مبارڪ علي لاشاري
جتي ٻولي جي سائنسي مطالعي يا لسانيات جو ابو سوئس ماهر لسانيات فرڊيننڊ ڊي سوسور کي چيو ويندو آهي جنهن ٻولي جي منطقي ۽ سائنسي مطالعي کي مڪتبي سطح تي آڻي ان کي الڳ موضوع طور پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو بنياد وڌو. اتي ٻولي کي ان سطح تي آڻڻ جو سڀ کان اهم ۽ تاريخي ڪم ڪجهه ٻين ٻولي جي ماهرن ۽ نقادن پڻ ڪيو. انهن ۾ ٻه اهم نالا ايڊورڊ سوپيير Edward Sapir (1884_1939) ۽ بينجامن لي وورفBenjamin Lee Whorf ((1897-1941 شامل آهن.سوسور جي سڀ کان اهم حاصلات ٻولي کي عام سطح زندگي تي آڻي ان کي ٻين علمن سان ڳنڍڻ سان گڏوگڏ ٻولي کي روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ نشانين يا رابطن جي ذريعن سان جوڙڻ آهي. سوسور ٻولي کي رابطن جي نظام کان ويندي ثفاقت ۽ تهذيب کي ڪائنات جي ٻين وڏن نظامن جو حصو ڄاڻائي ان جي استعمال سان سمجهايو يعني ٻولي جو سماجي ڪارج کان ويندي ويندي سماجي ساخت ۽ سماجي ويس پهرايو. ساڳئي وقت سوپيير ۽ وورف ٻولي کي معرفتي Cognitive، نفسياتي Psychology ۽ شعوري Conscious سان ڳنڍي ٻولي کي انساني سڃاڻپ جي آلي طور سمجهايو.
اهي لسانيات جا ماهر جيڪي ساختياتي لسانيات سان سڌي يا اڻ سڌي طرح جڙيل هئا. تن ٻولي کي سماجي سرگرمين جي پيدوار کان ويندي انساني سوچ جو بنياد پڻ قرار ڏنو. سندن مفروضو لساني علم جي ميدان ۾ تمام اهم جاءِ واري ٿو. مفروضو هي آهي ته “ڪن ماڻهن جون انفرادي سوچون جيڪي سندن ٻولي سبب ٺهن ٿيون سي انهي ئي نموني ڪنهن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن کي ساڳيو مفهوم نٿيون ڏيئي سگهن”. يعني هڪڙي ٻولي ڳلهائيندڙ ماڻهن جي سوچ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي سوچ کان منفرد هوندي آهي. هڪڙيون شيون هڪڙي ٻولي ۾ ٻيون هونديون آهن پر ڪنهن ٻي ٻولي ۾ اهي شيون ٻولي جي ڪري ٻيون هونديون آهن. مفروضي ۾ اهو به چيل آهي ته ماڻهن جي سوچ تي ٻولي جو تمام گهڻو اثر آهي. يعني هڪڙي ٻولي ڪنهن مخصوص سوچ جي ٺاهيندڙ آهي. جيتوڻيڪ اهو نظريو ڪافي تضادن ڀريو پڻ آهي پر ان جي ڪافي مثبت پاسن ۽ نتيجن کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهيو آهي نڪي انهن مفروضن کي ڪنهن اڄ تائين مڪمل رد ڪيو آهي.
سندن مفروضو انهي ڳالهه جي چوڌاري ڦري ٿو ته ٻولي کي طاقت آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳالهائيندڙ کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ سندس مخصوص سوچ ٺاهي ٿو. جنهن سوچ ذريعي ئي سندس ڳالهائيندڙ دنيا کي سڃاڻن ٿا. سندس نفسيات پڻ انهي مخصوص ٻولي جي پس منظر ۾ جڙيل هجي ٿي. انهي سانچي ۾ نه صرف انساني شخصيت ٺهي ٿي پر سماج به انهي سانچي يا ساخت جي پٺيان هلندڙ آهي. جديد لساني تحقيق اهو به ثابت ڪيو آهي ته جنهن نموني سان ٻولي انساني سوچ کي ٺاهي ٿي اهڙي نموني سان انسانن جي سماجي سرگرمي ۽ اٿل پٿل پڻ ٻولي کي جوڙي ٿي ڇوته ٻولي جڙيل ئي سماجي سرگرمي مان آهي. ٻولي انساني فطرت جو حصو ناهي پر آواز انساني فطرت جو حصو آهن. تنهنڪري جيتري تحقيق ۽ جيترو علمي، عملي، ادبي مواد ڪنهن ٻولي ۾ شاهوڪار هوندو اوتري ٻولي شاهوڪار هوندي ۽ ٻولي جا ڳالهائيندڙ پڻ اوترا وسيع سوچ رکندڙ ۽ ڪشاده دل هوندا. تنهن ڪري سماجي ترقي کي ٻولي جي ترقي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.
ٻولي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سوپيير – وهورف مفروضو سمجهڻ لاءِ ٻه ابتڙ خيالن کي سمجهڻو پوندو. جنهن ۾ هڪڙو نظريو يا خيال لبادي وارو نظريو cloak theory آهي، جيڪا روايتي يا حسب معمول واري ڳالهه جي چوگرد ڦري ٿي. انهي مطابق
Language mirrors reality: People have thoughts first, then put them into words. Words record what is already there. All humans think the same way, but we use different words to label what we sense.
(ٻولي حقيقت پسائيندڙ آئينو آهي. ماڻهن کي خيال پهرين اچن ٿا پوءِ هو انهن خيالن کي لفظن جو روپ اوڍائي ٿو. لفظ صرف اهو ٻڌائين ٿا ته اتي اڳ ۾ ئي ڪجهه هو. سمورا انسان ساڳي نموني سوچين ٿا (سندن سوچ هڪجهڙي آهي) پر اسين جيڪو محسوس ڪريون ٿا تنهن کي رڳو مختلف لفظن جو ليبل لڳايون ٿا .)
هي خيال يا نظريو سوپيير ۽ وهورف طرفان رد ڪيل آهي. ايستائين جو سوسور جو ساختياتي خيال پڻ ان جي ابتڙ آهي. تنهنڪري هي نظريو سوپيير – وهورف جي مفروضي جي ابتڙ آهي. سندس نظريي کي قالبي نظريو/ خيال mold theory سڏيو ويندو آهي. ان مطابق ڳالهائيندڙن جي سوچ ٻولي جي سانچي يا قالب ۾ ڍلجي ٺهي ٿي. Language dictates how we think. The vocabulary and grammar (structure) of a language determines the way we view the world (“worlds shaped by words”).
(ٻولي اسان جي سوچ کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿي. ٻولي جي لفظن جو ذخيرو ۽ صرف و نحو (گرائمر) (ساخت) اسان جي سوچي کي ٺاهي ٿي جنهن ذريعي (معرفت) اسان دنيا کي محسوس ڪريون ۽ سمجهون ٿا. (دنيا لفظن جي مفهوم جي جڙيل آهي).)
سوپيير ۽ وهورف جو نظريو وري ٻن اصولن تي جڙيل آهي. پهرين Linguistic determinism: the language we use to some extent determines the way in which we view and think about the world around us.
- لساني متعين جو خيال: ٻولي جيڪا اسين استعمال ڪريون ٿا (لکون پڙهون، ڳالهايون ۽ ٻڌون ٿا) سا ڪنهن حد تائين اسان جي چوطرف موجود دنيا ۽ ان طرف اسان جي سوچ جو تعين ڪري ٿي.
سندن ٻيو اصول ٻولي جي مخصوص سماج سان لاڳاپي جي باري ۾ آهي. جنهن کي لساني نسبتيت چئجي ٿو. اها ٻولي ۽ سماج جي لاڳاپي جو سڌو سنئون اظهار آهي.
Linguistic relativity: people who speak different languages perceive and think about the world quite differently from one another.
- 2. لساني نسبتيت: مختلف ٻولين جا ڳالهائيندڙ دنيا کي مختلف نموني ڏسن ۽ دنيا جي باري ۾ مختلف نموني سان سوچين ٿا. هتي لفظ دنيا مان مراد هڙئي مظهر جيڪي اسان جي آس پاس آهن.
ٻولي جا اهڙا لساني تصور ۽ نظريا جتي سوچ جا دڳ کولين ٿا اتي انهن تي اختلاف به موجود هجن ٿا. ٻولي جي اهڙي مفروضي خلاف ڪجهه نقادن ۽ ليکڪن جو اعتراض آهي ته اهڙو تصور انسان کي “لساني قيد خانو” بڻائي ٿو. جنهن ۾ ماڻهو بين الثقافتي رابطن کان محروم رهي ٿي. رابطن مان مراد هڪ جهڙي سمجهه ۽ سوچ جو آهي. اعتراض واريندڙن کي به سوچڻ گهرجي ته مختلف سماجن جي ماڻهن جي معيار زندگي ۽ سماجي ڍانچا به ته بدليل هوندا آهن تنهنڪري انهن اهڙي ڪنهن فتويٰ بازي کان پهرين تحقيقي پاسن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن جي نظر ۾ ڪيترائي ليکڪ پڻ جيڪي “لساني صدري Linguistic straightjacket” کي پاڻ سان گڏ کڻي گهمن ٿا ۽ پنهنجي محدود لساني ۽ ثقافتي دائري ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا.
انهي ڏس ۾ پيبلو نرودا جو نالو مشهور آهي جنهن پنهنجي شاعري کي ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو هو. سندن خيال هو ته لساني نسبتيت سبب جي ڪري سندن شاعري ۽ خيال کي دنيا ۾ غلط سمجهيو ويندو ۽ سندس شاعري جو روح مري ويندو. جيڪو تصور اڃا تائين اسان وٽ حاوي آهي ته شاعري ڪڏهن به ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ترجمو نٿي ٿي سگهي.(جيڪا ڳالهه ڪافي حد تائين درست ٿي سگهي ٿي. انهي حوالي سان جي يونيورسٽين ۾ ترجمي جو مطالعو Translation Studies ڏاڍو ترقي يافته ۽ موثر آهي پر اسان وٽ ترجمي شخصي وندر بنيل آهي. سندن خيال آهي) يا ته ترجمو صرف گهربل ٻولي جي اصلوڪن ڳالهائيندڙن مان ڪو ماڻهو ڪري نه ته ڪنهن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ کي ٽارگيٽڊ ٻولي جي ثقافتي ۽ سماجي مفهومن جي آگاهي نه هجڻ ڪري ادبي حس ۽ حض مري وڃڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن.
جديد دور ۾ پڻ آفريڪي ناول نويس گوگي وان ٿيونگو Ngugi Wa Thiongo جو ڪيس پڻ مشهور آهي جنهن پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ نه لکندو. ڇوته اهو عمل کيس ادبي خودڪشي يا خيال جي قتل جي مترادف لڳو. ٻيو ته هو پنهنجي ٻولي ۾ سوچ کي اهڙو ڍالي چڪو هو جو کيس اتان ڪڍڻ نٿي چاهيو. گهڻي عرصي تائين هو صرف سواهلي (آفريڪي) ٻولي ۾ لکندو رهيو. ان بعد ڪافي وقت کانپوءِ قائل ٿي نيٺ انگريزي ۾ لکڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ سندس مشهور ناول A Grain of Wheat, Weep Not Child, Petals of Blood ۽ سندس ناٽڪ The Black Hermit مشهور آهن. انگريزي ۾ سندس لکڻين ۾ وڏي بغاوت آهي جتي هو انگريزي جي ساخت کي آفريڪي ٻولي ۾ پيش ڪري ٿو. سندس نالو ڪيترائي دفعا نوبل پرائيز لاءِ شامل ڪيو ويو پر سندس ڪڻو نه نڪتو.
پري نه وڃجي پر شيخ اياز جو مثال ئي کڻي وٺجي جنهن لساني نسبت يا لساني متعين خيال جي پس منظر ۾ شعوري يا غير شعوري چيو هو ته آئون پنهنجي سنڌي ٻولي کانسواءِ ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ اهڙو طاقتور اظهار ڪري ئي نه پئي سگهيس. انهي پسمنظر ۾ اسين اڪثر چوندا آهيون ته اها سنڌي ٻولي جي ئي وسعت آهي جنهن ۾ شاهه لطيف. سچل سائين، سامي، اياز، بخاري ۽ ٻين مفڪرن جو پيغام سمائي سگهي آهي.