيو، ”خواهش، حاجت جي موجودگيءَ جي سُڌِ ڏئي ٿي“ حاجت جي پورائي لاءِ انسان جي خواهش جيڪا مادي شڪل ۾ ظاهر ٿي، اُها مادي شيءِ جنهن تي مخصوص بامقصد محنت ٿيل هئي اُن ۾ اها خاصيت هئي ته اها، انسان جي ان حاجت جو پورائي ڪري، جيڪا عملي محنت ڪندي دِڪَتَ جي صورت ۾ پنهنجي شڪل ظاهر ڪري پئي، هن شيءِ کي جيڪا منفرد شڪل ملي هئي، جيڪا خاص محنت جي مخصوص مقدار جي پيداوار هئي، اُن وجود کي ياد رکڻ ۽ وقت سر ان شيءِ کي کڻي اچڻ لاءِ جي ٻئي کي چئجي ته ڪيئن چئجي، ظاهر آهي ته هڪ حاجت جي پورائي ٻئي حاجت کي جنم ڏنو يا اهڙي حاجت جنم ورتو، جنهن کي حل ڪرڻ کان سواءِ انسان وٽ ٻيو ڪوبه سهارو نه هو، مثلاً ڇاپڙ عام ڪاٺي آهن، جيڪا فطري طور موجود نه هئي، چاهي جو فطرت ان محنت سان گڏ موجود آهي، اها تخليق آهي، جڏهن انسان اُن شيءِ کي ياد رکڻ ۽ وقت تي استعمال ڪرڻ لاءِ اُن شيءِ کي هڪ خاص نالو ڏنو، ”گهوٻاٽو“، گهوٻاٽو يا گهوٻاٽي جيان ٻيا آواز، فطرت جي مادي آوازن جيان آواز به هئا ته انهن جي الڳ حيثيت به هئي، هي آواز اُن شين جي علامتون هئا ۽ آهن، مختصر ته حاجت جي پورائي اڀرندڙ خواهش، انسان جي سوچ، فڪر ۽ بامقصد عملي سرگرميءَ مان ٿيندي ڪهڙي شڪل اختيار ڪري ٿي يا اُن جي خالق اُن کي ڪهڙي شڪل ڏني، خلقڻهار قوت ان عمل ۾ آزاد هئي (۽ آهي) ساڳي وقت ان دور جي ماحول مطابق پڻ هئي، نتيجي طور ان دور جي سماجي سَتَ اڪائيءَ جيڪو تجربو ڪيو، اهو فطرت جي اهڃاڻن کان الڳ هو، گهرج جي پورائي لاءِ جيڪا خواهش اڀري اُن جو پورائو ڪندي شعوري سَتَ اڪائي جيڪو لفظ جوڙيو، ان لفظ ۾ هيءَ خاصيت رهي ته ان لفظ کي جڏهن وري آواز ۾ تبديل ڪندي ٻئي کي ٻڌايو ته اهو لفظ جيڪو، جنهن شيءِ جي علامت هو، ان شيءِ جو تصور اُڀري آيو ۽ انسان انهن جوڙيل لفظن ۾ جيڪو خيال ڏنو ٿي، اهو ٻين ڏي نه صرف منتقل ٿيو پر ايندڙ نسل جي شعوري ست اڪائيءَ اُن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو، هتي هيءَ ڳالهه ورجايون ٿا ته اهڃاڻ ۽ اشارا پوري دنيا جي انسانن جا ساڳيا هئا ۽ آهن پر جڏهن شعوري ست اڪائي تخليق جي عمل مان گذري ته الڳ الڳ تجربا ڪيا/حل ڪڍيا، جيڪي ان وقت جي حالتن ۽ سوچ مطابق هئا. هتي هي ڳالهه سمجهڻ جوڳي آهي ته حاجت جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هر تجربو/حل الڳ ڇو هو ته اسين، مارڪس جي خيال کي پنهنجي لفظن ۾ ورجائينداسين ته جُتي گهرج آهي پر جتيءَ جي شڪل ڪهڙي هجي؟ اها خواهش آهي جيڪا نه صرف حاجت کي پورو ڪري ٿي پر پنهنجي اندر هڪ نواڻ به کڻي اچي ٿي.
ٻولي جڏهن اهڃاڻ تي بيٺل هئي ته اُتي هيءَ ڳالهه وري وري ڦريو چِتَ ۾ پئي اچي ته انسان ويچارا ڪڍڻ، چٻرا ڪڍڻ يا آهلون ڪرڻ ڇو سکيو؟ ته عام خيال هي آهي ته هو فطرت جي نقالي ڪندو هو!! پر اسين سمجهون ٿا ته ويچارا ڪڍڻ، چٻرا ڪڍڻ يا آهلون ڪرڻ جي پويان انسان جي گهرج لڪل هئي، مثلاً هي ڪمزور جانورن جون آهلون ڪري انهن کي دولابو ڏيڻ سکيو، اهڙي طرح وڏن جانورن جي آواز جي آهل ڪري هنن ننڍن جانورن کي ڊيڄاريو ته هو ڀڳا ۽ گَهٽَ ۾ لڪي ويٺل اُن سَتَ اڪائي جي ميمبر انهن تي حملو ڪيو ۽ هو سوڀارا ٿيا. سماجي ست اڪائي جي مقداري ۽ معياري ارتقا، شعوري ستَ اڪائي آهي ۽ شعوري ست اڪائي جي مقداري ۽ معياري ارتقا شين ۽ اُن جي مختعلق علامتن واري ماحول مان ظاهر ٿئي ٿو، اهڃاڻن ۽ علامتن جي وچ ۾ فرق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ قانون لاڳو ٿئي ٿو، اهو آهي مقداري ۽ معياري تبديليءَ جو، جنهن کي اسين تغير، تبديلي ۽ ارتقا چئون ته ڪو وڏاءُ نه ٿيندو. هن قانون تحت اهڃاڻن وارا آواز علامتن واري آوازن جو بنياد ثابت ٿيا يا اهڃاڻن جي ارتقا پنهنجو اظهار علامتن واري لفظن (آوازن) ۾ ڪيو.
ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته ٻولي وڳر (ٽولي) Clan جي پيداوار آهي، جڏهن ته وڳر مظهر آهي، جوهر سماجي ست اڪائي ۽ شعوري ست اڪائي آهي، جيڪا ٻوليءَ جي سرجڻ جو ننڍڙو ايڪو آهي، رهيو سوال ته ٻولين الڳ الڳ بِيکَ ڇو اُوڍ يا ته اسين چونداسين ته انسان خواهش جي پورائي ۾ آزاد آهي، ان ڪري هر هڪ سماجي ست اڪائي جي ماحول ۾ آوازن جي ارتقا خاص ڪري علامتي لفظن جي آوازن جي ارتقا الڳ الڳ ٿي آهي، هن وقت به دنيا ۾ 6 هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون يا اظهر جو ذريعو آهن پر فطري ارتقا جو قانون سڀني کي ساڳيو لاڳو ٿئي ٿو ته هو اهڃاڻن مان علامتن طرف ارتقا ڪندي اُهي سڀ آواز مقداري ۽ معياري تبديليءَ مان گذريا آهن، جن کي لکين سال لڳا آهن، محنت، محنت جو عمل ۽ انسان جي جوڙيل (تخليق ۽ ڪيل) لفظن، جن کي ٻولي چئجي ٿو، لڳاتار شعوري اڪائي مان گذرندي غور و فڪر کي جنم ڏنو، انسان ۾ جيڪي احساس، محسوسات ۽ جذبن جي غور سان اڀياس ڪجي ٿو ته اهي ان مادي منظرن، عڪسن ۽ اُولڙن جو نتيجو آهي، جن انساني شعوري اڪائي کي نه صرف غور فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪيو بلڪه اُن ست اڪائي شين جو ادراڪ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ان مادي عملن جو نتيجو هو، جن مان سماجي وجود گذري رهيو آهي.
هن وقت ڪجهه ڏاهن (خاص ڪري نوم چومڪي) جو اها خيال آهي ته ٻولي ان وقت جڙي جڏهن انسان پنهنجي ذهن ۾ اوزار کڻڻ جو تصور آندو پر گحني غور فڪر کان پوءِ اسين ان نتيجي تي پڳا آهيون ته ڏاهن جي اها سوچ خود داخليت کي ظاهر ڪري ٿي، جڏهن ته ٻوليءَ شعور جو هڪ لڳاتار عمل، انساني عمل ۽ ان دور جي ماحول جو نتيجو آهن، انسان فطرت جي شين کي فطري انداز ۾ استعمال ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ تخليقي طور تبديلي پيدا ڪئي، جيستائين ”گهوٻاٽي“ جو خارجي وجود سامهون نه آيو هو ته خود لفظ گهوٻاٽو ه نه هو يا هيئن چئون ته حاجت جي موجودگي ۽ اُن جو پورائو جنهن خواهش تحت ڪيو ويو، پهرين انهن جو مادي وجود هو ۽ پوءِ لفظن به مادي شڪل اختيار ڪئي، يعني فطرت ۽ سماجي وجود ۽ ان جو عمل حقيقت جو جوهر آهن، محنت جو عمل ۽ زبان سماجي ست اڪائي جو نچوڙ آهن، جنهن شعوري ست اڪائي کي جنم ڏنو هو، غور فڪر جيڪو شعروي ست اڪائي جو عملي سوال آهي، ان پڻ مخصوص وقت، جاءِ ۽ حالت تحت نتيجو ڏنو ته علامتون آيون، جڏهن ته خاص مادي عملن جي ڪري انسان ۾ احساس، محسوسات ۽ جذبن جي موٽ ۾ شين جو ادراڪ ڪرڻ سکي ورتو.
ٻوليءَ ۾ لفظ جيڪي علامت طور آيا، جن جي اُچارڻ سان فطرت ۾ موجود شين يا خود انسان، فطري طور موجود شين ۾ جيڪا جدت يا نواڻ آڻيندي پنهنجي پيداواري عملن ۾ بامقصد محنت جي دوران ڪتب ايندڙ اُن شين کي نالن سان ياد ڪيو يا ٻين کي ٻڌائڻ چاهيو ته اهي لفظ علامتون اُن شين جي شبيهن کي انسان جي سامهون کڻي آيون ته علامتن ۽ شين ۾ هڪ حقيقت جو لاڳاپو جڙيو، جيئن اسين چئون ٿا ته ”ڪُتو“ ته لفظ ”ڪُتو“ علامت آهي، ان جانور جي جنهن جا اهڃاڻ آهن، ڪئون ڪئون، ڀئو ڀئو پر هر هڪ ٻوليءَ ۾ ساڳي جانور لاءِ الڳ علامتون آهن، ڇاڪاڻ جو شعوري ست اڪائي پنهنجي تجربي تخليقي عمل ۽ ان تخليق جي موٽ ۾ جڙندڙ آواز کي شڪل ڏيڻ ۾ آزاد هئي، ٻوليءَ جي مقداري ۽ معياري تبديلي جو عمل وقت ۽ حالتن تحت انساني حاجتن جي مطابق ٿيندڙ بامقصد عمل ۽ جستجو تحت ارتقا ڪندو رهيو آهي، جن ٻولين ۾ اها ارتقا رُڪي اُهي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن، فطرت جو اهو اڻٽر قانون آهي ته جيڪا ٻولي ارتقا جي سگهه وڃائي ٿي، اها نفي جي قانون تحت بقا جو حق وڃائي وهي ٿي. اُها سنجٽ يا شيون جيڪي سماجي وجود (پورهيت پرتن) ڪتب آڻڻ يا استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنيون ته ان شيءِ جي جاءِ تي آيل ٻئي شيءِ جيڪا نئين حاجت (جدت) ارتقا، جي گهرج جو پورائو ڪري پئي، ان نئين شيءِ جاءِ والاري ته ٻوليءَ ۾ به نئون لفظ آيو، جيڪو اُن شيءِ جي سڃاڻپ ڪرائي پيو، پراڻي شين جي وڃڻ سان لفظ به وڃن ٿا، (غائب ٿين ٿا) ۽ عام استعمال ۾ نٿا اچن، اهي لفظ صرف انهن ٻولين جا بچي سگهيا آهن، جيڪي لکت ۾ اچن ٿيون ۽ اُهو لفظ اُن لکت ۾ جيئرو رهي ٿو پر عام حالت ۾ نٿو رهي، مثال طور لفظ ”نارُ“ جيڪو پورهيت پرتن جي گهرج هو ته جيئرو هو پر جڏهن انهن عملي زندگيءَ مان محنت جي بامقصد پيداواري عمل مان اُن سنجٽ کي ڪڍيو ته اُهو لفظ ”نارُ“ ۽ ان سان واڳيل سمورا لفظ ۽ شيون ٻوليءَ جي عام استعمال مان نڪري ويا ۽ ان جي جاءِ تي ٽيوب ويل اچي ويو آهي، اهو سمورو عمل هڪ قانون تحت ٿئي ٿو، مختصر ته ٻولي صرف چِتَ جي نه (جيئن نوم چومسڪي سمجهائي ٿو) پر مخصوص حاجت جي موٽ ۾ جنم وٺندڙ خواهش جي تڪميل دوران جنم وٺندڙ نئي شيءِ کي ياد رکڻ لاءِ انسان جي مخصوص مادي عملن، غور فڪر ۽ ادراڪ جو نتيجو آهي.
انسان جي معاشي لاڳاپن ۾ جتي شيءِ جيڪا سندن حاجت جي پورائي لاءِ وري وري ڪتب ٿي آئي يا جيڪا شيءِ سندن گهرج هئي، جنهن لاءِ ڪجهه شيون لازمي هيون، جن کي انسان سڃاتو پئي يا سڃاڻڻ لاءِ هو، مخصوص آوازن (لفظ، جيڪي علامت هئا) ذريعي ياد ڪندا هئا، اُتي ان شيءِ سماجي رشتا يا لاڳاپا قائم ڪيا، اُن سماجي لاڳاپن ۾ شيءِ ۽ اڻ جي خلقڻهار جو جيڪو رشتو جڙيو، اُن رشتي کي اُن دور جي سماجي شعروي ست اڪائي ۽ وارثيءَ جي قانون تحت سمجهڻ ضروري آهي، ساڳي وقت سماجي ست اڪائي ۾ جيڪي جنس (شهر تي) لاڳاپا هئا، اُن لاڳاپن ۽ رشتن ۾ پڻ هڪ سڃاڻپ جو عمل اڀري ٿو ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ واڌ اچي ٿي، جنهن کي اسين ٻوليءَ جو ويا ڪرڻ چئون ٿا. جنس (Commodity) جا سماجي لاڳاپا ۽ جنس جي معاشي لاڳاپن ۾ سمجهي سگهجي ٿو. (چاهي جو شيءِ اڃا جنس نه ٿئي). ٻوليءَ جي ارتقا ۾ هيءَ اُها جاءِ يا ماڳ آهي، جتان فطرت ۽ انساني فطرت ۾ فرق ظاهر ٿئي ٿو، شعوري ست اڪائي جي جيڪا الڳ الڳ ارتقا ٿي پئي، ان ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو پڻ هتان الڳ الڳ ٿئي ٿو، جنهن کي اسين فڪر يا محنت جي ثقافت چئون ٿا، احساس، محسوسات، جذبا، غور فڪر ۽ ادراڪ جي عمل تائين جيڪا سماجي ست اڪائي ۽ شعروي ست اڪائي جي ارتقا ٿي انسان اُن جو اظهار فڪري طور ۽ جذباتي طور جنسي ۽ معاشي رشتن جي لاڳاپن ۾ لاڀ جي صورت ۾ يا نقصان ۾ ڪيو، نچڻ، ڪُڏڻ، ڏک ڪرڻ ۽ روئڻ وغيره جو اظهار جن لفظن ۾ ڪيو ويو يا ڪيو وڃي ٿو، اُهي انسان جي ان ڪيفيت کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪا سماجي ۽ معاشي لاڳاپن جي ڪري ظهور ۾ اچي ٿي پر هيءَ ڳالهه واضح سمجهڻ گهرجي ته ان سمورن مڻظرن، اولڙن، ڏک، سک، قرب يا ڪرب کي شعوري اڪائي جيڪو گهرائي سان سمجهيو، اُن جو نتيجو اهو نڪتو ته هڪ فڪري ثقافت يا سوچڻ جو ڏانءُ اُن مادي ثقافت کان الڳ، بلڪه اُن جو جوهر ٿي سامهون اها الڳ ڳالهه آهي ته حالتن جي گهرج مطابق ان دور جي شعوري اڪائي، سماجي ست اڪائي لاءِ جو فڪر دڳ اختيار ڪيو، اُن ۾ روحانيت کي کڻي آئي، ظاهر آهي ته سماجي وجود خود روحانيت جو شڪار هو، جنسي لاڳاپن جو ۽ خود اُن روح جي ڳولا لاءِ جيڪو هنن فڪري اظهار ڪيو، اهو ٻوليءَ ۽ فن جو مٿاهون قدم هو، جنهن کي اسين شاعري ۽ راڳداري چئون ٿا، جنهن ۾ انهن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ملي ٿو.
دنيا جي ٻولين ۾ جيڪي انسانن فڪري ثقافت ۾ الڳ الڳ تجربا ڪيا آهن، جيڪي انهن جي سماجي، معاشي، نفسياتي ۽ سوچ کي ظاهر ڪن ٿا، ٻولين جي معرفت انسانن جي فڪري ثقافت واري خيالن ۾ انسان پڻون ۽ حيوان پڻون ته ملي ٿو پر محنت جي ثقافت ۾ ڪوبه فرق نٿو ملي، ٻولين جي فطري بقا جا قانون، فطرت ۽ انسانن جي ان سوچ ۾ ملن ٿا، جيڪا فڪري ثقافت تحت ارتقا ڪري ٿي، سنڌي ٻولي4 جي فڪري پاسي تي غور ڪجي ته فطرت ۽ ”جوڳ مت“ سوچ مان ان جي بقا جا سبب معلوم ٿين ٿا. ٻوليون جيڪي ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ جيڪي ڳالهائڻ سان گڏ لکيون وڃن ٿيون، انهن جي بقا ۽ فنا ٿيڻ ۾ مقداري ۽ معياري تبديلي تي غور ڪجي ته ڳالهائڻ واريون پهرين فنا ٿي وينديون، انهن جي فنا ٿيڻ جا سبب جتي لاڳاپن ۾ نه پر معاشي ۽ جنس (Commodity) جي سماجي لاڳاپن مان ظاهر ٿين ٿا، اهو عمل نفي جي قانون مقدار ۽ ميار تحت فنا ٿيندڙ ٻوليءَ ۾، اُن ٻوليءَ جي لفظن جي واڌ ڪري ٿيندو، جيڪا جنس کي ياد رکڻ لاءِ نوان نالا کڻي ٻي ٻولي ۾ داخل ٿئي ٿي، هن کي مان هين چوان ته فنا ٿيندڙ ٻولي جي سماجي ست اڪائي جي شعوري ست اڪائي شعوري عمل دوران پنهنجي ٻولي ۾ جڏهن ڪا واڌ واري صلاحيت وڃائي وهي ٿي ته ٻولي فنا طرف وڃي ٿي. ظاهر آهي ته هڪ حاجت اڀري ٿي ۽ اُن جو پورائو اُڌارو لفظ وٺي ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ائين ٿيندو.
هڪ ڀيرو وري ٻوليءَ جي اُن دور تي اچون ٿا، جتان غلام داري سماج جي موٽ ۾ تهذيب جي اڏاوت ۽ مذهب جي فڪر ۾ طبقاتي فڪر جي سوچ ۽ مٿين طبقي جو دفاع نظر اچي ٿو، نئين ۽ پراڻي خيالن جو ٽڪراءُ انهن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو، جيڪي ان دور جي مادي حالتن جو اظهار پنهنجي اندر رکن ٿا، جتي اهو سوال به اُٿاريو ويو ته ٻولي اسان کي اصل حقيقت جي سُڌِ به ڏئي ٿي يا نه، جتان فڪري طور ٻوليءَ جي ماهيت تي بحث ٿيڻ لڳو. ٻوليءَ جي معنيٰ جي فطرت، ٻوليءَ جو استعمال، ٻوليءَ جو ادراڪ ۽ ٻوليءَ جو حقيقت سان سُٻنڌ، ٻوليءَ جي مظهر ۽ جوهر متعلق هتان کان بحث هلندو اچي ٿو، افلاطون کان ڪانٽ مفڪر تائين هڪ سلسلو آهي ته ٻولي جيڪا اسان کي سُڌِ ڏئي ٿي، اها حقيقت به آهي يا نه. خاص ڪري اهڙا لفظ جيڪي گهڻ معنائن وارا آهن، جيئن سنڌي ۾ وَرُ-مَٽُ وغيره آهن. اسين ٻوليءَ کي نه ته ڏاتار جي ڏنل صلاحيت سمجهون ٿا ۽ نه وري ان کي ڪا آفاقي شيءِ سمجهون ٿا پر اسين سمجهون ٿا ته فقط مادي شين جا اهي عڪس ۽ اولڙا آهن، جن کي انسان محنت ۽ سمجهه مطابق گهرج جي گهرج معرفت آواز جي صورت ڏني آهي، جيئن شيءِ جي اها خاصيت آهي ته هوءَ انساني گهرج جو پورائو ڪري ٿي، ٺيڪ اهڙي طرح ٻوليءَ جي اها خوبي يا خاصيت آهي ته اها انسان جي گهرجن جو پورائو ڪري ٿي، ٻوليءَ (علامتن، لفظن، اهڃاڻن) تي ٿيل انسان جي بامقصد محنت کي هٽايو وڃي ته باقي فطرت رهجي ٿي وڃي، جيڪا مادي وجود رکي ٿي، مختصر ته ٻولي سماجي وجود جي شعوري ست اڪائي جي بامقصد محنت، عمل ۽ جستجو جيڪا گهرج جي پورائي لاءِ ڪئي وئي ان جي پيداوار آهي، لفظ جيڪي مادي عڪس آهي ۽ جڏهن اسين انهن لفظن کي آواز ۾ مٽايون ٿا يا اُچاريون ٿا ته ٻولي جدل جو روپ ڌاري ٿي.
اسين اُن مفڪرن کان به اختلاف ڪيون ٿا، جيڪي ان خيال جا آهن ته ٻولي اسان کي حقيقت تائين نٿي پُڄائي پر اسان جو خيال آهي ته ٻوليءَ معرفت جڏهن اسين شين جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان جون حسي سوجهون، احساس، محسوسات، جذبات، غورفڪر ۽ شين جو ادراڪ، شين جي حقيقت تائين اُن شبيهن، عڪس، اولڙن، علامتن ۽ تصورن معرفت پڄائي ٿو، جتي حقيقت جو اڀياس ڪندي ارتقائي عمل مان گذرندي نه صرف تحقيق ڪيون ٿا پر خود ارتقا جي ڌارا ۾ اڳتي ايندي نواڻ جو ڪارڻ پڻ ثابت ٿيون ٿا، ٻوليءَ جي فطري بقا جي قانونن کي فطرت ۽ انساني فطرت ۾ ڳولڻ جي ضرورت آهي، جتي انسان فطرتي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپا جوڙي ٿو، فطري بقا جو پهريون قانون خود فطرت جي ان مادي شين سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ انسان رهي ٿو، وڻ ٽڻ، گل، ٻوٽا، جيت جڻيا، پکي پکڻ ۽ جانور وغيره ان سڀني شين کي ياد ڪرڻ لاءِ لفظ علامت طور ٻوليءَ ۾ رهن ٿا، جڏهن توهان ٻيلا وڍي ڇڏيو ٿا، گاهن کي ڪيميڪل لڳائي ختم ڪيو ٿا ته اهي شيون پنهنجون وجود وڃائي ويهن ٿيون ته ٻوليءَ ۾ ماڻ هزارين لفظ ختم ٿي وڃن ٿا، مثال طور توهان سنڌ مان کٻڙ کي وڍي اُن جون پاڙون ڪڍي ڏندڙ ٺاهيو ٿا ته هي وڻ پنهنجو وجود وڃائي ٿو ۽ جڏهن مڪمل طور ختم ٿي ويندو ته خود لکت واري ٻولي ۾ جڏهن هي لفظ ايندا ته:
جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا،
اُتان منهنجا مارو معيارون منجن ٿا.
يا
پيرون ته چونڊينديس پاندن ۾
کٻڙن لام لڙي تان لڙي، اڙي مٺڙا.
اهڙي طرح اسان وٽ چيهو پکي گهڻن قسمن جو موجود هو، جيڪو هاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي ته ٻيلا آهن ۽ نه وري اهي منظر آهن، مختصر ته ٻوليءَ جي بقا ۾ فطري ماحول تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، توهان فطرت جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪيو ٿا، توهان جي اها هٻڇ ٻوليءَ جي فطري جنسن کي ۽ ان جي واڌ کي روڪي ٿي، جيڪا ٻوليءَ جي فطري قانون ۽ ماحول جي ڀڃڪڙي آهي، ٻولين کي بچائڻ چاهيون ٿا ته فطرت ۽ فطري ماحول کي وري جياريو ته ٻولين ۾ لکين لفظ وري موٽي ايندا، ٻوليءَ جي فطري بقا جو ٻيو قانون سماجي وجود جي لاڳاپن مان پنهنجي شڪل ظاهر ڪري ٿو، جتي جنسي (شهوتي) ۽ جنسن (Commodity) جي سماجي لاڳاپن کي کڻي سگهجي ٿو، هي اهو ماحول آهي، جنهن کي انساني فطرت جي ماحول چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ظاهر آهي ته لفظن کي جيستائين آوازن ۾ تبديل نٿو ڪيو وڃي ته اهي پنهنجو مادي وجود وڃائڻ شروع ڪن ٿا، ان ڪري انهن جي بقا اُن ۾ آهي ته اهي لفظ لڳاتار عمل ۾ ورجايا وڃن، سماج جو ننڍڙو ايڪو عورت، مرد ۽ ٻار آهن، هي جوهر آهي اُن سماجي ست اڪائي جو، جيڪا ٻوليءَ جي بقا جو اهو قانون پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي ۽ فطرت تخليق جي ان منظرن، اولڙن ۽ علامتن کي ياد ڪرڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ اُن لفظن کي جيڪي حقيقت کي اسان تائين آڻين ٿا، انهن کي آوازن ۾ تبديل ڪري انهن ۾ پنهنجو خيال ڀري ٿي، هي عمل هڪ پرڳڻي ۾ لڳاتار رهڻ، فطرت ۽ تخليق کي سمجهڻ ۽ پرائڻ سان وسيع لاڳاپو رکي ٿو، سماجي وجود ۽ ان جي اڪائي تي غور ڪجي ٿو ته حاجتون، خواهشون ۽ انهن جي پورائي لاءِ انسان جي عملي سرگرميءَ، غورفڪر ۽ ادراڪ جو هڪ سلسلو ملي ٿو، جيڪو شعوري ست اڪائي جي شڪل ۾ مجموعي سماج مان مرڪزي فڪر، ٻُڌ، سُڌِ ۽ سُرت جي قانون تحت وسيع دائرو جوڙي ٿو، جيڪو سماج، ثقافت، تهذيب، فن فڪر ۽ رهڻي ڪهڻي وغيره ان دائري ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو، ثقافت جيڪو ”مادي ثقافت“ وارو روپ وٺي ٿي، ثقافت جيڪا ”محنت جي ثقافت“ جو روپ ڌاري ٿي، ثقافت جيڪو ”فڪري ثقافت“ وارو روپ وٺي ٿي، جنهن کي عام طور فڪري ڪلچر چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ فن فڪر اچي وڃي ٿو، فڪري ثقافت، ٻوليءَ جي مقداري ۽ معياري واڌ ويجهه ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي، يعني ماحول ڪار، طريقيڪار ۽ نظريي ڪار جو قانون وڌيڪ طاقت ور ٿي ارتقا ڪري ٿو، هن قانون جو فطرت واري قانون سان هڪ نه ٽٽندڙ لاڳاپو آهي، سماجي ست اڪائي مان ٻوليءَ جي لفظن جو هٽي وڃڻ جو ڪارڻ لفظن کي تجربي ۾ نه آڻڻ آهي، جتي بقا جو قانون ڪمزور ٿئي ٿو ته سماج جيڪو مادي حقيقت آهي، پنهنجي اظهار لاءِ ٻيا لفظ انهن لفظن جي جڳهه تي ڪتب آڻي ٿو ته نفي ڪندڙ قانون سوڀ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
هن قانون کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سماج ۾ فطري طور ٿيندڙ واڌ تي غور ڪجي ته فطرت جي اڻ ٽر لاڳاپن جي ڪري انسان ٻچا پيدا ڪري ٿو ۽ انهن کي ٻولي سيکاري ٿو، اهڙي طرح ڪجهه ٻين ٻولين وارا لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا ته ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙ ۾ واڌارو ٿئي ٿو يا منڊي ۾ جڏهن ميلاپ ٿئي ٿو ته ٻولي اُتي پنهنجا اثر ظاهر ڪري ٿي پر جڏهن اسين غلام ٻوليءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪجي ته غلامي ۾ گهاريندڙ سماج (سماجي ست اڪائي) هن قانون جي وڌيڪ ڀڃڪڙي ڪري ٿو ۽ سماجي ست اڪائي جي تجربي ۾ ڌاريا لفظ وڌيڪ ڪتب اچن ٿا، مثال طور سنڌ ۾ فارسي، انگريز ۽ اردو جا اثر وڌيڪ ملن ٿا، اُن جو ڪارڻ نفسياتي طور ڌاري ٻوليءَ کي سٺو سمجهڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي ڄٽن جي تصور ڪرڻ آهي، هن سلسلي ۾ مٿيون طبقو، ٻوليءَ جي بقا جي قانوني جي وڌيڪ خلاف وڃي ٿو، جنهن کي اسين جنس جي سماجي ۽ معاشي لاڳاپن مان سمجهي سگهون ٿا، جنس جيڪا گهرج جي پورائي جون خاصيتون ۽ قدر پاڻ وٽ رکي ٿي پر جڏهن خلقهار اُن جنس سان استعمالي لاڳاپا ٽوڙي ٿو ته اها جنس اُن آخري مالڪ جي لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي، جنس جتي سماجي محتن جي صورت اختيار ڪندي سماجي ۽ معاشي لاڳاپا جوڙي ٿي، اُتي اها پنهنجي مادي وجود جي سڃاڻپ لاءِ ڏنل نالو (لفظ) پڻ ساڻ کڻي هلي ٿي ته اهو لفظ ان جنس جي وجود جي سڃاڻپ لاءِ علامت جو ڪم ڪري ٿو، اهو لفظ (لفظ) محنت جي مٿانهين فارم شعوري ست اڪائي جي پيداوار هوندي آهي، جڏهن جنس، آخري مالڪ وٽ وڃي بيهي ٿي ته اُن جنس کي استعمال ڪندڙ جي ٻوليءَ ۾ جي اُن جنس جي سڃاڻ لاءِ پنهنجو لفظ نه آهي ته اُن ڌارئي لفظ کي قبول ڪري ٿي، جيڪو ان جنس جي هئڻ جو ثبوت ڏئي ٿو، هي هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو رياست، قوم يا ٻوليءَ جي حدن کان آزاد آهي، جنسن جي مٽاسٽا وقت، اُتي پڻ اُها ٻولي وڌيڪ اثر ڇڏي ٿي، جيڪا منڊي جي ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي اها خاصيت هئي ته اها پنهنجا لفظ ٻين ٻولين کي ڏيندي هئي پر سرمائيداري سماج جي اچڻ سان جنسن جي سماجي ۽ معاشي لاڳاپن جو جيڪو عمل شروع ٿيو آهي، اُن ۾ هيءَ ٻولي صرف لفظ وٺي ٿي پر ڏئي گهٽ ٿي، نتيجي طور ٻاهرين ٻولين جو اثر لڳاتار وڌي رهيو آهي.
مختصر ته سنڌي سماج جي شعوري ست اڪائي ڪمزور هئڻ ڪري اها شعوري اڪائي پنهنجي ٻوليءَ کي جاگيرداري واري ٻوليءَ مان صنعتي ٻولي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اهڙي طرح دنيا ۾ ڳالهائيندڙ يا ڳالهائڻ واريون ٻوليون جنسن جي علامتن کي پنهنجون ڪي به علامتون نه ڏئي سگهيون آهن ۽ اها جنس جيڪو سڃاڻپ وارو لفظ کڻي آئي آهي، ان کي قبول ڪيو ڪيو آهي، اُن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن شعوري ست اڪائي تخليق جي قوت وڃائي ٿي ته ٻولي ڪمزور ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، ٻئي طرف اها ڪمزوري هڪ ٻوليءَ واري گهرج جو پورائو پڻ ڪري ٿي، جيستائين ٻين لفظن وٺڻ جو تعلق آهي ته دنيا جون سڀ ٻوليون وٺي رهيون آهن ۽ وٺنديون رهنديون، جيستائين دنيا ۾ هڪ ٻوليءَ جي صورت سامهون نٿي اچي، اها گُهرَ سماجي ست اڪائي جي آهي ته جڳ جي ٻولي هڪ هئڻ گهرجي، ان گهرج پنهنجو اظهار ان وقت ڪيو جڏهن شيءِ-جنس جي صورت اختيار ڪئي، جتي سماجي ۽ معاشي لاڳاپا جڙيا، هن گهرج سماجي ست اڪائي جي جنسي لاڳاپن ۾ پڻ اظهار ڪيو، جتان ٻولي مقداري ۽ معياري قانون تحت ٻوليءَ ۾ (ٻولين ۾) اهو مقداري ۽ معياري عمل جاري آهي. انگريزي ٻوليءَ جي پهرين اکر وينجهه ۾ هزارين لفظ هئا ۽ هن وقت اهي لکن جي صورت ۾ آهن، ظاهر آهي ته اهي سڀ لفظ جيڪي هوءَ (انگريزي ٻولي) پاڻ ۾ داخل ڪري چڪي آهي، اهي ٻين ٻولين جا آهن. اسين فطري بقا جي قانونن کي مختصر ڪري ڏيون ٿا ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، پهريون بقا جو قانون فطرت جو قائم رهڻ سان آهي، ٻيو سماجي ست اڪائي سان آهي ۽ ٽيون قانون شعوري ست اڪائي سان آهي، هي قانون جدلياتي قانون تحت عمل ڪن ٿا، فطرت جيڪا مادي ميدان ميسر آهي، محنت جي شعوري ست اڪائي جيڪا ان فطري مادي شين کي مادي عمل تحت محنت دوران انهن لاءِ علامتون جوڙي ٿي ۽ سماجي ست اڪائي انهن آوازن جو عملي طور تجربو ڪندي انهن کي جيئرو رکي ٿي.
اسان مٿي نفسياتي اثرن جو ذڪر ڪيو هو، ان بنياد تي سنڌي ٻوليءَ کي پرکڻيون ٿا، جيڪا سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿي، شاعريءَ جي اظهار لاءِ هن ٻولي وٽ پنهنجون صنفون موجود آهن، جنهن ڪافي، ٻه سٺو (دوهو) سورٺو وغيره جيڪي هن ٻوليءَ جون پنهنجون صنفون آهن ۽ موهن جي ماڙي کان وٺي آهن پر شعوري ست اڪائي شاعريءَ جي اظهار لاءِ فارسي، جنهن ۾ اظهار ڪري ٿي، اهڙي طرح کوڙ سارا پنهنجا لفظ اچارڻ بدران ٻين ٻولين جا سماجي ست اڪائي ۾ اُچاريا وڃن ٿا، ٽوالٽ، واش روم ۽ باٿ روم وغيره اها ساڳي نفسياتي بيماري راڳين کي پڻ لڳي آهي، جيڪي پنهنجي فن مان سنڌي راڳ ۽ ڌُنون هٽائي ٻيون ڳائن ٿا، نتيجي طور سنڌي ڪلواڙو، سنڌي جهوهر ڪلواڙو نٿا وڄايا وڃن ته سنڌي ناچ ختم ٿيندو ٿو وڃي، مثال طور سنڌي ناچ ۾ هٿ مٿي ڪري نچبو آهي، جنهن مان جوڳ مت فڪر واري سوچ اڀري ٿي پر موجوده ڌُنون ان ناچ جي خلاف آهن، هن وقت سنڌي راڳ مان ڀڳتي راڳ ۽ ناچ ختم ٿي ويو آهي ته ڀڳتي ڪلواڙو به ختم ٿي ويو آهي، جڏهن اوحي ٻولهه وڄڻ ۾ نه ايندا ته پنهنجو وجود وڃائيندا ۽ انهن جي جاءِ ٻيا والاريندا، اهو عمل ڀل ته توهان کي سادو معلوم ٿيندو هجي پر ان سان هتان جو بنيادي ڪلچر ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ ان جي جاءِ ٻيو والاري پيو، جڏهن توهان شعوري ست اڪائي مان ٻوليءَ کي خود هٽايو ٿا ته ٻولي فطري بقا واري قانون تحت وڌڻ بجاءِ فنا واري قانون تحت وڌي ٿي.
سماجي ست اڪائي جو اڀياس ڪجي ٿو ته سنڌي سماج ۾ تجربي هيٺ ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جو جوهر ۽ هتان جو مرڪزي فڪر پنهنجي جاءِ ڇڏيندو وڃي ٿو ۽ سماج ڪنهن ٻئي فڪر جي تحت هلي ٿو، سماجي وجود جيڪو هستيءَ جو تعين ڪري ٿو، جيڪو شعوري اڪائي جي ارتقا ۽ ترقي پسندي کي ظاهر ڪري ٿو، ان مان جتي سماج جي بيهڪ معلوم ٿئي ٿي اُتي شعوري ست اڪائي جي سرت، سمجهه ۽ ساڃاهه جو عمل به سمجهه ۾ اچي ٿو، سو اهو ته هت سماج ۾ متحرڪ فڪري ثقافتي سوچ جي واڌِ نه ٿيڻ ڪري ۽ ڌارين جي فڪر کي قبول ڪرڻ جو اهو نتيجو آهي ته اڄ ڌاري سوچ، فن فڪر ۽ رسمون سنڌي سماج ۽ ٻوليءَ تي هاوي ٿي ويون آهن، مثال طور ڏيهي مٿيون طبقو پنهنجي ٻوليءَ جا نالا نٿو رکي، جيڪي فطري بقا جي قانون تحت ارتقا ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جو مطلب ۽ معنيٰ به وسيع آهي پر هو جيڪي نالا رکن ٿا (ڌاري ٻوليءَجا) انهن فلظن جي معنيٰ معلوم ڪرڻ کانپوءِ عجيب لڳن ٿا، مثلاً رابعه، جنهن جي معنيٰ اهي پنج (5) يا پنجون ڏينهن، ساڳي طرح عزرا، جنهن جي معنيٰ آهي ڪُنواري، اڻ پرڻيل وغيره.
آخر ۾ اسين توهان دوستن کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي ٻولي صرف ساهتا پرڳڻي تائين محدود نه آهي پر هيءَ ٻوليءَ سنڌو سڀيتا جي رابطي جي ٻولي آهي، جيڪا بهاول پور، جوڌپور، جيسل مير، راجسٿان، ڪڇ ٻچ، مڪران، لس ٻيلو، خزدار ۽ ونجهاڻ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، هن کي موجود سنڌ ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي، هن ٻوليءَ ۾ انسان جي شڪاري دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جا تجربا (تخليقون يعني لفظ) هن ۾ موجود آهن پر عصبيت جو شڪار شعوري ست اڪائيءَ هن ٻوليءَ کي ارتقا کان الڳ ڪري صرف عربن واري دور کان شروع ڪيو آهي، جيڪو غلط آهي، هن ٻوليءَ جي بقا لاءِ سنڌو سڀيتا جي فڪري ثقافت کي مرڪز طور کڻي ادارا جوڙيا وڃن ته هي ٻولي اڃان صديون هلندي يا عالمي ٻولي جيڪا انساني سماج جي اڳواڻي ڪندي، هي ٻولي ان ۾ وڏو حصو پنهنجن تجربن ۽ لفظن جو داخل ڪندي.